سنڌ ڏانهن:
پهرين ڊسمبر
1838ع
جي آڌيءَ رات جو اسان جي جهازن جو آرماڙ سنڌ ڏانهن
روانو ٿي ويو. انهن جهازن ۾ انگريزي فوج جي هڪ
ريجمنٽ سوار هئي.
3
تاريخ صبح جو اسين ”گهوڙي ڪي ڇر“ واري وارياسي ٻيٽ
وٽان اچي مٽياسون، ايتري ۾ شاهي سامونڊي جانورن
(Sharks)
جي هڪڙي جوڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي نڪري آئي. منجهائن
هرهڪ هاٿيءَ جيڏو ٿي لڳو. هي جانور اسان جي ننڍڙي
جهازن کي ويجها ٿيا ۽ ڏسڻ ۾ ٿي آيوته هو پاڻ ۾
رانديون ڪري رهيا هئا. ڪنهن مهل هڪڙو ليٽي ٿي پيو
ته ٻيو مٿس چڙهي ٿي ويو، ته ڪنهن مهل وري هڪڙو ٻئي
جي پٺيان ٿي ڊوڙيو، ته ڪنهن وقت وري اسان جي جهاز
جي هيٺان پئي لنگهيا، ته ڪڏهن ان کي پاسن کان پئي
ڦيرا ڏنائون، سندن انهن گهتن ته اسان جي ننڍڙي
جهاز کي لوڏي پئي ڇڏيو. هنن جانورن جي انهن حرڪتن
اسان کي پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو، اسان جي جهاز
جي ٽنڊيل کي هن تي جوش آيو ۽ هن مون کي خطاب ڪندي
چيو ”هي جانور بعضي جهازن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين
ٿا، تاهم ڊپ ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي، هي جيڏا وڏا
آهن، ايڏائي ڊڄڻا اٿوَ. مان اجهو هنن جو علاج ٿو
ڪريان.“ ائين چئي هو جهاز جي ڪناري تي آيو ۽ هنن
جانورن کي جهاز سان گڏوگڏ پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي کين
هڪلون ڪري، ڄڻ هو سندن ٻولي سمجهي رهيا هئا. چوڻ
لڳو؛ ”اوهين سمنڊ جا بادشاهه آهيو. خدا جي واسطي ۽
سليمان جي نبيءَ جي نالي ۾ اسان جي پٺ ڇڏيو. اسين
مسڪين آهيون. اسان جي جهاز ۾ ڏهه ماڻهو ئي مَس
آهن، تنهن ڪري ٻين جهازن ڏي وڃو، جيڪي عزت مآب
ڪمپني بهادر جي ٿلهن متارن سپاهين سان ڀريل آهن.“
غريب جمعي (ناکئي) جي انهن لفظن هنن جانورن تي ڪو
ٿڌو ڇنڊو ته ڪونه وڌو، پر اٽلندو هو وڌيڪ مست ٿي
ويا اڳوڻي آزار سان گڏوگڏ پنهنجي شاهي موڪرين ناسن
رستي ڦوڪارا ڪڍي، اسان جي جهاز اندر پاڻي اڇلائڻ
لڳا. تنهن کان سواءِ جهاز جي چوڌاري سندن لڪ لڪوٽي
راند پن زور سور سان هلڻ لڳي. صبح جو
7
بجي کان سوائين اٺين تائين اهو سلسلو جاري رهيو.
جنهن کان پوءِ اسان جو ناکئو سمورو صبر وڃائي
ويٺو، ۽ هڪ ٺاهوڪو هڪ پاسي کان تکو ڪيل پهڻ کڻي
ٻيڙي جي ڇيڙي تي آيو ۽ بسم الله چئي ڀر ڪري وڏ ڀري
جانور کي مٿي تي چٽيائين، جنهن کي هيءُ چڱيءَ
ڪهاڙيءَ جي ڌڪ جهڙو لڳو. هن انعام ملڻ تي اهو
جانور پنهنجي ساٿيءَ سميت پاڻيءَ ۾ غائب ٿي ويو ۽
اسان سڀني گڏجي ڌڻيءَ جا شڪرانا مڃيا، جنهن اسان
کي ذري تان هن مصيبت کان بچائي ورتو. مون کي ڏاڍو
افسوس ٿي رهيو هو، جو مان بندوق ساڻ ڪونه آندي
هئي.
