سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:غريب ڳوٺاڻن سان ڳالهيون

باب: --

صفحو :2

 

ظاهر آهي ته لکين ۽ ڪروڙين ماڻهو لازمي طور تي مصيبت ۽ بک ۾ وڪوڙيل رهندا ۽ جيستائين زمين جون ايڏيون ايراضيون چند هزار مالدار ڪٽنبن جي ملڪيت رهنديون تيستائين اهي مصيبت ۽ بک ۾ وڪوڙيل ئي رهي زندگي گذاريندا رهندا. ظاهر آهي ته رياست جا حاڪم، حڪومت (زار جي حڪومت به) زمينن جي وڏن مالڪن جي ذهن تي هميشہ نچندي رهندي ڳوٺاڻا غريب ڪنهن کان به، ڪنهن به ڏس ۾ تيستائين مدد جي اميد نٿا ڪري سگهن جيستائين هو متحد نه ٿي وڃن، هڪ ئي طبقي ۾ شامل نه ٿي وڃن ته جيئن زميندار طبقي جي خلاف زوردار ۽ اٽل جدوجهد ڪن.

انهيءَ نقطي تي پهچي اسان کي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو (جن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو به شامل آهن) زميندار طبقي جي طاقت بابت بنهه غلط خيال ۾ مبتلا آهن. اهي چون ٿا ته ”رياست“ انهن کان گهڻو وڌيڪ زمين جي مالڪ آهي. هارين جا اهي دوستن جي روپ ۾ دشمن چون ٿا ته ”روس جي سرزمين (يعني سمورين زمينن) جو هڪ وڏو حصو اڃا تائين رياست جي ملڪيت آهي.“ (اهي لفظ اخبار ”ريوالو تسيونايا روسيا“ جي شماري 8 صفحي تان ورتا ويا آهن). اهي ماڻهو جيڪا ڀل ڪن ٿا سا هيٺين ڳالهين جي ڪري پيدا ٿئي ٿي انهن ٻڌو آهي ته يورپي روس جي زمين جي 15 ڪروڙ ڊيسياٽن جي مالڪ رياست آهي. اهو صحيح آهي. اهو پر اهي هيءَ وساري ٿا ڇڏين ته اهي 15 ڪروڙ ڊيسياٽن ۾ قريب قريب اها سڄي زمين شامل آهي جنهن تي ٻني ٻارو ٿي نٿو سگهي ۽ جنهن ۾ اتريان پري وارا جهنگ، ارخانگاسڪ، وولوگدا، اولونيٽس، وياٽڪا ۽ پرم جي صوبن ۾ اهڙي طرح رياست پاڻ وٽ رڳو اها ئي زمين رهڻ ڏني آهي جا اڃا تائين ٻني ٻاري جي قابل ماڳهين نه آهي. رياست وٽ ٻني ٻاري جوڳي جيڪا زمين آهي سا ڪل ملائي 40 لک ڊيسياٽن کان گهٽ ٿئي ٿي ۽ ٻني ٻاري جوڳي رياست جي اها زمين مثال طور سمارا صوبي ۾ جي خاص ڪري وڌيڪ آهي، تمام گهٽ ڍل تي، ذري گهٽ صفا مفت ۾ مالدارن کي ڏني ويئي آهي. مالدار ماڻهو انهن زمينن مان هزارين ڊيسياٽن مقاطعي تي وٺن ٿا ۽ هارين کي ليز تي ڏيئي وڏيون وڏيون رقمون وصول ڪن ٿا.

جيڪي ماڻهو ائين چون ٿا ته رياست تمام گهڻي زمين جي مالڪ آهي سي هارين جا مٺگهرا صلاحڪار آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته زمينن جا وڏا وڏا نجي مالڪ (جن ۾ خود زار به شامل آهي) سي گهڻي سٺي زمين پنهنجي ملڪيت ۾ وٺيو ويٺا آهن. ۽ پاڻ رياست انهن وڏن مالڪن جي هٿن ۾ آهي. جيستائين ڳوٺن جا غريب گڏ ٿيڻ ۾ ناڪام رهندا ۽ متحد ٿي هڪ زبردست قوت نٿا بڻجن تيستائين ”رياست“ هميشہ زميندار طبقي جي تابعدار ٻانهي رهندي. هڪ ڳالهه هيءَ آهي جيڪا وسارڻ نه گهرجي: پهرين گهڻو ڪري سمورا زميندار رئيس زادا هوندا هئا. رئيسن جو طبقو اڃا به وڏين زمينن جو مالڪ آهي (1877ع – 1878ع ۾ هڪ لک 15 هزار رئيس زادا 7 ڪروڙ 30 لک ڊيسياٽن جا مالڪ هئا) ليڪن اڄ روڪ ناڻو ۽ موڙي حڪمران طاقت بڻجي ويو آهي. سوداگرن ۽ خوشحال هارين ڳچ جهڙي زمين خريد ڪري ورتي آهي. اندازو لڳايو ويو آهي ته 30 سالن جي عرصي ۾ (1863 کان 1892ع تائين) رئيسن جي طبقي 60 ڪروڙ روبل کان وڌيڪ ماليت جي زمين وڃائي (يعني جيتري خريد ڪئي ان کان وڌيڪ وڪي) ۽ سوداگرن ۽ باعزت شهرين 25 ڪروڙ روبل جي ماليت جي زمين خريد ڪئي آهي. هارين، ڪارڪنن ۽ ٻين ڳوٺاڻن باشندن (جيئن ته اسان جي حڪومت عام ماڻهن کي شرفا کان سفيد پوش ماڻهن کان الڳ ڪرڻ لاءِ چوندي آهي) 30 ڪروڙ روبل جي ماليت جي زمين خريد ڪئي آهي. اهڙي طرح سڄي روس ۾ هاري هر سال سراسري طور هڪ ڪروڙ روبل جي ماليت جي زمين، نجي ملڪيت جي زمين، نجي ملڪيت جي حيثيت سان حاصل ڪري وٺن ٿا.

ته پوءِ اهڙيءَ طرح هارين جا مختلف قسم آهن: ڪجهه مصيبت ۽ بک واري زندگي گذارين ٿا، ٻيا مالدار ٿي وڃن ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري ته مالدار هارين جو تعداد وڌندو رهي ٿو جيڪي زميندارن ڏي جهڪن ٿا ۽ جيڪي مزدورن جي خلاف مالدارن جو پاسو کڻن ٿا. ڳوٺن جي غريبن کي جيڪي شهر جي مزدورن سان ٻڌي (اتحاد) ڪرڻ گهرن ٿا انهيءَ تي چوڪسي سان سوچڻ گهرجي ۽ معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڇا اهڙي قسم جا مالدار هاري ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ آهن؟ اهي ڪيترا طاقتور آهن ۽ ان طاقت سان ٽڪر کائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي ٻڌي ۽ ايڪي جي ضرورت آهي.

