سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:غريب ڳوٺاڻن سان ڳالهيون

باب: --

صفحو :1

غريب ڳوٺاڻن سان ڳالهيون

اڪبر مغل

شهري مزدورن جي جدوجهد

شهرن جي مزدورن جي بيچيني بابت گهڻو ڪري هارين ٻڌو هوندو. انهن مان ڪن پاڻ به گاديءَ وارن هنڌن ۾ ۽ فيڪٽرين ۾ وڃي اهو ڏٺو هوندو، جنهن کي پوليس فساد ڪوٺي ٿي. ڪجهه ٻيا انهن مزدورن کي ڄاڻندا هوندا جيڪي انهيءَ بي چيني سان واسطو رکندا هئا ۽ جن کي حاڪمن شهرن مان نيڪالي ڏيئي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏي واپس موڪلي ڇڏيو آهي. ڪي اهڙا به هوندا، جن اهي اشتهار ڏٺا هوندا جيڪي مزدورن جاري ڪيا هئا يا اهي ڪتابڙا جيڪي مزدورن جي باري ۾ ڪڍيا ويا هئا. ٻيا ڪي اهڙا به هوندا جن انهن ماڻهن جي واتان جيڪي شهر مان ٿي آيا هوندا اتي جي واقعن بابت ڳالهيون ٻڌيون هونديون.

اڳي ته رڳو شاگرد بغاوت ڪندا هئا، پر هاڻ هزارين لکين مزدور سمورن وڏن شهرن ۾ اٿي گڏ ٿيا آهن. گهڻو ڪري ائين ٿو ٿئي ته اهي پنهن جي مالڪن جي خلاف يعني فيڪٽرين جي مالڪن ۽ سرمائيدارن جي خلاف وڙهن ٿا. مزدور هڙتالن جو اعلان ڪري ويهن ٿا ڪنهن فيڪٽري جا سمورا مزدور هڪ ئي وقت ڪم بند ڪري ڇڏين ٿا ۽ وڌيڪ اجوري (پگهارن) جي گهر ڪن ٿا، ۽ اهو پڻ مطالبو ڪن ٿا ته ڪم روزانو ڏهه يا يارهن ڪلاڪ نه پر صرف اٺ ڪلاڪ ورتو وڃي. مزدور ٻين ڳالهين جي پڻ گهر ڪن ٿا ته ڪم وارين جاين جون اندروني حالتون بهتر ڪيون وڃن ۽ خاص سهوليتون مهيا ڪري مشينن کي اهڙي طرح محفوظ ڪيو وڃي جو اهي مزدورن کي اپاهج نه ڪري سگهن. اهي چاهين ٿا ته سندن ٻار اسڪولن ۾ پڙهي سگهن ۽ بيمارن جو علاج اسپتالن ۾ سٺي نموني ڪيو وڃي. اهي چاهين ٿا مزدورن جا گهر جانورن جي وٿاڻن ۽ ڪڪڙين جي کڏين وانگر نه پر انسانن جي رهڻ جهڙا هجن. پوليس مزدورن کي گرفتار ڪري کين جيلن ۾ بند ڪندي آهي.

مزدورن جي جدوجهد ۾ پوليس پڻ مداخلت ڪندي آهي، کين جيلن ۾ بند ڪيو ويندو آهي، بنا ڪيس هلائڻ جي کين شهر نيڪالي ڏيئي پنهنجي ڳوٺ موڪليو ويندو آهي يا ايتري قدر جو کين سائيبيريا موڪليو ويندو آهي. حڪومت هڙتالن ۽ مزدورن جي جلسن کي غير قانوني ٺهرائي ڇڏيو آهي. پر مزدور پوليس ۽ حڪومت جي خلاف ويڙهه وڙهن ٿا. مزدور چون ٿا ته اسان لکين پورهيتن گهڻي عرصي کان وٺي چيلهه چٻي ڪئي آهي، مالدارن لاءِ گهڻو ئي ڪم ڪيوسين ۽ پاڻ مڱڻهارن وانگي رهيا آهيون. اسان پاڻ کي انهن هٿان گهڻوئي ڦرايوسين! هاڻ اسان يونين ۾ گڏ ٿي بهتر زندگي لاءِ گڏجي جاکوڙ ڪرڻ گهرون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته سماج ۾ نئون ۽ بهتر نظام ٺاهيو وڃي. هن نئين ۽ بهتر سماج ۾ نه ڪنهن کي مالدار ٿيڻ گهرجي ۽ نه غريب، سڀني کي ڪم ڪرڻ گهرجي.

ڳاڻ ڳڻين مالدار ماڻهن کي ئي نه پر سمورن پورهيتن کي گڏجي ڪيل پورهئي جو ميوو کائڻ گهرجي- مشينون ۽ ٻين سڌارن کي سڀني جو ڪم آسان ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ۽ ائين نه ڪرڻ گهرجي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو لکين ڪروڙين ماڻهن جي قيمت تي مالدار ٿي وڃن. هن نئين ۽ بهتر سماج کي سوشلسٽ سماج سڏبو آهي. انهيءَ سماج بابت تعليمات کي سوشلزم چئبو آهي. مزدورن جي انهن ساٿين اتحادين کي جيڪي ان بهتر سماج لاءِ وڙهن ٿا سوشل ڊيماڪريٽي پارٽيون سڏبو آهي اهڙيون پارٽيون گهڻو ڪري سمورن ملڪن ۾ کلي طرح موجود آهن (سواءِ روس ۽ ترڪي جي) ۽ اسان جي مزدورن پڙهيل لکيل ماڻهن مان سوشلسٽن سان گڏجي اهڙي پارٽي ٺاهي ورتي آهي. جا آهي روسي سوشل ڊيماڪريٽي ليبر پارٽي.

حڪومت هن پارٽيءَ کي ڇڀيندي آهي پر اها سمورين بندشن هوندي به خفيه طور موجود آهي اها اخبار ڇاپي ٿي، ڪتابڙا ڪڍي ٿي ۽ اڻ ڏٺل اتحادن کي ٺاهي ٿي- مزدور ڇڙو خفيه جلسا ئي نه ٿا ڪن. پر ميڙ جي روپ ۾ رستن تي به نڪري ايندا آهن پنهنجو جهنڊو جهولائيندا آهن، جنهن تي لکيل هوندو آهي: ”اٺ ڪلاڪ ڪم زنده باد“ ”آزادي زنده باد“ ”سوشلزم زنده باد“. انهيءَ تي حڪومت وحشي طريقن سان مزدورن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪندي آهي. مزدورن کي گولي سان اڏائڻ لاءِ فوجون پڻ موڪليون وينديون آهن. روسي فوجن، روسي مزدورن کي ياروسلال، سينٽ پٽرسبرگ ريگا، روستوف برلب درياء دان ۽ زلاتوست ۾ ماريو آهي.

