سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: کائڙ جو کاهوڙي

 

صفحو:2 

پنھنجي پاران

 

اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ بعد، مختلف دوستن ۽ عزيزن پاران اصرار ڪيو ويو ته، مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب جن تي به قلم کڻان. مولوي صاحب جي، خاص ڪري ٿر ۾ خدمتن کان واقف ٿيڻ بعد ۽ سندن فرزند فقير محمد اسماعيل صاحب سان کاھي ۾ ٿيل ملاقات ۾ فقير محمد بچل صاحب جي ھٿن/اکرن سان، توڙي سندن پاران ٻين کان لکرايل ڪجھ مختصر مواد، مولوي محمد حسن بابت عنايت ڪيو. جنھن جي پھرين صفحي تي ”بياض ميڙاسري“ لکيل آھي ۽ ھيٺ اردو ۾ لکيل آھي؛ ترتيب: مدن لال. مطبوعه عمرڪوٽ پريس ۽ اڳيان لکيل آھي ’اَزھري‘ فوٽو اسٽيٽ ٿيل ھٿ اکرن واري مواد ۾ مختلف نالن سان ٿورو ٿورو مواد ڏنل آھي، جيڪو به ھن ڪتاب ۾ ٿوري گھڻي تصحيح سان شامل ڪيو ويو آھي. پر ان مواد تي سائين فقير محمد اسماعيل جو ٿورائتو رھڻ باوجود، اھو مواد مولوي محمد حسن صاحب جي حوالي سان اُڃ اجھائڻ لاءِ ناڪافي سمجھي، مختلف وقتن ۽ موقعن تي، مختلف ماڻھن سان ڪچھرين ۾ مواد ھٿ ڪرڻ جو سلسلو جاري رھيو. جنھن دوران چاچي محمد ابراھيم ڪنڀر (سانگھڙ) ۽ غلام رسول (عمرڪوٽ) جي مھربانين سان وري مولوي صاحب تي فقير محمد اسماعيل جو لکيل مواد مليو، جنھن ۾ نسبتاً تفصيل سان مولوي صاحب متعلق مواد موجود آھي. جنھن مواد جي به ترتيب ساڳي رکندي، ڪتاب جي مناسب ترتيب جي حوالي سان ٿوري گھڻي ترميم سان ۽ وس آھر، پر ڪنھن به ڳالھ ڪٽڻ کان سواءِ شامل ڪيو ويو آھي. ان دوران ڪافي ڀيرا چاچي محمد ابراھيم ڪنڀر (رٽائرڊ مختيارڪار صاحب) سان مولوي صاحب متعلق توڙي ميڙاسر ھلڻ ۽ اُتي ڪو پروگرام ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالھه ٻولھه ٿيندي رھي. آخرڪار اھا سوڀ پنهن هم نام برادر نواز علي ڪنڀر ولد محمد ابراهيم جي حصي ۾ آئي ۽ ھن تمام وڏي محنت ۽ محبت سان ميڙاسر ۾ مولوي صاحب جي سڀني مٽن مائٽن، چاھيندڙن ۽ معتقدن کي گڏ ڪري وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. جتي پھريون ڀيرو ميڙاسر ۾ مولوي صاحب بابت تقريرون به ٿيون ته نعتن جي به شاندار محفل، سا به طعام ۽ قيام جي معقول اھتمام سان ڪري، ھن نوجوان وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. ان پروگرام کان اڳ نواز علي جي خواھش ھئي ته آئون مولوي صاحب بابت ڪجھه نه ڪجھه ضرور لکان ۽ مواد کي آخري ۽ مڪمل شڪل ڏيان. اھو ڪم ڪيم ته سھي پر اڻ پورو ۽ اڌورو. ان جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سانگھڙ ڪاليج جي پروفيسر دوست عباس لغاري سان گڏ ميڙاسر وڃي ۽ ان تقريب ۾ شامل ٿي مولوي صاحب بابت نوٽس ورتم. جتي