اسان اڃان هاڻ هارين جي مٺگهرن صلاحڪارن جو ذڪر ڪيو هو. اهي مٺگهرا صلاحڪار اهو چوڻ جا سدا ملوڪ آهن ته هارين جو اهڙو اتحاد اڳي ئي موجود آهي، اهو اتحاد ”مير“ يعني ڳوٺ جي برادري آهي. اهي چون ٿا ته برادري وڏي ڳري قوت آهي، هارين کي برادري ڳنڍي هڪ ڪري ٿي. برادري ۾ هارين جي تنظيم (يعني انهن جو پاڻ ۾ ميلاپ ۽ ٻڌي) ديو جهڙو زبردست ۽ بي حساب آهي.

اهو غلط آهي. اها پرين جي ڪهاڻي آهي. جيڪا نيڪدل ماڻهن پنهنجي من گهڙي ورتي آهي پر پوءِ به اها پرين جي ئي ڪهاڻي آهي، پوءِ جيڪڏهن اسان پرين جي ڪهاڻي تي ڪن ڏينداسين ته پنهنجي مقصد ڳوٺن جي غريبن ۽ شهرن جي مزدورن جي ٻڌي ڪرڻ کي بيڪار ڪري وجهنداسين. هر ڳوٺاڻي کي کپي ته ڏاڍي ڌيان سان پنهنجي چئني طرف ڏسي ته: ڇا برادريءَ جو اتحاد، هاري برادري سمورن مالدارن سان، انهن سمورن ماڻهن سان جيڪي پرائي پورهئي تي پلجن ٿا، وڙهڻ لاءِ غريبن جي ٻڌي سان ڪنهن به طرح ملندڙ جلندڙ آهي؟ نه اهو ان سان ملندڙ جلندڙ نه آهي. ۽ ائين به ٿي نٿو سگهي. هر هڪ ڳوٺ ۾ توڙي هر برادري ۾، ڪيترائي کيت مزدور، ڪيترائي ڪنگال هاري ٿين ٿا ۽ مالدار هاري ٿين ٿا. جيڪي کيت مزدورن کي نوڪر رکن ٿا ۽ زمين کي دائمي طور خريد ڪن ٿا. اهي مالدار هاري به انهيءَ برادري جا ميمبر ٿين ٿا. ۽ برادري ۾ اهي ئي راڄ ڪندا آهن ڇاڪاڻ جو وٽن ئي طاقت هوندي آهي. پر ڇا اسان کي اهڙي ٻڌي جي ضرورت آهي جنهن ۾ مالدار شامل هجن ۽ جنهن ۾ هلندي به مالدارن جي هجي؟ بيشڪ نه اسان کي مالدارن سان وڙهڻ واري اتحاد جي ضرورت آهي، ۽ انهيءَ لاءِ برادريءَ جو اتحاد اسان لاءِ ڪنهن ڪم جو نه آهي.

اسان کي اهڙي اتحاد جي ضرورت آهي جيڪو رضا خوشي سان ٿيو هجي. رڳو انهن ماڻهن جي اتحاد جي، جن پروڙي ورتو هجي ته کين شهري مزدورن سان ضرور ٻڌي ڪرڻ گهرجي، ڳوٺ واري برادري رضا خوشي واري ٻڌي نه هوندي آهي، ان کي رياست لاڳو ڪندي آهي، ڳوٺ جي برادري انهن ماڻهن جي ٺاهيل نه هوندي آهي جيڪي مالدارن لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ جيڪي مالدارن سان وڙهڻ لاءِ ايڪو ڪرڻ گهرن ٿا. ڳوٺ جي برادري قسم قسم جي ماڻهن کي گڏي ٺاهي ويندي آهي. انهيءَ ڪري نه ته اهي ان ۾ شامل ٿيڻ گهرندا آهن. پر ان ڪري جو سندن ابا ڏاڏا انهيءَ زمين تي رهندا هئا ۽ ساڳئي زميندار لاءِ ڪم ڪندا هئا. انهي ڪري حاڪمن انهيءَ جو نالو هن برادري جي ميمبر جي حيثيت سان کاتي ۾ چاڙهي ڇڏيو. هاري غريب انهي برادري کان الڳ ٿيڻ ۾ آزاد نه هوندو آهي. کيس اها اجازت نه هوندي آهي ته برادري ۾ ان ماڻهو کي شامل ڪيو وڃي جنهن جو نالو پوليس ٻئي وولوسٽ جي کاتي ۾  چاڙهي ڇڏيو آهي. پر ان جي اسان کي پنهنجي ٻڌي لاءِ انهي خاص ڳوٺ ۾ ضرورت آهي. نه اسان کي ماڳهين ٻئي قسم جي اتحاد جي ضرورت آهي. رضا خوشي واري ٻڌي جي، جنهن ۾ رڳو پورهيو ڪندڙ ۽ غريب هاري شامل هجن ته جيئن انهن سڀني جي خلاف وڙهي سگهجي جيڪي پرائي پورهئي تي زندگي بسر ڪندا هجن.

اهو زمانو ويو، برادري هڪ طاقت هوندي هئي اهو وقت وري موٽي اچڻو ناهي. ان زماني ۾ برادري قوت هئي جڏهن هارين ۾ شايد ئي ڪو اهڙو کيت مزدور هوندو هو، جنهن وٽ زمين ماڳهين نه هئي يا اهڙو مزدور هوندو هو جيڪو روزگار جي تلاش ۾ سڄي روس جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪڇيندو هجي. جڏهن مس مس اڃا ڪٿي مالدار هاري هوندا هئا جڏهن سڀني کي جاگيردار زميندارن پيڙي ڇڏيو هو.  پر هاڻ روڪ ناڻو خاص طاقت ٿي ويو آهي. هاڻ ته هڪ ئي برادري جا ماڻهو ڏوڪڙ خاطر هڪ ٻئي سان جهنگلي جانورن وانگر وڙهي رهيا آهن. جن هارين وٽ ڏوڪڙ گڏ ٿين ٿا سي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ساٿي هارين کي زميندارن کان ويتر وڌيڪ چيٿاڙين ۽ چيڀاٽين ٿا ۽ سندن ابتي کل لاهين ٿا. اڄ اسان کي جنهن ڳالهه جي ضرورت آهي سا برادري واري ٻڌي نه پر روڪ ناڻي جي خلاف موڙي جي راڄ خلاف هڪ ٻڌي جي- ڳوٺاڻن سمورن پورهيتن جو ۽ مختلف برادرين جي سمورن غريب هارين جي ٻڌي جي. زميندارن ۽ مالدار هارين ٻنهي جي خلاف وڙهڻ لاءِ شهري مزدورن سان ڳوٺاڻن غريبن جي اتحاد جي. اسان ڏسي چڪا آهيون ته زميندار ڪيترا طاقتور آهن. هاڻ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا مالدار هاري ڪيترا آهن ۽ اهي ڪيترو طاقتور آهن.

