جنهن اٺين صدي هجري ڌاري اچي لس ٻيلو وسايو ۽ اتي
پنهنجو راڄ رسوخ قائم ڪيو.
پٻي جي اولاد مان اُنڙ ۽ چَڪار مشهور ٿيا. چڪار
وڏو شهسوار هو. چون ٿا ته منزل ۾ ساڻس ڪو شخص گڏ
چڙهيو، جنهن جو اولاڪ (سواري جو گهوڙو) اڀرو هو ۽
اهو پوئتي رهجي ويو، تنهن تي هڪ شاعر چيو ته:
’چڙهين چَڪار سين، اولاڪَ ڌاريـــٖـن اَڀرا!‘
اِهو پهاڪو پوءِ عام ٿي ويو ۽ اڄ تائين مشهور آهي.
رونجهن مان پوءِ ڄام ’چوٽا‘ نالي سردا ٿيو، جنهن
جو پٽ ’سٻڙ‘ وڏو سخي ۽ ڏاتار ۽ لس ٻيلي جو مشهور
حاڪم ٿيو. ڄام سٻڙ ’ٻيلي‘ جي شهر ۾ پنهنجي گادي
قائم ڪئي. هو ’سٻڙ چوٽاڻي‘ (يعني ڄام چوٽا جو پٽ
سٻڙ) جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ڪافي عرصو حڪومت
ڪيائين. ڄام سٻڙ کي ڀٽائي صاحب توڙي ٻين شاعرن
ڳايو آهي.
ڄام سٻڙ کان پوءِ وري سندس پٽ ’چوٽا‘ نالي ٿيو، جو
پڻ وڏو سخي هو. چون ٿا ته اَنُوراءِ نالي حاڪم کان
ناراض ٿي، سنڌ جو هڪ ’لڱو‘ (منڊو) چارڻ سٻڙ ڄام وٽ
آيو. سٻڙ ڄام اُن جي خدمت خاطري ڪئي ۽ وڏا ڏان
ڏنائينس. آخر ۾ پنهنجي پٽ ’چوٽا‘ کي پنجاه گهوڙن
سان روانو ڪيائين ته فقير کي اُماڻي اچي. چوٽا،
فقير کان موڪلائڻ وقت ’وندر‘ ۾ هڪ ماڳ وٽ اِهي
پنجاه ئي گهوڙا فقير کي بخشي ڇڏيا. اِهو ماڳ اڄ
تائين ”چوٽي جو مڪان“ سڏجي ٿو.
رونجهن جي حڪومت جي پڄاڻي بابت روايت آهي ته:
رونجهن جي آخري سردار ڄام حاجي سُنگر جي وقت ۾
”گونگا“ قوم جا ماڻهو لاکڙي طرف هاڙهي جبل لڳ
رهندا هئا. رونجهن سندن سردار ’ڊَگار‘ کي ماري
وڌو، جنهن تي قلات جي خان رونجهن تي ڏنڊ وڌو ته هو
پنجاه ڳوڻيون اَن جون ساليانو گونگن کي ڏيندا. هنن
اِهو قبول ڪيو پر گونگن ڏمر دل ۾ رکيو ۽ آخر گونگن
جي سردار ڏٖيڏيٖ (ڏيڏو) رونجهن جي آخري حاڪم حاجي
سُنگر کي ماريو ۽ اقتدار حاصل ڪيو. انهيءَ روايت
مان گمان نڪري ٿو ته سترهين صدي عيسوي جي پوئين اڌ
۾ رونجهن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. رونجهن غالباً
تيرهين صدي ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سندن
صاحبيءَ جي باري ۾ لس ٻيلي جي شاعر نم چيو آهي ته:
پَــٻـــي پــــــــوٽــــــــــا پــــــــــڌرا
رونجـهـــا راڄ هـئـــــــــا
ساڍي سٺ صاحبـــٖـين جي هن هلائي هيجا[1]
ٻي روايت موجب، رونجهن جون جملي چوهٺ پڳون ٿيون.