”گهوڙي ڪي ڇر“ هاڻي فقط هڪ وڏو وارياسو ڪنارو آهي.
ويهه سال اڳي هتي ”گهوڙي بندر“ نالي هڪ هڪ بندر
هوندو هو، جو هاڻي سامونڊي لهرن هيٺان اچي چڪو
آهي.
انهيءَ وارياسي ڪناري وٽ پهچڻ تي جمعي مون کي پاڻي
چکي ڏسڻ لاءِ چيو، ۽ منهنجي حيرت جي ڪا انتها نه
رهي جڏهن ڏٺم ته اسان جي جهاز جي هڪڙي پاسي تازو
مٺو پاڻي ته ٻئي پاسي کان صفا کارو پاڻي وهي رهيو
هو. سبب پڇڻ تي مون کي معلوم ٿيو ته درياءَ جي
تکي سير جو وهڪرو ايتري فاصلي تائين سمنڊ اندر
تازو مٺو پاڻي کنيو اچي. رات جو
9
بجي ڌاري اسان ”ويڪر باڙ“ کان 10 ميلن جي مفاصلي
تي اچي لنگر هنيو.
4
تاريخ فضا نهايت سانتيڪي ۽ هوا بلڪل بند هئي، ان
ڪري اهو سڄو ڏينهن ”ويڪر باڙ“ تائين پڄڻ ۾ لڳي
ويو. هتي اسان
12
برطانوي جنگي جهاز، ٻه ٻيا جهاز ۽ سئو کن بتيلا
بيٺل ڏٺا. جن ۾ انگريز فوجي چڙهي آيا هئا، يا سندن
رسد جو سامان آندو ويو هو. انهن سڀني جهازن توڙي
بتيلن تي انگريزي جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا.
منهنجو دوست، جهونو ٽنڊيل، وارياسي ڪناري تي،
ڪناري سان لڳي تازو تباهه ٿيل هڪ جهاز جي ڀر مان
اچي لانگهائو ٿيو. جنهن تي مون کيس چيو ته ”هن
جهاز جي تباهي اسان جي لاءِ هڪ قسم جو چتاءُ آهي
ته جيڪڏهن اسين هن جهاز واري قسمت نٿا چاهيون ته
اسان کي ڪناري جي گهڻو ويجهو نه اچڻ کپي“. مگر هن
ٻڍڙي دريائي ڌاڙيل جواب ڏنو ته ”ان جهاز جو ٽنڊيل
يا انڌو هوندو، يا جهاز کي ٻوڙڻ ۾ سندس ڪو خاص
مقصد هوندو نه ته هتان جا ته بار به هن ڪناري جي
چپي چپي کان واقف آهن“ رات جو اسين ”ٻاڙ“ ۾ اچي
لنگر انداز ٿياسون.
سنڌ جو ڳوٺ:
5
تاريخ، درياءَ جي ڇوڙ وٽان اچي،
اسين سنڌونديءَ ۾ گهڙياسون، ۽
6
تاريخ ”ويڪر“ کان
7
ميلن جي مفاصلي تي پهتاسون، جتي درياءَ جي کاٻي
ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. مان لهي اهو ڳوٺ ڏسڻ
ويس. ڳوٺ جي پٽيل سان مليس ۽ جمعي ناکئي جي ذريعي
ساڻس ڪچهري ڪيم. هن جي مادري ٻولي سنڌي هئي. اسان
جي سوالن جا جواب هن ٻڍڙي پٽيل اهڙي ته وڏي آواز
سان ڏنا، جو پهريون ته مون سمجهيو ته هو يا ته
اسان کي ٻوڙو ٿو سمجهي يا اسان جي هن طرح سندس ڳوٺ
۾ گهڙي اچڻ تي ناراض آهي، پر جمعي کان پڇا ڪرڻ تي
معلوم ٿيم ته ان ۾ ڪابه برائي نه هئي. ڏاڍي
ڳالهائڻ جو هتي عام رواج آهي، هتان جا ماڻهو نهايت
مسڪين ڏسڻ ٿي آيا، ۽ سندن جهوپڙا اهڙا هئا، جهڙا
هندستان ۾ ماڻهو پنهنجي ڍورن جا وٿاڻ ٺاهيندا آهن.