زميندارن جي طاقت کي اسان انهن جي جاگيرن جي ڊيگهه ويڪر سان انهن جي ملڪيت واري زمين کي ماپيو هو. زميندار پنهنجي زمين آزادي سان منتقل ڪري سگهي ٿو. کيس زمين خريد ڪرڻ وقت ۽ وڪڻڻ جي آزادي هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو ان جي طاقت جو بالڪل صحيح صحيح اندازو زمين جي انهي مقدار مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪا سندس ملڪيت آهي. پر هارين کي اڃا تائين اهو حق مليل نه آهي ته آهي آزادي سان پنهنجي زمين وڪڻي سگهن. اهي اڃا تائين زر خريد هاري آهن، جيڪي پنهنجي ڳوٺ جي برادري سان ٻڌل آهن. انهي ڪري مالدار هارين جي طاقت جو اندازو ان زمين جي مقدار مان نٿو لڳائي سگهجي جيڪا سندس حصي ۾ آيل آهي. مالدار هاري پنهنجي حصي جي زمين مان مالدار نٿو ٿئي. اهي ڳچ زمين خريد ڪري وٺن ٿا، جا دائمي طور خريد ڪري وٺن ٿا (يعني پنهنجي نجي ملڪيت وانگر) ۽ ڪيترن ئي سالن لاءِ (يعني پٽي تي) زميندارن کان به ته پنهنجي ساٿي هارين کان به انهن هارين کان جيڪي زمين ڇڏي هليا وڃن ٿا، انهن کان جيڪي ضرورت کان مجبور هوندا آهن. جيڪي پنهنجي حصي جي زمين مقاطعي تي يا برادريءَ کي مفت ڏيئي ڇڏين. انهي ڪري وڌيڪ صحيح ائين ٿيندو ته مالدار وچولي ۽ غريب هارين کي انهن گهوڙن جي تعداد جي حساب ڪتاب سان الڳ ڪيو وڃي جيڪي انهن جي ملڪيت آهن. اهو هاري جنهن وٽ اڪثر گهڻا گهوڙا هوندا آهن. گهڻو ڪري هميشہ مالدار هوندو. جيڪڏهن هو بار ڍوئڻ وارا گهڻا جانور پالي ٿو ته ان مان پتو پوي ٿو ته هو ڳچ جهڙي زمين پوکي ٿو. هو برادري جي ڏنل پنهنجي حصي واري زمين کان سواءِ ٻي به زمين جو مالڪ آهي. وٽس ڏوڪڙ بچت ڪري رکيل آهن. ان کان سواءِ اسان انهن هارين جي تعداد جو اندازو لڳائي سگهون ٿا جن وٽ سڄي روس ۾ (يورپي روس ۾ جنهن ۾ سائيبريا ۽ قفقاز شامل نه آهن) گهڻا گهوڙا آهن بيشڪ اهو نه وسارڻ گهرجي ته سڄي روس بابت اسان رڳو سراسري واري شڪل ۾ ڳالهه ڪري سگهون ٿا. ڌار ڌار ضلعا ۽ صوبا درجنن جي حساب سان هڪ ٻئي کان الڳ الڳ هوندا آهن. مثال طور شهرن جي آسپاس اسان کي اڪثر اهڙا مالدار هاري ملن ٿا جيڪي پاڻ وٽ گهوڙا تعداد ۾ گهٽ رکن ٿا. انهن مان ڪجهه مارڪٽ لاءِ ڀاڄيون پوکين ٿا جيڪو ڏاڍو نفعي وارو ڪاروبار آهي. ڪي ٻيا اهڙا به ٿين ٿا جيڪي گهوڙا گهٽ ۽ ڍڳيون وڌيڪ پالين ٿا ۽ کير وڪڻن ٿا. روس جي سمورن علائقن ۾ اهڙا به هاري ٿين ٿا جيڪي زمين مان پئسا نٿا ڪمائين پر واپار ڪن ٿا. اهي مکڻ ڪڍڻ؛ ان ڳاهڻ يا ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو ڳوٺن ۾ رهي ٿو سو پنهنجي ڳوٺ يا ضلعي جي مالدار هارين کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو. پر اسان اهو معلوم ڪرڻ گهرون ٿا ته سڄي روس ۾ انهن جو تعداد ڪيترو آهي ۽ اهي ڪيترو طاقتور آهن، ته جيئن غريب هاري اندازو لڳائي سگهن ۽ اکين تي پٽي ٻڌي نه هلن پر کين پنهنجي سڄڻن ۽ ويرين جو صحيح اندازو ٿي وڃي.

ته پوءِ اچو ته اسان ڏسون ته ڇا اهڙن گهوڙن جي ملڪيت جي تعداد جي لحاظ کان مالدار هاري وڌيڪ آهن يا غريب. اسان اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته روس ۾ هاري ڪٽنبن جو ڪل تعداد اٽڪل هڪ ڪروڙ آهي. هاڻي شايد اٽڪل روءِ ڏيڍ ڪروڙ گهوڙا انهن سڀني جي گڏيل ملڪيت آهن (اٽڪل 14 سال اڳ انهن جو تعداد هڪ ڪروڙ 70 لک هو پر هاڻ گهٽ ٿي ويو آهي) اهڙي طرح سراسري طور هن ڏهن خاندانن وٽ پندرهن گهوڙا آهن. پر ڳالهه ئي سڄي اها آهي ته انهن مان ڪن وٽ جيڪي تمام گهٽ آهن ته تمام گهڻا گهوڙا آهن جڏهن ته ٻين وٽ جيڪي تمام گهڻا آهن، ته گهوڙا آهن ئي ڪونه يا ڪي ٿورا آهن. گهٽ ۾ گهٽ 30 لک هاري اهڙا آهن جن وٽ هڪ به گهوڙو نه آهي. اٽڪل 35 لک اهڙا آهن جن وٽ هڪ گهوڙو آهي اهي سڀ يا ته بدحال يا تمام غريب هاري آهن انهن کي اسين ڳوٺاڻا غريب چئون ٿا. ڪل هڪ ڪروڙ مان انهن جو تعداد 65 لک آهي يا ائين کڻي چئجي ته اٽڪل ٽن حصن مان ٻه حصا. ان کان پوءِ وچولو هاري اچي ٿو جن مان هر هڪ وٽ گهوڙن جي جوڙي آهي. انهن هارين جو تعداد اٽڪل 20 لک گهراڻا ٿيندو. ۽ انهن مان پاڻ ۾ ملائي اٽڪل 40 لک گهوڙا اهن. پوءِ مالدار هاري اچن ٿا جن ۾ هر هڪ وٽ گهوڙا هڪ جوڙيءَ کان وڌيڪ آهن. اهڙن جو تعداد 15 لک گهراڻا آهن. پر انهن وٽ پاڻ ۾ سڀ ملائي 75 لک گهوڙا آهن.* اهڙي طرح ڪل گهراڻن مان اٽڪل ڇهين حصي وٽ گهوڙن جي ڪل تعداد مان اڌ آهي.