پر مزدور هٿيار نٿا ڦٽا ڪن، اهي جنگ جاري رکن ٿا. هو چون ٿا ته: اسان کي نه ته زور ظلم سان ڊيڄاري سگهجي ٿو، نه جيلن، نه ديس نيڪالي، نه قيد جي سزا ۽ نه ئي موت سان. اسان جو مقصد حق ۽ انصاف جو مقصد آهي، اسان انهن سڀني جي آزاديءَ ۽ خوشي لاءِ ويڙهه وڙهي رهيا آهيون جيڪي پورهيو ڪن ٿا. اسان لکين ڪروڙين ماڻهن کي ڏاڍ، ظلم ۽ غريبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڙهي رهيا آهيون. مزدورن جو طبقاتي شعور ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، سمورن ملڪن ۾ سوشل ڊيماڪريٽڪن جي تعداد ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، سموري ڏاڍ ڏنگائي هوندي به اسان ضرور کٽنداسين.

ڳوٺاڻن غريبن کي چڱي پر اهو پروڙڻ کپي ته، اهي سوشل ڊيماڪريٽ ڪير آهن، اهي ڇاٿا گهرن ۽ سوشل ڊيماڪريٽن کي ماڻهن لاءِ خوشيون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي.

2- سوشل ڊيماڪريٽ ڇا چاهين ٿا؟

روسي سوشل ڊيماڪريٽ سڀ کان اڳ ۾ سياسي آزادي حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪري رهيا آهن. کين سياسي آزاديءَ جي انهي ڪري ضرورت آهي جو سماج جي نئين ۽ سوشلسٽ نظام واسطي جدوجهد ۾ سمورن روسي مزورن کي وڏي پيماني تي ۽ کليو کلايو متحد ڪري وٺن.

سياسي آزادي ڇا آهي؟

انهي کي پروڙڻ لاءِ هارين کي سڀ کان پهرين پنهنجي آزاديءَ جي موجوده حالت جي ڀيٽ زر خريد هارين جي نظام سان ڪرڻ گهرجي. زر خريد هارين جي نظام هيٺ هاري زميندار جي اجازت کان سواءِ شادي نه ڪري سگهندو هو. اڄ هاري ڪنهن جي پڇڻ کان سواءِ شادي ڪري سگهي ٿو. زر خريد هارين جي نظام موجب هاري کي پنهنجي زميندار لاءِ ٽن ڏينهن ۾ اهو ڪم ڪرڻو پوندو هو، جيڪو زميندار جو ڪمدار مقرر ڪندو هو. اڄ هاري اهو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي ته هو ڪهڙي مالڪ لاءِ ڪم ڪري، ڪهڙن ڏينهن تي ۽ ڪهڙي مزدوري تي. زر خريد هارين جي نظام هيٺ زميندار جي اجازت کان سواءِ هاري پنهنجو ڳوٺ ڇڏي نٿي وڃي سگهيو. اڄ هاري آزاد آهي ته هو جتي وڃڻ گهري هليو وڃي، پر شرط اهو آهي ته ان ڳوٺ جي پئنچائت کيس وڃڻ جي اجازت ڏي، مٿس محصولن جي ڪا بقايا نه هجي، هو پاسپورٽ حاصل ڪري سگهي، گورنر يا پوليس کيس پنهنجي رهائش مٽائڻ کان منع نه ڪري. اهڙي طرح اڄ به هاري پوري طرح آزاد نه آهي جو جتي سندس من گهري هليو وڃي کيس چرپر جي پوري آزادي نه آهي. هاري اڃا تائين اڌ زرخريد هاري آهي- اڳتي اسان اپٽار سان سمجهائينداسين ته، روسي هاري اڃا تائين اڌ زرخريد هاري ڪيئن آهي ۽ ان جي حالتن کي بدلائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.

زرخريد هارين جي نظام هيٺ هارين کي اهو حق مليل نه هو ته هو زميندار جي موڪل کان سواءِ زمين خريد ڪري سگهي. اڄ هاريءَ کي آزادي آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ملڪيت وٺي- پر اڄ به کيس پئنچائت مان الڳ ٿيڻ جي پوري آزادي مليل ڪانه آهي. هن کي پنهنجي زمين جيئن وڻيس تيئن الڳ ڪرڻ جي آزادي مليل نه آهي. زرخريد هارين جي نظام هيٺ زميندار جي حڪم سان هارين کي ڦٽڪا لڳائي سگهبا هئا. اڄ هارين کي پنهنجي زميندار جي حڪم تي ڦٽڪا نٿا لڳائي سگهجن پر تڏهن به جسماني سزا کيس اڄ به ڏيئي سگهجي ٿي.

هن آزاديءَ کي شهري آزادي سڏيندا آهن. ڪٽنب جي معاملن، ذاتي معاملن ۽ ملڪيت جي معاملن ۾ کيس آزادي آهي.

هاري ۽ مزدور کي آزادي آهي (جيتوڻيڪ پوري نه آهي) ته پنهنجي ڪٽنب جي زندگي ۽ پنهنجي معاملن جو پاڻ نبيرو ۽ اڪلاءُ ڪري. پنهنجي محنت وڪڻي (پنهنجو مالڪ پاڻ چونڊي) ۽ پنهنجي ملڪيت الڳ ڪري. ليڪن پنهنجي عام معاملن جو نبيرو ۽ اڪلاءُ ڪرڻ ۾ نه روسي مزدور اڃا آزاد آهن نه ئي ٿلهي ليکي سڄو روسي عوام- سڄو عوام، حڪومت جي ڪامورن جو زرخريد آهن. ائين جيئن هاري زميندار جا زرخريد هئا. روسي عوام کي پنهنجا ڪامورا چونڊڻ جو ڪو حق مليل نه آهي، نه ئي سڄي ملڪ جي قانون ٺاهڻ جو ڪو حق مليل آهي. روسي عوام کي رياستي معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ جلسا ڪرڻ جو به حق نه آهي. اسان نه رڳو اخبار يا ڪتاب ڇپائي نٿا سگهون پر اسان سڄي رياست سان واسطو رکندڙ سمورن معاملن تي سمورن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه نٿا ڪري سگهون، جيستائين ڪه انهن ڪامورن کان اجازت نه وٺون جن کي اسان جي مرضي بنا اسان تي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح زميندار پنهنجا ڪمدار ڪاراوا هارين جي راضپي بنا مقرر ڪندو هو. جيئن هاري غلام هئا زميندارن جا، تيئن روسي عوام اڃا تائين ڪامورن جو غلام آهي. جهڙي ريت زرخريد هارين واري نظام هيٺ هاري شهري آزادين کان محروم هئا، بنهه ساڳي ريت روسي عوام به اڃا تائين سياسي آزادي کان محروم آهي. سياسي آزاديءَ جي معنيٰ اها آهي ته پنهنجي عام ۽ قومي معاملن اڪلائڻ ۽ نبيرڻ جي عوام کي آزادي هجي. سياسي آزادي جي معنيٰ پارليامينٽ (ڊيوما) لاءِ پنهنجا عيوضي چونڊڻ جو عوام کي حق هجي. سمورا محصول ۽ ادائگين کي رڳو اها پارليامينٽ مقرر ڪري جنهن کي عوام چونڊيو هجي. سياسي آزاديءَ جو مطلب عوام جو اهو حق آهي جنهن موجب هو پاڻ پنهنجا سمورا عملدار چونڊي سمورن رياستي معاملن تي بحث مباحثن لاءِ هر قسم جا جلسا ڪري بنا اجازت جيئن وڻي اخبار ۽ ڪتاب شايع ڪري.

