مولوي محمد حسن سان پنھنجن جي مخالفت
مولوي محمد حسن صاحب کي نه صرف پراون کي منھن ڏيڻو
۽ وڙھڻو پيو، پر کين ڪيترن ئي محاذن تي پنھنجن سان
به لڙڻو پيو. جڏھن انھن غلط ۽ غير شرعي رسمن خلاف
ڳالھايو ۽ ماڻھن کي ٻڌايو ته، ميڙاسر جا سندن
ويجھا عزيز به سندن خلاف ٿي پيا. ڇو جو انھن غلط
ئي سھي، پر پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن کي ڇڏڻ
نه پئي چاھيو. گوگاسر جي قاضي احمد علي ولد خير
محمد نوھڙي، (خير محمد نوھڙي به مولوي صاحب جي
شاگردن مان ھڪ ھو) جي بقول ته صرف جڏھن مولوي صاحب
جي شادي جا ڏينھن ٻڌا ويا، (جيڪا قبولئي جي پار
مان محمد عثمان ڪنڀار جي گھران ٿي ھئي) ته ڪم ڪار
جي حوالي سان، سندن عزيز ھا ڪري، عين وقت تي ھر
ڳالھه کي وساري ويٺا! جنھن ڪري مولوي صاحب کي،
ڀرواري تڙ گوگاسر جي الھه ڏني ولد خميسو نوھڙي
(قاضي احمد علي جو ڏاڏو) اُٺن تي پاڻي ڀري آڻي،
شادي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو، جيڪو ان وقت تمام
وڏو مسئلو ھو. ان حوالي سان تڙ پنات جي عبدالواحد
راھمون ولد قابل ھڪ شعر/بيت به چيو ھو، جنھن ۾
مقيم ۽ ماڪو وغيره جي نالن جا مصرع به شامل ھئا.
مولوي صاحب جا مقيم سان اختلاف اصل ۾ ھڪ ٻانھه تي
ٿيا ھئا، جيڪا مولوي صاحب وارن ۾ پرڻيل ھئي، پر ان
جي مڙس جي اچانڪ وفات تي، اھا عورت ڪنڀارن جي ٻئي
پاڙي ۾ پرڻائي ڇڏي، جنھن تي وڏي عرصي تائين، وڏا
اختلاف ھليا.
رام سنگھه
گڍڙو
سنڌ ۽ ٿر جا اُھي شھر جيڪي آباد ٿيڻ بعد برباد ٿيا
۽ انھن کي آباد ڪندڙ اُتان ھليا ويا، انھن ۾ رام
سنگھه گڍڙو به ھڪ آھي. ھنئن ته ٿر ۾ گڍڙا ٻيا به
آھن ته گڍي ڀٽ (مٺي) به آھي، پر ھن گڍڙي جو پنھنجو
ھڪ شاندار ماضي ۽ اوج رھيو آھي. ٻين گڍڙن ۾ ننگر
واري پاسي ھڪ ‘گڍڙو پيٿاپور’ (پيٿو ٺڪر ھو، ان جي
نالي پٺيان ٿيو گڍڙو پيٿاپور) ٻيو گڍڙو سڏجي ڌوڙ
گڍڙو، جيڪو تعلقي ڇاڇري، تپي مٺڙيو، لڳ کينسر، ۾
واقع آھي. ھي ‘ڪيلھڻ’ سوڍن جو ڳوٺ ھو. انهن
ڀرپاسي مان واري گڏ ڪري وڏو دڙو ٺاھيو ۽ ان مٿي
پٿيون/گھر اڏيائون ۽ ھيٺين پاسي کان تمام گھڻا
ڪنڊا سٿيائون ته جيئن ڪير مٿي چڙھي نه سگھي. اڏاوت
جو ھي ھڪ بھرحال عجيب نمونو ھو! جيڪو چورن/ڌاڙيلن
جي خطري سبب ٺاھيو ويو ھو، ھن طرف ڌاڙيل گھڻو ڪري
کوسا ھوندا ھئا، جن کي ٿر ۾ سرائي به سڏبو آھي.
وڏڙن مطابق 1700ع ۽ 1800ع ڌاري ھتي ڌاڙيل آيا ھئا،
جيڪي شايد کوسا ئي ھئا. جن سان ڳوٺاڻن جو مقابلو
ٿي ويو، جنھن ۾ ڇھه ڳوٺاڻا مارجي ويا. انھن ۾ ھڪ
مينگھواڙ ۽ ٻيا سميجا ۽ راھمان ھئا. جن جو اڄ به
قبرستان موجود آھي، جيڪو ‘ماھو’ سڏجي ٿو. ماھو
معنيٰ جھيڙو/جنگ. ھي ڳوٺ به انگريز دور ۾ ڦٽو،
جيڪو ميرن جي دؤر کان اڳ جو ٿو ڀائنجي. ماھي وارو
قبرستان ڳوٺ سيار لڳ ميڙاسر ۾ موجود آھي.
جڏھن ته ھي رام سنگھه گڍڙو اڄڪلھه تعلقي ڏاھلي،
ضلعي ٿرپارڪر جي ديھه ۽ تپي گڍڙي ۾ واقع آھي.
جيڪو ڇاڇري شھر کان اُتر طرف 57 ڪلوميٽرن جي
مفاصلي تي آھي. ھن جي ڀرپاسي واري ڳوٺن ۾ ڪڪراڙو
(سميجا) ميڙاسر (ڪنڀار) گوگاسر (نھوڙي) ڪانڪئيو،
اڻند، (ڪنڀار) ڪا ٺو (نوھڙي) ڏاھلي (بجير، ٺڪر،
راھمان، برھمڻ، واڻيا وغيره) ۽ کينسر وغيره واقع
آھن.
روايتن موجب ٻه ٽي صديون اڳ سوڍن جي بجيرا نُک جو
ڏاھلي ۾ رھندڙ رام سنگھه سوڍو، پنھنجن ماڻھن سان
گڏ، ڪنھن ڪم ڪار سانگي جيسلمير ويل ھو صبح جي وقت
اُتان واپس ڏاھلي ڏانھن ورندي ھن جاءِ /ميدان تي
(موجوده گڍڙي واري ھنڌ) پھچي ھن ڏٺو ته رات جو ھڪ
رڍ ويامي آھي، جنھن جي تازي ڄاول ڦر کي، گدڙ کڻڻ
جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر رڍ ھمت ڪري، پنھنجي ٻچي کي
گدڙ کان بچاءِ ورتو! (پيرن جي مدد سان سڃاتائين)
رام سنگھه کي ڏاڍو تعجب ٿيو، ته رڍ ايتري ھمت ڪيئن
ڪئي جو گدڙ کان ڦر بچاءِ ورتائين!! ھن ڏاڍو غور
ڪيو ۽ سوچيو، جنھن تي ھن کي اھا پڪ ٿي ۽ ڳالھه
سمجھه ۾ آئي ته اھا ھتي جي زمين جي طاقت جي ڪري
ٿيو آھي. ھن زمين ۾ اھڙي ڪا ڳالھه ضرور آھي، جنھن
جي ڪري رڍ، گدڙ سان مھاڏو اٽڪائي ٻچو بچايو آھي.