هاڻي جڏهن اسان کي اهو معلوم ٿي ويو آهي ته** مالدار هارين جي ڪل تعداد جو اسان چڱو خاصو صحيح اندازو لڳائي سگهون ٿا. سي تعداد ۾ اهي تمام ٿورا آهن. مختلف برادرين ۽ وولوسٽن ۾ ڪل ملائي اهي هر سؤ ڪٽنبن مان ڏهه کان 20 تائين ٿيندا، پر اهي چند ڪٽنب سڀ کان وڌيڪ مالدار آهن. سڄي روس کي اسان جيڪڏهن ڏسون ته انهن وٽ گهڻو ڪري ايترائي گهوڙا آهن جيترا باقي ٻين ڪل هارين وٽ. ان جي معني اها آهي ته انهن جي فصل واريءَ زمين به سمورن هارين جي فصل جي ڪل زمين جي قريب قريب اڌ جيتري ٿيندي. اهڙي قسم جا هاري پنهنجي ڪٽنب جي ضرورتن کان گهڻو وڌيڪ ان پيدا ڪري وٺن ٿا. اهي اناج وڏي مقدار ۾ وڪڻي ڇڏين ٿا. اهي اناج رڳو انهي لاءِ نٿا اپائين ته کين پنهنجي کائڻ لاءِ ملي وڃي، پر اهي خاص ڪري ان لاءِ اپائين ٿا ته اهو وڪڻي وڌيڪ ڏوڪڙ گڏ ڪن. اهڙي قسم جا هاري روڪ ناڻو بچائي سگهن ٿا. جيڪا بچت بئنڪن ۾ جمع ڪرائيندا رهن ٿا. اهي زمين پوري طرح خريد ڪري وٺن ٿا. اسان مٿي ٻڌائي چڪا آهيون ته سڄي روس ۾ هاري هر سال ڪيتري زمين خريد ڪن ٿا. قريب قريب اها سموري زمين ننڍي مالدار هارين وٽ وڃي ٿي. ڳوٺ جو غريب ته زمين خريد ڪرڻ بابت سوچي به نٿو سگهي. هن وٽ اها ايتري ئي ٿيندي آهي جو ان مان هو پنهنجي کائڻ پيئڻ جي ضرورت مطابق حاصل ڪري سگهي. اڪثر هن وٽ روڪ ڏوڪڙ ايترا به نه هوندا آهن جو اناج خريد ڪري، زمين جو ذڪر ئي ڪهڙو. تنهن ڪري بئنڪ ۽ خاص ڪري هارين جون بئنڪون، سموريون ئي هارين نه (جيئن ڪڏهين اهي ماڻهو لٻاڙ هڻن ٿا جيڪي هارين کي دوکو ڏيڻ گهرن ٿا يا اهي ماڻهو جيڪي نهايت سادا ۽ سٻاجهڙا آهن) پر هارين جي تمام معمولي تعداد کي رڳو مالدار هارين کي زمين خريد ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. انهي ڪري هارين جا بدديانت صلاحڪار جن جو ذڪر اسان اڳ ڪري آيا آهيون، جڏهن اهو چون ٿا ته زمين هاري خريد ڪري رهيا آهن، ۽ اهو ته زمين سرمائي کان پورهئي ڏي وڃي رهي آهي، ته اهو ڪوڙ ڳالهائين ٿا. پورهئي وٽ يعني غريب پورهيت وٽ زمين هرگز نٿي وڃي سگهي ڇاڪاڻ ته زمين جي قيمت ته روڪ پئسن ۾ چڪائڻي پوندي آهي ليڪن غريبن وٽ روڪ پئسا ته فالتو ڪڏهن ٿين ئي ڪونه. زمين ته رڳو مالدار، پئسي وارن هارين وٽ، سرمائي وارن وٽ، انهن ماڻهن وٽ ئي پهچي سگهي ٿي جن جي خلاف ڳوٺن جي غريبن کي شهري مزدورن سان عملي طور گڏجي وڙهڻ گهرجي.

مالدار هاري نه رڳو هميشہ لاءِ زمين خريد ڪري وٺن ٿا پر ڪجهه سالن لاءِ پڻ زمين وٺن ٿا. پٽي تي اهي وڏا وڏا ٽڪر مقاطعي تي وتي غريبن کي زمين وٺڻ کان روڪي وٺن ٿا. مثال طور پولٽاوا جي صوبي ۾ هڪ ضلعي اندر (ڪونستنتينو گراڊ)  ان زمين جو ليکو ڪيو ويو آهي جيڪا مالدار هارين مقادي تي ورتي آهي. اسان ڇاٿا ڏسون ته ان جو تعداد جن في ڪٽنب 30 ڊيسياٽن يا ان کان گهٽ زمين مقادي تي ورتي آهي تمام گهٽ آهي. هر 15 ڪٽنبن مان صرف 2 پر انهن مالدار هارين کي مقاطعي تي ڏنل سموري زمين اڌ تي هٿ صاف ڪيا ۽ انهن مان هر هڪ وٽ سراسري طور 75 ڊيسياٽن مقاطعي جي زمين آهي يا ”تاوريدا“ صوبي کي وٺو جتي اهو حساب لڳايو ويو هو ته ”مير“ جي ذريعي، هر ڳوٺ جي برادري جي ذريعي رياست کان جيڪا زمين هارين مقاطعي تي ورتي ان مان ڪيتري مالدارن هٿ ڪئي هئي. معلوم ٿيو ته مالدارن جيڪي ڪل ڪٽنبن مان صرف پنجون حصو هئا. مقاطعي تي ڏنل زمين جو 4/3 حصو قبضي ۾ ڪيو هو. هر هنڌ زمين روڪ پئسن جي لحاظ کان ورهائجي وڃي ٿي ۽ صرف ٿورن مالدارن وٽ ئي روڪ پئسا هوندا آهن.