ٻيون سموريون يورپي قومون گهڻو اڳ پنهنجي سياسي آزادي وٺي چڪيون آهن. رڳو ترڪي ۽ روس ۾ ئي ماڻهو اڃا تائين سلطان جي حڪومت ۽ زار شاهي جي آپيشاهي حڪومت جا سياسي طور غلام آهن. زار شاهي جي آپيشاهي جي معنيٰ آهي زار جون اڻ ڳڻپ ۽ اڻ کٽ اختياريون. رياست جي انتظام ۾ عوام ڪو ڀاڱي ڀائيوار نٿو ٿئي. رڳو زار تي پنهنجي نجي غير محدود آپيشاهي وارين امتيازين سان قانون ٺاهي ۽ سمورن ڪامورن کي مقرر ڪري ٿو. اها ڳالهه به پڌري پٽ آهي ته سمورن روسي قانونن ۽ سمورن روسي ڪامورن کان زار واقفيت رکي نٿو سگهي، ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي انهيءَ سڀ کان زار واقف نٿو ٿي سگهي. زار ته چند ويهن سڀ کان گهڻن مالدار ۽ سڀ کان اوچي سند جي عهديدارن جي خواهش جي رڳو توثيق ڪري ڇڏي ٿو. ڪو کڻي ڪيترو ئي آسروند ڇو نه هجي پر هڪ ماڻهو روس جيڏي وڏي ملڪ تي راڄ نه ٿو ڪري سگهي. اهو زار نه آهي جيڪو روس تي راڄ ڪري ٿو آپيشاهي هڪ ڄڻي جي حڪمراني جي ته رڳو ڳالهه ئي آهي، روس تي حڪمراني ڳاڻ ڳڻين سڀ کان وڌيڪ مالدار ۽ سڀ کان وڏ گهراڻي جا عملدار ڪندا آهن. زار کي ته ڇڙو اها ئي ڄاڻ آهي ته جيڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو کيس ٻڌائڻ گهرن ٿا. انهن ڳاڻ ڳڻين وڏ گهراڻن جي اميرن جي مرضي جي خلاف ڪجهه ڪرڻ ۾ زار بنهه بيوس هوندو آهي. زار پاڻ به زميندار ۽ اميرن مان آهي. پنهنجي ٻارائڻ کان وٺي هو اوچي گهراڻي جي انهن ئي ماڻهن ۾ رهيو آهي. انهن ئي ماڻهن سندس پالنا ڪئي، تعليم ۽ سکيا ڏني مجموعي طور روسي عوام جي باري ۾ هو اهوئي ڄاڻي ٿو جيڪو وڏ گهراڻن جا امير انهن مالدار زميندار ۽ ڪجهه گهٽ مالدار واپارين کان جن جي زار جي درٻار تائين رسائي آهي کيس پتو پيو آهي.

وولوسٽ انتظاميه جي هر ڪنهن آفيس ۾ توهان کي ڀت تي ٽنگيل ساڳي تصوير نظر ايندي. انهيءَ تصوير ۾ اليگزينڊر ٽئين (موجوده زار جو والد) کي وولوسٽ جي مکين سان ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي سندس تاجپوشيءَ جي موقعي تي آيل آهن. زار کين چئي رهيو هو ته پنهنجي اميرن جي سردارن جا تابعدار رهو ۽ موجوده زار نڪولائي ٻئي به ساڳيا لفظ ورجايا آهن. اهڙي طرح زار پاڻ مڃي ٿو ته هو ملڪ تي راڄ رڳو اميرن جي مدد سان ۽ اميرن جي وسيلي ڪري سگهي ٿو. اسان کي زار جو اهو قول چڱيءَ طرح ياد رکڻ گهرجي ته هارين کي اميرن جي تابعداري ڪرڻ گهرجي. اسان کي چڱي طرح پروڙڻ گهرجي ته عوام سان اهي ماڻهو ڪيترو نه ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، جيڪي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته زار جي حڪومت بهترين نموني جي حڪومت آهي. اهي ماڻهو چون ٿا ته ٻين ملڪن ۾ حڪومت چونڊي ويندي آهي. پر جيڪي ماڻهو چونڊيا آهن سي مالدار هوندا آهن ۽ اهي بي انصافيءَ سان حڪومت ڪندا آهن ۽ غريبن کي دٻائيندا آهن، روس ۾ حڪومت چونڊي نٿي وڃي هڪ آپيشاهي زار سڄي ملڪ تي حڪم هلائي ٿو. زار، امير ۽ غريب ٻنهي کان گهڻو مٿاهون آهي. اسان کي چون ٿا ته زار امير توڙي غريب سڀني سان هڪ جهڙو انصاف ڪري ٿو. اها ڳالهه ٺپ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. هر روسي ڄاڻي ٿو، ته انسان جي حڪومت ڪهڙو انصاف ڪري ٿي. هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اسان جي ملڪ جو هڪ معمولي پورهيت يا ٻني ٻارو ڪندڙ رياستي ڪائونسل جو ميمبر ٿي سگهي ٿو يا نه پر ٻين سمورن يورپي ملڪن ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ٻني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور رياستي پارليامينٽ جا ميمبر چونڊيا ويندا آهن. هو مزدورن جي تباهه حالي بابت سڀني ماڻهن کي سڏ ڏيئي سگهن ٿا ته اهي متحد ٿين ۽ بهتر حالتن لاءِ وڙهن. عوام جي نمائندن جي انهن تقريرن کي روڪڻ جي ڪو جرئت نٿو ڪري سگهي ڪو پوليس وارو به مٿس هٿ نٿو کڻي سگهي.

