هيڪڙو ڪيــــٖـري ٻئي کي ٻهڳڻ ٻکُون پايا
مانجهي مست دُرٖي جو ڳالهه چڱي ڳالهايا
کاڌا ڀِيمن ڀنڊ جا مانجهي اُت ملهايا
[1]
اُٿيا جوان عثمان سي، ٿي گَدورن گَجايا
هاٿي ڪري حملو، لوڌي جنهن لنگهايا.
شاعر صدقي جا بيت
ڪريمداد خبر ڪئي ته ڄام ميرخان وڏي جي ايامڪاري ۾، قلات جو ڪيچ
مڪران وارن حاڪمن سان نزاع ٿي پيو ۽ نوبت وڃي جنگ
کي پهتي. ڄام ميرخان عام ڀرتي جو اعلان ڪيو جنهن
تي ٻيلي جا سڀ ننڍا وڏا جوان جي جنگ جا جهونجهار
هئا سي تيار ٿي ويا. مگر ڄام مير خان هي شرط وڌو
ته ”جنهن جي سونهاري ۾ ڦڻي پوندي رڳو انهي کي
نيندس.“ سومار پٽ اِليّ جو ٻُرو (ڀوئي- پوٽو) هڪ
ڳڀرو نوجوان هو جنهن کي سونهاري اڃا مس ريهه ڪري
لٿي هئي مگر ڦڻي ۾ اچڻ جيتري ڪانه هئي. هن جنگ جي
ڪوڏيي جوان ڀرتي ڪندڙن تي زور آندو ته مونکي به
ڦڻي ڏيو جو منهنجي سونهاري ۾ ضرور ڦڻي پئجي ويندي.
ڄام جي اشاري تي عملدارن جيئن سومار جي ڄاڙي هيٺان
ڦڻي آندي ته وٺي اهڙو زور ڏنائين جو ڦڻي چم مان
چڙهي اٽڪي قابو ٿي بيهي رهي. انهيءَ تي ڄام چيو
ته: ڇوڪرا تون ڀلي هل جو تون مڙڻ وارو ڪين آهين.
ڄام جو لشڪر روانو ٿيو ۽ ڪيچ جي قلعي جي آڏو اڙ
ڪري وڃي بيٺو. سامهون ڪيچ جي لشڪر شهر تربت جي
قلعي کي پنهنجو بچاءُ بنايو ۽ قلعي جو دروازو بند
ڪري ڇڏيو ۽ رڳو روزانه صبح جي وقت دروازو ضرورت
سانگي ٿي کوليائون. هتان رٿ ڪئي وئي ته ويٺي ورهيه
گذري ويندا: هاڻ صبح جو جنهن وقت دروازو ٿو کلي
انهيءَ وقت پنج همت وارا بهادر جوان ڪنهن حيلي سان
فلڪ ڪري وڃي دروازي تي ڌوڙيو ڪن ۽ ايستائين دروازو
بند ڪرڻ نه ڏين، جيستائين پويان وڌيڪ لشڪر اچي
پهچي. اها رٿ رٿي، پنج جوان نڪتا جن ۾ هڪ سومار به
هو. رات جي وڳڙي ۾ ويجهو ٿي ڪا جاءِ چتائي وڃي
بيٺا، صبح ساڻ جيئن دروازو کليو، تئن سومار سراڙو
ڪري وڃي اندر پهتو؛ باقي چارئي ڄڻا پوئتي رهجي
ويا. رٿ پوري ڪانه بيٺي، دروازو بندجي ويو. هاڻي
سومار اندر يڪي سر وڙهيو تان جو وڃي زمين تي ڪريو
۽ سندس هٿ پير بيڪار ٿي ويا. تڏهن به سيني ڀر
سرڙي، سٽ ڏئي وڃي هڪ سپاهيءَ کي پنڊيءَ ۾ چڪ وجهي
ڪيرايائين ۽ پاڻ به انهيءَ چڪ واري حالت ۾ پساه
ڏنائين. چون ٿا ته سومار مرندي ويو پر سندس چڪ
پنڊيءَ مان ڪونه نڪتو. تڏهن اتي جي سپاهين سوچيو
ته هاڻي سندس ڏند ڀڃي هن ڦاٿل مڙس کي ڇڏائين. پر
سندن سردار کين چيو ته: هن سورهيه مڙس کي هاڻي
متان ڪو هٿ لائي ۽ حڪم ڪيائون ته هن سپاهي جي پنڊي
جو ماس ڪوري کيس ڇڏايو. ساڳئي وقت سومار جي
سورهيائي جي هيبت هنن سردارن تي طاري ٿي ويئي ۽
چيائون ته: خبر لهو ته ڄام جا سڀ سپاهي اهڙا آهن
ڇا؟ هُتان ڄام به چوائي موڪليو ته اهو رڳو هڪ
ڇوڪرو اوهان ڏانهن آيو آهي، جي ڪو وڏو آيو ته
پاڻهي خبر پوندي. هي خبر ٻڌي، هنن سردارن يڪدم ڄام
سان صلح ڪيو ۽ ڄام سرسي ڪري پوئتي موٽيو.