ٻين سان گڏ سائين ارباب نيڪ محمد صاحب ۽ محترم مولانا محمد يعقوب ڪنڀار صاحب سان نه صرف ملاقات ٿي، پر مولوي صاحب متعلق مواد سھيڙڻ جي حوالي سان به ڪچھري ٿي. رات عمرڪوٽ ۾ رھي ٻئي ڏينھن صبح جو مولوي صاحب جي ميڙاسري زندگي، گڍڙي جي مسجد جي ٺاھڻ وارن ڏکين مرحلن ۾ سندن ساٿ نڀائيندڙ ۽ ان وقت اُتي گڍڙي ۾ رھندڙ نالي واري راڳي شفيع فقير جي والد مولا بخش فقير مڱڻھار ولد قائم الدين فقير، نيو ڇوڙ واري سان به سائين پونج راج ڪيسراڻي جي اوطاق تي ڪچھري ڪرڻ بعد مولوي صاحب جي شاگردي دؤر جي ٻنھي مدرسن ’اداره مُجدديه‘، ڳوٺ عمر ڀنڀرو (پِروڙ) نزد جڳو ڀرڳڙي ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي مدرسه دارالعلوم ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي ۾ وڃي، انھن مدرسن ۽ مولوي صاحب متعلق مواد ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ چاچي محمد ابراھيم جي پراڻي خواھش مطابق سندن فرزند ۽ دل جي مشھور ڊاڪٽر محمد اڪبر مٺي جي ۽ ڪجھه ٻين ڊاڪٽرن سان گڏ ميڙاسر ۾ ھڪ وڏي ۽ يادگار ميڊيڪل ڪئمپ به لڳائي. ان دوران خبر نه پئجي سگھي ته ڪو مولوي صاحب جي عمرڪوٽ ۾ ئي رھندڙ ھڪ ڌي اڄ به حال حيات آھي. ان ڪري وري به مواد کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ دير ٿي ۽ ڀاءُ نواز علي، مولوي صاحب جو ھڪ ٻيو به ڏھاڙو ملھايو، پر مواد ۽ ڪتاب سميت غير حاضر رھيس. .وري به الله ڀلو ڪري عباس جو، جنھن ڇور ۾ ھڪ تعزيت لاءِ وڃڻ وقت صلاحيو ته مونکي به مولوي صاحب بابت رھيل ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ملي ويو. مولوي صاحب جي اھا ڌي، جنھن جي مولوي صاحب جي وفات وقت عمر رڳو ٽي سال ھئي، ان کان مليل ڄاڻ ۾ جتي ڪجھه تفصيل مليا، اتي ڪن ڳالھين جي تصحيح به ٿي ۽ ڪجھه نئون مواد به مليو. ائين ٿورو گھڻو مولوي صاحب متعلق جيڪو مواد ھٿ ڪري يا سھيڙي سگھيس، اھو توھان جي سامھون آھي. ھن ڪتاب ۾ جتي ميڙاسرين متعلق ۽ گڍڙي جي مسجد توڙي ٿر جي انھيءَ علائقي ۾ اسلام جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جي خبر پئي ٿي، اُتي ان وقت ھن علائقي ۾ ھندو مسلم تعلقات جي به ڄاڻ ملي ٿي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڪنھن ليکڪ جي ڪم اچي! پر ھتي حاجي محمد معروف جي شخصيت جي حساب سان تمام مختصر مضمون شاملِ حال آھي. جنھن جو سبب جتي ميڙاسر جي ھڪ ٻي اھم شخصيت کي ياد ڪرڻ آھي، اُتي سندن باري ۾ نوجوان نسل کي آگاھه ڪرڻ به آھي. ھونئن ته ميڙاسر جون ڪيتريون ئي شخصيتون رھجي ويون آھن. پر جيڪا ھڪ اھم شخصيت رھجي پئي اها آھي ڏاڏي حاجي محمد بچل جي. جن تي به تفصيلي لکڻ جي ضرورت آھي. ڏاڏي جھڙا ڪردار واقعي ھاڻ ڳوليا نٿا لڀن!