ھو واپس ڏاھلي پھتو، اُتان ٺھي سنڀري، رڍ واري
جاءِ تي آيو ۽ اُتي گھر ٺاھي رھڻ لڳو (گڍ معنيٰ
ڪوٽ/قلعو) ائين گڍ مان ٿيو گڍڙو، جيڪو پوءِ سندس
اڏيندڙ جي نالي پٺيان رام سنگھه گڍڙو سڏجڻ لڳو!
پوءِ گڍڙي ۾ سوڍن/ٺڪرن کان علاوه مينگھواڙ، برھمڻ،
واڻيا، چارڻ، راجپوت، ٺڪر، درزي، ھندو ۽ بجير
وغيره اچي آباد ٿيا. 1948ع تائين ھتي ڪنڀارن جو ھڪ
به گھر ڪونه ھو، اھي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رھندا ھئا.
اڄ ڪلھه ھتي راھمان ۽ نوھڙي وغيره آباد آھن، جن ۾
ماستر سليم ۽ پاڳي سائر خاص طور تي قابلِ ذڪر آھن.
۽ انھن جي مھمان نوازي به قابلِ ذڪر آھي. گڍڙي جي
اوج جو ڪجھه اندازو ان زماني ۾ موجود چئن کوھن مان
به لڳائي سگھجي ٿو. آھستي آھستي گڍڙو وڏو واپاري
مرڪز ٿي ويو. ننگر کان وٺي سڄي زرعي ۽ ڪاروباري
مارڪيٽ ھتي ھئي، پوءِ ھتي ريل به پھتي ته ريلوي
اسٽيشن به ٺھي، جيڪا پوءِ ھندستان جي حدن ۾ ھلي
وئي ته ٺڪر به آھستي آھستي لڏي ھندستان ھليا ويا.
رڳو ڦٽل گڍڙو شھر پاڪستان جي حدن ۾ رھجي ويو !
گڍڙو اسٽيشن، هتان کان اُتر اوڀر ۾ 4 کن ڪلوميٽرن
تي واقع آھي. کوکڙا پار ريلوي اسٽيشن کان پوءِ
ايندي موناٻا/موڻاٻا (موھڻا ٻه) تاملور، ليلمو
(ليلئي واڻئي پٺيان سڏجي ٿو) ۽ پوءِ ايندي گڍڙو
اسٽيشن.
ھتي جي ٺڪرن جي زوال جو سلسلو ته مولوي محمد حسن
ميڙاسري ۽ سندس ساٿين پاران ھتي مسجد ٺاھڻ ۽ مدرسو
قائم ڪرڻ کان ئي شروع ٿي ويو ھو، جيڪو 1949ع ۾
پاڪستان ٺھڻ بعد ٺڪرن جي ھتان وڏي پئماني تي
لڏپلاڻ بعد اڃان به وڌيو. رھي سھي ڪسر 1965ع ۽
1971ع واري جنگين ۾ نڪري وئي! ھينئر انھن ٺڪرن مان
ھڪ ٻه گھر ڏاھلي ۾ رھن ٿا. (ھن مضمون جا نوٽس
13-08-1996
تي ورتا ويا ھئا، اھا ان وقت جي ڳالھه آھي)
ھاڻ واري گڍڙي آبادي جي لحاظ کان آھستي آھستي وڌي
رھيو آھي، پر گڍڙي جي ڀرپاسي ۾ موجود خوبصورت
ترايون ‘نان ٿان’ ، جنھن جي ڀرسان، برسات بعد ڪڻڪ
۽ ڄانڀو پوکبا آھن ۽ ‘پانڌي’ واري ترائي جھڙيون
ترايون، ڦٽل ۽ نانءُ نشان مٽائي ويٺل کوھه ۽
ديوين سان سٿجي ويل ميدان ۽ ڀٽون پنھنجي پراڻن
مالڪن کي ساري، اُداس ضرور آھن. اھا اُداسي ۽
ويراني، هتي اچڻ بعد ھرڪو محسوس ڪري سگھي ٿو! ھاڻ
ھتان کان مالڪ ته ھتي نٿا اچن، نه ئي کوسا ڪجھه
کڻي ٿا وڃن، پر باڊر جي ويجھو ھئڻ ڪري (بارڊر ھتان
کان ھڪ ڪلوميٽر اُتر طرف آھي. جتي پاڪستان جي
مھاڏاڻي چوڪي ۽ ان جي سامھون انڊيا جي ٻاھڙ مير
ضلعي جي رامسر تعلقي جو گڍاڙا روڊ شھر/ڳوٺ واقع
آھي، پر اُتان جا ماڻھو، اُتي ڪتا ۽ سوئر گھڻا ٿي
وڃڻ بعد، تار کان اھي ھن طرف ضرور ٽپائي ڇڏين ٿا،
جيڪي ماڻھن توڙي انھن جي مال، خاص ڪري رڍ ٻڪري جي
ڦرن کي وڏو نقصان پھچائي، پنھنجي مالڪن جا پلاند
پاڙين ٿا!
ميڙاسر
جا
ڪنڀار
ميڙاسر جو ڳوٺ ٻن حصن تي مشتمل ھو. ھڪ وڏو ميڙاسر
سڏبو ھو ۽ ٻيو ننڍو.