’ميسن‘ پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته سٻڙ رونجهن ۾
نالي وارو سردار هو، جنهن جي پوين کان گونگن پڳ
کسي.[2]
گونگن جي حڪومت
گونگن مان پهريون حاڪم مير موسو گونگو ٿيو، اُن
بعد سندس پٽ مير دينار تي گونگن جي پڳ آئي، جو هڪ
بيدار دماغ ۽ وڏو منتظم هو. هن لسي ٻيلي ۾ وڏي شان
شوڪت سان حڪومت ڪئي. ڪنهن شاعر سندس باري ۾ چيو
ته:
”دينار ٿو دؤسو ڪري، ٻيٺو منجهه ٻيـــٖـلي“
مير دينار لس ٻيلي جي جملي قومن کي مطيع ڪري ملڪ ۾
امن امان قائم رکيو. پاڻي جي نيَن ۽ چشمن جي تقسيم
ڪري، زمينون ورهائي، ملڪ جي زرعي آبادي کي زور
وٺارايائين. اُٿل لڳ ’نئن کرڙي‘ جي پاڻي ۽ زمين جو
مانڊڙن ۽ ٻُرن جي وچ ۾ ورهاڱو ڪيائين. انهي فيصلي
جي سنَد ٻُرن جي سردار مير مريد کي ڏنائين، تنهن
جو نقل هيٺ ڏجي ٿو:
سند ڄام دينار گونگـﮧ
ياداشت کرده باشد
برانکـﮧ من مير موريد ولد سرمان قوم بره ساکن وندر
برين قصـﮧ کـﮧ مير دينار ولد مير موسيٰ قوم گونگـﮧ
حاکم شهر بيلو بطرف مايان خود در ’وندر‘ آمده- من
مير موريد را بـﮧ همراهي خود آورده در زمين
’کراري‘ نشانيده- من موريد لب ’رود کراري‘ از زحرو
قوم ماندره غصب کردم و زحرو فريادي درپيش مير
دينار رفتـﮧ- مير دينار آدم هائي خود را فرستاده
آبِ کراري را نصف کرده: نصف بمن موريد داد و نصف
بـﮧ زحرو- پس شهر اوٿل را ساختم- آب کراري را نصف
بحوالـﮧ خود داشتم- و سرحد زمين از ’وندر‘ و
’کراري‘ [و] سر [حد] پير ڻيهارو و سرحد رود حب
يادگاري کـﮧ بر اولاد کسي دعوي نکند-
في تاريخ شهر ذوحج سنه 1107
ويازدهم حصـﮧ از بندر سونمياني هم من مريد را
حاصلات مير دينار داده از من مريد [مرخص باد]
عبده دينار
شد مريدت مريد
جاي مهر مير دينار گونگہ جاي
مهر مير مريد
حاکم لس بيلہ سردار
بره
ترجمو
آءٌ مير مريد ولد سِرماڻ قوم ٻُرو ويٺل وندر ياد
داشت طور قلمبند ڪريان ٿو ته ٻيلي جي شهر جو حاڪم
مير دينار ولد مير موسو قوم گونگو اسان وٽ وندر[3]
۾ آيو ۽ مون مريد کي پاڻ سان وٺي اچي کرڙي[4]
واري زمين ۾ ويهاريائين. مون مريد کرڙي نئن جي
ڪنڌي واري اراضي زحرو نالي مانڊڙي[5]
کان کسي هئي ۽ زحرو مير دينار وٽ فريادي ويو هو،
جنهن تي مير دينار پنهنجا ماڻهو موڪلي کرڙي جي
پاڻي[6]
کي اڌو اڌ ورهايو: اڌ مون مريد کي ڏنائين ۽ اڌ
زحرو کي. پوءِ مون اُٿل جو شهر ٻڌايو[7]
۽ اڌ پاڻيءَ جو هٿ ڪيم. [۽ پڻ مير دينار] زمين جي
اراضي وندر، کرڙي تلاعي ۽ پيرٽيهارو[8]
واري توڙي حب ندي جي ڪنڌي واري مون مريد کي ڏني.
مير ديار هي ٻه چار لفظ يادگار [تصديق] طور لکيا،
انهيءَ لاءِ ته [منهنجي] اولاد تي ٻيو ڪو دعويٰ نه
ڪري.
تاريخ مهينو ذوالحج سنه 1107 هه
۽ پڻ يارهون حصو سونمياڻي جي آمدني جو مون مريد کي
ڏيئي، مير دينار مون مريد [کي رخصت ڪري روانو
ٿيو.]
مير دينار جي مٿين مهر مان ظاهر آهي ته هو هڪ
خودمختار حاڪم هو. فقط ڌڻيءَ جي ٻانهپ جو اقرار
هوس، باقي ٻئي ڪنهن جي به غلامي ڪانه مڃيائين.
ڄام دينار جي گهر ۾ برفت مائي هئي، جنهن جو نالو
غالباً ”لال ٻائي“ هو، جنهن مان کيس ابراهيم نالي
پٽ ٿيو؛ جنهن تي کانئس پوءِ ٻيلي جي پڳ آئي.