سارو ڪٽنب هتي يڪي گهر ۾ رهيل هوندو آهي، جنهن ۾
زال مڙس، پٽ، ننهن ۽ ٻار وغيره سمورا هڪڙي ئي يڪي
دالان ۾ گاهه جي مٿان تڏا وڇائي، ان کي هنڌ بنائي
سمهي پوندا آهن، هنن جو کاڌو عام طرح چانورن جي
ٿلهي ماني ۽ تازي يا سڪل مڇي آهي. هي ماڻهو تماڪ ۽
بصرن جا ڏاڍا شوقين آهن. ڳوٺ جي پٽيل پڻ اسان کي
اهي شيون تحفي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مون پٽيل کان
سندس ملڪ ۾ ڍلن ۽ محصول جي رواج بابت پڇيو. هن
ٻڌايو ته ”هتي ڍلون يا محصول گهڻو ڪري جنس جي صورت
۾ ورتا ويندا آهن. پوک گهڻو تڻو فقط چانورن جي ٿئي
ٿي. جي هتي چڱي انداز ۾ ٿيندڙ آهن. هاريءَ کي فصل
جو پنجون حصو ملندو آهي. باقي چئن حصن مان اڌ
سرڪار کڻي ٿي ۽ اڌ زميندار کي ملندو آهي.“
7
تاريخ مان ”ويڪر“ ڇانوڻيءَ وٽ اچي لٿس، جتي منهنجي
صاحب ۽ دوست ڪئپٽن ايسٽوڪ
(Capt: Eastwick)
وڏيءَ سڪ سان منهنجي مرحبا ڪئي.
8
تاريخ جو سڄو ڏينهن مون ”ويڪر“ ڳوٺ جي چڪاس ۽ جانچ
پڙتال ۾ خرچ ڪيو. هيءُ ڳوٺ
25-24
ردي جهوپڙن جي هڪ بستي آهي. شام جو ڪرنل پاٽنگر
(Colonel Potinger)
به حيدرآباد کان هتي پهتو.
9
تاريخ اسان پنهنجا تنبو فوجي ڇانوڻيءَ وٽان کڻي،
ريزيڊنٽ جي تنبوءَ وٽ اچي هنيا. ان تاريخ کان
مونکي جنهن ڪم جو ذمو مليو هو، اهو مون باقاعدي
شروع ڪري ڏنو. هتي مون کي ”تلسي شام“ ڳوٺ جي ويٺل
سڪندر خان سان ملڻ جو وجهه مليو، جو منهنجو جهونو
دوست آهي ۽ هن وقت انگريزي فوج ۾ صوبيدار ميجر جي
عهدي تي آهي، اهوئي وڏي ۾ وڏو عهدو آهي، جو ڪنهن
هندستانيءَ کي ملي سگهي ٿو. هو سفر مئنا
(Sapers & Miners)
۾ آهي هن پنهنجي هڪ دوست مرزا علي
اڪبر سان منهنجي واقفيت ڪرائي، جو ڪئپٽن پاويل
(Capt: Powel)
کي فارسي پاڙهيندو هو. هو چڱي ترقي ڪندڙ مغل جوان
ٿي لڳو.
مان هتي سنڌي گرامر سکڻ شروع ڪيو،
۽ ڏٺم ته اهو ڪو گهڻو ڏکيو ڪين هو. ايشيائي زبانن
جي عام بنيادي اصولن جو ڪوبه ڄاڻو نهايت سولائيءَ
سان سنڌي زبان سکي سگهي ٿو.
14
تاريخ پنهنجي دستوري ڪم ڪار کان واندي ٿيڻ بعد،
مان سرڪاري خزاني جي صندوقن کي ڳڻڻ ۽ انهن جا نمبر
لکڻ شروع ڪيا. انهن مان، مان
178
صندوقون تازو بمبئي مان آيون هيون. انهيءَ شام جو،
خودڪشيءَ جو هڪ نهايت افسوسناڪ واقعو ٿيو. ڊرئگون
دستي جي هڪ عملدار پاڻ کي گولي هڻي ماري وڌو. سندس
اهڙي قدم جي سبب جو ڪوبه پتو ڪونهي.
سياست تي بحث:
15
تاريخ مون کي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر سان واقفيت حاصل
ڪرڻ جو شرف مليو. چهري مان ئي سندس لياقتون ۽
مستقل مزاجي بکي رهي هئي.
هاڻي آءُ سنڌين سان لهه وچڙ ۾ آيس
۽ ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ وسيلي سندن ٻوليءَ جا
محاورا سکيس. سستي ۽ بيڪاري سنڌين جي مکيه عادتن
مان آهي. درياءَ جا ناکئا سارو ڏينهن منهنجي
تنبوءَ جي ٻاهران ويٺا بحث مباحثا ڪندا ۽ يٽ شٽ
هڻندا هئا.