ميڙاسر واري پاسي ڪنڀارن جي ٻين وڏن ڳوٺن ۾ پاڪستان واري
پاسي ڀوريلو، تالسر، ولاسرو، ساڪريو، مِٺا تڙ،
کينسر، پاٻوھر، ڀٽاڙو، مينڌري جو پار ۽ اُڻند
وغيره شامل آھن. جڏھن انڊيا واري پاسي آيل ڳوٺن ۾
جيسيندر، ھرساڻي، بيساڙو، ٻاڙمير
۽ جِھڻڪلي وغيره شامل آھن. اھي ڪنڀر اصل ڪٿان جا
ھئا ۽ ڪٿان کان آيا؟ ان جي پڪي پختي ڪا خبر ڪونھي،
پر اھو ضرور چيو وڃي ٿو ته اھي ھندستان جي رياست
’ناپا‘ جي ڳوٺ ’گڍا بوانا‘ لڳ آباد شھر ’سردار‘
مان لڏي، انھيءَ پاسي آيا ھئا. جڏھن ته ڪن روايتن
۾ اھي جيئپور ڀرسان ڪنھن ڳوٺ جا به چيا وڃن ٿا ۽
پوءِ وقت ۽ حالتن ھٿان لڏيندا ميڙاسر جي مِٽي جا
ٿي ويا. جتان پوءِ وري اھي لڏي؛ عمرڪوٽ، صوفي،
عالم پلي، کاھي، ھالارو/دولت آباد، چوٽياريون ۽
سانگهڙ وغيره ۾ اچي آباد ٿيا. مزي جي ڳالھه ته
ڪنڀار اُتان کان اچڻ بعد اڃان تائين گھڻي ڀاڱي
ڪنڀر ئي رهيا آھن، پر جئپور مان لڏي ايندڙ ۽ شروع
۾ جئپوري ئي سڏرائيندڙ، ھاڻ گھڻي ڀاڱي سيد ٿي ويا
آھن! ميڙاسر ڳوٺ ۾ ڪنڀارن جا ٻه پاڙا ھئا، ھڪ ڏھر
وارو يعني ھيٺائين وارو ڳوٺ، جنھن ۾ ڏاڏي حاجي
حمزي ۽ ناني حاجي جعفر وارا رھندا ھئا ۽ ٻيو
مٿاھين يعني دڙي يا ڀٽ وارو ڳوٺ، جنھن ۾ مولوي
محمد حسن، گوھرام، مُبين، جمعو، امر، عيدو ۽ ناني
سومار سانوڻ وارا رھندا ھئا. جيڪي اڄ ڪنڀار ذات جي
مختلف شاخن يا پاڙن جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا ۽
مختلف ھنڌن تي آباد آھن. جن جو مختصر ذڪر ھت ڪجي
ٿو:
حميداڻي، جن مان مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب ھو.
جنھن جو وڏو ڏاڏو رحمان ۽ ان کان پوءِ دائود، جنھن
مان ٿيا ٽي پٽ؛ سانوڻ، قادر بخش (صوفي وارو) ۽
مولوي محمد حسن. جن جا پونئر عمرڪوٽ، صوفي، کاھي
۽ سانگهڙ ۾ رهندڙ آھن. مولوي صاحب جي والد دائود
کي ٽي پُٽ ؛ سانوڻ، قادر بخش عرف قادو، مولوي محمد
حسن ۽ ھڪ ڌيءُ جو اولاد ٿيو. مولوي محمد حسن کي
وري ٽن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو، جن مان ڏاڏو
اسماعيل، يوسف ۽ احمد پيدا ٿيا. جڏھن ته ٻن ڌيئرن
مان وڏي ڌيءُ مان شفيع، نورو ۽ ٽي ڌيئرون پيدا
ٿيون. جن مان شفيع ولد آدم کاھي ۾ آباد ٿيو. مولوي
صاحب جي ٻي ڌيءُ کي ٽي پُٽ؛ حاجي آدم، رمضان، علي
مُراد ۽ چار ڌيئرون پيدا ٿيون. جڏھن ته مولوي صاحب
جي ھڪ ڌيءُ ڪنواري ھوندي ئي گذاري وئي. سانوڻ جي
پُٽ ناني سومار مان چاچو ابراھيم، يار محمد ۽
عبدالرحيم پيدا ٿيا. جن مان عبدالرحيم ڪوٽ نواب لڳ
۽ چاچو ابراھيم پنھنجن پُٽن ڊاڪٽر اڪبر، ميجر
انور، انجنيئر محمد اصغر، انجنيئر عبدالجبار ،
ڊاڪٽر امتياز ۽ نوجوان دفاعي تجزيه نگار نواز علي،
سانگهڙ ۽ ڪراچي ۾ رھائش پذير آھن. جڏھن ته يار
محمد جا فرزند مرحوم محمد رمضان، محمد اقبال، محمد
سليم، محمدالطاف ۽ محمد فريد (ليڪچرار عمر ڪوٽ)
کاھي ۾ رھائش پذير آھن.
فقير جيئندو ولد رحمان، جيئندي جو پُٽ مُبين ۽ ان
مان مولوي عبدالله، جنھن پٻڻ وارو مدرسو قائم ڪيو
۽ اُتي ئي گذاري ويو. جڏھن ته ٻيو فرزند حامد ھو،
جنھن جو فرزند ھاشم جيڪو ميڙاسر ۾ ئي رھي ٿو. حڪيم
ولد رحمان جنھن جو فرزند عيدو، ان جو پُٽ فقير
حاجي حضرت محمد بچل عمر ڪوٽ ۾ ۽ حاجي سڄڻ کاھي ۾
اچي آباد ٿيو. اھي ٻئي مولوي صاحب جا شاگرد به
ھئا.
جمعو ولد اسحاق جيئاڻي عالم پلي ۾ آباد ٿيا.
گوھرام ولد سُرتو جيئاڻي عمرڪوٽ ۾ لڏي آيا. عمر
ولد سکر ولد سرتاج وارن مان حاجي احمد ۽ محمد حسين
وارا کاھي ۾، جڏھن ته رجب ولد حُسين ميرپورخاص ۾
رھائش پذير آھي. مُراد ولد فضل چنيسراڻي، ان جا
فرزند ، ڳوٺ ميرو منڱريو ۽ ڪُتھڙ ۾ ويٺل آھن. راول
ولد علي، علياڻي؛ ان جو پُٽ مُراد بي اولاد گذاري
ويو ۽ ٻيو پُٽ خميسو ولد راول، جنھن جو پُٽ صديق
عمر ڪوٽ ۾ آباد آهي. عارب ولد دولو چنيسراڻي جي
اولاد مان ڪير ناھي. اھي شادي پلي لڳ دارپلي ۾ اچي
آباد ٿا. سيٺ سڪندر ولد آچار چنيسراڻي اڄڪلھه شادي
پلي ۾ رهندڙ آھي ۽ بصرن جو وڏو واپاري آھي. جڏھن
ته مقيم ولد ميھاجر/مهاجر چنيسراڻي جو پُٽ قابل ۽
ان جو پُٽ حاجي قاسم (ارباب نيڪ محمد جو اُستاد)،
الياس ولد مقيم، ان جو پُٽ غلام محمد چوٽياريون ۾
، مولوي ڀورو ۽ عبدالله ولد مقيم، ان جو پُٽ
تماچي، عبدالطيف ولد مقيم (چاچي ابراھيم جو سنڍو)
ڪُتھڙ ۾ رھندڙ آھن. جڏھن ته ان جو پُٽ رمضان عرف
رمون /ملنگ ڪُتھڙ ۾ رهندڙ آھي. خيرالدين ولد
اختيار، ان جا پُٽ محمد ۽ عبدالله کي نرينه اولاد
ڪونه ٿيو، جڏھن ته لکاني جو پُٽ آدم ، ڪُتھڙ ۾
آباد آھي. اُڻند ۽ جيسندر ۾ به ڪنڀر رھندا ھئا.
جن مان اُڻند جا ڪافي ڪنڀار به اصل ۾ ميڙاسر جا ئي
ھئا.