شاعر صدقي جو ساڳئي سومار واري پاڙي مان هو، تنهن سومار جي
سورهيائي بابت بيت ٻڌا، جن مان ڪي هي آهن:
(1)
آءُ اِلائي آءُ، جوانن جلهه لائيي
[2]
ڪڍي کنو کپ مان، سنڀاريائين شاه
مهندان مڙيو ڪينڪي، جتي تکو هئو تاء
پنج ٻُنرٖي ماريا، ڪُٽي ڪوميِن ساه
اڃا سينهن، صِدقي چئي، بگيڙيو باڻاه
چؤمک چوڌاراه، ڪؤنر ڪڪئين ڇٽائيو.
(2)
گهاتو ڏني گهور، ڪر ڪلاچيءَ جي ڪن مان
وٽي ڪيائين وات تي، هٺان لاهي هور
ٻڌا سهرا سومار، صدقي چئي، جُٺ سونهاري جوڙ
[3]
منجهان زهمي زور، هڻي هوليِگن کي.
(3)
سومار من سائي، جا اَڙَ مان ڪري اُٿيا
تنهن ڀي ماه ملوڪ جو، کنا ويا کائي
ولاتين وائي، سندس سُوئي ’صدقي‘ چئي.
(4)
ڀالا بڻڇيون ڪيترا، هزارين هئاس
سي مر سُيو ڳالهيون، مرڪي ٿي ماڻاس.
6- شاه بلاول جي لڪ واري جنگ
هن جنگ جو بنياد هن طرح چيو وڃي ٿو ته هڪ طرف قوم ڇُٽا ۽ ٻئي
طرف خضرائي زَهري (بروهي) قبيلي جي پهريائين پاڻ ۾
عداوت ٿي. شاعر نم جي بيت موجب فتح محمد ۽ علي
مراد خضراڻين ڏمر رکيو ۽ ’واڳون‘ نالي ڇُٽي جا
هٿيار کنيائون؛ پوءِ انهيءَ تان جهيڙو متو. جوهي
جا جمالي غالباً خضراڻي زهرين جي طرف هئا. ڇٽن ۽
جمالين جا آرٽاڻو ۽ ٽَونڊو ماڳن تي مقابلا ٿيا، جن
۾ جمالي زور ٿيا. جڏهن ڇٽا دوبدو مقابلي جي طاقت
ساري نه سگهيا، تڏهن وجهه وٺي جمالين جا ماڻهو
ماريائون ۽ سنڌ واري پاسي کان لڏي اچي لس ۾ پنهنجي
قومي سردار ڀوتاڻين وٽ پناهگزين ٿيا، جن ڄام مير
خان (وڏي) کي آگاهي ڪئي.
ڇٽن کان وير وٺڻ لاءِ پويان جمالين جو لشڪر چڙهيو. جمالي تعلقي
جوهي ۾ ٽنڊي رحيم خان ۾ رهندڙ هئا، جن سندن لشڪر
جي اڳواڻي ڪئي. جمالين جو لشڪر لوهِي واري لڪ مان
چڙهيو جو ’شاه بلاول نوراني‘ کي سامهون آهي. هتان
لس طرفان جنگي خان جي اڳواڻي هيٺ ٻُرن جو ڪجهه
لشڪر اڳواٽ ئي جانچ پڙتال لاءِ شاه بلاول طرف
روانو ٿي چڪو هو. جنگي خان ڏيوڙاڻي (ڏيوڙي جو پٽ)
درٖيساڻي ٻُرو، اُٿل جي ٻُرن جي سردار گهر مان هو.