عام طرح هنن جي گفتگو جا موضوع
سرڪاري معاملات ئي هوندا هئا، هڪ دفعي هڪ ڌر چيو
ته ”ملڪ هاڻ ڄاڻ ته ويو، سگهو ئي انگريزن جو مٿس
مڪمل قبضو ٿي ويندو، ان ۾ ٽالپرن جو پنهنجو ڏوهه
آهي، خاص طرح مير صوبدار جو، جيڪو اڃا تائين
انگريز جهڙيءَ هڙ کائو قوم جي دوستيءَ جا دم پيو
ڀري، انگريزن سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو آهي.
هو اهڙيءَ طرح سنڌ تي به قبضو ڪري ويندا“ ٻيو چوڻ
لڳو ته ”دوست! اوهين ڀليا آهيو، حيدرآباد جا مير
کڻي ڪرستان ئي ڇونه ٿي وڃن، پر جيستائين ميرپور
وارو مير شير محمد اسان جي پاسي آهي تيستائين
ڪوبه ڊپ ڪونهي. اعليٰ حضرت مرحوم مير ڪرم علي خان
جي بيگم صاحبه هن کي انگريزن جي مقابلي لاءِ ڪافي
خزانو ڏئي ڇڏيوآهي، ۽ اڃا به ايترو ڏيڻ لاءِ تيار
اٿس جو هو ساري دنيا جي فرنگين جي خلاف دائمي جنگ
جاري رکي ٿو سگهي، ۽ جي خدا چاهيو ته انگريز جيڪو
خزانو، هٿيار ۽ ٻيو ساز و سامان هن ملڪ ۾ آڻي رهيا
آهن اهو سمورو اسان جو ٿيندو. قرآن پاڪ ۾ ڪين چيل
آهي ته هڪڙو ايمان وارو ڏهن ڪافرن کي شڪست ڏيڻ
لاءِ ڪافي آهي.“
ان تي هڪ ٽيون اڇي ڏاڙهيءَ وارو
سنڌي ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو ته ”اوهين رڳا هوائي
خواب پيا ڏسو. اوهان ته رنگا يعني اڇا، ڳاڙها ۽
ڪارا شيطان ڏٺائي ڪين آهن، جي جنگ جي ميدان ۾ گڏجي
وڙهن ٿا. آءُ جڏهن پيشوا (مرهٽا حاڪم) جي نوڪريءَ
۾ هوس، تڏهن دکن ۾ مون انهن جون جنگيون ڏٺيون هيءَ
انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏسو!“ ائين چئي، هن ٻانهون
کنجي، پنهنجي ٻانهن ۾ لڳل گوليءَ جو نشان ويٺلن کي
ڏيکاريو، ۽ چوڻ لڳو، ”برابر، مڙس مڙس جو مٽ آهي ۽
بعضي جوان ته ٻن ٽن کي به منهن ڏئي ٿا سگهن؛ پر
بشرطيڪ تلوار جو تلوار سان مقابلو هجي. هنن بزدلن
(انگريزن) وٽ تلوارون ڪين آهن ۽ جي اٿن ته اهي
اسان جي لٺين کان به چٽ آهن پر هو پنهنجي گولين
واري شيطاني هٿيار سان پري کان ئي مڙس کي ڪيرائي
ٿا وجهن. جڏهن ماڻهو کانئن اڃا ميل پنڌ تي هوندو
آهي، ان جو ڪهڙو علاج ڪجي.؟“
منهنجي تنبوءَ جي ٻاهران هن قسم
جا بحث مباحثا اڪثر مون کي وندرائيندا هئا، ۽ بعضي
آءُ پنهنجي جاءِ تان اٿي، هنن جي بحث ۾ دل ڏئي،
پنهنجي ڀڳل ٽٽل سنڌيءَ ۾ چوندو هوس ته ”انگريز
اوهان جي بکئي ملڪ تي ڪڏهن به قبضو ڪونه ڪندا،
پوءِ کڻي اهو کين اڇلائي ڏيو! هن ملڪ ۾ مڇي ۽
چانورن کان سواءِ ٻيو ڇا رکيو آهي؟ انگريزن جي
حڪومت هيٺ اڳ ۾ ئي ڪافي زرخيز ملڪ موجود آهن. تنهن
کان سواءِ انگريز ميرن جا دوست آهن، انگريزي فوجون
رڳو هندستان ۾ پنهنجي هٿ آيل ملڪن جي حفاظت ۽ خود
ميرن جي ملڪ کي ڌارين جي اڳرائيءَ کان بچائڻ لاءِ
سنڌ مان لنگهي رهيون آهن.“ ان جو جواب هو سڀئي هڪ
ٽهڪ سان ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”سائين اوهين
جيڪي فرمايو ٿا، اهو صحيح هوندو. اسين ڄٽ ماڻهو
حڪومتن جي اوچي سياست کي ڪٿي ٿا سمجهي سگهون.“
ائين چئي وري به سڀئي وٺي ٽهڪ ڏيندا هئا.