ھلندي ھلندي اھو ذڪر به ڪندو ھلجي ته ڪوٽ نواب لڳ
ئي واقع ڳوٺ (لُٽڪو موري) جا ڪنڀر (مشھور پي پي
اڳواڻ ڪامريڊ جھنڊي خان ڪنڀر وارا) ضلعي ٻاڙمير،
جيسلمير جي اسٽيشن ۽ شھر ’ھَرساڻي‘ ڀرسان ڳوٺ
’سِيھو‘ جا ھئا. چون ٿا ته ھاڻ سيھو وڌي ويجھي
تعلقي جو درجو اختيار ڪري چڪو آھي. ڪامريڊ جھنڊي
خان جي ڏاڏي علي خان ولد چنيسر جي اٽڪل 100 ايڪڙ
کن زمين اڄ به اُتي جي پراڻن کاتن ۾ موجود آھي.
اھي ماڻھو اُتان کان 1930/1932ع ڌاري مال جو چارو
نه ھجڻ سبب مال ڪاھيندا ۽ لڏيندا ڪوٽ نواب اچي
پھتا ۽ پوءِ نوابن جو ڳوٺ ڇڏي، وڃي خان بھادر محمد
حيات جوڻيجو جو ڳوٺ لُٽڪو وسايائون. لُٽڪي جي
ڪنڀارن جو ذڪر ڪجي ۽ ھڪ تمام مَرداني مائي ڏاڏي
مَروي/ماروي جو ذڪر نه ڪجي ته زيادتي ٿيندي. جنھن
کي ’مرداني مائي‘ ۽ ’ڏھراج‘ جو نالو به خان بھادر
محمد حيات جوڻيجي صاحب پاڻ ئي ڏنو ھو. ان وقت حُر
مارشلا جو زمانو ھو ۽ صوبيدار ڏھراج جو وڏو ڏھڪاءُ
ھوندو ھو. سو ڏاڏي ماروي جنھن جا ڪيترائي قصا
مشھور آھن، ان کي به ڏھراج سڏيو ويندو ھو. ڏاڏي
ماروي جو ڀاءُ به ڇاته غضب جو ڪردار ھو، جيڪو پَٽ
وارين لٺُن ۽ ڪھاڙين جو واپاري ھجڻ سان گڏ ٿر جي
مختلف وڻن مان ٺاھيل اھڙيون ته ڀليون کٽون ٺاھيندو
ھو، جو انھن جي خوشبو کٽ ڀڄڻ تائين به برقرار
رھندي ھئي. ان زماني ۾ ڇاڇري جي سوٽھڙن جون ٺاھيل
ڪھاڙيون پري پري تائين مشھور ھونديون ھيون. ايوب
خان جي سخت مارشلا جو زمانو ھجي ۽ ڏاڏو محمد،
ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن تي ريل ۾ چڙھڻ لاءِ اچڻ
وقت، ڪھاڙين سميت فوجين ھٿان پڪڙجي پيو ته، ٺھه
پھه فوجين کي منھن تي اھو چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين
ته ماڻھو کي ارادو ماريندو آھي، نه ڪي ھٿيار!
ارادو ھجي ته توھان کي ڪھاڙي ته ڇا، پر ڪو مٿي ۾
سِر ھڻي به ماري سگھي ٿو. فوجين ڏٺو ته ڳالھه ڳري
آھي، سو کڻي ھٿ ڪڍيائون. ڏاڏو محمد جيڪو وڏو سگھڙ
به ھو، جنھن گھرواري جي وفات بعد خاص طور تي گھڻي
شاعري ڪئي، تنھن جو ھڪ بيت نموني خاطر ھِت ڏجي ٿو:
نالو اٿم محمد، ويٺو آھيان تَڙ احمد
تعلقي ڇاڇري، الله جي آسري،
ڪـــــپڙا
ڪيا اٿـــــم ڪـــــارا،
گـــــڏ
وٺـــــي
ھلـــــو قافلـــــي
وارا.
ننڍي ميڙاسر ۾ حاجي نور محمد ولد ھندال جو پُٽ
الھه بچايو تپيدار، ھالارو دولت آباد ۾ رھائش پذير
ٿيو. حاجي جعفر ولد ڪمال (مولوي صاحب جو شاگرد)
وارا به ميڙاسر جا ھئا ۽ ھالاري ۾ اچي آباد ٿيا.
اسحاق جي پُٽن حمزي ۽ دائم جو اولاد اڄڪلھه عمرڪوٽ
۾ آباد آھي. الف ولد ميرو ميراڻي، جنھن کي رڳو
ڌيئرون ھيون. واحد ڏنو ولد اڏيو جا پُٽ مھراڻ،
مولو ۽ موسو شادي پلي ۾ اچي آباد ٿيا. جڏھن ته
ڏاڏي عثمان (مولوي صاحب جو سُھرو کي به رڳو ڌيئرون
ھيون، جن مان ھڪ اڄ به عمرڪوٽ ۾ رھندڙ آھي. عدو
جنھن جا پُٽ به عمر ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيا. حاجي
معروف ولد ڄام جا پُٽ حاجي مجيد (راقم جو نانو)،
فقير محمد اسماعيل ۽ سُليمان جو اولاد ڪوٽ نواب ۾
۽ پوءِ سانگھڙ ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيا. عارب جو پُٽ
حاجي محمد بچل (راقم جو ڏاڏو) ۽ ان جا پُٽ خميسو،
محمد يعقوب، محمد موسيٰ ۽ محمد حسن بچاڻي وارا ڪوٽ
نواب مان سانگهڙ لڏي آيا. حاجي عثمان عرف سينڌل
ولد ڀلي ڏنو، جنھن جو پُٽ جان محمد عمر ڪوٽ ۾ آباد
ٿيو ۽ ان جو پُٽ ڀلي ڏنو عمرڪوٽ ۾ اچي رھائش پذير
ٿيو. اھڙي طرح ميڙاسر مان لڏي ويل اڄ سنڌ جي مختلف
ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آباد ٿي، آسودي زندگي گذاري رھيا
آھن، پر افسوس جو انهن مان گهڻي ڀاڱي پنهنجين
پنهنجين مصروفيتن سبب ميڙاسر کان ۽ ڏاڏي مولوي
محمد حسن کان منهن موڙي ڇڏيو آهي! پر پوءِ به جس
ھجي محمد عيسيٰ جهڙن نوجوانن ۽ بردار نواز علي ولد
محمد ابراهيم کي جن ڪجهه عرصي کان ٻيھر ميڙاسر ۾
ميلو مچايو آھي. ڪھڙي خبر ته ڏاڏي جي دعا سان ھڪ
ڀيرو ٻيھر ميڙاسر جو ماضي ۽ موجون جلد موٽي اچن!
اھڙن ڪيترن ئي ڪنڀارن جي ڪردارن تي لکي سگھجي ٿو،
جن جي غربت، سندن فن ۽ ڏاھپ کي ڄڻ ته ڏانوڻ ڏئي
اڳتي اچڻ کان روڪيو، نه وري ڪنھن ٻئي جي، مٿن ڪا
اک ئي ٻُڏي!