پاڻ ان وقت موٽيل مڙس هو. شاه بلاول تي اچي منزل
ڪيائين. جڏهن جمالين جو لشڪر لوهي واري لڪ تي اچي
منزل انداز ٿيو ته شاه بلاول جي خيلفي جنگي خان کي
خبر ڪئي. جنگي خان لس جي وڌيڪ لشڪر لاءِ ڪونه
ترسيو پر مقابلي لاءِ چڙهي پيو ۽ لڪ جي اوريين طرف
’ساند جي دورٖي‘ وٽ اچي ديرو ڏنائين. جنگ لڳي جنهن
۾ جنگي خان سان گڏ چئن ٻين مڙسن بيهي ميدان
ملهايو: ”ڊهيرين سندي ڊِهه ۾ جهليا پر پنجن.“ اهي
پنج مڙس هي هئا: جنگي خان ڏيوڙاڻي، دريساڻي ٻُرو،
سومار ڪَلاڻي ٻُرو، تورپيو ڪَلاڻي ٻُرو، ڌڻي
ڪَلاڻي ٻُرو ۽ ڪريڙ گلاڻي گڊو. اهي پنج ئي نالي
وارا مڙس هئا جي مئا. ’ساند جي ڍوري‘ وٽ سندن
ماهيون اڃان تائين موجود آهن. جمالين جي طرف فتح
خان هن جنگ ۾ ماريو.
جمالين جو لشڪر لڪ جهلي ويهي رهيو. پوءِ ڀوتاڻين مان سردا
نوشيروان، غلام حسين ۽ ٻيا لشڪر وٺي اچي پهتا ۽
مقابلو ڪيائون. ڪي مڙس منجهانئن ماريا، پر پوءِ
جمالين جو لشڪر پڻ پوئتي موٽي ويو.
شاعر نم هن سڄي داستان کي سربستو هن طرح ڳايو آهي ته:
[الف] شاعر نم جا چيل بيت
ساراهيان سچو ڌڻي الله عالمن
مڃيان محمد مصطفيٰ آگاهه امتين
لنگهائيندو لڪيون اچي عاصين
ابابڪر عمر عثمان علي چارئي يا چئجن
علي ڪافر ڪٽيا ڌاڪ وجهو ديسين
ماري مسلمان ڪيا کڻيو ساڻ کنن
ميران مونجي من ۾، مدت مريدن
عالَمُ مريدن اُن جو مڃيو ملائڪن
پوءِ ٿيون پاتشاهن ۾ ريتيون اي رمن
ڪنهن نه ڪهڙي ڳالهه تان ٻيو وِڏر وڏيرن
فتح محمد، علي مراد ڪرٽ رکي ڪؤنرن
[4]
جوانن جوڙي جنگ جو کينو خلل خضراڻين
ويساهي ’واڳُو‘ جا نيِا اول هٿيار اُن
[5]
شير خان سنبهي ڪري، ڪئي مرداڻي من
سهَٽي سورهيه ساٿ هڻي آندو گهاء احدين
اچيِندي الهداد سانهاٿي پيو هٿن
ڳوڌٖي ڳيراني سين جهلي گهاء جواڻن
الهداد ائين چئي ٿو ٻڌائي ٻيلين:
مَل ماري ٿو مِيٽ سين ڪا آهي سڌ سڀن
[6]
آواريو ٿي اُهَٽِيون، وجهه لڌو ويرن
[7]
خان هڻي کيرو ڪيو وجهي چڪ چرين
هُن ماري ڇڏيو اوڀايو اڳرن
سو اُنين مان اٿيو ڪيو ڪورا ڪِرماڻين
[8]
سورهيه سڀاڳي جون اڃان ڳالهيون پيون ڳڻجن
گَڊي ڪين گهٽايو جيئن دهوڙي پيو ڌڪن
وڙهي وڏيرن نان ڪثر نيئي نه ڪن
[9]
اها مانجهي مَٺين ڀانئيو اُٿانيو احدين
[10]
صاحب خان سنڀائيا کڻي ڇيڙ ڇٽن
[11]
نهرو نوشيروان هو بل بل ڀوتاڻين
سِڱرو صاحب خان هو مٿيرڻ منجهن
تنهن سين سيچاڻا سنڀيا ٽوڏا ٿا ٽرَڏن
لائق وڃي لوپ مان هنيون لوڙيو لاکيڻن
ٻه ماريائون اُتهين پڄي گهاء پرسن
مان هڻي سي موٽيا جَس کٽيو جواڻن.