روس ۾ ڪابه چونڊيل حڪومت نه آهي. ان تي حڪومت رڳو مالدار ۽ اوچي ڪٽنب جا ماڻهو نٿا ڪن، پر انهن کان بدتر ماڻهو حڪومت ڪن ٿا. ان تي راڄ زار جي درٻار جا سڀ کان وڌيڪ چالاڪ سازشي سڀ وڏا عيار، چغل خور ڪن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي ڪوڙين ۽ بي بنياد ڳالهين سان زار جا ڪن ڀرين ٿا جيڪي هن جي چاپلوسي ۽ حضوري ڪن ٿا. اهي خفيه راڄ ڪن ٿا. ماڻهن کي خبر نه پوندي آهي ۽ پئجي به نٿي سگهي ته ڪهڙن نون قانونن جا مسودا ٺاهيا پيا وڃن، ڪهڙين جنگين جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ ڪهڙا نوان ٽيڪس لڳڻ وارا آهن، ڪهڙن ڪامورن کي انعام اڪرام ڏنو پيو وڃي ۽ ڪهڙن کي ڪڍيو پيو وڃي. ڪنهن به ملڪ ۾ ايتري قدر ايترا گهڻا ڪامورا نه هوندا آهن جيترا روس ۾ آهن. اهي عهديدار بي آواز ماڻهن تي اونداهي ٻيلي وانگر ڇانيل آهن. ويچارا پورهيت هن ٻيلي ۾ پنهنجو رستو ڪڏهن به ڳولهي نٿا سگهن. ڪڏهن انصاف به ماڻي نٿا سگهن. ڪامورن جي رشوت خوري، ڦرلٽ يا ڏاڍ خلاف ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نٿي نڪري. هرڪا رڙ دفتري گهس گهس ۾ گم ٿي وڃي ٿي. ڪنهن اڪيلي سر ماڻهوءَ جو آواز عوام تائين ڪڏهن به نه ٿو پهچي ۽ اونداهي ٻيلي ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پوليس جي ايذاءَ رسائڻ واري ڪمرن ۾ ان کي دٻايو ۽ گهٽيو وڃي ٿو. ڪامورن جي هيڪاندي فوج آهي جنهن کي ماڻهن ڪڏهن به نه چونڊيو ۽ جيڪي ماڻهن اڳيان جوابدار نه آهن. هڪ گهاٽو ڄار اڻيو ويو آهي ۽ انهي ڄار ۾ ڦاٿل مرد ۽ عورتون مکين وانگر ڦٿڪي رهيا آهن.

زار جي آپيشاهي، ڪامورا شاهي جي آپيشاهي آهي. زار جي آپيشاهي جي معنيٰ ڪامورن ۽ خاص ڪري پوليس تي ماڻهن جو جاگيرداري انحصار آهي. زار شاهي آپيشاهي، پوليس جي آپيشاهي آهي.

اهوئي سبب آهي جو مزدور اهي بينر کڻي رستي تي نڪرن ٿا. جن تي لکيل هوندو آهي آپيشاهي مرده باد- سياسي آزادي زنده باد. انهيءَ ڪري ڳوٺن جي ڪروڙين غريبن کي پڻ شهر جي مزدور جي انهيءَ ويڙهه جي سڏ سان گڏ بيهڻ کپي ۽ ان کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح ڏاڍ ۽ ظلم جي رعب ۾ اچڻ بنا دشمن جي ڌمڪين ۽ ڏاڍ کان بي ڊپو ٿي ۽ اڳوڻين ناڪامين کان هٻڪڻ کان سواءِ زرعي مزدورن ۽ غريب هارين کي گهرجي ته اهي سڄي روسي عوام جي آزاديءَ جي فيصله ڪن جدوجهد لاءِ اڳتي اچن ۽ سڀ کان پهريون مطالبو ڪن ته عوام جي نمائندن جو اجلاس ڪوٺايو وڃي. سڄي روس ۾ ماڻهو پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊين. اهي نمائندا مٿين اسيمبلي ٺاهين جيڪا روس ۾ چونڊيل حڪومت جو رواج شروع ڪري ڪامورا شاهي ۽ پوليس تي عوام جي جاگيريت واري انحصار کان آزادي ڏياري. ماڻهن کي آزاديءَ سان جلسا ڪرڻ، آزاديءَ سان تقريرون ڪرڻ ۽ آزاد اخبارن جي آزادي ڏي.

سڀ کان پهرين ۽ منڍ ۾ سوشل ڊيماڪريٽ اهوئي گهرن ٿا. سندن پهرين مطالبي سياسي آزادي جي اهائي معنيٰ آهي.

اسان ڄاڻون ٿا ته سياسي آزادي پارليامينٽ جي آزادانه چونڊن، جلسن جي آزادي، اخبارن جي آزادي، پورهيت عوام جي جهٽ پٽ ۾ غريبي ۽ ڏاڍ کان جند نه ڇڏائيندي. شهر ۾ ڳوٺ جي غريبن کي مالدارن لاءِ ڪم ڪرڻ جي بار کان تڪڙي نجات ڏيارڻ جو ذريعو نه آهي. خود پورهيتن کان علاوه ٻيو ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن مان پورهيت عوام اميد رکي ۽ جنهن تي ڀروسو ڪري. پورهيت کي ڪير به غريبي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريندو، جيستائين هو خود پنهنجو پاڻ کي آزاد نه ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جي ۽ سڄي روس جي مزدورن کي هڪ اتحاد ۾ هڪ پارٽيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي متحد ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن آپيشاهي پوليس جي حڪومت سمورن اخبارن، مزدورن جي نمائندن جي چونڊ ڪرڻ جي منع ڪري ڇڏي ته لکين مزدور متحد نه ٿي سگهندا، متحد ٿيڻ لاءِ کين هر قسم جون يونينيون ٺاهڻ جو حق ملڻ گهرجي، انهن کي متحد ٿيڻ جي آزادي هئڻ گهرجي. کين سياسي آزادي ملڻ گهرجي.

سياسي آزادي پورهيت عوام کي جهٽ پٽ ۾ غريبي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريندي، پر اها مزدورن جي اتحاد کان سواءِ غريبي سان وڙهڻ لاءِ ڪو ذريعو نه آهي، نه ڪو ٻيو ذريعو ٿي سگهي ٿو. پر جيستائين سياسي آزادي نه هجي، لکين ماڻهو متحد ٿي نٿا سگهن.

سمورن يورپي ملڪن ۾ جتي ماڻهن سياسي آزادي حاصل ڪئي آهي، مزدورن گهڻا ڏينهن اڳ متحد ٿيڻ شروع ڪيو آهي. سڄي يورپ ۾ انهن مزدورن کي جيڪي ڪنهن زمين جا، ڪنهن ڪارخاني جا مالڪ نه هئا جيڪي سڄي عمر اجورو وٺي ماڻهن لاءِ ڪم ڪن ٿا پرولتاري ڪوٺجن ٿا. پنجاهه ورهن کان وڌيڪ عرصو ٿيو جو پورهيتن کي ايڪي ڪرڻ جو نعرو ڏنو ويو هو. دنيا جا پورهيت هڪ ٿيو. گذريل پنجاهه سالن ۾ اهي لفظ سڄي دنيا ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ گونجيا آهن. مزدورن جي هزارين لکين جلسن ۾ اهو دهرايو وڃي ٿو. هر زبان ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪن جا لکن جي ڳاڻيٽي ۾ ڪتابن ۽ اخبار ۾ اهي پڙهي سگهجن ٿا.