پنهنجي صاحب جي خواهش موجب مون
ڪراچي جي سنڌي هندو واپاريءَ نائون مل سان تعلقات
قائم ڪيا، جو سنڌ ۾ انگريز اختياريءَ وارن لاءِ
نهايت مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿيو. هو وقت بوقت مون
سان ملندو رهندو هو، ۽ اسان جي فوج جي گهرجن ۽
ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ هن ڪابه ڪسر نه ڇڏي. هو
وڏي پئسي وارو ماڻهو هو. سندس شاهي ڪٽنب هو، جنهن
۾ هڪڙو پيءُ، ڇهه ڀائر، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار
هئا، لاڙ ۾ نائون مل جو چڱو اثر ۽ هلندي پڄندي
هئي.
19
ڊسمبر تي پهرين شوال يعني عيدالفطر جو ڏينهن هو.
اها اسلامي دنيا ۾ نهايت شان شوڪت سان ملهائي
ويندي آهي، جو اها هڪ مهيني جي محنت، مشقت ۽
آزمائش جي خاتمي تي ايندي آهي. فوج سان ڪوبه ملان
يا مولوي ساڻ نه هو، ان ڪري ڪن دوستن جي چوڻ تي
مون کي ئي اهي فرائض بجا آڻڻا پيا. جيتوڻيڪ عرصي
کان مون کي انهن جو ڪوبه تجربو نه رهيو هو. مون
مسلم فوجين کي جن ۾ ڪمپنيءَ جا پيادا ۽ سوار سپاهي
هئا. عيد نماز ادا ڪرائي، ۽ خطبو پڙهيو، فوج جي
مسلم عملدارن پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري دستور مطابق مون کي
رومال ۽ دستار پيش ڪئي، جا چاليهه رپيا کائي وئِي
هئي.
انهن ڏينهن ۾ اڪثر اسان کي مير
شير محمد خان جي حملي جا ڪوڙا افواه پريشان ڪندا
هئا.
20
ڊسمبر تي خطري جو چتاءُ مليو. ساري فوج سجاڳ رکي
وئي ۽ مکيه عملدار واري تي پهرو ڏيندا رهيا.
منهنجو خيال آهي ته هن ملڪ جا ڪُڪڙَ غير معمولي
طرح مذهبي آهن، جو صبح پوياڙيءَ جي وقت وارين
دستوري ٻانگن کان سواءِ رات جو به هو ٻه ڪلاڪ وڌيڪ
ٻانگن ڏيڻ ۾ صرف ڪندا آهن.
هي ٻانگون هو رات جو اٺين بجي شروع ڪري ڏهين بجي
ختم ڪندا آهن. هندستان ۽ ايران ۾ ڪُڪڙن جي بي
وقتو ٻانگن ڏيڻ کي خراب اهڃاڻ يا بد سوڻ سمجهيو
ويندو آهي ۽ ان قسم جي حرڪت اڪثر ويچاري ڪُڪڙ جي
حياتي وڃائڻ جو باعث ٿيندي آهي. پر هي سنڌي ان جي
ڪا پرواه ڪانه ٿا ڪن.
گهوڙا ٻاريءَ ۾:
گهوڙا ٻاريءَ جو ڳوٺ ڏسڻ ويس جو
هتان ميل پنڌ تي آهي. هيءُ هڪ وڏو ڳوٺ ڪري سمجهيو
وڃي ٿو. منجهس
100
کن ردي جهوپڙا آهن. سياري جي هن موسم ۾ هن ٽڪر ۾
درياءُ فقط ڏيڍ پُره مس اونهو آهي ۽ سندس ويڪر به
عام طرح اڍائي سئو کن والن کان مٿي نه آهي. هتان
جي زمين جي نوعيت موجب پاڻي مٽيءَ وارو آهي ۽
منجهس ريتي گڏيل آهي.