ان کان علاوه هاڻي ڪيتري زمين خود هاري ئي مقاطعي تي ڏيئي ڇڏين ٿا. پنهنجي حصي جي زمينن کي ماري انهي ڪري ڇڏي ڏين ٿا جو انهن وٽ چوپايو مال نه هوندو آهي، ٻج نه هوندو آهي، ڪجهه به نه هوندو آهي جنهن سان هو پنهنجو ٻني ٻارو هلائين. اڄ روڪ پئسا نه هجن ته زمين به ڪنهن ڪم جي نه آهي. مثال طور ”نوآوزينڪسئي“ ضلعي ۾ جيڪو سمارا صوبي ۾ آهي هر ٽي مالدار هاري ڪٽنبن مان هڪ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه، اهڙا ملن ٿا جن پاڻ پنهنجي برادريءَ ۾ يا ڪنهن ٻيءَ برادريءَ ۾ زمينون مقاطعي تي ورتيون آهن جيڪي هارين کي سندن حصي ۾ ڏنيون ويون هيون، حصي جون زمينون اهي ماڻهو مقاطعي تي ڏئي ڇڏن ٿا جن وٽ گهوڙا نه هوندا آهن يا رڳو هڪ گهوڙو هوندو آهي. تاوريدا صوبي ۾ 3/1 تائين هاري خاندان پنهنجي حصي جون زمينون مقاطعي تي ڏيئي ڇڏين ٿا، هارين جي حصي ۾ آيل زمينن مان 4/1 يعني 2 لک 50 هزار ڊيسياٽن (پنجن مان ٽي حصا) مالدار هارين وٽ مقاطعي تي ورتل آهن! ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ”مير“ جي برادري جي ٻَڌي مان غريبن کي ڪو فائدو آهي يا نه، ڳوٺ جي برادريءَ ۾ جن وٽ روڪ پئسا آهن- انهن وٽ طاقت ٿئي ٿي، اسان کي جنهن شيءِ جي ضرورت آهي سا سمورين برادرين جي غريبن جو اتحاد آهي.

زمين خريد ڪرڻ ۾ جيئن ٿئي ٿو تيئن هر فصل لڻڻ جي اوزارن ۽ ٻني ٻاري جي قسمين قسمين سڌريل اوزارن جي سستي اگهن تي خريد ڪرڻ جي ڳالهين سان به هارين کي دوکو ڏنو وڃي ٿو. زيميستوو [9] جون ۽ امداد باهمي جا دڪان کوليا وڃن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته، ٻني ٻاري جا سٺا اوزار هارين جي حالت کي بهتر ڪري ڇڏيندا. اهو رڳو دوکو آهي. ٻني ٻاري جا اهي سمورا سڌريل اوزار هميشہ مالدارن وٽ وڃن ٿا. غريب کي جيڪو هٿ لڳي ٿو سو نه هجڻ جي برابر هوندو آهي. هر ۽ فصل لڻڻ جا اوزار خريد ڪرڻ ڳالهه اهي سوچي نٿا سگهن، کين جسم ۽ جان کي گڏ رکڻ لاءِ هونئن به گهڻو ڪجهه ڪرڻو هوندو آهي! ”هارين جي مدد ڪرڻ“ جي ان قسم جون سموريون اٽڪلون مالدارن کي مدد ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هونديون آهن، جيستائين غريب جنتا جو واسطو آهي جنهن کي نه زمين هوندي آهي نه ڍور، نه وقت سر ڪم اچڻ وارن اوزارن جو ذخيرو انهن کي انهيءَ ڳالهه مان ڪو فائدو نه ٿيندو ته بهترين اوزار سستن اگهن تي ملندا. هڪ مثال وٺو سمارا صوبي جي هڪ ضلعي ۾ ٻني ٻاري جي سمورن سڌريل اوزارن جي ڳڻپ ڪئي ويئي ته ڪيترا غريب آهن ۽ ڪيترا مالدار هارين وٽ، پتو پيو ته سمورن ڪٽنبن مان پنجين حصي وٽ. يعني سڀ کان وڌيڪ خوشحال ڪٽنبن وٽ سڌريل اوزارن جو ذري گهٽ چئن حصن مان ٽي حصا آهن. جڏهن ته غريب هارين وٽ يا اڌ ڪٽنبن وٽ صرف ٽيون حصو. ڪل 28 هزار ڪٽنبن مان ڏهه هزار اهڙا هئا جن وٽ ڪو گهوڙو نه هو يا هڪ گهوڙو هو. انهن ڏهه هزار ڪٽنبن مان پوک جا سڌريل اوزار صرف ستن وٽ هئا. جڏهن ته انهيءَ ضلعي ۾ انهن اوزارن جو ڪل تعداد 5724 هو جيڪو سمورن هارين جي ملڪيت هو. 5724 مان ست ٻني ٻاري جي انهن سمورن اوزارن مان انهن هرن ۽ فصل لڻڻ جي اوزارن جي تعداد وڌڻ ۾ جن مان ”سمورن هارين کي“ مدد ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا آهن ڳوٺن جي غريب جو حصو بس ايترو آهي! ”هارين جي فارمن جي سڌاري“ جي جيڪي ماڻهو ڳالهيون ٺاهين ٿا انهن سان ڳوٺن جا غريب بس اهائي اميد رکي سگهن ٿا.

آخر ۾ مالدار هارين جي هڪ خاص ڳالهه اها هوندي آهي جو اهي کيت مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي پاڻ وٽ پورهئي تي رکندا آهن. زميندارن وانگر مالدار هاري به پرائي پورهئي تي زندگي بسر ڪن ٿا. زميندارن وانگر اهي به انهي ڪري مالدار ٿي وڃن ٿا جو عام هاري جنتا اڃا ڪنگال ٿي وڃي ٿي. زميندارن وانگر اهي به ڪوشش ڪن ٿا ته پنهنجي کيت مزدور کي نپوڙي جيترو وڌيڪ ٿي سگهي اوترو وڌيڪ پورهيو ڪرائين ۽ کين جيتري گهٽ ٿي سگهي اوتري گهٽ مزدوري ڏين. جيڪڏهن لکين هاري ماڳهن برباد نه ٿي وڃن ها ۽ ٻين لاءِ ڪم ڪرڻ تي، آجر ٿي مزدور بنجڻ تي، پنهنجي پورهئي واري قوت وڪڻڻ تي مجبور نه ٿي وڃن ها ته مالدار هاري موجود نه هجن ها. اهي پنهنجي ٻني ٻاري جو ئي ڪاروبار هلائي ئي نه سگهن. تڏهن زمين جا اهي حصا ڪو ”ڇڏي“ نه وڃي ها جن کي اهي چونڊين ٿا. ڪو مزدور نه هجي ها جنهن کي اهي مزدوري تي حاصل ڪن ها. سڄي روس ۾ 15 لک مالدار هاري گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک کيت مزدورن ۽ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدورن کان ته مزدور ئي ڪم ڪرائيندا هوندا. ظاهر ڳالهه آهي ته جائداد وارن ۽ بي جائداد وارن جي وچ ۾، مالڪن ۽ مزدورن جي وچ ۾، بورجوازي ۽ پرولتاريه جي وچ ۾ زبردست جدوجهد ۾ مالدار هاري مزدور طبقي جي خلاف جائداد وارن جي ئي طرفداري ڪندا.

هاڻ اسان کي مالدار هارين جي حيثيت ۽ طاقت جي باري ۾ معلوم ٿي ويو، اچو ته هاڻ ڳوٺن جي غريبن جي حالت تي غور ڪريون.