لکين مزدورن کي هڪ ايڪي ۾، هڪ پارٽيءَ ۾ گڏ ڪرڻ بيشڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، جنهن لاءِ وقت، اورچائي ۽ مستقل مزاجي ۽ همت کپي. مزدورن کي غريبيءَ پيڙي ڇڏيو آهي. سرمائيدارن ۽ زميندارن لاءِ سخت پورهئي کين ساڻو ڪري وڌو آهي. گهڻو ڪري کين اهو سوچڻ جي مهلت نٿي ملي ته اهي سدائين ڪنگال ڇو رهن ٿا ۽ اهو ته ان کان جند ڪيئن ڇڏائي وڃي. مزدورن کي گڏ ٿيڻ کان باز رهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو وڃي ٿو. يا ته سڌو ۽ وحشين واري تشدد جي ذريعي جيئن روس جهڙن ملڪن ۾ جتي سياسي آزادي ئي نه آهي کين نوڪرين کان انڪار ڪري، جيڪي سوشلزم جي فلسفي جو پرچار ڪن ٿا يا وري ٺڳيءَ ۽ رشوتن ذريعي. پر ڪوبه ڏاڍ، ڪوبه ظلم ۽ زبردستي پرولتاري مزدورن کي عظيم مقصد لاءِ وڙهڻ کان روڪي نٿو سگهي. سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن جو ڳاڻيٽو لڳاتار وڌي رهيو آهي اسان جي پاڙيسري ملڪ جرمنيءَ کي ئي ڏسو! جتي حڪومت چونڊن بعد ٺهي آهي. اڳي جرمني ۾ به بي انتها آپيشاهي بادشاهي حڪومت هئي، پر گهڻو عرصو اڳ پنجاهه سالن کان به مٿي عرصو ٿيندو جو جرمن عوام آپيشاهي جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ طاقت جي ذريعي سياسي آزادي ورتي. جرمنيءَ ۾ قانون ڳاڻ ڳڻيا ڪامورا نٿا ٺاهين جيئن روس ۾ ٿئي ٿو؛ بلڪ اتي عوام جي نمائندن جي هڪ اسيمبلي پارليامينٽ آهي جنهن کي جرمن زيشتاع چون ٿا سا ٺاهي ٿي.

انهيءَ مان اهو معلوم ڪرڻ ممڪن ٿي وڃي ٿو ته سوشل ڊيموڪريٽن جي حق ۾ ڪيترا ووٽ پيا. 1887ع ۾ ڪل ووٽن جو ڏهون حصو سوشل ڊيموڪريٽن جي حق ۾ پيو. 1898ع ۾ (جڏهن زشتاع جون گذريل چونڊون ٿيون) سوشل ڊيموڪريٽن کي ٽيڻ جي ويجهو وڌيڪ ووٽ مليا. هن گهمري جيترا ڪل ووٽ پيا تن جي چوٿين حصي کان به وڌيڪ ووٽ سوشل ڊيموڪريٽن کنيا. سوشل ڊيموڪريٽي پارلياماني اميدوارن کي ويهه لک کان وڌيڪ بالغ مردن ووٽ ڏنا هئا. جرمني جي گهڻن هارين ۽ مزدورن ۾ سوشلزم اڃا تائين پکڙيو نه آهي. پر اڃا تائين انهن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ عام طرح هاري مزدور، ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ ۽ غريب، غريب هاري شهري جي پنهنجي ڀائرن سان گڏ ايڪو ڪري ويندا ته جرمن مزدور ميدان ماريندا ويندا ۽ اهڙيون حالتون ٺاهي وٺندا جن هيٺ پورهيت نه غريبي جي آزار ۾ هوندا نه ظلم ۽ ڏاڍ جي ويل ۾. سوشل ڊيموڪريٽي مزدور، ماڻهن جي غريبي کان ڪهڙن ذريعن سان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهين ٿا.

اهو ڄاڻڻ لاءِ موجوده سماجي نظام هيٺ عام ماڻهن جي غريبي جي ڪارڻ کي چڱي طرح سمجهڻ ضروري ٿيندو. مالدار شهر وڌي رهيا آهن، شان و شوڪت وارا دڪان ۽ گهر اڏجي رهيا آهن، ريلون ٺهن پيون، صنعت ۽ زراعت ۾ هر قسم جون مشينون لڳايون پيون وڃن ۽ انهن ۾ سڌارا اندا پيا وڃن، پر ڪروڙين ماڻهو اهڙي غريبي ۾ وڪوڙيل آهن جو ڪم ڪندي ڄمارون گذري ويون اهن ته جيئن کين پنهنجي ٻارن ٻچن کي رڳو پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي سگهي. ايترو ئي نه آهي. پر ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻنهي هنڌن تي اهڙا ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن جن کي روزگار نه ٿو ملي. ڳوٺن ۾ هو بکن ۾ پاهه ٿين ٿا. شهرن ۾ هو رولن ۽ خالي هٿين ماڻهن جي قطار ۾ واڌ آڻي رهيا آهن، جيڪي شهرن جي ٻهراڙين ۾ جهنگلي جانورن وانگر غارون ٺاهي رهن يا خوفناڪ گندين بستين ۽ تهه خانن ۾ رهن ٿا، جيئن ماسڪو ۾ خنروف بازار آهي. ائين ڇو آهي؟ دولت ۽ عيش عشرت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ پوءِ به اهي لکين ماڻهو جيڪي پنهنجي پورهئي مان اها دولت پيدا ڪن ٿا غريب ۽ محتاج رهن ٿا! هاري بکون ڪاٽين ٿا. ڪي بيڪار رلي رهيا آهن ۽ پوءِ به سوداگر لکين مڻ اناج روس کان ٻاهر موڪلين پيا. فيڪٽريون ۽ ڪارخانا انهيءَ ڪري بند ٿي وڃن ٿا جو مال وڪامي نٿو. انهي ڪري جو منڊي ئي نه آهي.