23
تاريخ اسان کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته ”اسان کي منزل
ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ملي ويو آهي“ ۽ سڀاڻي اسان جي ٺٽي
ڏانهن مسافري شروع ٿيندي. پنهنجو سامان سڙو فوج جي
مڏيءَ سان گڏ روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اسين
پنهنجا تنبو پٽي گهوڙن تي چڙهڻ وارا هئاسون ته
منهنجي صاحب کي ريزيڊنٽ وٽان حڪم پهتا ته هو في
الحال جتي آهي اتي ئي ترسي، جيستائين بار کڻندڙ
اُٺن جو وڌيڪ بندوبست ٿي سگهي، جو انهن جي طلب وڌي
رهي هئي.
24
ڊسمبر جو سڄو ڏينهن اُٺن لاءِ بندوبست ڪرڻ ۾ لڳي
ويو، پر ڪجهه ڪم ٻئي ڏينهن به ڪرڻو هو، آءُ ان رات
ڪئپٽن ايسٽوڪ سان سندس تنبوءَ ۾ سمهيس. رات جو
ڏاڍو سيءُ پيو. اهڙي ٿڌ هندستان ۾ مون اڳ ڪٿي به
محسوس نه ڪئي هئي، هينئر اسان ڏاڍي اڪيلائي پئي
محسوس ڪئي، جو هڪ ڏينهن اڳ اسين ڏهن هزارن ماڻهن
جي شاهي فوج جي وچ ۾ هئاسون ۽ اڄ اسان سان فقط ٻه
پٽيوالا ۽ ٻه سنڌي سئيس ساڻ هئا. اسان کي پنهنجن
انهن چئن نوڪرن تي ڏاڍو رحم پئي آيو، جي سيءَ ۾
ڏڪي رهيا هئا، اسان کين چيو ته هوبه اسان جي
تنبوءَ ۾ اچي سمهن پر هنن ان کي بي ادبي سمجهي
ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ساري رات تنبوءَ ٻاهران
قنات وٽ پيا هئا. اهو سارو ڏينهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ
اسان وٽ نڪي کاڌي لاءِ ڪجهه هو نه پچائڻ وارو نوڪر
هو جو اسان کي پنهنجي بک جي باهه اجهائڻ ۾ مدد ڪري
سگهي. خوش قسمتيءَ سان مون کي ڪجهه ڪتل هٿ اچي
وئي. ڪجهه پئسا ڏئي چانورن جي سنڌي ڍوڍي جو اڌ وٺي
آيس، جنهن سان اسان پنهنجو پيٽ ڀريو. مون ۽ ايسٽوڪ
صاحب ڏاڍي شوق سان ڪتل سان ماني کاڌي. مون کي ته
اهڙو مزو آيو جهڙو مون کي وري لنڊن جي ميوارٽ هوٽل
جي کاڌي ۾ مليو. ڪئپٽن ايسٽوڪ عيسائي دستور موجب
ماني کائڻ کان پوءِ خدا جا شڪرانا مڃيا، جو اسان
جي عيبن کي نظر انداز ڪري هميشه اسان جون گهرجون
پوريون ڪندو رهي ٿو. ان کان پوءِ مون پنهنجي رفيق
جي آزمائش وٺڻ لاءِ کيس چيو ته ”اسان کي خدا جا
شڪرانا نه مڃڻ کپن؛ ائين ڪنداسون ته هو ڪڏهن به
اسان کي چڱو کاڌو نه ڏيندو.“ ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ
مشڪي چوڻ لڳوته ”اول اهو ثابت ٿيڻ گهرجي ته اسان
کي جيڪو مليو هو سو خراب هو. پوءِ ئي وڌيڪ بحث ڪري
سگهجي ٿو“. ان طرح ڳالهين ۾ وقت ڪاٽيندا رهياسون،
تان جو هن کي ننڊ وٺي وئي ۽ پوءِ آءُ به پنهنجو
چروٺ پي وڃي بستري ليٽيس .
25
ڊسمبر، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت جي ڏينهن
تي، ساري مسيحي دنيا ۾ خوشيون ڪيون وينديون آهن.
