سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب: --

صفحو :4

خيرپور درٻار ۾:

        اڃا ڪئپٽن ايسٽوڪ نيرن ئي مس ڪئي ته ميرن جا ٻه مکيه عملدار، آسانند وڪيل ۽ ڄيٺمل ديوان، مزاج پرسيءَ لاءِ ساڻس ملڻ آيا.  ڪئپٽن ايسٽوڪ کين ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن کان مٿي خيرپور ۾ ترسي ڪين سگهندو. مير صاحب (مير رستم خان پڳدار) سان ملڻ چاهي ٿو. ٻئي ڄڻا اهو پيغام کڻي واپس موٽيا. شام جو ٻڍي وزير جو پٽ عنايت الله ۽ جان محمد پنهنجي ماڻهن سميت ڪئپٽن ايسٽوڪ جي جاءِ تي آيا، ۽ کيس مير رستم خان جي محلات ڏانهن وٺي ويا. مير رستم خان ڪئپٽن ايسٽوڪ جي اچڻ تي پنهنجي مسند تان اٿيو ۽ ايشيائي دستور موجب پوليٽڪل ايجنٽ سان ڀاڪر پائي مليو.

        درٻار ۾ هتي به اهڙي ئي سادگي هئي، جهڙي حيدرآباد ۾ فرق رڳو هيءُ هو، ته هتي حاضرين جو تعداد حيدرآباد کان گهٽ هو پوليٽڪل ايجنٽ کي هيٺ پٽ تي مير رستم خان جي ويجهو ويهاريو ويو. درٻار ۾ هيٺيان ماڻهو موجود هئا. رستم خان جو چاچو مير زنگي خان، سندس ڀائٽيو مير نصير خان، مير مبارڪ خان، 20 بلوچ سردار، ۽ ٻه هندو عملدار جيڪي صبح جو پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ آيا هئا.

        مون کي جيئن پوءِ معلوم ٿيو، هنن ڳالهين جو مقصد هيءُ هو ته مير رستم خان کي ذهن نشين ڪرايو وڃي ته ڌاڙيل بلوچ قبيلن کي دٻائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. مير رستم خان وعدو ڪيو آهي، ته هو انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪندو ۽ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو. مير صاحب وڌيڪ پوليٽيڪل ايجنٽ کي يقين ڏياريو، ته هو انگريزن جو هڪ نماڻو مگر سچو دوست آهي.

        مير صاحب عمر جو وڏو ٿي معلوم ٿيو، شايد سٺ ورهين جو هجي. شڪل شباهت جو سهڻو هو، ۽ سندس ڳالهه ٻولهه مان ظاهر هو ته هڪ نهايت بلند اخلاق، ديندار ۽ خانداني شخص آهي. کيس اٺ پٽ آهن. خيرپور هڪ وڏو شهر آهي. محلات مٽيءَ جي هڪ ڪوٽ اندر آهي.

        ٻئي ڏينهن پڻ ٻن پهرن کان اڳ درٻار منعقد ٿي ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي وڏي تقريب سان ان ۾ مرحبا ڪئي وئي، نهايت خوشگوار نموني ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون هليون، جن ۾ وچ وچ ۾ ڪاروبار جون ڳالهيون پڻ ٿيون، ان کان پوءِ دربار ملتوي ٿي. ان بعد جڏهن ڪئپٽن ايسٽوڪ مير صاحب ۽ سندس ڪٽنب جي موجود ڀاتين کان موڪلائڻ وارو هو، تڏهن مير صاحب کيس چيو ته ”هاڻي مان اوهان سان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ڳالهايان ٿو. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ ٻين انگريزن کان وڌيڪ عزت آهي ۽ اوهان سان ڳالهين ٻولهين ڪرڻ ۾ مون کي لطف ٿو اچي. مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اوهين هڪ اهڙا سچا عيسائي آهيو، جنهن جي دل آئيني وانگر صاف آهي. تنهن ڪري اءُ اوهان کي پنهنجي پٽن برابر ٿو سمجهان. ڪئپٽن ايسٽوڪ مير صاحب اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ مناسب جواب ڏنائين، تنهن کان پوءِ اسين دربار ڇڏي پنهنجي ڪئمپ ۾ آياسون، ۽ اتي ڏينهن جو ڪم ختم ڪرڻ لاءِ سندس دربار ۾ وياسون، جتي اڌ ڪلاڪ کن  ساڻس گپ شپ هڻن بعد اسان کانئس موڪلايو.