گڏ ڪيل مواد ۾ پڪ سان ڪئين ڪوتاھيون رھجي ويون آھن. ڪٿي مواد، تفصيل جو به گھرجائو ھوندو ته ڪٿي ماڳھين ڪن ڳالھين کي شايد ھٿ به نه لڳائي سگھيو ھوندس. انھن سڀني ڳالھين جو ڀرپور احساس اٿم ۽ ان لاءِ توھان کي اصلاح لاءِ عرض ڪندس. گوگاسر جي محترم مولوي عبدالڪريم نھڙي پاران ميڙاسر جي ماضي جي حوالي سان ”اکڙيون رت روئي، ماڳ پسي موٽيون“ جھڙو شاندار مضمون لکڻ تي سندس ٿورائتو آھيان، اُتي ارباب نيڪ محمد صاحب پاران ميڙاسر جي پس منظر ۽ يادگيرين جي حوالي سان لکيل مضمون ۽ ان جي خوبصورت ۽ مزيدار ٻولي مان سواد ته توھان پڙھي ئي حاصل ڪري سگھو ٿا! ساڳئي وقت محترم محمد يعقوب ڪنڀار جن جو به انتھائي احسان مند آھيان، جنھن مولوي محمد حسن صاحب جي آخري شاگرد ۽ پنھنجي محترم والد سائين محمد ھارون ۽ ٻين کان جيسندر، نيوڇور ۽ ٻين ھنڌن جي حوالي سان، توڙي مولوي صاحب جي حوالي سان ۽ خاص ڪري مولوي صاحب جي وفات زھر ذريعي ٿيڻ بابت تمام اھم ڄاڻ ھٿ ڪري ڏني. ساڳئي وقت پنھنجي تعارف لکڻ لاءِ شڪرگذار آھيان نوجوان سماجي اڳواڻ صادق خاصخيلي جو به. اھڙي طرح مواد سھيڙڻ جي بلڪل آخري مرحلي ۾ اتفاق سان ڀٽائي صاحب جي پارکو محترم محمد قاسم راھمون ساڪري صاحب سان به ٽيليفون تي رابطو ٿيو ۽ سائين وٽان ڏاڍي اھم ڄاڻ ملي. جنھن لاءِ سائين جو به انتھائي شڪرگذار آھيان. قاسم صاحب سان ٿيل ڪچھري کان پوءِ اھو احساس اڃا به وڌيڪ ٿيو ته، مولوي صاحب متعلق جيتري ڄاڻ اُتي رھندڙ ٻين ذاتين جي ماڻھن وٽ آهي، اوتري شايد عزيزن وٽ ناھي! ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب شايع ٿيڻ بعد مولوي صاحب متعلق ڄاڻ اڃا به وڌيڪ ظاھر ٿئي ۽ سامھون اچي.

آئون پنهنجي سنگت مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم ڊاڪٽر علي اڪبر هنڱورجي صاحب جن جون محبتون وسارڻ ناممڪن آهن. ان کان سواءِ اطلاعات کاتي سانگهڙ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پياري ظفر منگي صاحب، ايف.ايم سانگهڙ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي هنڱوري، صحافي دوست امير بخش بڙدي ۽ ننڍي ڀاءُ ذوالفقار ڪنڀر جو ٿورائتو جن جو ساٿ قدم قدم تي شاملِ حال  رهيو.