ان ڏينهن صبح جو سوير ٻن عملدارن مسٽر جينڪنس ۽
ڪپتان وارڊ اچي اسان کي ننڊ مان اٿاريو. هو ان
ڏينهن مانڊوي کان هتي پهتا هئا.
هنن ڪپتان ايسٽوڪ کي عرض ڪيو ته
فوج ڏانهن وڃڻ جي سلسلي ۾ هو سندن رهبري ڪري. پر
جيئن ته اُٺن بابت سمورو معاملو اڃا اوٺين سان طئي
نه ٿيو هو، ان ڪري کيس ڪجهه وڌيڪ وقت هتي رهڻو
پيو، جنهن سبب ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي مٿين آفيسرن
سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ پوئتي ئي رهيو.
اسين
12
ميل گهوڙن جي سواري ڪري ”سرمڙيا“ جي
30
جهوپڙين واري هڪ ننڍڙي ڳوٺ وٽ وڃي فوج کي پهتاسون.
ڪئپٽن ايسٽوڪ به پنهنجو ڪم پورو ڪري شام جو اچي
اسان سان مليو. هتان اسان کي ويهن ميلن تائين جي
ڊگهي منزل ڪرڻي پئي، جا پوري ڪري، اسين ڪرمپور جي
ننڍڙي ڳوٺ وٽ پهتاسون. هن ڳوٺ ۾ پنجاهه کن جهوپڙا
آهن. هيءُ ڳوٺ سنڌونديءَ مان نڪرندڙ هڪ شاخ جي
اورئين ڪناري تي آهي، ۽ ان جي ٻيءَ ڀر ايڏوئي هڪڙو
ٻيو ”غلام جو ڳوٺ“ آهي.
ٺٽي ۾:
27
تاريخ اسان اتي رهياسون، ۽
28
تاريخ ٺٽي جي قديم تاريخي شهر ۾ پهتاسون. اسان صبح
جو سوير ڪرمپور مان منزل کنئي هئي، ۽
9
بجي ڌاري مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچي پهتاسون، جا ٺٽي
کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. اڄ صبح اسان جو رستو
ڪجهه پنڌ ۾ وارياسو ۽ ڪجهه ٽڪر ۾ پٿريلو ۽ ناهموار
هو. واٽ تي هتان ٻن ميلن جي پنڌ تي اسين ڪلان ڪوٽ
جي کنڊرن وٽان لنگهيا هئاسون. هن جون قلع بنديون ۽
ديوارون وغيره نهايت مضبوط ۽ قديمي ڏسڻ ۾ ٿي آيون.
هن جون اڏاوتون سموريون گچ ۽ پڪين سرن جون هيون.
جيڪي هيتري زماني گذرڻ کان پوءِ به بلڪل مضبوط ۽
نيون پئي لڳيون. انهن کنڊرن مان بعضي مڪاني ماڻهن
کي پراڻا سڪا ۽ ٻيون اهڙيون قديم شيون هٿ اينديون
آهن. جي هو وڏن اگهن ۾ وڃي وڪڻندا آهن.
30
تاريخ جهڙ ۽ ڏاڍي ٿڌ هئي، صبح جو مون جڏهن وضو ڪرڻ
لاءِ ڪئونرو کنيو، تڏهن ڏٺم ته ان جي اندر به پاڻي
ڄمي پارو ٿي ويو هو، جنهنڪري لاچار تيمم ڪري نماز
ادا ڪيم.
ٺٽي کي شهر پناهه طور ڪي به
ديوارون نه آهن، ۽ شهر جو وڏو حصو ويران ٿيو پيو
آهي. اٽڪل ڏهاڪو هزار گهرن ۾ ماڻهو رهن ٿا.
مارڪيٽون بلڪل تنگ ۽ شهر جون گهٽيون نهايت گنديون
آهن. شهر جا باشنده گهڻو ڪري ڪو نه ڪو ڪم ڪندڙ
آهن. هتي جا کيس ۽ لنگيون اتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
عمدا ٿين ٿا. هن شهر جون عورتون سنڌ جي باقي حصن
جي عورتن وانگر نهايت سادو ۽ سستو لباس پهرين
ٿيون. هتي اٽي ۽ تيل جون چڪيون ۽ گهاڻا آهن. جي
اُٺ ڇڪيندا آهن. ٺٽي ۾ چئن سون کان مٿي مسجدون آهن
پر ڀائنجي ٿو ته اهي سموريون ائين ئي فنا ٿي
وينديون.