ابراهيم عدل جي بدلي سرڪشي کان ڪم ورتو. هڪ روايت
موجب ’ابراهيم گونگي جدگال وٽ پندرهن سؤ
گهوڙيسوارن جو لشڪر هو ۽ سيوستان، مڪران ۽ ٺٽي
تائين پنهنجي انهيءَ لشڪر سان لوڙهيون هڻندو هو.
هڪ ڀيري ملڪ شوراب ۽ جهالاوان تي حملو ڪيائين ۽ ان
کي تاراج ڪيائين ۽ ڪوئيٽه تي پڻ حملو ڪيائين. ٻئي
دفعي ٺٽي جو مال هنيائين، ته ماڻهن وڃي ميين شيخ
عالي شيرازي کي ستايو. شيخ عالي شيرازي ٺٽي کان
چار ڪوهه پري وڃي ابراهيم سان مليو ۽ مال واپس ڪرڻ
لاءِ چيائينس، پر ابراهيم هن بزرگ جي ڳالهه کي
مانُ نه ڏنو؛ جنهن تي ميين عالي ابراهيم کي پاراتو
ڏنو. نتيجو اهو نڪتو جو ٻيلي ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن
مال جي ورهاست ڪيائين، تڏهن گونگن مان هڪ گروه
ناراض ٿي پيو ۽ بالاخر پندرهن ڄڻن حملو ڪري،
ابراهيم کي قتل ڪري ڇڏيو.[9]
وڏيري علي مراد ٻُري (ويٺل اُٿل) جي روايت موجب،
’ابراهيم‘ شڪار تي ويو، جتي سندس ڪتن وڃي گونگن جي
پاڏي کي ورتو، جنهن تي گونگن ابراهيم کي ماري وڌو.
هڪ ٻي روايت موجب ملڪ جي ورهاڱي تي گونگن ۾
اندروني وڳوڙ پيدا ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ابراهيم مارجي
ويو.
برفتن سردارن جي حڪومت
ابراهيم جي قتل ٿيڻ تي، عثمان گَدور جيڪو سندس
وڪيل هو، پيرين پيادو ڀڄي وڃي برفتن جي سردار پاهڙ
خان بن ملڪ نوردين حملاڻي وٽ پهتو، جيڪو ابراهيم
جو مامون هو. پاهڙ خان ڪوهستان مان لشڪر سنڀاهي
پنهنجي ڀاڻيجي جي وير وٺڻ لاءِ چڙهيو؛ ان باري ۾
هڪ شاعر چيو ته:
چار ويهون چوڏهن ذاتيون کَري کنيائين
اچـــــي اُٿـــــــــل ڪــــــــوٽ ۾ ديــــــرو
ڏنـــائيـــن
اُٿل جي ويجهو لڙائي لڳي، جنهن ۾ گونگن کي شڪست
آئي. سنه 1115 هه ۾ لس ٻيلي جي حڪومت پاهڙ خان جي
هٿ ۾ آئي.[10]
اٿل جي ٻُرا قوم ملڪ پاهڙ خان جو ساٿ ڏنو. ملڪ
پاهڙ خان، اورنگزيب عالمگير جي نالي ۾ خطبو پڙهيو
۽ حڪومت جو انتظام سڌاريو. قومن ۾ صلح ڪرائي کين
پنهنجي قبضي ۾ رکيائين. ملڪ پاهڙ خان جي هڪ سند جو
نقل هيٺ ڏجي ٿو.[11]
جنهن مان ظاهر آهي ته سنه 1125 هه/ 1713ع ۾ سندس
حڪومت اوج تي هئي.
سند ملڪ پاهڙ خان
کل کار پردازان حال و استقبال بدانند
کـﮧ مير بهرام ودره ذات بُرو و زهرو و بيگ ماندرو
کـﮧ يکي از خاص راج پهت مايان اند، بايد کـﮧ در
مواجب و غير ذلک اوشان مطابق عمل معمول مزاحمت نـﮧ
کرده باشند. و هموار در کاروبار اوشان معاونت کار
باشند ورنـﮧ سخت پرسان خواهد شد. آب کهرڙي و رود
وندر، کراره، و پَبني و شهر اوتهل اوشان تصور
نمايند. بابت تکلفات احدي تقاضا نـﮧ کرده باشند و
در طريق ’وديره پئي‘ موجب راه قديم ابدي دانند.
فقط 25- رمضان المبارڪ سنه 1125
بنده بادشاه عالمگير48 پهاڙخان بن ملک نوردين 1115
عڪس سند ملڪ پاهڙ خان
|