–––
*سُپتيي صاحب خان جون سڀيئي سڻجن
تنهن نرمن ننگ سڃاڻي واري اُٺ ڏنا کي اُن
ڇرِت لهي، ڇيڙ کڻي، ڀيرِي بِراهين
[12]
دُوسي تن ’دُري‘ جو مال هنيو مردن
پَڙو نيائون، ڪُپت ڪيائون، اها پري ناهي پرسن
احدين تِهرَ اُٿانئيو پسو پنجاين
گهوٽيي گليگ پنهنجي ڏني نه ڏاڙهيارين
لانچي مڙيا لوڙهه کي بِلههُ ڀوتاڻين
ڳوڌين پَئي ڳوٺ تان نالو ڪيو نِهنگن
کَهٽَ ڪري خضراڻين جا آندا ڌڻ ڌڱن
سُمال خان ساٿ نڀايو، مَرڪي گهاء مردن
تنهن سين گڊا سڀاڳو سنڀيو، لانچيو لاکيڻن
احدين وڃي ان ڀرايو ’جوهي‘ مان جواڻن
سي متارا موٽي اتائين ٿا اچن
پُرسن پاواڻو ڪيو وچ ۾ وريامن
سورهيه اُت سمهي رهيا بار گهيڙي بوتن
اَجها اوڳارين گهڻو ڪا سام مَيَن
خضراڻين خلل ڪيو مندي ڪيائون من
آيا آڌيءَ رات جو سَهڻي پيا سُتن
جهونجهاراڻي جوان کي سڃاتو ڪين سڀن
سُمال خان سنڀاليو، اُٿيو گهاءَ احدين
پانڊؤ پنج پڇاڙيون سي پڻ ساراهجن*
––
هاڻي بِراهي ’بالاچ‘ سين ٿا اُڇل منجهه اچن
تن ٽِڪائي ’ٽُونڊي‘ تي جنگ ڏني جوانن[13]
ٿيلي ٿُوپاڪون هنيون واهه تت وڏيرن
نوشيروان ويلي ننگ جي، وڙهيو گهاء واگهن
صاحب خان سؤڻ ڪيا بڇيو بندوقن
احدي پٽ اوٿماڻ جو تُريو تماڻن
شير خان جي سَت جي ڳالهه ڳريائي ڪن.
هوڏانهن چلي چاڪر آئيو منجهان بِراهن
اچي گڏيا پاڻ ۾ ڌوڙِي پيا ڌڪن
ڪيئن سي سينهن سانبيٽيا ڪيئن سي واگهه وڙن
ٻنهي ٻرنديون هٿ ۾ کِپان ٻهر کڙن
[14]
ڪوسيون ڪپارن ۾ چهٽيو چڪ وجهن
شير خان شهادت رسيو عالم ايئن چون
’ٺارُ و‘ ٺيپُون ڏنيون بِلَههُ بهلولن
[15]
ٻيهر ٻروچن لانچيو جمالي جواڻن
اچي ’ارٽڙين‘ تي جنگ جوڙي جوڌن
لڳو جهيڙو جهڳڙو ٻوڙين ٻن پهرن
رحيمني جي رس جي ڳالهه ڳريائي ڪن
راوت رحيمنو هئو منجهان ڪؤنر ڪلن
شيرخاناڻي ست ڪيو چاڳلي چون
سيد الهڏنو شاه آيو گهاء احدين
سي خليفا شاه جا صلح ڪيو سينهن
[16]
هوڏانهن اُلڪو اُن جو ڏٺو ڏاڙهيان
پوءِ لڙيا ڇُٽا لس تي ڪري اجهو عالياڻين
[17]
سي متاري ميرخان کي پاڻ اچو پَر ڃن
[18]
اجهو اوڍر ابڙو جهلو جهونجهارن
ميرل ماڙي جو ڌڻي اونچو منجهه اڙين
ڪُڙم ڪيهر اڳرو سرس کانء سڀن
لائق ڌڻي لس جو پڌرو منجهه پَٿرُن
[19]
اڳي ’صديق‘ سَرڻيو جهليون، اي ڪم سدرون
[20]
دانَههُ گهڻو دلاسيو مهندان ملوڪن
ڀلي ڪري آئيا اوهين اهين چيائين ان
پر ٻرين جِهَر ٻيهاريا، تهِرَ رهايا راڄن
[21]
تن پيرا جهلي پاڻ ۾ مصلحتيو مردن
[22]
لڄين جوڳا لائقي، لڄون سي کڻن
وقت ويندا گذري، موٽي ڳالڙيون ڳڻجن.