جن ۾ ٻين ڪيترن سان گڏ ايف ايم سانگهڙ جي آر جي
پُنھل ڪنڀار جو ’پاٻوھر‘ سان تعلق رکندڙ وڏو ڏاڏو،
جو درويش بلاول فقير ولد حُسين به ھڪ ھو، جنھن جا
پونئر ھن وقت سانگهڙ ميرپور خاص روڊ تي، محمد علي
واھه لڳ ويٺل آھن.
ميڙاسر جا مولودي
ميڙاسر جا جتي ڪيترائي واقعا مشھور آھن، اُتي
ميڙاسر جون ڪيتريون ئي شخصيتون پنھنجن پنھنجن ڪمن
ڪارين ۽ ڪنھن نه ڪنھن خاصيت سبب به مشھور آھن. پر
ھتي ڪجھه مختصر ذڪر ڪجي ٿو ميڙاسر جي مولودين جو ،
جيڪي مولوي صاحب نه صرف فرمائش تي ٻڌندا ھئا، انھن
کي پسند ڪندا ھئا، بلڪه جيڪڏھن ڀرپاسي ۾ ڪٿي
مولودين جي محفل ھوندي ھئي ته اھا ھلي وڃي به
ٻڌندا ھئا. ميڙاسر جي مولودين ۾ محمد سومار ولد
سانوڻ، حاجي سڄڻ ولد عيدو کاھي، امين ولد جمعو
عالم پلي، حاجي دائم عمرڪوٽ، جان محمد ولد سينڌل
عمرڪوٽ، لطيف ولد مقيم ڪُتھڙ، مُراد ولد فضل ميرو
منڱريو، حاجي احمد ولد عمر کاھي ۽ مولوي محمد
اسماعيل کاھي خاص طور تي قابلِ ذڪر آھن. انھن سڀني
۾ جيڪڏھن مولود پڙھڻ ۾ ڪنھن سڀ کان وڌيڪ نالو
ڪڍيو ته اھو محمد سومار ولد سانوڻ ھو. محمد
الياس، (جيڪو ميڙاسري ڪونه ھو) ئي صرف اھڙو مولودي
ھو ، جيڪو محمد سومار جي سامھون مقابلي تي پڙھي
سگھندو ھو ۽ جڏھن اھي ٻئي آمھون سامھون ھڪ ئي محفل
۾ مولود پڙھندا ھئا ته اھا محفل ڪيترو ئي عرصو پئي
ڪچھرين ۽ ڳوٺن ۾ ڳائبي ھئي.
ھڪ ڀيري مخدوم قبله طالب الموليٰ جن جڏھن انهيءَ
پاسي اُڻند ۽ سومرن جي ڳوٺ ڪاٺو ڏانھن سفر تي
اُسريا (شايد انهيءَ پاسي اھو سندن آخري سفر ھو)
ته ميڙاسرين به کين زيارت لاءِ عرض ڪيو ، پر مخدوم
صاحب وقت جي ڪمي سبب کين ميڙاسر لاءِ ٽائيم نه ڏئي
سگھيا. پوءِ جڏھن مخدوم صاحب جي محفل ۾ سومار مدح
پڙھي ته مخدوم صاحب سندن ساراھه ڪرڻ کان سواءِ رھي
نه سگھيا ۽ پڇيائون ته ھي ڪير ۽ ڪٿي جو مولودي
آھي! جڏھن خبر پئي ھي انهيءَ ميڙاسر جو آھي، جتي
اچڻ لاءِ کين عرض ڪيو ويو ھو، پر پاڻ ٽائيم نه ڏنو
ھئائون. ان تي مخدوم صاحب ميڙاسر آيا. اڄ به مخدوم
صاحب جي ميڙاسر اچڻ، نم ھيٺيان ويھي زيارت ڪرائڻ ۽
محمد سومار جي مولودن جون ڳالھين ڪيترن ئي ماڻھن
وٽ پيون ڳائجن.
ميڙاسر جي ھڪ ٻي مھان شخصيت
حاجي محمد معروف ڪنڀر
سنڌ جي پنجاھه کن انھن ذاتين ۾ جيڪي ڪنھن نه ڪنھن
ڪم، ڌنڌي يا ڪِرت سان وابسطه رھيون آھن ۽ جيڪي حق
حلال جو پورھيو ڪري پيٽ پالڻ باوجود، ڪڏھن به
’خانداني‘ جو درجو حاصل ناھن ڪري سگھيون. جيڪي ڦُر
لُٽ ۽ چوريون چڪاريون ڪندڙ ۽ ٻين جي ’ڏِني‘ تي
پلجندڙن جي ڀيٽ ۾ ھميشه غريب ۽ پوئتي ئي رھيون،
اھڙين ذاتين ۾ ھڪ ذات ڪنڀار به آھي. جنھن کي ڀٽائي
رح کان وٺي نالي واري سگھڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار تائين
ته سڀني ڪنڀار ڪري ئي لکيو ۽ ڳايو، پر اڄڪلھه اھا
ڪٿي ڪنڀار ته ڪٿي ڪنڀر پڙھڻ، لکڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
ان جي ڪارڻ ۽ سبب کي ھڪڙي پاسي رکي، مختصر ذڪر ٿا
ڪريون ھن ذات جي ٿر سان لاڳاپيل ڪجهه انھن اھم
ڪردارن جو، جيڪي غريبن توڙي اميرن لاءِ، ڪنھن نه
ڪنھن طريقي سان تمام گھڻيون خدمتون سرانجام ڏيڻ،
الله سائين سان لنئون لڳائڻ، معاشري ۾ پنھنجي
مخصوص انفرادي سڃاڻپ باوجود ’عام‘ ئي رھيا! ٻين ته
ٺھيو، پر پنھنجن يا ان علائقي واسي قلم ڪارن جو
ڌيان به پاڻ ڏانھن ڇڪائي نه سگھيا!!
جڏھن ڳالھه نڪرندي ميڙاسر جي ته مولوي محمد حسن
صاحب کانسواءِ ميڙاسر سان ئي وابسطه ھڪ ٻيو الله
جو پيارو، دُعا پٽ جي درجي تي پھتل، اولياءُ الله
جو درجو حاصل ڪندڙ، پر ھاڻ سنڌ ۽ ٿر واسين کان
جھڙوڪر آھستي آھستي وسرندڙ شخصيت ناني حاجي محمد
معروف ڪنڀر جو به ذڪر ايندو. سندن جي وسرڻ جو ھڪ
سبب ته نوجوان نسل جو پنھنجي وڏڙن جي ڪيل پورھئي
کان بي خبري ۽ عدم دلچسپي ته آھي ئي، پر سندن جي
آخري آرامگاھه انڊيا جي بارڊر جي ھُن پار ھئڻ به
آھي، جتي وڃڻ ھاڻ نه برابر ڏکيو ٿي پيو آھي. ۽ نه
ئي ھِتان جو ٻيو ڪو ماڻھو اُتي وڃي ڪا خبرچار وٺي
اچي سگھي ٿو، ۽ نه ئي اُتان کان ڪا خبر ئي ھيڏانھن
اچي ٿي. جتي مولوي محمد حسن صاحب شريعت جي حساب
سان ۽ تمام اڳڀرا رھيا، ائين وري حاجي معروف ۽
پوءِ سندن پونئر روحانيت جي راھه تي تمام گھڻو
اڳتي نڪري ويا.