        30 تاريخ صبح جو، اسين خيرپور مان سکر ڏانهن روانا ٿياسون. جتي صبح جو 9 بجي پهڇي وياسون. واٽ تي مون کي ڇمڪڻيءَ (املتاس) جا ڪيترا وڻ ڏسڻ ۾ آيا. انهن جا گل ڳوڙها پيلا ۽ سهڻا آهن. انهن جون اٽڪل هڪ انچ ويڪريون ۽ ٻن کان ٽن فوٽن تائين ڊگهيون ڦريون ٿين ٿيون. ساون پنن، پيلن گلن ۽ ڊگهين گول لڙڪندڙ ڦرين سان هيءُ وڻ ڏاڍو سهڻو ٿو لڳي. ان جي ڦرين جو ڳر مٺو آهي، ۽ ٻج کي ڍڪي ڇڏي ٿو. ان ۾ هڪ عجيب بوءِ ٿئي ٿي. هندستان ۽ ايران جا مڪاني ڊاڪٽر ان جي ڳر کي جلاب طور ڪم آڻيندا آهن. هن ڳر جو هڪ آئونس وارن گرم پاڻيءَ ۾ ملائي، بادامن جي تيل سان کائجي، ته انڊن جي هيٺين ڀاڱي ۾ ڏاڍو سٺو اثر ڪندو آهي، پر سنڌين کي هن کي فائدن جي گهڻي خبر ڪانه ٿي ڏسجي ورنه هو ضرور ان کي بمبئي ۽ ٻين پاسن ڏانهن موڪلي، ان جي واپار مان فائدو حاصل ڪن.

        2 اپريل 1939 تي، اسان کي حڪم مليا، ته شڪارپور وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪم ايترو ته گهڻو پئي رهيو آهي، جو صبح کان سج لهڻ تائين مون کي ٽيبل ڪرسيءَ تي ويهي پئي ڪم ڪرڻو پيو آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ جو اصل ڪوبه وقت نه پئي مليو اٿم انهيءَ ڪري اڄ مان ڪم تان لٿي ڪلاڪ کن لاءِ هتان جي مشهور بزرگ شاهه خيرالدين جو مقبرو ڏسڻ ويس، قبي جي عمارت نهايت عاليشان آهي، جا 1029هجري مطابق 1619ع جي تعمير ٿيل آهي.

 

وري شڪارپور ۾:

        3 اپريل تي، سکر ڇڏي رستي تي ٽي منزلون ڪري، شڪارپور آياسون، هتي حالتون ٺيڪ نه هيون ڪو ڏينهن اهڙو نٿي گذريو، جڏهن بلوچ ڌاڙيلن اسان جي پهريدارن يا جتن کي، جي اُٺ چارڻ لاءِ پسگردائي ۾ ويندا هئا، منڊو، ٽنڊو، يا خون نه ڪري ويندا هجن. اسان جا ديسي سپاهي ڇانوڻيءَ کان ٻاهر بلڪل بيڪار هوندا هئا، جو هنن کي مڪاني حالتن جو ڪوبه پتو نه هوندو هو. بنگالي سپاهين جو جهڙو جسم ۽ ٻاهريون ڊول ڏسبو آهي، اهڙي سندن دل سندن اهڙو ايمان واري نه آهي.

        هتي هنن جي هڪ ٽوليءَ جي طاقت يا لياقت جو آءُ معمولي مثال پيش ڪريان ٿو.

        6 اپريل تي، هڪ نائڪ ۽ پنجن سپاهين پهري هيٺ، 39 اُٺ جهنگل ۾ پئي چريا ته 10 بلوچ ڌاڙيل اچي انهن کي زوريءَ ڦري ڪاهي ويا، ٻن جتن کي بلوچن تلوارن سان ڦٽي وڌو، هن کي رت ڳاڙيندو ڏسي، سمورا جت اُٺ ڇڏي وڏي ايجنسيءَ ڏانهن ڀڳا. ۽ هنن جي پٺيان سندن حفاظت لاءِ موڪليل فوجي پهريدارن به پيرن تي زور رکيو. ايجنسيءَ ۾ پهچڻ تي پهريدارن جي عملدارن (نائڪ) اچي پوليٽيڪل ايجنٽ جو سلام ڪيو ۽ پوءِ نهايت گنڀير ٿي چوڻ لڳو:

        ”جناب! ڌاڙيل 39 اُٺ ڪاهي ويا اهن، ۽ جناب! ٻن جتن کي ڦٽيو اٿن، ٻيو سڀ خير آهي. جناب!“

        مون کي هن نائڪ کي اهڙي نموني ۾ رپورٽ پيش ڪندو ڏسي کل آئي. مان ان کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ويس ۽ پوءِ ٻاهريان بيهي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ نائڪ جي وچ ۾ هيٺين  طرح گفتگو ٻڌيم:

        پوليٽيڪل ايجنٽ؛ ”ڌاڙيل گهڻا هئا؟“    

        نائڪ: هو ڏهه ڄڻا هئا، پر سندن پوئتان گهڻي مٽي اڏامندي نظر ٿي آئي، جنهن مان اسان سمجهيو ته سندن پٺيان گهڻا اچي رهيا آهن.

پ. ا: اوهين لاشڪ بهترين سپاهي آهيو!

ن: مان اوهان جي انهن سهڻن لفظن لاءِ شڪرگذار

آهيان، پر اسان ته فقط پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.

.                      پ. ا: سهڻا لفظ! ۽ شڪر ادائي! مان اوهان جي غير سپاهيانه روش لاءِ ڪورٽ مارشل ڪرڻ ٿو گهران. 

ن؛ ته پوءِ اسان کي پنهنجي بدنصيبيءَ تي ماتم ڪرڻ

کپي، جو پنهنجي خدمتن لاءِ اوهان کان هيءُ انعام حاصل ڪري رهيا آهيون.

        پ. ا؛ هتان گم ٿي: پنهنبجي بڪواس بند ڪر، ۽ وري مون کي پنهنجو منهن نه ڏيکارج. هڪدم پنهنبجي بئرڪ ڏي هليو وڃ!

        12 سالن جي  پنهنجي تعلق ۾ هن موقعي تي پهريون ئي دفعو مون ڪئپٽن ايسٽوڪ کي جوش ۾ آيل ۽ چڙيل ڏٺو. هن پوءِ هڪدم رسالدار نور بخش جي اڳواڻيءَ هيٺ بنگالي گهوڙي سوارن جي هڪ دستي کي حڪم ڪيو ته هو ڌاڙيلن جو پيڇو ڪن. مگر هنن جو  ڪوبه پتو نه پيو. ائين پئي لڳو، ڄڻ اٺن ۽ ڦر جي مال سميت هو زمين اندر ٽٻي هڻي ويا هئا.

 

اپر سنڌ جي گرمي:

       انهن مختلف مصيبتن سان گڏ، هتي گرمي به هاڻي اهڙي اچي زور ٿي آهي، جو ڳالهه ڪرڻ جي نه آهي. گرم لڪون لڳي رهيون آهن، ۽ اسين ائين محسوس ڪري رهيا آهيون ته ڪنهن ٻيءَ مصيبت سبب نه، تڏهن به هن سخت گرميءَ ڪري ضروري ختم ٿي وينداسون هن گرميءَ ۾ منهنجي ننڍڙي جهوپڙي اندر گرميءَ وقت پارو 110 ڊگرين تي ۽ ٿڌي وقت ۾ 90 ڊگرين تي هوندو هو، اڌ رات کان پوءِ اٽڪل 6 ڪلاڪ ٿڌ هير لڳندي هئي. باقي ته سمورو وقت ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻ دوزخ جي هڪ دري اسان ڏي کلي وئي آهي. اُس ۾ گهمڻ ته يقيني موت هو، تازا تڪڙا ۽ تنومند عملدار جيڪي بعضي بين کان به هڪ ڏينهن اڳ ۾ مارچ تي نڪري ويا، تن بابت ٻئي ڏينهن خبر ٿي آئي، ته گرمي ۽ جهولي سبب موت جو بَک ٿي چڪا آهن، مڪاني ماڻهن ۽ بلوچ ڌاڙيلن ۾ گرميءَ جي برداشت جو ڏاڍو مادو آهي. هو هميشه سج اڀرڻ کان اڳ سج لهڻ تائين گهمندا ڦرندا وتندا آهن، ۽ سڄو سڄو ڏينهن بنا کاڌي پيتي اُس ۾ گذري ويندو اٿن. اها ڳالهه هندستان جي ٻين حصن جي ماڻهن جي برداشت کان بلڪل ٻاهر آهي. يورپي ماڻهن جو ته سوال ئي نٿو اٿي. هيءَ گرمي مون کي ته سمجهه ۾ نٿي اچي. هيءُ علائقو سورت کان 4 ڊگريون مٿي آهي. انهيءَ ڪري اصولي طرح ته پاڻ هتي موسم گجرات کان به ٿڌي ٿيڻ گهرجي.