انهن سمورين ڳالهين جو سبب پهرين ته اهو آهي جو گهڻي زمين ۽ فيڪٽريون، ورڪشاپ، مشينون، عمارتون، سامونڊي جهاز وغيره سڀ ٿورن مالدار ماڻهن جي ملڪيت آهن. ڪروڙين ماڻهن هن زمين تي ۽ انهن فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا، پر اهي صرف چند هزار مالدار ماڻهن، زميندارن، سوداگرن ۽ فيڪٽرين جي مالڪن جي ملڪيت آهن. ماڻهو انهن مالدار ماڻهن لاءِ پگهار تي ماني ڀور لاءِ ڪم ڪن ٿا. مزدورن کي صرف زنده رهڻ لاءِ جيڪي ڪجهه گهرجي ان کان وڌيڪ جيڪي به پيدا ٿئي ٿو سو مالدار مالڪن وٽ هليو وڃي ٿو. اهو انهن جو نفعو آهي، اهائي انهن جي آمدني، مشينن جي استعمال سان پيداوار جي طريقن ۾ سڌاري سان جيڪي به فائدا ملن ٿا سي سڀ زميندارن ۽ سرمائيدارن کي ملي وڃن ٿا. اهي ڳاڻيٽي کان ٻاهر دولت گڏ ڪري وٺن ٿا، جڏهن ته مزدورن کي توتڙن جا ڀور ئي ملن ٿا. مزدورن کي ڪم ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيو وڃي ٿو. وڏين وڏين جاگيرن ۾ ۽ وڏين وڏين فيڪٽرين ۾ سوين ۽ ڪڏهن ڪڏهن هزارين مزدور ڪم تي لڳايا وڃن ٿا. محنت جڏهن اهڙي طرح گڏ ڪئي وڃي ۽ جڏهن مختلف قسم جون ڪافي مشينون ڪم آنديون وڃن ته ڪم کان وڌيڪ پيداوار ملڻ لڳي ٿي. هڪ مزدور انهن سمورن مزدورن کان وڌيڪ سامان پيدا ڪرڻ لڳي ٿو جڏهن ته الڳ الڳ ۽ مشينن جي مدد بنا ڪم ڪندا هئا. پر وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ محنت جا فائدا سمورن پورهيتن کي نٿا ملن. پر زمين جي مالڪن سوداگرن ۽ فيڪٽرين جي مالڪن جي هڪ ننڍڙي تعداد کي ملن ٿا.

اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ماڻهن لاءِ زميندار ڪم مهيا ڪن ٿا، اهي غريبن کي روزي ڏين ٿا. مثال طور چيو ويندو آهي پاڙي واري فيڪٽري يا پاڙي وارو زميندار مقامي هارين جو پيٽ پالي ٿو. پر حقيقت هي آهي ته مزدور پنهنجي پورهئي سان نه رڳو پنهنجو پر ٻين سڀني جو پڻ پيٽ پالي ٿو، جيڪي ڪم نٿا ڪن. پر زميندار جي زمين تي، فيڪٽري ۾ يا ريلوي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت واسطي مزدور پنهنجي پيدا ڪيل سموري شيءِ مالڪ کي بنا معاوضي جي ڏئي ٿو، جڏهن ته خود مزدور کي رڳو ايترو ملي ٿو جو هو زندهه رهي سگهي. انهيءَ ڪري درحقيقت زميندار ۽ سوداگر مزدورن جو پيٽ نٿا پالين پر مزدور پنهنجي پورهئي سان سڀني جو پيٽ پالين ٿا. اهي پنهنجي محنت جي ڦل جو وڏي ۾ وڏو حصو بنا معاوضي ڏين ٿا.

هاڻ اڳتي اچو ته سمورن جديد ملڪن ۾ ماڻهن جي غريبي جو ڪارڻ ڏسون اها حقيقت آهي ته مزدور هر قسم جون شيون وڪڻڻ لاءِ يعني منڊيءَ لاءِ تيار ڪري ٿو. فيڪٽريءَ جو مالڪ ۽ دستڪار زميندار ۽ سکالو هاري مال تيار ڪري ٿو ۽ ڍور پالي ٿو، اناج پوکي ٿو سو سڀ وڪري لاءِ. انهيءَ مطلب لاءِ ته روڪ پئسا حاصل ڪن. روڪ پئسو هر هنڌ راڄ جي طاقت بنجي ويو آهي. انساني محنت سان جيڪو به مال تيار ٿئي ٿو سو روڪ پئسن سان مٽايو وڃي ٿو. روڪ پئسي يعني ناڻي سان هر ڪا شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. ناڻي سان ماڻهو به خريد ڪري سگهجن ٿا. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ان ماڻهو کي جنهن جي ملڪيت ۾ ڪجهه به نه هجي. تنهن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته هو ٻين انهن ماڻهن لاءِ ڪم ڪري جن وٽ ناڻو موجود آهي. اڳي زمين حڪمرانيءَ جو ذريعو هوندي هئي. اها حالت زرخريد هارين جي زماني ۾ هئي. جنهن وٽ زمين هئي طاقت ۾ اختيار انهيءَ کي مليل هئا. اڄ ناڻو، موڙي، حڪمراني جو ذريعو بڻجي ويا آهن. ناڻي سان جيتري کپي اوتري زمين خريد ڪري سگهجي ٿي. ناڻي کان سواءِ جيڪڏهن زمين هجي به ته ان تي ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهجي. ٽيڪس ڀرڻ جي ڳالهه نه به ڪئي وڃي ته به هر يا ٻيا زراعت جا اوزار خريد ڪرڻ لاءِ، ڍور خريد ڪرڻ لاءِ، ڪپڙو ۽ شهر جون ٺهيل ٻيون شيون خريد ڪرڻ لاءِ ناڻي جو هجڻ ضروري آهي. ناڻي واسطي ذري گهٽ سڀني زميندارن پنهنجون زمينون بئنڪن وٽ گروي رکي ڇڏيون آهن. ناڻي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت سڄي دنيا ۾ مالدار ماڻهن ۽ بئنڪارن کان وٺي ۽ انهن تي ڪروڙين روبل هر سال وياج ڀري ٿي.