صاحب خان سنڀائيا کڻي ڇيڙ ڇُٽن
وڃي تن ويرين جو مال هنيو مردن
ٻه ٽي مانجهن ماريا هڻي منجهان هُن
لوڙيو لاواريون ڪيون کڻي کاهوڙين
بيهن بانڪا ڪينڪي ٻَنهُنس ڪيو پوَن
وڏيرا وڙهڻ جون اڳي اُٽلون ڪن
اِنهِن تان اُٿانئيو ٻڌو ٻروچن
[23]
کؤنسن کارُ ودا گهڻو، ڪيو ڏمر ڏاڙهيان
[24]
پهه ڪيو پاڻ ۾ سي جڙيو جمع ٿين
کڻيو ڪٽڪ کار مان ڪريو اُو ر اچن
تڏهن ڄامَل ڄاڻ ڪئي پئي دانهن دَنگن
دُرس داروغا چڙهيا، ٿا ڪٽڪ ڪوٺائجن
ميرخان قاصد ڪڍيو چُٽو سينهن چون
ته چئجِئين ڌِڱ ’دُرٖي‘ کي اوريان ٿا اچن
[25]
علي ڇُٽاڻي آئيو منجهان داروغن
[26]
تنهن سڀڪا سڌ سڻائي پڄي کي پُرسن
ڪوٺيو ڪٽڪ پنهنجا، دُرو سمجهائي سيِنهَنِ
مِڙيو سِڙيو مُچ ٿيو ٿا مرد مصلحت ڪن
ڄام درو، تِهَرِ چڙهيو، سوڌو سردارن
ته اُٿي ميرخان مانهند ٿئي سمهُون گهاءِ سينهن
[27]
هيڏانهن ٻُرا دودا ٻيل ٿي لانچئو لاکيڻن
اُٿيا الهداد سين ٿا مانڊڙا مَرڪن.
ڪوٺيو ڪٽڪ پنهنجا، دُرو سمجهائي سيِنهَنِ
وڃي سي واهر ٿيا ڀِري ڀُوتاڻين.
[28]
پوٽا ’پير ڀُڪُر‘ جا وير کني وهسن
[29]
ڳوڌيــــٖـن ڳڙهه ٻڌي ڪيو جهَلو جهونجهارن
خليفن خاشي ڪئي ٻيلي ٿيا ٻُرن
[30]
مزار ماڻهو موڪليو ته اوريان ٿا اچن
[31]
دانهيي سندي دانهن تي ڪانٽاريو ڪُڙهن
اول ٿُوپاڪِي اُٿيا ٿا لائق لَڪ وٺن
چيائون ربني کي ته وٺؤن آڏڻُ اُن[32]
پُرسين پاراڻو ڪيو، اَڙ جوڙي احدين[33]
وڏي وِير ورايا، ويڙهي ويا واگهن
ننداڻي جي ننگ جي ڳالهه ڳريائي ڪن
[34]
فِرَنگ رحيمني پنهنجي هنئي کي هيسنِ
[35]
تنهن لِچي ساڻ ليٽائيو هڻي منجهان هُن
[36]
سورهيه ’پار پيو‘ ٿو بچي بتدوقن
هُنِ منجهان هيڪڙو ماريائين گهاءِ مردن
زيدي ۾ زَهمون هنيون اڳ ’چوٽا‘ سينهن چون
[37]
گهورن ڏيئي ’گهٽ‘ ۾ هنيو جاڙي گهاء جواڻن
[38]
راوت رنگ رڻ ڏيهه ڪيو ’حاجي‘ هزارن
مُزرو ’مڱياڻي‘ جو مڃيو ماراڪن
جنهن ري هٿيارين رکسُ ڪيو سو ’سُمبڪ‘ ڳاءِ سٿن[39]
جهڙُيِ ’جاڙاڻي‘ ڪئي سا مشهور منجهه ملڪن
لکڻ ’لاکاڻي‘ جا خاشا خوب چون
ڊگار هئو ڊِههَ ۾ پر بچايو ڀلن
[40]
پوٽو ’پِير ڀُڪر‘ جو، دعاڳو ٿيو ڌڱن
زرُي تنهن ’زَهريي‘ جا پورا پارا ڏجن