        گرميءَ جي برداشت کان ٻاهر ٿي وڃڻ تي مون هڪ ننڍڙو ڇپرو خس جو ٺهرايو، جنهن ۾ ٿڌي رهڻ جي خاصيت آهي. هڪ ڇوڪرو رکيم، جو سمورو وقت ان تي پاڻي هاريندو رهندو هو. هن کان پوءِ منهنجو وقت بهتر ۽ قدري آرام سان گذرڻ لڳو.

        11 تاريخ صبح جو، بستري کي ڇنڊي، سُڪڻ لاءِ ڪجهه دير اُس ۾ وجهي، جيئن منجهانئس گهم نڪري وڃي. جيئن ئي بستري کي کنيو ويو، تيئن ڇا ڏسان ته هڪڙو شاهي ڪارو وڇون ان جي هيٺان نڪري سُرڻ لڳو. کيس 9 سنڌن وارو پڇ هو جنهن جو ڏنگ ڳاڙهو ساواڻ تي هوس. مون ايڏو وڏو وڇون اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هن خطرناڪ بلا کي ڏسي، مون ۽ منهنجي نوڪرن تي هڪ قسم جي دهشت ڇانئجي وئي. ايتري ۾ منهنجو هڪ افغان دوست عطا محمد خان ڪاڪڙ *، جو شهر جو چڱو ماڻهو آهي ۽ مون کي ملڻ لاءِ اچي رهيو هو، اهو پهچي ويو. وڇونءَ کي ڏسي هن مون کي مخاطب ٿي چيو ته ”لطف الله“، تون ڀاڳن وارو آهين، جو ههڙي موتمار آفت جي حملي کان بچي ويو آهين. هن بلا کي ”جراڙو“ سڏبو آهي، ۽ هن جو ڏنگ هڪ ڪلاڪ اندر ڪنهن به ساهه واريءَ شيءِ جي انت آڻڻ لاءِ بس آهي، خدا جو شڪر ڪر، ۽ ائين سمجهه، ته هن توکي نئين زندگي بخشي آهي.“[1]

        مون جواب ڏنومانس ته ”مون کي هن جو ڪوبه ڀئو ڪونهي، ڇو ته جيڪڏهن منهنجي قسمت جي ڪتاب ۾ لکيل ئي ڪونه هوندو، ته وڇون مون کي هرگز ڏنگ هڻي ڪين سگهندو.“ ائين چئي مون وڇون جي اڳيان  مٽيءَ  جو  هڪڙو ٽڀو رکيو، جنهن ۾ وڇون سُري اندر هليو ويو، ۽ مون ان جي منهن کي هڪدم مٽيءَ جو ليپو ڏياري بند ڪري، ان کي ڪلاڪ لاءِ باهه جي مچ ۾ وجهايو، جيئن وچون  سڙي رک ٿي وڃي. هن ريت سڙيل وڇونءَ جي رک جو هڪڙو ڪک درد قولنج لاءِ اڪسير سمجهيو ويندو آهي.

        مون کي معلوم ٿيو ته شڪارپور جي ڪُل آمدني ان جي پسگرداين سميت سالانه ٽي لک کن روپيا آهي. هن آمدنيءَ کي ست حصا ڪيو ويندو آهي، جن مان 4 حصا حيدرآباد وارن ميرن هرهڪ نورمحمد خان ۽ نصير خان کي ملندا آهن. باقي ٽي حصا خيرپور وارن ميرن کي ملندا آهن. جن مان وري ٻه مير رستم خان کي ۽ هڪڙو مير مبارڪ خان ڏي ويندو آهي. حيدرآباد ميرن جو حصو ڄيٺمل کي 14 هزار ۾ ٺيڪي ۾ مليل آهي. ڄيٺمل اول شراب جو دڪاندار هو، پر سندس اثر ۽ قابليت کيس ميرن وٽ مقبول بنايو. هو قدآور ۽ بت ۾ ڀريل مڙس آهي، ۽ چوندا آهن ته روزانه رات جو مانيءَ تي هو اڪيلي سر ڇيلو کائي ۽ برانڊيءَ (شراب جو قسم) جي بوتل پي ويندو آهي.