ناڻي واسطي اڄ هر ماڻهو ٻئي خلاف خوفناڪ ويڙهه ۾ رڌل آهي. هرڪو اهوئي گهري ٿو ته سستو خريد ڪري مهانگو وڪڻي. هرڪو ڪوشش ڪري ٿو ته هو ٻئي کان گوءِ کڻي وڃي ۽ مال وڌيڪ مقدار ۾ وڪڻي- جيڪو مقابلو ڪري رهيو هجي، تنهن کان اگهه گهٽائي مال وڪڻي. ان کان نفعي واري منڊي يا نفعو ڏيندڙ ٺيڪو لڪل رکي. ناڻي کي حاصل ڪرڻ جي انهي عام ڊوڙ ۾ ننڍو ماڻهو، ننڍو دستڪار يا ننڍو هاري سڀ کان وڌيڪ خراب حال رهي ٿو. مقابلي ۾ وڏو سوداگر يا مالدار هاري کيس هميشہ هارائي ٿو. ننڍي ماڻهو وٽ آئي ويل لاءِ ڪڏهن ڪجهه بچايل نه هوندو آهي. سندس حساب ته ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وانگر هوندو آهي. اڳ ئي ڪو اتفاقي واقعو کيس مجبور ڪري وجهي ٿو ته وٽس جيڪي ڪجهه هجيس يعني آخري شيءِ تائين گروي رکي ڇڏي يا پنهنجا ڍور مٽي جي ملهه ۾ وڪڻي ڇڏي. هڪ دفعو هو جيڪڏهن ڪنهن وياج خور جي ڄار ۾ ڦاٿو ته پوءِ بس، هن ڄار مان نڪري نه سگهندو. ۽ گهڻو ڪري ٿئي ائين ٿو ته هو بنهه تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو. هر سال هزارين لکين ننڍا هاري ۽ دستڪار پنهنجي جهوپڙين کي تالا هڻي پنهنجي حصي جي زمين وڪڻي يا ڀرواري کي ڏيئي اجرتي مزدور يا کيت مزدور، غير هنرمند مزدور پرولتاري ٿي وڃن ٿا. پر ناڻي حاصل ڪرڻ جي انهيءَ جاکوڙ ۾ مالدار اڃا به مالدار ٿيندا وڃن ٿا. لکين ڪروڙين روبل هو بئنڪن ۾ ميڙي وٺن ٿا. ۽ رڳو پنهنجي ناڻي مان نفعو ڪمائين ٿا پر انهيءَ ناڻي مان جيڪو ٻيا ماڻهو بئنڪ ۾ جمع ڪرائين ٿا. ننڍو ماڻهو ڪي ويهون يا ڪجهه سؤ روبل بئنڪ ۾ يا بچت بئنڪ ۾ گڏ ڪري ٿو ته کيس هڪ روبل تي ٽي يا چار ڪوپڪ جي حساب سان وياج ملي ٿو. پر مالدار ماڻهو انهن ويهن مان لکين ٺاهي ٿو. ۽ انهن لکن سان واپار ۾ سيڙايل پنهنجي چالو ناڻي کي وڌائي ۽ روبل تي ڏهه کان ويهه ڪوپن تائين وٺي ٿو.

اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيماڪريٽڪ مزدور چون ٿا ته ماڻهن جي غريبي ختم ڪرڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته موجوده نظام کي چوٽيءَ کان ننهن تائين سڄي ملڪ ۾ بدلايو وڃي ۽ سوشلسٽ نظام قائم ڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ اهو ته وڏن وڏن زميندارن کان زمين، فيڪٽري مالڪن کان فيڪٽريون بئنڪارن کان ناڻي واري موڙي ورتي وڃي. انهن جي نجي ملڪيت ختم ڪئي وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ اها سمورن پورهيتن کي ڏني وڃي. ائين ٿيڻ کان پوءِ مزدورن جي محنت کي اهي مالدار ڪم ۾ نه آڻيندا ڪم ۾ آڻيندا جن کي انهن چونڊيو هجي. سڀني جي پورهئي جو جيڪي پرائي پورهئي تي پلجن ٿا ۽ ان تي جيئرا رهن ٿا. پر انهيءَ محنت کي پاڻ مزدور ۽ ٻيا اهي ماڻهون ڦل ۽ سمورن سڌارن لاءِ ڪم ڪندو هو. ڪم ڪرڻ جو ڏينهن اڳي کان ننڍو ٿي ويندو. مزدورن جي رهڻ جو معيار اڳي کان گهڻو اوچو ٿي ويندو. زندگي جون سموريون حالتون بدلجي وينديون.

پر سڄي ملڪ ۾ موجوده نظام کي بدلائڻ ڪو سوکو ڪم نه آهي. انهيءَ لاءِ وڏي ڪوشش ڊگهي ۽ جدوجهد اٽل ضرورت آهي. سمورا مالدار ماڻهو جائيدادن جا سمورا مالڪ سڄي بورجوازي، بورجوا جي معنيٰ آهي جائداد جو مالڪ. بورجوازي، جائداد جي سمورن مالڪن کي ملائي چون ٿا. وڏو بورجوا اهو هوندو آهي جيڪو وڏي جائداد جو مالڪ هجي، پيٽي بورجوا ان کي چون ٿا جيڪو ننڍي جائداد جو مالڪ هجي. لفظ بورجوا جي ۽ پرولتاري جي معنيٰ آهي جائداد جو مالڪ ۽ مزدور، مالدار ۽ غريب، يا اهو جيڪو پرائي پورهئي تي پلجي ۽ اهو جيڪو پورهئي ڪري يا ٻين لاءِ ڪم ڪري. فوج مالدار طبقي جي حفاظت ڪندي. ڇاڪاڻ ته حڪومت خود مالدار جي هٿن ۾ آهي. مزدورن کي انهن سڀني جي خلاف هڪ ٿي وڙهڻو پوندو جيڪي پرائي پورهئي تي پلجن ٿا. خود مزدورن کي گهرجي ته اهي هڪ ٿي پرولتاريه طبقي ۾ هڪ پاڻ متحد ٿين ۽ جن وٽ جائداد ناهي انهن کي متحد ڪرڻ ۾ مدد ڪن. مزدور طبقي لاءِ اها جدوجهد سولي نه ٿيندي پر اها ختم پڪ تي پڪ مزدورن جي جيت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته بورجوازي، اهي ماڻهو جيڪي پرائي پورهئي تي زندگي گذاري رهيا آهن آبادي ۾ ڳاڻيٽي ۾ ايترا ٿورا آهن جو ڳڻپ ۾ نٿا اچن جڏهن ته مزدور طبقي جي ڳري گهڻائي آهي. جائداد جي مالڪن جي خلاف مزدورن جي معنيٰ آهي هزارن جي مقابلي ۾ ڪروڙين.

روس ۾ مزدور ان وڏي جدوجهد لاءِ مزدورن جي هڪ سوشلسٽ جمهوري پارٽيءَ ۾ گڏ ٿيڻ لڳا آهن. خفيه طور، پوليس کان لڪي گڏ ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي پر پوءِ به اها تنظيم وڌي رهي آهي ۽ طاقت حاصل ڪري رهي آهي. روسي عوام جڏهن سياسي آزادي وٺي ڇڏيندو ته مزدور طبقي کي متحد ڪرڻ جو ڪم، سوشلزم جو نصب العين هيڪاري وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌندو. ان کان وڌيڪ تيزي سان جيترو جرمن مزدورن ۾ وڌي رهيو آهي.

3- ڳوٺن ۾ اميري ۽ غريبي، جائداد جا مالڪ ۽ مزدور

هاڻي اسان پروڙي ورتوسين ته سوشل ڊيماڪريٽ ڇا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ماڻهن کي غريبيءَ کان جند ڇڏائڻ لاءِ سڄي امير طبقي سان وڙهائڻ گهرن ٿا، اسان جي ڳوٺن ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ غريبي گهٽ نه آهي پر شايد وڌيڪ ئي آهي، هتي اسان اهو ذڪر نه پيا ڪريون ته ڳوٺن ۾ غريبي ڪيترو وڌيڪ آهي، هر اهو مزدور کي جيڪو ڳوٺن ۾ ويو آهي ۽ هر ان هاري کي پنهنجي تنگي، بک، سردي ۽ تباهي کان چڱي طرح واقفيت آهي جيڪو ڳوٺن ۾ رهي ٿو.