ڪنهن به ليکڪ لاءِ ڪتاب شايع ٿيڻ خوشي جي ڳالهه هوندي آهي، پر جيڪڏهن اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جهڙي مهان اداري پاران شايع ٿئي ته پوءِ مون جهڙي ليکڪ جي خوشيءَ جو ڪاٿو بس مون جهڙا ماڻهوئي  لڳائي سگهن ٿا. جنهن لاءِ آئون انتهائي شڪرگذار آهيان، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ محترم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب، پبليڪيشن ڪاميٽي جي معزز ميمبرن ۽ خاص ڪري سنڌ جي نالي واري محقق ۽ ليکڪ محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب جن جو، جن جي محنتن ۽ محبتن سبب ئي ڪتاب جو ڇپجڻ ممڪن ٿي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب نه صرف ڪتاب تي نظرثاني ڪئي پر ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ جا فرائض پڻ انجام ڏنا.

الله سائين، مولوي محمد حسن صاحب ۽ حاجي محمد معروف جن جي صدقي، اسان سڀني تي اڃان به وڌيڪ رحم ۽ ڪرم ڪري ۽ ھي ننڍڙو نذرانھء عقيدت شل قبول پوي. آمين.

 

 نواز ڪنڀر

  

مولوي محمد حسن ميڙاسري ڪنڀار

 

  سنڌ کي باب الاسلام هجڻ جو شرف حاصل آهي، انهي باب الاسلام ۾ اسلام پکيڙڻ جو ڪم صوفين، عالمن ۽ مبلغن مقامي رنگ اپنائي ڪيو. پري پري تائين جا ويران ۽ ڀڙڀانگ علائقا سالن بلڪه صدين تائين اسلام کان پري ئي رهيا ۽ اتي اسلام تمام گهڻو دير سان پهتو. جنهن جو هڪ واضع مثال ٿر به آهي. نه صرف  ٿر جي مختلف هندن تي اسلام گهڻو دير سان پهتو، بلڪه اڇڙي ٿر ۾ اڄ به اهڙا ڪيترائي علائقا موجود آهن، جتي اسلام جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪرڻ جي سخت ضروت آهي. پندرھين صدي عيسوي تائين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسلامي تعليمات جو  عروج به رھيو آھي ته زوال جا به آثار نظر اچن ٿا. ٿر جي ٻين حصن جي خبر ته ٻين کي هوندي، پر پاڻ کاؤڙ ۽ ڪَنٺي جي حوالي سان پڪ سان چئي سگهون ٿا ته اتي سئو سوا سال اڳ تائين، ھتي ڪفر جو غلبو ھو ۽ اسلام رڳو نالي ماتر ئي هو. ماڻهو مسلمان ته سڏرائيندا هئا، پر شريعت نالي جي ڪنهن شئي کان گهڻو ڪري بي خبر ئي هئا. جنهن جو هڪ سبب انهن علائقن ۾ بااثر ٺڪرن ۽ ٻين هندو ذاتين جي اڪثريت ۽ غلبو به هوندو هو. اتي رهندڙ مسلمان معاشي توڙي سماجي لحاظ کان گهٽ هئا ته تعليم جي لحاظ کان به. پير فقير توڙي مخلتف صوفياڻي سلسلن جا بزگ به گھڻي ڀاڱي ميداني علائقن تائين نظر اچن ٿا، انھن مان صفا ٿورن وڃي برپٽ جهاڳيا. اهڙن علائقن ۾ جيڪي به عام ماڻهو توڙي مريد هئا، انهن جي مذهبي تعليم ۽ تربيت جو ڪو خاص بندوبست نه ٿي سگهيو هو. اهڙن حالتن ۾ جڏهن ٿر ۾ رهندڙ مسلمان ذاتيون به مرڻي پرڻي توڙي ٻين معاملن ۾ غير شرعي ۽  هندو مت جي ريتن، رسمن ۽ رواجن تي عمل ڪنديون هيون، تڏهن ٿر جي کاؤڙ واري علائقي جي ڳوٺ ميڙاسر مان ھڪ غريب گھراڻي جي فرد مولوي محمد حسن ولد دائود ڪنڀار، ڊينگاڻ ڀرڳڙي ڀرسان بچابند کان ڏھه ڪلوميٽر کن ڏکڻ، ڳوٺ عمر ڀنڀرو (پِروڙ)  ۾ ڀنڀرن جي مدرسي ۾، جتي سندن استاد حضرت مولانا محمد عثمان قِرآني صاحب جن هئا ۽ پوءِ عالم پلي جي مدرسي مان فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪري  پوءِ دستاربند ٿي ڳوٺ اچي پهتا. جتي سندن استاد مشهور عالم دين، حضرت مولانا محمد علي جوڻيجو صاحب جن هئا. جتي پاڻ عربي ۽ فارسي تي عبور حاصل ڪيائون.  ته طب جو علم به حاصل ڪيائون. روايتن موجب پاڻ جڏھن عالم پلي مدرسي مان آيا پئي ته کين ڏسي ھڪ بزرگ چيو ھو ته، ھي رحمت جو ڪڪر وڃي ته پيو، پر وسندو الائجي ڪٿي! انھن مدرسي ۾ تعليم پرائڻ کان علاوه، پاڻ ان سلسلي ۾ مٽياري ۽ ٺٺي جا به سفر ڪيا. مولوي صاحب علائقي ۾ پهريون اسلامي طريقي جو پڙهيو لکيو ماڻهو هو. مولوي صاحب جي حوالي سان اھي به روايتون ملن ٿيون ته پاڻ اڳوڻن مدرسن جي رواج مطابق اُتان حڪمت جي به تعليم حاصل ڪيائون ۽ وٽن حڪمت جا ٻه ناياب نسخا به ھئا. مولوي صاحب جي حوالي سان ھڪ وڌيڪ تفصيل جي گھرجائو روايت اھا به ملي ٿي ته، صوفي قلندر بخش جنھن جو سڀاش چندر بوس ۽ سورھيه بادشاھه سان تمام ويجھو تعلق ھو، ان جي مولوي محمد حسن صاحب سان به ڪافي ويجھڙائي ھوندي ھئي. ھو جڏھن به صوفي ايندو ھو ته مولوي صاحب کي به ضرور گھرائيندو ھو. ذڪر ڪرڻ جھڙي ته ھي ڳالھه به آھي ته گڍڙي واري مسجد کان اڳ ميڙاسر ۾ ھڪ ٻن ماڻھن جي نماز پڙھڻ جي جاءِ جيتري ھڪ جڳھه مسجد طور مخصوص ٿيل ھئي، جنھن کي ’کَروت‘ سڏبو ھو. ان جاءِ تي قادر بخش مقيماڻي ڪنڀار نماز پڙھندو ھو پوءِ ان جاءِ ته مولوي محمد حسن جڏھن مسجد ٺاھي، ته ان وقت قادر بخش گذاري چڪو ھو.