اسان اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته ڳوٺن ۾ غريبن جي ڳري اڪثريت آهي، سڄي روس ۾ هاري خاندانن جو اٽڪل 2 ڀاڱي 3 حصو. پهرين ڳالهه اها ته جن ڪٽنبن وٽ هڪ به گهوڙو نه آهي، انهن جو تعداد 30 لک کان گهٽ نٿو ٿي سگهي اڄ شايد ان کان به وڌيڪ هجي. ممڪن آهي 45 لک هجي. هر ڏڪار سان، فصل جي خراب ٿيڻ تي هر ڀيري هزارين ٻنيون برباد ٿي وڃن ٿيون. آبادي وڌي ٿي وڌيڪ ڳتيل ٿي وڃي ٿي پر بهترين قسم جون زمينون زميندار ۽ مالدار هاري قبضي هيٺ ڪري ڇڏيندا آهن، ته اهڙي طرح هر سال وڌ ۾ وڌ ماڻهو تباهه ۽ برباد ٿين ٿا. شهرن ۾ ۽ فيڪٽرين ۾ هليا وڃن ٿا. کيت مزدورن وانگر ڪم ڪرڻ لڳن ٿا يا غير هنرمند مزدور ٿي وڃن ٿا، جنهن هاري وٽ گهوڙو نه آهي سو اهڙو هاري آهي جنهن وٽ مال اسباب ڪجهه نه رهيو هجي اهو پرولتاري هوندو آهي، هو زندگي گذارڻ لاءِ (جيڪڏهن توهان ان کي زندگي بسر ڪرڻ چئو، اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته جسم ۽ جان جو رشتو قائم رکڻ لاءِ هو ڪانه ڪا اٽڪل ڳولي ڪڍي ٿو) زمين مان جيڪي ڪجهه حاصل نٿو ڪري پنهنجي ٻني مان نه، پر مزدوري تي ڪم ڪري ٿو. هو شهر جي مزدور جو ڀاءُ بڻجي ٿو. زمين به ان هاريءَ جي ڪم نٿي اچي جنهن وٽ گهوڙو نه هجي. جن هارين وٽ گهوڙو نه هوندو آهي انهن مان اڌ پنهنجي حصي جي زمينن کي مقاطعي تي ڏيئي ڇڏين ٿا. ڪجهه ته برادري کي مفت واپس ڪري ڇڏين ٿا. (۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مالگذاري به ڏين ٿا) ڇاڪاڻ ته پنهنجي زمين ڪاهڻ لاءِ سندس حيثيت نه هوندي آهي، جنهن هاريءَ وٽ گهوڙو نه هوندو سو هڪ ڊيسياٽن تي کيڙي ڪري ٿو يا وڌ ۾ وڌ ٻن تي، ان کي هميشہ اناج خريدڻو پوي ٿو. (جيڪڏهن خريد ڪرڻ لاءِ وٽس پئسا هجن ته) سندس پنهنجو فصل ضرورت لاءِ ڪڏهن به ڪافي نه هوندو آهي. جن هارين وٽ هڪ گهوڙو هوندو آهي ۽ جن جو تعداد سڄي روس ۾ 35 لک ڪٽنب آهي، ڪنهن گهڻي سٺي حالت ۾ نه آهن، بيشڪ ان کان الڳ ڳالهه به هوندي آهي ۽ اسان اڳ ۾ ئي چئي آيا آهيون ته ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙا هاري به ٿين ٿا جن وٽ گهوڙو ته هڪ ئي هوندو آهي پر اهي وچولي درجي جا خوشحال هوندا آهن. يا مالدار هوندا آهن. پر اسان ايڪڙ ٻيڪڙ جي ڳالهه نٿا ڪريون نه الڳ الڳ جاين جي، پر ٿلهي ليکي روس جي ڳالهه پيا ڪريون. جيڪڏهن هڪ گهوڙي وارن سمورن هارين کي وٺون ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي ڪنگالن جو هڪ ميڙ ٿيندو. زراعتي صوبن ۾ به هڪ گهوڙي وارو هاري رڳو 3 يا 4 ڊيسياٽن تي کيڙي ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پنجن تي. سندس فصل به سڄي ضرورت لاءِ ڪافي نه هوندو آهي. فصل سٺو به ٿئي تڏهن به سندس کائڻ پيئڻ ان هاري کان سٺو نه هوندو آهي جنهن وٽ گهوڙو نه آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو هميشہ بک کان گهٽ کائي ٿو، ۽ هميشہ لنگهڻ ڪاٽي ٿو. سندس ٻني ٻاري تي بربادي ڇانيل رهي ٿي. سندس ڍور ڏٻرا رهن ٿا. چاري جي ڪمي رهي ٿي انهن جي حالت ڪڏهن به اهڙي نه هوندي آهي جو پنهنجي زمين تي پوري طرح پوک ڪري سگهي.

هڪ گهوڙي وارو هاري پنهنجي ٻني ٻاري تي (چاري تي ٿيندڙ خرچ کي ڪڍي) مثال طور وورونيز جي صوبي ۾ سڄي سال ۾ ويهه روبل کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي! مالدار هاري ان کان ڏهوڻو وڌيڪ خرچ ڪري ٿو) ويهه روبل سالياني ڍل لاءِ، ڍور وٺڻ لاءِ، ڪاٺ جو هر ۽ ٻني ٻاري جي ٻين اوزارن جي مرمت لاءِ، ڌنار جي مزدوري ڏيڻ لاءِ ۽ باقي ٻين سمورن خرچن لاءِ! ان کي توهان ٻني ٻارو چوندا؟ اها ته نسوري مصيبت آهي، مشقت، عمر ساري جي بدحالي! قدرتي ڳالهه آهي ته جن هارين وٽ هڪ گهوڙو آهي انهن مان ڪجهه ٻيا اهي گهٽ نه آهن پنهنجي حصي جي زمين کي مقاطعي تي ڏيئي ڇڏين ٿا. زمين به ڪنگال جي ڪنهن ڪم نٿي اچي. وٽس پئسا نه هوندا آهن ۽ زمين به کيس کائڻ جيترو به پورو نٿي ڏئي، پئسن جي ته ڳالهه ئي الڳ رهي، پر روڪ پئسن جي ضرورت هر چيز لاءِ هوندي آهي: کاڌي خوراڪ لاءِ ڪپڙي گنديءَ لاءِ، ٻنيءَ لاءِ، ڍل ڏيڻ لاءِ. وورونيز جي صوبي ۾ هڪ گهوڙي واري هاري کي عام طور رڳو ٽيڪسن جا سڄي سال ۾ اٽڪل 18 روبل ڀرڻا پوندا آهن، ٻيا پنهنجا سمورا خرچ پکا پورا ڪرڻ لاءِ هو سڄي سال ۾ 75 روبل کان وڌيڪ نٿو ڪمائي. اهڙين حالتن ۾ زمين خريد ڪرڻ جي باري، زراعت جي سڌريل اوزارن بابت، زرعي بئنڪن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ نسوري ٺٺول آهي. اهي سموريون شيون ته غريب لاءِ ايجاد ئي نه ٿيون هيون.