جيڪڏھن پيڙھي جي حساب سان ڏسبو ته شريف کي ٿيو
ڄام، ان مان ٿيو يوسف. جنھن کي ٿيا ٻه پُٽ: حاجي
محمد معروف ۽ حاجي محمد عرس. ڳالھه اڳتي وڌائبي ته
حاجي معروف جي اولاد مان ٿيا حاجي عبدالمجيد (راقم
جو نانو) فقير محمد اسماعيل، محمد سليمان ۽ ھڪ
ڌيءُ. جڏھن ته حاجي عرس جي اولاد مان ٿيا غلام
حُسين، محمد عثمان ۽ حاجي عبدالرحمٰن. کين ڌيءُ جو
اولاد ڪونه ٿيو. ھي ميڙاسري ڪنڀار پوءِ ڏڪار سُڪار
۽ روزي روٽي سبب ميڙاسر مان نڪتا ته جھڙوڪر ڪڻو
ڪڻو ٿي ويا. ڪو ڪٿي وڃي پھتو ته ڪو ڪٿي وڃي آباد
ٿيو! وڏڙن جي بقول ته ميڙاسري
ڪنڀر، جيڪي ٻن پاڙن ۾ ورھايل ھئا، سي لڏيا به ٻن
شفٽن ۾. حاجي معروف ۽ حاجي عرس جو والد يوسف
ميڙاسر کان نڪري، کپرو پيرومل روڊ تي ’روھانڊڙو‘
(لوڻ کاڻ کان واريانھه موري لڳ، ھڪ ڀٽ، ھڪ ديھه ۽
پراڻي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو. جتي اڳ ۾ خان بھادر
غلام محمد وساڻ جي زمينداري رھي ۽ اڄڪلھه لسڪاڻين
جي زمينداري آھي. کپري جي نالي واري سگھڙ ۽ اُستاد
ولي محمد ھنڱورجي صاحب جي مطابق ته راھونڊڙو ۽
وريانھ ٻه ڀٽون ھيون. ھتان ھاڪڙي جو قديم وھڪرو
وھندو ھو. راھونڊڙو وڏو ڳوٺ ھوندو ھو. جتان مختلف
ڏِسن ڏانھن رستا نڪرندا ھئا. شايد انھن نڪرندڙ
راھن سبب ڪھڙي خبر ته راھونڊڙو نالو پيو ھجي!!
راھونڊڙي جو قبرستان به ھن علائقي جو قديمي
قبرستان چيو وڃي ٿو. جتي حاجي معروف ۽ محمد عرس جو
والد محمد يوسف ابدي آرامي آھي. افسوس جو ان جي
مدفن جي وڏڙن کي ته خبر ھئي، پر اڄوڪي نسل کان اھو
ھنڌ صفا وسري ويو آھي! پر انھيءَ ڳالھه مان اھا
خبر ضرور پوي ٿو ته جڏھن حاجي ناني معروف جو والد
راھونڊڙي ۾ رکيل آھي ته پوءِ حاجي معروف به ھن
علائقي ۾ رھيو ھوندو ۽ پوءِ ڪن سببن يا کيت جي سار
سنڀال سبب واپس ميڙاسر ويو ھوندو.
بقول مامي محمد شريف ولد فقير محمد اسماعيل ڪنڀر
جي ته وڏڙا، راھونڊڙي کان پوءِ سانگهڙ کان ڏکڻ
ميرپورخاص روڊ تي واقع ڳوٺ ’سونو ڀنڀرو‘ ۾ آيا.
اُتان کپري واھه تي قائم ڳوٺ (موجوده ھمير جمالي
۽ ٻيگھو گھيڙ) وٽ اچي آباد ٿيا. اُتان مشھور ۽
تاريخي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي (ھي نالي وارو
عالمِ دين حُرن/ڀڳلن واري مارشلا ۾، پنھنجي الڳ
مسلڪ سبب، ڏاڍو بي دردي سان ڀڳلن ھٿان شھيد ٿيو.
لڳ به ڪجھه عرصي تائين اچي ويٺا. جتان پوءِ ڪوٽ
نواب ڳوٺ ۾ آيا، جيڪو اڳ ۾ پير صاحب پاڳاري جي
مُريدن ھنڱورن جو ڳوٺ ھوندو ھو. جتي پوءِ نواب
اڪبر خان بگٽي جي والد نواب محراب خان کي انگريزن
پاران جاگير ڏني وئي ۽ ائين ھنڱورن جو ڳوٺ، ڪوٽ
نواب بگٽي ۾ بدلجي ويو! کين ھڪ ڀيرو ٻيھر حُر
مارشلا ۾، حُرن جي ڪاروائين سبب لڏي واپس ميڙاسر
وڃڻو پيو. جتان ڪجھه عرصي بعد ھو واپس ڪوٽ نواب
آيا. ياد رھي ته حُر تحريڪ دوران، ھڪ ئي وقت سڀ
کان وڌيڪ ماڻھو مارجڻ جي واردات ڪوٽ نواب ۾ ئي ٿي
ھئي! (وڌيڪ تفصيل لاءِ راقم جو ڪوٽ نواب تي لکيل
تفصيلي مضمون ڏسو).
بقول ڏاڏي الله بخش ولد گل محمد ڪنڀر جي ته شروع ۾
کين ڪوٽ نواب ۾ لڏائي اچڻ وارو، نواب محراب خان جو
مينيجر الاھي بخش لغاري ھو، جنھن جي ئي نگراني ۾
نواب محراب خان، ڪوٽ نواب واري جامع مسجد ٺھرائي
ھئي. ڪاش! ان کي برقرار رکيو وڃي آھي. اھا مسجد
ڏاڍي خوبصورت ھئي، خاص ڪري ان جي ڇت ۾ ڪاٺي تي
چٽساليءَ وارو ڪم ڏاڍو خوبصورت ٿيل ھو! بقول ڏاڏي
الھه بخش جي ته حُر مارشلا ۾ ڪجھه ماڻھو ميڙاسر ۾
ويا ته ڪجھه وري ٽنڊي الھيار واري پاسي ۾ ڪاماري
شريف ڏانھن به لڏي ويا ھئا. جتي ڏاڏو متارو ابدي
آرامي آھي. بقول چاچي علي بخش ولد حاجي ھاشم ڪنڀر
جي ته، ڏاڏو متارو ميڙاسر مان اُتي آيو ھو ۽ اُتي
ئي گذاري وڃڻ سبب کيس اُتي جي ئي مٽي نصيب ٿي.