پر هاريءَ کي پنهنجي مصيبت بک ۽ تباهي جي ڪارڻ جي چڱي سڌ نه آهي ۽ نه ئي اها ڄاڻ آهي ته اڻ هوند کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو، اهو پروڙڻ لاءِ اسان کي پهرين هي معلوم ڪرڻو پوندو ته شهر ۽ ڳوٺ ٻنهي هنڌن تي اها جمهوري اڻ هوند ۽ غريبي ڇاجي ڪري ٿئي ٿي. مختصر طور اسان اڳ ئي اهڙو ذڪر ڪري چڪا آهيون ۽ اسان سمجهي ويا آهيون ته غريب هارين ۽ ڳوٺاڻن غريب مزدورن کي شهري مزدورن سان گڏ ايڪو ڪرڻ گهرجي، پر ايترو ئي ڪافي نه. هي اسان کي اهو به ڄاڻڻو پوندو ته ڳوٺن ۾ ڪهڙي قسم جا ماڻهو مالدارن جو، جائداد جي مالڪن جو پاسو وٺن ٿا ۽ انهن جي پويان هلن ٿا ۽ ڪهڙا ماڻهو مزدورن جي سوشل ڊيموڪريٽن جي ڳالهه مڃين ٿا، اسان کي معلوم ڪرڻ کپي ته ڇا اهڙا هاري گهڻا آهن جيڪي پئسو پنجڙ ميڙڻ ۾ زميندارن کان ڪي گهٽ نه آهن ۽ پرائي پورهئي تي پلجن ٿا؟ جيستائين اسان هن معاملي جي پاڙ تائين نه پهچنداسين تيستائين غريبي بابت کڻي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪريون سڀ بيڪار آهن، غريب ڳوٺاڻن کي سڌ ئي نه هوندي ته ڳوٺن ۾ ڪنهن ڪنهن کي پاڻ ۾ ۽ شهري مزدورن سان گڏي هڪ ٿيڻ گهرجي يا کين اصل ايڪو ڪرڻ لاءِ هارين کي خود پنهنجن يعني مالدار هارين جي دوکي ۾ اچڻ کان ۽ گڏوگڏ زميندارن جي ڌتارڻ ۽ ڏٽي ۾ اچڻ کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.

انهي معاملي جي پاڙ تائين پهچڻ لاءِ اچو ته اسان اهو ڏسون ته ڳوٺن ۾ زميندار ڪيترو طاقتور آهن ۽ مالدار هاري ڪيترو طاقتور آهن.

اچو ته زميندارن کان شروع ڪريون. انهن جي طاقت جو اندازو اسين انهيءَ مان لڳائي سگهون ٿا ته هنن وٽ ڪيتري زمين آهي. حساب لڳايو ويو آهي ته يورپي روس ۾ ڪل زمين جنهن ۾ هارين ۾ ورهايل ۽ نجي زمين شامل آهي. 24 ڪروڙ ڊيسياٽين هئي. رياستي زمين کان سواءِ، جنهن جو اسان الڳ ذڪر ڪنداسين. انهيءَ 24 ڪروڙ ڊيسياٽن مان 13 ڪروڙ 10 لک ڊيسياٽن جي ورهايل زمين هارين وٽ آهي يعني اها هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هاري ڪٽنبن وٽ آهي جڏهن ته 10 ڪروڙ 90 لک ڊيسياٽن نجي مالڪن وٽ آهي يعني 5 لکن کان به گهٽ ڪٽنبن وٽ اهڙي طرح جيڪڏهن اسان سراسري حساب به لڳايون ته هر هاري خاندان وٽ 13 ڊيسياٽن زمين آهي، جڏهن ته نجي مالڪن جي هر ڪٽنب وٽ 218 ڊيسياٽن ليڪن زمين جي ورڇ انهيءَ کان به وڌيڪ نابرابري واري آهي جيئن ته اسان هيٺ ڏسينداسين.

نجي مالڪن جي ملڪيت 10 ڪروڙ 90 لک ڊيسياٽن مان 70 لک ڊيسياٽن ٻين لفظن ۾ شاهي خاندان جي ماڻهن جي نجي ملڪيت آهي، زار پنهنجي ڪٽنب سميت، روس ۾ پهريون زميندار ۽ سڀ کان وڏو زميندار آهي. هڪ ڪٽنب جي زمين 5 لک هارين جي ڪٽنبن جي زمين کان وڌيڪ آهي انهيءَ کان سواءِ گرجائون ۽ خانقاهون ذري گهٽ 60 لک ڊيسياٽن جون مالڪ آهن، اسان وٽ ٻاوري هارين کي گهٽ خرچ ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس کي مارڻ جون نصيحتون به ڪن ٿا پر انهن پاڻ جائز ۽ ناجائز طريقن سان گهڻي گهڻي زمين گڏ ڪري ورتي آهي.

ان کان سواءِ 20 لک ڊيسياٽن زمين شهرن ۽ ڳوٺن جي ملڪيت آهي ۽ ايتري ئي مختلف واپاري ۽ صنعتي ڪمپنين ۽ ڪارپوريشن جي 9 ڪروڙ 20 لک ڊيسياٽن (صحيح انگ 91 ڪروڙ 6 لک 5 هزار 8 سؤ 45 آهي پر آساني لاءِ اسان سڄي انگ جو حوالو ڏينداسين) 5 لکن کان گهٽ (358 – 481) نجي مالڪن جي ڪٽنبن جي ملڪيت آهي. انهن ڪٽنبن مان اڌ اهڙا آهن جيڪي چڱا خاصا مالڪ آهن. جن مان هر هڪ وٽ 10 ڊيسياٽن کان به گهٽ زمين آهي، ٻئي طرف 16 هزار ڪٽنبن وٽ في ڪٽنب هڪ هزار ڊيسياٽن کان به وڌيڪ زمين آهي ۽ انهن جي ملڪيت جي ڪل زمين 6 ڪروڙ ۽ 20 لک ڊيسياٽن آهي. زمين جي وڏن وڏن مالڪن جي هٿ ۾ ڪيترا وڏا وڏا علائقا گڏ ٿيل آهن انهن جو اندازو انهيءَ حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ هزار کان ڪجهه ئي گهٽ (924) مان هر هڪ وٽ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڊيسياٽن آهي ۽ ڪل ملائي انهن وٽ 2 ڪروڙ 70 لک ڊيسياٽن آهن هڪ هزار ڪٽنب ايتري ئي زمين جا مالڪ آهن جيتري جا مالڪ 20 لک هاري ڪٽنب آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org