هاري پئسا ڪٿان کان آڻي؟ کيس ”آمدني“ هتان هتان ڳولڻي پوندي آهي ۽ هڪ گهوڙي وارو هاري به اهڙي طرح ئي آهي جهڙو هڪ گهوڙو نه آهي. هو آمدني جي مدد سان ئي جيئن تيئن ڪري هو زندگي جا ڏينهن ڪاٽي ٿو. پر آمدني جي معنيٰ ڇا آهي؟ ان جي معنيٰ آهي ٻين لاءِ ڪم ڪرڻ، مزدوريءَ تي ڪم ڪرڻ. جنهن جي معنيٰ اهائي ته هڪ گهوڙي وارو هاري خود مختيار آبادگار اڌ ئي رهجي وڃي ٿو ۽ هو اجرت تي ڪم ڪندڙ ٿي وڃي ٿو پرولتاري ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح هاري نيم پرولتاري ڪوٺجن ٿا. اهي به شهري مزدورن جا ڀائر هوندا آهن ڇاڪاڻ ته هر قسم جا مالڪ انهن کي هر طرح سان ڪوڙين ٿا. انهن لاءِ بچي نڪرڻ جو ڪو رستو نه هوندو آهي. ڪا نجات نه هوندي آهي سواءِ انهي جي ته سموري مالدارن، سمورن جائيداد رکندڙن سان وڙهڻ لاءِ سوشل ڊيموڪريٽن سان اتحاد قائم ڪري وٺن. ريلن جي اڏاوت تي ڪير ڪم ڪري، ٺيڪيدار ڪنهن جو استحصال ڪري ٿو؟ ڪاٺ وڍڻ ۽ ڪاٺ ڍوئڻ جو ڪم ڪير ڪرڻ وڃي ٿو. کيت مزدور وانگر ڪير ڪم ڪري ٿو يا ڏهاڙي ڪمائيندڙ ڪير ٿئي ٿو. شهرن ۾ بندرگاهن ۾ غير هنرمند ٿي ڪري ڪم ڪير ٿو. اهو هميشہ ڳوٺن جو غريب ئي هوندو آهي، هڪ گهوڙي وارو هاري يا اهو هاري جنهن وٽ ڪو گهوڙو نه هوندو آهي. اهي هميشہ ڳوٺاڻا پرولتاري يا اڌ پرولتاري هوندا آهن ۽ روس ۾ انهن جو وڏو تعداد آهي حساب لڳايو ويو آهي ته سڄي روس ۾ (جنهن ۾ ڪفقاز ۽ سائيبيريا شامل نه آهن) ڳوٺ ڇڏي وڃڻ لاءِ سال ۾ 80 ۽ ڪڏهن ڪڏهن 90 لک تائين اجازت ناما گهريا وڃن ٿا. اهي سڀ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ويندڙ مزدورن جا هوندا آهن اهي رڳو نالي جا هاري هوندا آهن. درحقيقت اهي مزدور هوندا آهن. اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور انهن سڀني کي شهري مزدورن سان گڏجي هڪ ٿي وڃڻ گهرجي، ۽ روشنيءَ لاءِ علم جو هر ڪرڻو جيڪو ڳوٺن ۾ پهچندو سو انهيءَ ايڪي ۽ ٻڌي کي پڪو ۽ پختو ڪندو.

آمدني بابت هڪ ڳالهه ٻي به آهي جنهن کي وسارڻ نه گهرجي. ڪامورا ۽ اهي سمورا ماڻهو جيڪي ڪامورن وانگر سوچين ٿا اهو چوڻ مان نٿا ڍاپن ته هارين کي ٻن شين جي ”ضرورت“ هوندي آهي نه زمين جي (پر گهڻي نه، ان کان سواءِ وڌيڪ کيس ملي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته مالدار اڳ ئي سڄي کي ڳڙڪائي چڪا هوندا آهن!) ۽ آمدني جي انهي ڪري هو چون ٿا ته ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌيڪ ڌنڌا شروع ڪيا وڃن ته جيئن ”آمدني مهيا ڪري سگهجي“ اهي سڀ خواه مخواه جون ڳالهيون آهن. غريبن لاءِ آمدني جي معنيٰ آهي اجرت تي مزدوري. هارين لاءِ ”اجرتون مهيا ڪرڻ“ جي معنيٰ! اها ٿي ته هن کي اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور ۾ تبديل ڪرڻ ڪهڙي عمدي مدد آهي! اها مالدار هارين لاءِ ٻئي قسم جون ”آمدنيون“ آهن. جن لاءِ سرمائي جي ضرورت هوندي آهي. مثال طور اٽي جي چڪي لڳائڻ يا ڪو ٻيو ڪارخانو لڳائڻ، ان ڳاهڻ جي مشين خريد ڪرڻ، واپار ڪرڻ ۽ اهڙا ٻيا ڌنڌا. مالدار ماڻهن جي آمدنين کي اجرتي مزدور جي آمدني سان گڏ سڏ ڪرڻ جي معنيٰ غريب کي دوکو ڏيڻ آهي. اهو دوکو ظاهر آهي ته اميرن جي فائدي جي ڳالهه آهي. انهن جو فائدو ئي انهي ۾ آهي ته اهو ظاهر ڪيو وڃي ته هر قسم جي آمدنين جا رستا سمورن هارين لاءِ کليل آهن ۽ انهن جي پهچ ۾ آهن پر اهي جيڪي غريبن جي ڀلي جي سچ پچ پرواه ڪن ٿا سڄي ڳالهه سچي ڪري ٻڌائيندو ۽ سچ کان سواءِ ڪجهه نه چوندو.