جامع مسجد ڏسڻ ويس جنهن جي اڏاوت
1057
هجري مطابق 1647ع ۾ شاهجهان بادشاهه شروع ڪرائي ۽
1072 هجري مطابق
1661ع
۾ اورنگ زيب مڪمل ڪرائي هئي. جا ڳالهه مسجد جي
عمارت تي به لکي پئي آهي. هيءَ نهايت شاندار عمارت
ٻه سئو وال ڊگهي ۽ سئو وال کن ويڪري آهي. ۽ سڄي
پڪين سرن سان ۽ گچ جي ٺهيل آهي. هن عمارت جو
اندريون پلستر اڇي ۽ نيري رنگ جو آهي. هيءَ سڄي
جاءِ هڪ سئو ٿنڀن تي بيٺل آهي، جن مان هرهڪ ٿنڀ تي
ڌار ڌار نموني جي نقاشي ٿيل آهي. محراب جي پٿر ۽
تاريخ وارن پٿرن تي نهايت صاف وڏن اکرن ۾ ڪتبا
لکيل آهن. مختصر لفظن ۾ هن مسجد شريف جو سڄو نظارو
نهايت سهڻو ۽ گنڀير آهي.
هن شهر جون سرون ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ
نهايت مضبوط ۽ جٽادار ٿين ٿا. مان سمجهان ٿو ته ان
جو سبب هتان جي خاص قسم جي زمين آهي جا اڇي چيڪي
مٽي ۽ واري گڏيل آهي. هتي عام طرح گهر ڪچيءَ مٽيءَ
۽ ڪاٺ مان ٺهيل آهن، ڇتيون سڌيون اٿن، جن جي
مٿاڇري کي مٽيءَ سان لنبيو وڃي ٿو. اندر وارين
ڀتين کي ٻنهي پاسن کان مٽيءَ جو ليپو ڏنل هوندو
آهي. شهر ۾ شاهوڪارن جون ڪي ٿوريون جايون پڪين سرن
جون ٺهيل آهن ۽ بعضي مٿان ماڙي پڻ اٿن.
هتي مارڪيٽ ۾ اوچتو منهنجي هڪ
سهڻي عرب نوجوان سان واقفيت ٿي، جنهن جو نالو سيد
محمد هو ۽ مديني منور جو باشندو هو. هن جي معرفت
مون شهر جي مکيه عالم مخدوم شيخ عبدالله سان
ملاقات ڪئي. هنن ٻنهي شخصن جو شهر ۾ گهڻو اثر آهي.
پهرئين جو اثر سندس پيش امام هئڻ جي ڪري آهي. هنن
بزرگن سان آءُ ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس.
سيد محمد ٽن سالن تائين بغداد ۽
ايران ۾ سير سفر ڪرڻ بعد تازو واپس وريو آهي. هتي
سندس ”خمس“ گڏ ٿيندو پئي ويو. ”خمس“ سندس هر شيعي
معتقد جي آمدنيءَ جو پنجون حصو آهي. جو هو کيس
مذهبي ڏن طور ڏيندا آهن. ان طرح هڪ يهودي وانگر هو
چڱو دولتمند بنجي ويو آهي. جيتوڻيڪ هو هڪ عرب آهي،
مگر ان هوندي به کيس فارسي سٺي ٿي اچي. عام طرح
عربن کي نين ٻولين سکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي منهنجو
هيءُ ميزبان هڪ عالم ۽ چڱي خاندان جو فرد آهي ۽
وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو ۽ عمدي لائبريري آهي.
پهرين جنوري
1839
تي حيدرآباد جي ميرن جا چار پنج وڏا عملدار آيا،
جن سان جنرل ڪين ۽
(General Kean)
ڪرنل پاٽنگر
(Col: Potinger)
ملاقاتون ڪيون. ٻنهي (انگريزي ۽ ميرن جي ) حڪومتن
جي باهمي دوستي ۽ محبت جي ڳالهين ڪرڻ بعد ميرن جي
نمائندن طرفان ڪن اختلافن ۽ ميرن جي ناراضگين بابت
پڻ ڳالهيون ٿيون. جنهن کان پوءِ سندس رضامندي سان
اها ميٽنگ ملتوي ڪئي وئي، جيئن هو اسان جي فوج جي
وڌيڪ اڳتي مارچ لاءِ سهولتن مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾
ضروري انتظام ڪري سگهن. |