ڳوٺ ميڙاسر جا ٻه پاڙا ھئا. هڪڙو بچاڻي پاڙو ۽ ٻيو ھاڻوڪي ميڙاسر وارو ڳوٺ. جيڪي ھڪ هيٺيون ۽ ٻيو مٿيون ڳوٺ به سڏبا ھئا. ٻئي ڪنڀرن جا ڳوٺ آهن / هئا. مولوي صاحب جا وڏا مٿيئن ميڙاسر جا هئا. هن علائقي ۾ ڪنڀر برادري جي تمام وڏي زمينداري يا کيت هئا، جيڪا اڄ به موجود آهن. پر گهڻي قدر غير آباد. هتان جا ڪنڀر لڏي، عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي مختلف هنڌن تي آباد ٿي چڪا آهن. اڄ هتي رڳو سندن هڪ ٻه گهر آباد آهن. ڪجهه وري هاڻ نئين سري سان اوڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. ان وقت ميڙاسر ۾ ڪنڀرن کان علاوه رڳو هڪ هٽ واڻيو، هيمورهندو هو. ميڙاسر کان اوڀر ۾ ٻه ڪلوميٽرن تي ’سيار سخي‘ جو  ڳوٺ، اتان گڍڙو پنج ڇهه ڪلوميٽرن تي، اتر ۾ ڇهه کن ميلن تي تاملور، جيڪو ٺڪرن جو ڳوٺ هو ۽ هينئر انڊيا ۾ شامل آهي. ’تاملور‘ ۾ هتي جي ڪيترن ئي ذاتين جو آبائي قبرستان هو. انهيءَ تاملور واري قبرستان ۾ ٻين ڪيترن ئي ڪنڀرن سان گڏ حاجي محمد معروف ( راقم جو پڙنانو) به مدفون آھي. جيڪو پنھنجي وقت جو روحانيت جي حوالي سان وڏو بزرگ ٿي گذريو آھي. جنھن لاءِ ٻڌجي ٿو ته سندن آخري آرام گاھ تي ھن وقت ڪيترائي مصيبتن جا مارايا اچي، الله سائين کي عرض ڪري پنھنجي مَن جون مراديون حاصل ڪندا آھن ۽ باسون باسيندا آھن. محمد معروف جي روحانيت جا ڪيترائي قصا مشھور آھن جيڪي ڪنھن ٻئي نشست ۾! پر اها ڳالھه ضرور ڪبي ته جڏھن کيس ھن دنيا ۾ مليل ’ڊيوٽي‘ وارو وقت پڄاڻي تي پھتو ته ھُن پنھنجي فرزند حاجي عبدالمجيد (راقم جو نانو) کي گھرايو . جنهن جي پھچڻ تي کانئس ڪي ڳُجهه جون ڳالھيون ڪري راھه رباني ورتي. چون ٿا ته پوءِ حاجي محمد معروف کي مليل ’امانت‘ حاجي عبدالمجيد جي حصي ۾ آئي!! ميڙاسر جي اولهه ۾ ٻه اڍائي ڪلوميٽرن تي نالي وارن ٻن ليکڪ ڀائرن ارباب عبدالمالڪ ۽ ارباب نيڪ محمد عرف نيڪڻ سائين نوهڙي جو ڳوٺ ’گوگاسر‘ ۽ ڏکڻ ۾ ٻن ميلن تي راهمن ۽ سميجن جو ڳوٺ ’ايٽڪاڻ‘ واقع آهن. مولوي صاحب کان اڳ هن علائقي ۾ رڳو مسلمان سڏائڻ جي حد تائين اجازت هوندي هئي، نه ڪٿي مسجد هئي ۽ نه ئي آذان جي اجازت! علائقي ۾ اسڪول به نه هجڻ برابر هئا. تعليم