        منهنجي دوست ڄيٺ سنگهه بئنڪر کان مون کي معلوم ٿيو، ته خيرپور جي ڪل آمدني اٽڪل 5 لک رپيا سالانه آهي، جنهن کي پنج حصا ڪيو ويندو آهي. ٽي حصا مير رستم خان کي، هڪ حصو مير مبارڪ خان کي ۽ باقي هڪڙو خاندان جي باقي ماڻهن کي ملندو آهي.

        12 تاريخ صبح جو، ڪئپٽن ايسٽوڪ کي اطلاع مليو ته بلوچ ڌاڙيلن جي هڪ وڏي ٽولِي انگريزي لشڪر جي تاڙ ۾ هتان 30 ميلن جي مفاصلي تي لڪي ويٺي آهي. ڪئپٽن ايسٽوڪ بلوچن تي اوچتي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اٽڪل ويهارو کن گهوڙي سوارن سان منجهند مهل، هو ڪئمپ مان روانو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير انهيءَ جاءِ تي پهتو. هتي پهچڻ تي هن رک جا ننڍا ننڍا ڍير ڏٺا، جن مان ظاهر هو ته هنن رات جي ماني اتي پچائي هئي. سندن گهوڙن جي لِڏ پڻ پکڙي پئي هئي. رک بلڪل ٿڌي، لِڏ ڪافي خُشڪ ڏسي ڪئپٽن اندازو لڳايو ته هو 7_6 ڪالڪ اڳ ۾ ئي اهو هنڌ ڇڏي ويا هئا. شام جو دير سان گرم ڏينهن جي مسافري تان ٿڪي ٽٽي هو واپس موٽيو.

 

بلوچن کي منهن ڏيڻ جو نئون طريقو:

        هاڻي ڪئپٽن ايسٽوڪ محسوس ڪيو ته بلوچ ڌاڙِيلن جو مقابلو به فقط بلوچ ئي ڪري سگهندا. انهيءَ ڪري هن مڪاني باشندن منجهان ئي هڪ فوجي دستو تيار ڪرڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ خيال کان هن سرڪار کي درخواست ڪري اهڙي اجازت گهري، پر سرڪاري طرح کيس اهڙي اجازت ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ۾ هن پنهنجي ئي ذميداريءَ تي پنهنبجي ان تجويز تي عمل به شروع ڪري ڏنو. انگريزن خلاف رهزني ڪاررواين ۾ ڊومڪين، جکراڻين، بگٽين، مرين، مزارين، لغارين، بليدين، رندن ۽ بروهين جو گهڻي ۾ گهڻو حصو هو.

        انهن قبيلن سان کوسن ۽ ڪهيرين جي سردارن جو تڪرار هو، انهيءَ ڪري ڪئپٽن ايسٽوڪ جي نظر انتخاب انهن ٻن قبيلن جي سردارن تي پيئي.

        سڀ کان اول سردار قادر بخش کوسي اسان جي ملازمت اختيار ڪئي. هو 25 ورهين جوخوبصورت نوجوان هو. ساڻس 50 گهوڙي سوار به ملازمت ۾ آيا.

        هو سڀني کوسن ۽ ٻين انهن ماڻهن جو سالار ٿيڻو هو، جيڪي سندس معرفت ڀرتي ٿيڻ وارا هئا. منهنجو ڪم هاڻي ڏاڍو ڏکيو هو. مون کي انهن جهنگلي ماڻهن ۽ سندن گهوڙن جا نالا ۽ نشان باقاعدي رجسٽر ۾ داخل ڪرڻا هئا.