هاڻ وچولي هاريءَ تي غور ڪرڻ باقي آهي. اسان اڳ ئي ڏسي چڪا آهيون ته سڄي روس کي جيڪڏهن وٺو ته سراسري طور وچولو هاري اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي جنهن وٽ گهوڙن جو هڪ جوڙو هجي ۽ اهڙي طرح ڪل جوڙ ڪري هڪ ڪروڙ ڪٽنبن مان ملڪ ۾ ويهه لک وچولا هاري گهراڻا آهن. وچولو هاري، مالدار هاري ۽ پرولتاري جي وچ ۾ هوندو آهي. ۽ انهي ڪري ان کي وچولو هاري چون ٿا. سندس زندگي جو معيار به وچولي درجي جو هوندو آهي. سٺي سال ۾ سندس چڱو گذران ٿي وڃي ٿو پر غريبي هميشہ سندس در کڙڪائيندي رهندي آهي. وٽس بچت ڪيل ٿورو ڪي هوندو آهي يا ماڳهين هوندو ئي نه آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس ٻني ٻارو نازڪ حالت ۾ رهندو آهي. پئسي پنجڙ حاصل ڪرڻ ۾ کين ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي. ورلي ڪو ائين ٿيندو آهي ته کيس پنهنجي ٻني مان پئسو پنجڙ سندس ضرورتن مطابق ملي وڃي ۽ جيڪڏهن ملندو به آهي ته بس ايترو ئي جيڪو پورائو ٿي وڃي. آمدني لاءِ ڪٿي ٻاهر وڃڻ جي معنيٰ اها ٿئي ٿي ته ٻني تان ڌيان هٽايو وڃي ۽ پوءِ ته سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، پوءِ به گهڻن وچولن هارين لاءِ آمدني حاصل ڪرڻ جو خيال ڇڏي ڏيڻ ممڪن نه هوندو آهي. انهي کي به پورهئي تي ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ضرورت کين مجبور ڪندي آهي ته زميندار جي پائبندي ۾ هلن، قرض ۾ ڦاسي پوي ۽ هڪ دفعو جيڪڏهن وچولو هاري قرضي ٿي وڃي ته پوءِ ان جنجال مان نڪرڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڇاڪاڻ مالدار هاري جي ابتڙ سندس آمدني هميشہ هڪ جهڙي نه ٿئي. انهي ڪري جيڪڏهن هو هڪ دفعو قرضي ٿيو ته بس سمجهو ته هن پنهنجي ڳچيءَ ڳٽ وجهي ڇڏيو. هو تيستائين قرضي ئي رهندو جيستائين صفا برباد نه ٿي وڃي. گهڻو ڪري وچولو هاري ئي زميندار وٽ ڦاسي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيت تي ڪم ڪرڻ لاءِ زميندار کي اهڙو هاري کپي جنهن وٽ گهوڙن جو هڪ جوڙو ۽ اهڙيون سموريون شيون موجود هجن جيڪي ٻني ٻاري لاءِ گهربل ٿين ٿيون. وچولي هاري لاءِ آمدني جي ڳولا ۾ نڪرڻ ايترو آسان نٿو ٿئي تنهن ڪري هو اناج جي عيوض چراگاه جي زمين استعمال ڪرڻ جي بدلي، ڪٽيل زمينن جي پٽي جي بدران زميندار جي غلامي ۾ هليو وڃي ٿو. زميندار ۽ ڪولڪ کان سواءِ وچولي هاري کي مالدار پاڙيسري به خوب دٻائي ٿو جيڪو هميشہ ڏسندي ئي سندس زمين جهٽي وٺي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح کيس نپوڙڻ جو ڪو وجهه هٿان وڃڻ نٿو ڏئي. اهڙي هوندي آهي وچولي هاري جي زندگي. هو نه هنس هوندو آهي نه ڪانگ. هو نه ته مالڪ بڻجي سگهي ٿو ۽ نه وري مزدور. سمورا وچولا هاري مالڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو جائداد جا مالڪ ٿيڻ چاهين ٿا پر ڪي ٿورائي ڪامياب ٿين ٿا. ڪي اهڙا ٿين ٿا، اهي ٿورائي هوندا آهن جيڪي کيت مزدورن کي يا ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪندڙن کي رکن ٿا. پرائي پورهئي تي مالدار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٻين جي ٻني تي سوار ٿي دولتمندي جي اوچائي تائين پهچڻ گهرن ٿا. ليڪن وچولي هارين جي اڪثريت وٽ روڪڙ هوندي ئي نه آهي جنهن سان مزدورن کي اجرت تي رکن. اصل ڳالهه ته اها آهي ته کين خود ئي اجرت تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

جتي به اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾، جائداد جي مالڪن ۽ مزدورن جي وچ ۾ جدوجهد شروع ٿئي ٿي. وچولو هاري وچ ۾ ئي رهجي وڃي ٿو. هو فيصلو نه ڪري سگهندو آهي ته ڪنهن جي طرفداري ڪري. مالدار کيس پاڻ ڏي سڏي ٿو. چوي ٿو ته تون به مالڪ آهين، جائداد وارو آهين سڃن مزدورن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو. پر مزدور چون ٿا ته مالدار توکي بيوقوف بنائيندا، ڦريندا، تنهنجي نجات سواءِ ان جي ٻي ڪنهن ۾ ناهي ته سمورن مالدارن جي خلاف اسان جي لڙائي ۾ اسان جي مدد ڪرين، وچولي هاري کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ، اها لڙائي هر هنڌ سمورن ملڪن ۾ جتي به سوشل ڊيموڪريٽي مزدور پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ وڙهي رهيا آهن ٿي رهي آهي. روس ۾ اها لڙائي اڃا مس مس شروع ئي ٿي آهي. اسان کي معاملي جو ڏاڍي غور سان اڀياس ڪرڻ گهرجي ۽ انهن دوکن کي چڱي پر سمجهڻ گهرجي جيڪي وچولي هاري کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ مالدار ماڻهو ڏين ٿا. اسان کي سکڻ گهرجي ته انهن فريبن جو ڀانڊو ڪيئن ڦوڙجي ۽ وچولي هاري کي پنهنجي اصلي سنگتي ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن روسي سوشل ڊيموڪريٽي ڪارڪن فورن ئي صحيح رستو وٺن ته اسان ڳوٺاڻن مزدورن ۽ شهري مزدورن جي وچ ۾ مضبوط عملي اتحاد پنهنجي ساٿين جرمن مزدورن کان وڌيڪ جلدي قائم ڪري وٺنداسين ۽ پورهيتن جي سمورن دشمنن جي خلاف جلدي جيت ماڻينداسين.


* اسان وري چوڻ گهرون ٿا ته جن انگن اکرن جو حوالو ڏنو ويو آهي سي اٽڪل روءِ ۽ سراسري وارا انگ آهن.

** مالدار هارين جو صحيح تعداد ممڪن آهي پورو 15 لک نه هجي پر 12 لک 5 هزار هجي يا 17 لک 50 هزار هجي يا ايتري قدر جو 20 لک هجي. اهو ڪو وڏو فرق نه آهي. هتي اها ڳالهه اهم نه آهي ته انهن جي ڳڻپ آخري هزار يا آخري لک تائين صحيح ٿئي، پر مالدار هارين جي طاقت ۽ حالت کي محسوس ڪرڻ آهي ته جيئن اسان پنهنجي دشمنن ۽ دوستن کي سڃاڻي سگهون ته جيئن اسان پرين جي ڪهاڻين ۽ خالي پيلي ڳالهين سان پنهنجي پاڻ کي دوکي ۾ اچڻ نه ڏيون پر غريبن جي حالت ۽ مالدارن جي حالت جو صحيح حساب لڳائي سگهون.

ڳوٺ جي هر ڪارڪنن کي گهرجي ته پاڻ پنهنجي وولوسٽ ۽ پنهنجي پاڙيسري وولوسٽ جو پوري ڌيان سان اڀياس ڪري. هو ڏسندو ته اسان ڳڻپ صحيح ڪئي آهي ۽ اهو ته سراسري هر هنڌ ساڳي حالت هوندي. هر سئو گهراڻن مان ڏهه يا وڌ ۾ وڌ ويهه مالدار ڪٽنب هوندا. ويهه وچولا هاري ۽ باقي سڀ غريب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org