برادري جا ڪجھه ماڻھو وري ڪاماري شريف مان سندڙي ۾
رات اڌ رھي، لُٽڪي موري ڀرسان به ڪجھه عرصو رهيا ۽
پوءِ ڪوٽ نواب آيا، ڪي وري حُر مارشلا ۾ ميڙاسر
لڏي وڃڻ بعد، اڳ ۾ پير ڳوٺ آيا ۽ پوءِ اُتان وري
واپس ڪوٽ نواب ۾ اچي رھيا. چاچي علي بخش جي بقول
ته ڏاڏو متارو ته ڪاماري شريف ۾ رکيل آھي، پر
ڏاڏو گل محمد ۽ ڏاڏو محمد عارب (راقم جو پڙڏاڏو) ۽
سندس ڀاءُ ڏاڏو احمد سانگهڙ باکوڙي روڊ تي، مياڻ
لڳ ھڪ ٻئي قديمي قبرستان ’ڪپورڙي‘ ۾ رکيل آھن.
ان وقت ماڻھو ڏاڍا سادا ھوندا ھئا، ڏاڏو گل محمد
جيئن ته ڪاماري شريف مان ڪجھه پڙھيل ھو، تنھنڪري
کيس روينيو جي سپروائيزر جي برابر واري نوڪري جي
آڇ ٿي، پر پاڻ اھا نوڪري ڪرڻ قبول ڪونه ڪيائون!!
جي ڏاڏو گُل محمد اھا نوڪري ڪري ھا ته اڄ يقينن
صورتحال ٻي ئي ھجي ھا، پر ھاءِ ڙي قسمت! ان بعد
ڏاڏي حاجي ھاشم سانگهڙ ۾ دُڪان کوليو ۽ پوءِ ڦُٽين
جو ڪاروبار ڪري واپار ۾ وڏو نالو ڪمايائين. پر
پوءِ جڏھن اُتان ٽٽو ته، ٽي بي جي مرض جو شڪار
ٿي، وڃي حيدرآباد ۾ اسپتال ڀيڙو ٿيو. ھي ورھانڱي
بعد ڪليمن وارو اھو وقت ھو جڏھن مقامي ماڻھن تي،
لڏي ويل واڻين جون ڇڏي ويل ملڪيتون خريد ڪرڻ به
منع ٿيل ھو. جڏھن اڃا ماڻھن وٽ ڍڳي گاڏي به مشڪل
سان ھئي، ان وقت ڏاڏي ھاشم وٽ ھڪ وڏي سائيز جي
موٽر سائيڪل ھوندي ھئي، جيڪا تَر ۾ شايد پھرين
موٽر سائيڪل ھئي. جيڪا ماڻھو پري پري کان ڏسڻ
ايندا ھئا ۽ تعجب کائيندا ھئا. ان بعد جڏھن حاجي
ھاشم پھريون ڀيرو ڪوٽ نواب ۾، ڪٿان کان ٽريڪٽر
ڪاھرائي، ھَر ڏياريا ھئا ته اُھو لُقاءُ ڏسڻ لاءِ
به ماڻھو پري پري کان اچي پھتا ھئا. ۽ انهن جون
ڳالھيون، وڏي عرصي تائين ڳائبيون رھيون ھيون. زمين
کي ھَر ڏيڻ بعد رڍن نموني، وڏن وڏن ڀترن تي به
ماڻھو پيا ٺٺوليون ڪندا ۽ کِلندا ھئا. حاجي ھاشم
نه صرف ڪوٽ نواب ۾ پاڻ زمين ورتي، پر پنھنجن ڀائرن
کي به ڏياري. جڏھن ٻين کي اڃا زمين جي اھميت جو
احساس پورو سارو ئي ھو!
چاچو علي بخش پنھنجي ياداشت جي سھاري پنھنجي پيڙھي
ھن ريت ٻڌائي ٿو:
عبدالله، سومورو، ڌُڪر، خميسو، لڌو، سومار، ڌُڪر
ٻيو، لُڌو ٻيو، لالو، ڌُڪر ٽيون، خميسو ٻيو،
جيئند، بستو، نورو، بچو ۽ ھاشم. (جڏھن ته مزي جي
ڳالھه اھا به آھي ته ڪنڀارن جي پيڙھي جو رڪارڊ
رکندڙ ڀاٽ، سندن شروعات عبدالمطلب جي پٽ حارث ان
جي پُٽ وليد ۽ ان جو پٽ قمبر سان وڃي ڳنڍي ٿو ۽
ڪنڀارن جي ھتي اچڻ جو سبب محمد بن قاسم سان گڏ اچڻ
ٻڌائي ٿو! ھاڻ ڏيو منھن!!)
ڪوٽ نواب ۾ رھڻ کان پوءِ ڄڻ ته ھڪ ڊگھي ساھي بعد
اھو سفر وري مختلف ڏِسن ڏانھن جاري رھيو. پر ڪوٽ
نواب کان اڳ ڪجھه عرصي لاءِ موجوده کپري واھه جي
ڪناري واري ھنڌ (ڪيھر بڙدي وارن کان ٿورو اڳتي ۽
ڏاڏي ڪريم بخش ڪنڀر وارن جي ڳوٺ جي بلڪل سامھون)
به کين رھڻو پيو. پوءِ جڏھن کپري واھه جي کوٽائي
ٿي ته سندس اھي اجھا، کپري واھه ۾ اچڻ سبب کين
اُتان لڏي، ڪوٽ نواب اچڻو پيو. حاجي عرس ته ڪوٽ
نواب به مستقل آباد ٿي ويو، پر حاجي معرف جيڪو ھڏ
ڀڳ جو به ماھر ھو، تنھن ميڙاسر کي مان ڏيندي، اھي
پَڊ آخر تائين نه ڇڏيا. ميڙاسر موجوده ھندوپاڪ جي
سرحد تي ھئڻ ڪري، حاجي معروف ۽ حاجي عرس وارن جا
ڪجھه کيٽ (زمينون) انڊيا ۾، گڍڙي جي سامھون آيا ته
ڪي پاڪستان جي حصي ۾. پر جيڪي پاڪستان جي حصي ۾
آيا، تن ۾ سڀ کيت سندن حصي به نه اچي سگھيا! نه
صرف اھو ته سندن کيت ھندستان ۾ اچي ويا، پر سندن
آبائي قبرستان ’تاملور‘ به انڊيا ۾ اچي ويو. حاجي
معروف جون ٻه شاديون ھيون. ھڪ ميرپورخاص ۾ ڳوٺ
مِٺو ٻُگھيو (ٻگھيو فارم) ۾ ويٺل محمد ولد صاحب
ڏنو عرف صاحبو ڪنڀار (پوءِ محمد جو نالو وري رواج
موجب اُٿاريو ويو ۽ محمد ولد حاجي اسماعيل تي رکيو
ويو) جي ڌيءُ کير ٻائي سان، جنھن مان حاجي
عبدالمجيد پيدا ٿيو ۽ ٻي شادي پاٻوهر تعلقي ڇاڇري
۾ ويٺل ڪنڀارن جي نُک ڀوپن مان، محمد ڀوپي جي ڌيءُ
ڏوڪري سانجھي سان، جيڪا ڏاڏي حاجي بچل جي ماءُ
ھئي. جنھن جي ٻي شادي بعد، ان مان فقير محمد
اسماعيل ۽ محمد سليمان به پيدا ٿيا. ائين اھي ٻئي
ڀائر ڏاڏي حاجي محمد بچل جا ماءُ پاران ڀائر به
ھئا! ڪنڀرن جي انھيءَ ڀوپن واري نُک مان حاجي
آچار ۽ فقير دلاور جھڙا درويش به پيدا ٿيا ۽ اڳتي
ھلي سندن اولاد مان ھاٽ ايف ايم سانگهڙ جو نالي
وارو آر جي پنھل ڪنڀار به پيدا ٿيو.