جي اهميت ۽ جذبي سان سرشار مولوي محمد حسن پهرين پنهنجي ڳوٺ ۾ مسجد قائم ڪري، آس پاس جي ڪنڀرن، راهمن، نوهڙين ۽ ٻين ذاتين جي شاگردن کي اتي پڙهائڻ شروع ڪيو، پر پوءِ ان ڪم کي اڃان وڌيڪ وڏي ۽ گهربل  سطح تي ڪرڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي، ان مقصد لاءِ، ميڙاسر ڀرسان پنج ڇهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع ٺڪرن واري علائقي گڍڙي جي چونڊ ڪيائون. گڍڙي نالي تي ٿر ۾ مختلف ڳوٺ / شهر آباد آهن. جن ۾ ھڪ ھي گڍڙو به شامل آهي. هي گڍڙو انڊيا جي سرحد تي واقع آھي ۽ ’رام سنگھه گڍڙو‘ سڏجي ٿو. ‘گڍ’ لفظ قلعي / ڪوٽ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جيئن مٺي جي ’گڍي ڀٽ‘ وغيره. ان جو مطلب ته هتي به ڪن حڪمرانن جو ڪو ڪوٽ يا قلعو هو. جنهن طرف محققن جي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آھي. هن جي ريلوي اسٽيشن انڊيا ۾ ۽ شهر پاڪستان / سنڌ ۾ آهي. هي گڍڙو، ڇاڇري کان پنجيتاليهه پنجاهه کن ڪلوميٽر اتر ۽ عمر ڪوٽ کان ستر پنجهتر کن ڪلوميٽر اوڀر اتر ۾، تعلقي ڏاهلي ۾ واقع آهي. ان وقت گڍڙي ۾ ٺڪرن کان علاوه واڻيا، مڱڻھار، ھڪ گھر شيخن جو ۽ بجير به رهندا هئا. جڏھن ته ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سميجن، نوھڙين ۽ سومرن جا راڄ رھندا ھئا. ٺڪرن هوندي گڍڙي ۾ مسجد قائم ٿيڻ ۽ اتان آذان اچڻ بظاهر ته اڻ ٿيڻي هئي، پر مولوي صاحب رکي الله تي، پڪو پختو ارادو ڪري، ڪم شروع ڪيو. مخالفت چوٽ چڙهي وئي. ٺڪرن جي عزت، انا ۽ وقار جو مسئلو بڻجي ويو. مولوي صاحب گهڻ پاسائين جدوجهد جو رستو اختيار ڪندي ڪراچي/حيدرآباد مان متعلقه کاتي جي آفيسرن کان، اُتي اثر رکندڙ پير حضرت علامه مجدد سرھندي  رح صاحب جنھن کي ڪوڏاڻي طور ’حضرت پيرزادو‘ جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو، تنھن جي مهربانين سان، گڍڙي ۾ مسجد قائم ڪرڻ جو سرڪاري اجازت نامو هٿ ڪري، گڍڙي اچي پهتا. مولوي صاحب کي، حضرت پيرزادي صاحب فرمايو ته هڪڙو ڀيرو مسجد قائم ڪري آذان ڏيو، پوءِ توهان ڇٽل آهيو. باقي اوسيتائين اسان (ڪن قانوني مجبورين سبب) توهان جي مدد ڪرڻ کان قاصر هونداسين!