        مون جڏهن سندن نالا ۽ نشان داخل ٿي ڪيا، تڏهن منجهانئن ڪي دل کولي کليا، ۽ ڪن ته مون کي سچ پچ جادوگر سمجهيو ۽ مون کي آزمائڻ لڳا، ته آءُ سندن نالو هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪتاب ۾ ڏسي کين ٻڌائي سگهان ٿو يا نه، ۽ جڏهن آءُ سولائيءَ سان ائين ڪري سگهيس، تڏهن سندن وات ڦاٽِ ٿي ويا ۽ چپ چاپ اٿي مون وٽان هليا ٿي ويا. هنن کي پنهنجي عمرين جو ڪوبه پتو ڪونه هو. ڪيترا اڇين ڏاڙهين وارا مون کي هيءَ ڳالهه سمجهائڻ تي زور ڏئي رهيا هئا ته سندن عمر 25 ۽ 30 ورهين جي وچ ۾ ٿيندي.

        ان قسم جي هڪڙي اڇي ڏاڙهي واري کان مون پڇيو ته ”مير فتح علي خان جي سنڌ کي فتح ڪرڻ جي کيس سامڀر آهي ڇا؟“

        تڏهن چيائين، ”انهيءَ واقعي کي ڪي ٿورا سال گذريا آهن، انهن ڏينهن ۾ آءُ ا’ڃا ڇوڪر هوس ۽ گليلون کڻي مال چارڻ ويندو هوس.“ ههڙي احمقانه جواب تي مان پنهٿنجي کل کي روڪي نه سگهيس، ڇوته مير فتح علي خان ڪلهوڙن سان جنگ 1779ع ۾ لڳي هئي، ۽ حساب ڪرڻ سان معلوم ٿيو، ته هن وقت هو ڪنهن به حالت ۾70 ورهين کان مٿي جو هو. جيتوڻيڪ ظاهري طرح هو 40 ورهين کان مٿي ڪونه ٿي لڳو.

        هن کي منهنجو کلڻ نه وڻيو ۽ مون کي هٿ کان جهلي چيائين ته ”منهنجا دوست تون مسلمان معلوم ٿو ٿين، پر گهڻو فرنگين جي صحبت ۾ گذارڻ ڪري، تون پنهنجو ضمير وڃائي ويٺو آهين، تنهن ڪري ئي توکي ڪنهن به مسلمان جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ٿو اچي.“

        مون هن کان معافي طلب ڪئي ۽ کيس چيو ته منهنجي کلڻ جو دل ۾ ڪوبه خيال نه آڻي. منهنجي اها خراب عادت ٿي وئي هئي. مان کيس يقين ڏياريو ته آئيندي هو مون کي هميشه هر ڪنهن مسلمان جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڏسندو.

        26 تاريخ، اسان کي پنهنجي جاسوسن کان خبر ملي ته هڪڙو مشڪوڪ قسم جو ايراني ماڻهو شهر ۾ آيل آهي. اسان هڪدم سندس رهائش جي جاءِ تي پهتاسون ۽ ڏٺوسون ته سندس نوڪر ٻن اُٺن تي سندس سامان ٻڌي رهيا هئا، ۽ هن هاڻي پنهنجي رٿيل مسافريءَ تي وڌڻ ٿي چاهيو. اسان ساڻس ڳالهين ٻولهين مان هڪدم سمجهي وياسون، ته سندس مسافري جو ڪو لڪل مقصد آهي، جنهن کي هو مخفي رکڻ ٿو چاهي ڇوته هن ڳالهين جي موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي، ظاهر ڪيو ته هڪرو درويش انسان آهي، جنهن جي دنيا جي معاملن سان ڪوبه واسطو ڪونهي، ۽ سندس نالو نورشاهه آهي. ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ کيس چيو ته هو پاڻ کي هن بعد گرفتاريءَ هيٺ سمجهي، ۽ جيستائين هن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ بابت هو ڪو مناسب سبب نه ٻڌائي سگهيو آهي. تيستائين هو قيدي رهندو. ڪئپٽن جا اهي لفظ ٻڌي ايرانيءَ جي ڄڻ زمين ئي پيرن هيٺان نڪري وئي. هن زوردار فارسيءَ زبان ۾ سخت احتجاج ڪيو، پر ان مان ڪجهه به ڪونه وريس، کيس سرڪاري قيدي ڪري ايجنسيءَ ۾ آندو ويو.

 

[1]  شڪارپور ۾ هڪ پاڙو (ڪڙي عطامحمد) سندس نالي اڄ تائين موجود آهي. گهڻو ڪري ان ۾ پٺاڻ آباد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org