حاجي محمد عرس 1926ع ڌاري، حُرن/ڀڳلن مٿان شھيد
ٿيل مولوي خير محمد احمداڻي لغاري جي لائق فرزند
عبدالقادر وارن سان گڏ حج ڪيو. ان حج جي به دلچسپ
ڪھاڻي آھي. جڏھن نواب اڪبر بگٽي جي والد نواب
محراب خان کي ڪوٽ نواب سانگهڙ ۾ زمينون مليون،
تڏھن ڪجھه ڪنڀر اڳ ۾ ئي ڪوٽ نواب ۾ آباد ٿي چڪا
ھئا. ڪوٽ نواب ۾ ڪنڀارن جي پاڙي جي مسجد به حاجي
عرس جي ٺھرايل ۽ آباد ڪيل ھئي. جيڪا ان وقت ڪنڀارن
جي محدود گھرن کان ٿورو پرڀري لڳندي ھئي. (موجود
ساڳي مسجد) حاجي محراب خان بگٽي به ڪڏھن ڪڏھن اُتي
اچي نماز پڙھندو ھو ۽ حاجي عرس وارن سان ڪچھريون
ڪندو ھو. جتي وري ھو ڪڏھن مختلف طعام پچرائي به ئي
ايندو ھو. ڪوٽ نواب جي جامع مسجد بعد ۾ نواب محراب
خان بگٽي جي حڪم ۽ خرچ تي، سندن مئنيجر/ڪاروبار
سنڀاليندڙ رئيس الاھي بخش لغاري جي نگراني ۾ ٺھي.
مختلف روايتن موجب جڏھن حاجي حاجي عرس وارن پاڻي
جي جھاز ۾ حج تي وڃڻ وقت، ڪراچي تائين مولوي
عبدالقادر لغاري کي سونھون ڪري کنيو. جتي انھن جي
ملاقات نواب محراب خان بگٽي سان ٿي. جنھن پڇيو ته
حج تي وڃڻ لاءِ ڀاڙو ڪيترو آھي. 400 روپيه ٻڌڻ تي
ھن، سائين عبدالقادر جو خرچ ڀري، کين پنھنجي ھڪ
عزيز جي حج بدل تي اُماڻيو. (واضح رھي ته نواب
محراب خان، مولوي عبدالقادر لغاري صاحب جن کي ٻه
حج بدل ڪرايا ھئا. جن جو ذڪر مولوي صاحب، ”شاھه
ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ،“ تصنيف مولانا
عبيدالله سنڌي، مترجم مولانا مفتي عبدالقادر
لغاري ۾ ڪيو آھي. اھو به ذڪر ڪندو ھلجي ته ھن
ڪتاب جي ملڻ جو ھنڌ، ڪتاب ۾ مولانا مفتي عبدالقادر
لغاري سانگهڙ سنڌ لکيل آھي) جڏھن ته ناني حاجي
عبدالمجيد وري پاڪستان ٺھڻ جي ٻئي سال يعني 1948ع
۾ حج ڪيو ھو. ان کان اڳ واري سال چون ٿا حاجي
معروف کين، انھيءَ سال نه پر اڳين سال حج ڪرڻ لاءِ
چيو ھو.
حاجي معروف
1950/55
ڌاري ميڙاسر ۾ گذاري ويو. ان وقت نانو عبدالمجيد
ڪوٽ نواب کان ڪنھن ڀت/شادي ۾ عمرڪوٽ واري پاسي ويل
ھو. جتي کيس خبر ملي ته سندس والد حاجي معروف سخت
بيمار آھي. پاڻ ڀت ڇڏي، ڪجھه ٻين سان گڏ جڏھن
ميڙاسر ۾ والد وٽ پھتو ته کين ڏسي حاجي معروف چيو
ته ابا، تنھنجو ئي انتظار ھو. ائين حاجي محمد
معروف ساھه ته ڌڻي حوالي ڪيو، پر کين ڌڻي پاران
جيڪا مليل ’امانت‘ ھئي، سا ھن پنھنجي پُٽ ناني
عبدالمجيد جي حوالي ڪئي. جيڪا امانت ناني پاران
ظاھر نه ڪرڻ باوجود، ڪڏھن ڪڏھن ظاھر ٿي پوندي ھئي
يا کين مجبوري وچان ظاھر ڪرڻي پوندي ھئي. جنھن جو
پنھنجن
ڏکين ڏينھن ۾
شاھد ھي گنھگار بندو پاڻ به آھي.
ناني حاجي عبدالمجيد کان اها ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي
ته، هڪ ڏينهن
نانو حاجي محمد معروف ميڙاسر کان واپار جي سلسي ۾
ڪنهن شهر وڃي رهيا هئا. مغرب نماز جو وقت ٿيڻ تي
پاڻ پنهنجي اٺ کي ويهاري نماز پڙهڻ شروع ڪيائون.
سلام ورائڻ تي ڏٺائون ته سندن اُٺ سان گڏ ھڪ ٻيو
اُٺ به ويٺو آهي. سندن لاءِ اھو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي
پيو ته انھن جو اُٺ ڪھڙو آھي! پهرين هڪڙي اُٺ جي
مهار ڇڪيائون ته اٺ پنهنجو وات کوليو. اُٺ جي وات
جي خوشبو سُنگهي، انهي اٺ کي ڇڏي ٻي اُٺ جي مُهار
ڇڪيائون ته ان اُٺ جي وات مان گاهه جي بوءُ آئي.
پاڻ انهيءَ اُٺ ته سوار ٿي پنهنجي منزل ڏانهن
روانو ٿيڻ لڳا ته پويان خوشبو وارو اُٺ، جيڪو
دراصل هڪ جنات هو ، چوڻ لڳو ته اگر اڄ تون مهنجي
پٺي تي سوار ٿين ها ته آئون توکي ختم ڪري ڇڏيان
ها. |