مِٺاڻي ميدان ۾ بندوق هنئي ڀَڙن
واهه وليداد وڙهيو ٿيلهي ٿُوپاڪن
’پيرداداڻي‘ پِڙنگيون هنيون، ٻوليو ٻروچن
’ڀِريو‘ ڀِرٖي سَت ڪمايا بيِئَهِي ۾ ڀائرن
ماٽاڻي مانَ سُرهو ٻهڳڻ مان ٻُرن
خميسي کهٽون ڪيون پاسي دَهرارن
[41]
سلو ساپُرسن جو سميجا سونهن
مُڙن مانجهي ڪينڪي لڌو ڇڪُ ڇهن
[42]
ٿوپاڪين جي ٿيل ٿئي ڇُٽڪو ڇليرن
دارون ڌُوساڙو ڪيو سڀي سڏ سُڄن
سڄي رات سماء ڪري جنگ ڏني جواڻن
مانجهي ’ڪَرِيڙ‘ موڪليو سُوڌو ڏانهن سينهن
[43]
تنهن آڻي ڏني اُن کي خبر خوب چون
تان جهليو جنگي خان نه رهي وڌيو ڏان ويرين
هاڻي ڇَلا ڇلين سامهان ٿا هيڪو - ٻئي هڻن
ڊهيرين سندي ڊَهه ۾ جهليا پير پنجن
جن جنگي خان ڇڏيو، ڇو چوان کي تن
[44]
آءٌ ليکي ليکيان ڪيترا پاڻهين ٿا ڄاڻن
ڪڙي ۽ قاتل مان وٽون تان نه وٺن
سڀي گڏ ڀائرين سين جي هاڪارٖي هڻن
ته مون نالا وٺي ”نم“ چوي ساريا منجهه سٿن
هي ڀڄيو پاس بُٺيِن جي بيٺا ڏور ڏسن
[45]
اصيل کي ايڪ اشارو ٽٽونءَ ٽيهه لڳن
عيب اشرافن ايترو جو سڀئي سمجهن.
ايهي ڇڏي اِتهين، سورهيه ساراهجن
هُنِ هُيائي هيڪَڙي ڳالهه پَڪي پُرسن
تن ڪشي ڪَسُونبا ڪڍيا پيتا پوشيدن
’سومار‘ سَرو هٿ ۾، وٽون ڏي واگهن
کن وٖيران خوش ٿيا، ٿا کٿوريل کلن
[46]
جنگي خان جيڏن ۾ سونهن سندي سرتن
ڪري ”علي“ ”علي“ اٿيو، ٿيو اِمامي انهن
[47]
اڳ جا ڏاڏس ڪئي ’ڏيوڙي‘، سا اڄ ميراثي من
[48]
تنهن ڪِلو ڪيو قمبر تي مَرڪي گهاءِ مردن
[49]
مير براهِم موج ڪري ٿي ماريائين مَواسن
تِهَر ڪنبيو ڪاڇي واريين، ٿي سٽيائين سينهن
هي به احدِي اڙٻنگ اَڌنو، تنهن منجهان ميراثين
[50]
تنهن مرڪي منهن مانجهيء ڪيو لانچي لاکيڻن
خوشبوءِ کٿورئي مان ڇاٽِيو ڇڳيرن
سڄو سُرهائي جو وڌو پٿر پوشيدن
پسو پُوريون پاتيون، ڪيو جهُڙ ڳَههُ جهونجهارن
[51]
سانن سڱ اڙايا ننگ مٿي نهرن
ڏنو ٽڪر پاڻ ۾ ٻرين ٻَروچن
[52]
ڏيوڙاڻي جي ڏيهه ۾ سُوئي ڳالهه سڀن
جوانا جنگي خان جا پورا پار ڏجن
سيِنهُن وِهريو سَنگهريو، ڪندو وڻاءُ سان ويرين
[53]
سوچاڻي سٽون ڪيون، نهري سان نُهبن
ٻهڳِڻ جهليو ٻان ۾، ٿو مارٖي تيغ مَنن
[54]
شڪيلا ’شاهِي‘ کي تنهنجا لڳو لڳ لڳن
[55]
پر ويرين واگهه ورايو گهڻن ۽ گهاٽن
گهڻا ٿورا پاڻ ۾ تورٖي ڪين تُرن
ڪهڙو برابرو تن سين، جي سر جا سخي ٿين
ڀِرن جي ڀڳن مان احدي اوهه چئجن
[56]
مري شير شهيد ٿيو ملهائي مائٽن
اڳيان پويان اُن جا مرجان ٿا مرڪن
موتي ماڻڪ مير سي هيرا هار ٻڌن
سهرا تنهن سردار کي سوڀاتا سونهن
راڻيون تنهن راء لاءِ پڇو پار ڪڍن
ٿُوهراڻي ٿيلي کُتيون، وڙهيو واهه چون
[57]
اول جو احدي آئيو مانجهي گهاء مردن
پوءِ مرد مَٽرون لائيون مانجهي مُلاٽن
[58]
جڙي ڳالهيون جنگ جون ڪيائين تنهن ماراڪن
سي سڀ پنهنجا پاريا پانڊؤ گهاءِ پُرسن
سرسائي سومار جي احدي ايئن چون
وات وڌائين وڙهيو، هاٿي پيو هٿن
تنهن ڦيري فتح خان کي دسيائين ڌڱن
اهو مري شير شهيد ٿيو ملائي مائٽن
اڳيان پويان ان جا مرجان مرڪن
ڪُر ڪَلاڻيءَ اُجريو منجهان مهاين
تورپيي جون تک ۾ ٿيون جوهريون جرڪن
مصري مانجهي ڪڍيو ٿو هڻي هوليگن
مانجهي سو ماريو مرڪي گهاءِ مردن
دُوسي هَنيون ڏڻيني جتي چاهه چرين
[59]
هاٿي هوڪارا ڪري ٿو گجي منجهه گهڻن
زهمين سو ذرا ڪيو رانئيو رُڪيِڻن
گن گلاڻي من ۾ آيو گهاءِ احدين
’ڪَريڙ‘ ڪِرماڻيون پَڇنڊيون جتي تئو تيغن
ڌڻيء ماهندان دادلي ڪيا مُزرا گهاءِ مردن
[60]
هڻي هٿ ڪمايا اها پَر اصيلن
مهٽي دسيائين مٽ کي وجهي ڀاڪر گهاءِ ڀَڙن
پئي سو پرزا ٿيو ماهندان ملوڪن
دانهيي تڏهن دانهن ڏني موٽي مجلسن
هوڏانهن احدي آئيا پَلَههُ ڀوتاڻين
[61]
مُڙن مانجهي ڪينڪي ساهه جو سانگ نه ڪن
جوانين جهُمٽ لايو جهُڙ ڪيو جَزّارن
نهِرٖي تنهن نوشيروان جون لاريون ٿيون لڳن
غلام حسين گهٽ ۾ آيو مستي مٿيرن
جنگي خاناڻي جنگ ۾ وڙهيو گهاءِ واگهن
تاج محمد تک ۾ آهي منجهان مهاين
جؤنهَر جعفر خان جا پورا پار ڏجن
پوءِ مرڪي آيا مانڊڙا بِلَههُ بَهدُورن
پنج ڄڻا پرسين مان گهايا گليلن
واڳون ڇٽو لشڪري امير مان احدين
الهياراڻي اُتهين وڌيو ڏان ويرين
الهداد اُڌوڙ ڪئي ٻاجهاٽيو ٻيليين
صابو لنگهو ست ۾، پاسي دِهدارن
لوڌي ٽاهي پوءِ ڪڍيا اُٿوڙي انهن
پِهريندي جي پهه ڪري بيهي گڏ بيهن
ته صحيح سلامت سڀئي ڪيئن جمالي ’جوهي‘ وڃن
هاڻي ڪلمون پاڪ پڙهن، موچاري محمّد تي.
لااِلـٰــﮧ اِلا الله محمّد رسول الله
|