مولوي صاحب ڳوٺ پهچي، پنھنجي اعليٰ ذھانت کان ڪم وٺندي مدرسو ۽ مسجد قائم ڪرڻ لاءِ دورانديشانه پلانگ ڪئي. بقول سندن اڪيلي حال حيات ڌيءُ رھندڙ عمر ڪوٽ جي ته مولوي صاحب سال کن اڳ ۾ ئي شاگردن کي حڪم ڪيو ته مسجد لاءِ گھربل سامان، جن ۾ سِڻ (ٿر ۾ ٿيندڙ ھڪ ٻوٽو، جنھن مان ھي مسجد ٺاھي وئي ھئي) ڪاٺيون/ٿوڻيون ۽ رسيون وغيره اڳواٽ وڍرائي ۽ گڏ ڪرائي، ٻاھر اُس ۽ برسات ۾ رکن ته جيئن اھي اُس ۽ برسات جي اثرن سبب پراڻا لڳن. مسجد ٺاھڻ واري رات هر ڪو شاگرد مدرسي ۽ مسجد لاءِ گهربل سامان آڻڻ ۾ لڳي ويو. صلاح بيٺي ته گهربل سامان خاموشي سان گڏ ڪري، عشاء نماز ڪنھن ٻي جاءِ ادا ڪرڻ کان پوءِ، رات جو گڍڙي ۾ مسجد ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪبو ۽ رات پيٽ ۾ ئي ڪم مڪمل ڪبو. ٿيو به ائين. جيئن جيئن رات لڙندي ٿي وئي، تئين تيئن مسجد جو ڪم اڳتي کان اڳتي وڌندو ٿي ويو. باک ڦٽي کان اڳ، جهرڪين جي اٿڻ ۽ ڪڪڙن جي بانگ ڏيڻ کان به اڳ، جڏهن ڪارڪڻڇي جي ٻولڻ جو، وڏي اسر وارو وقت ٿيو ته، ان وقت الله اڪبر جي نعري سان مسجد جو ڪم به مڪمل ٿيو. انهيءَ اھم ۽ تاريخي مسجد ۾ پھرين بانگ ڏيڻ جو اعزاز کوکڙا پار لڳ ڳوٺ ’پنات‘ جي فقير قابل راھمون کي نصيب ٿيو. ھي اھو ئي قابل فقير آھي، جنھن جو پوٽو شھيد ڪمال راھمون، سنڌ يونورسٽي ۾ شھيد ٿيو ھو ۽ جنھن لاءِ حليم باغي چيو ھو ته، ”ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل، ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو“ ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جيڪو ان وقت ايل.ايم.سي ۾ پڙهندو هو ان جي هڪ غزل جو بند هينئن مليو آهي ته:

ايل ايم سي، ڪيئن وساريو تو ڪمال“،

رت جنهن جي ۾، سندئي رستا ٻُڏل.

(اسد جمال)

ھن ڪم ۾ مولوي صاحب سان گڏ اُتي رھندڙ نالي واري راڳي شفيع فقير جي ڏاڏي قائم فقير، ويرسي فقير (جماعتي، جنھن جو پوٽو حاڪم علي رٽائرڊ رينجرس انسپيڪٽر آھي) ماستر جيسو خان فقير وغيره خاص طور تي شامل آھن. (انهيءَ مسجد ٺھڻ وقت چون ٿا ته ان علائقي ۾ ھڪ ئي ماڻھو پوليس ۾ سپاھي ھو، سو ھتي جو ئي ھڪ مڱڻھار فقير ھو) جڏھن ته آس پاس جي ٻين ذاتين جي ماڻھن جي به مولوي صاحب کي مدد حاصل رھي. جن ۾ سومرا، سميجا ۽ نوھڙي خاص طور تي قابلِ ذڪر آھن. مسجد ٺاھڻ ۾ بنياد گڍڙي جي مڱڻھار فقيرن کي بنيايو ويو، ڇو جو مسلمانن ۾ انھن جا ئي ھتي وڌيڪ گھر ھئا. ان ڪري ھنن فقيرن کي وڌيڪ مصيبتن کي به منھن ڏيڻو پيو. باقي مدد لاءِ ته سڀني ذاتين جا ماڻھو آيا ھئا. مسجد ٺھڻ بعد جڏھن مقامي غير مسلم سردارن پاران اعتراض اُٿاريا ويا ته ڊپٽي ڪليڪٽر انڪوائري تي آيو ته، ھتي مسجد جي ضرورت ڪونھين، ڇو جو مسلمان گڍڙي کان پري پري ٿا رھن ۽ ھتي مسلمانن جي ايتري آبادي ڪونھن. ان اعتراض کي منھن ڏيڻ لاءِ گڍڙي ۾ رھندڙ مڱڻھار فقيرن کي تيار ڪيو ويو، جن جا اُن وقت اُتي 9/10 گھر ھئا. جن چيو ته اسان کي ھتي نماز پڙھڻ جي تڪليف آهي. ھندن لاءِ ته ھتي مندر آھي پر اسان ڪيڏانھن وڃون! انھيءَ ڳالھه کي ڏسندي ۽ مسجد جي پراڻي اڏاوت کي سامھون رکندي، ڊپٽي ڪليڪٽر کي قانونن مسجد جي اجازت ڏيڻي پئي جنھن سان ماڻھن ۾ وڏي جُرت ۽ حوصلو پيدا ٿيو. انھي انڪوائري ۾ گواھي ڏيندڙ مڱڻھار فقيرن ۾ جيسيو  ۽ سمھيڙو شامل ھئا. ان وقت گڍڙي ۾ ٺڪرن جو چڱو مڙس موڙجي ولد امر سنگھه ٺڪر ۽ مان جي سنگھه وغيره ھئا. ٺڪر پنهنجي موج مستي ۾ مگن آرامي ئي هئا، ته علائقي ۾ هڪ اهڙي اڻ ٿيڻي ٿي وئي، جيڪا سندن وهم گمان ۾ به نه هئي! سندن ٺاٺ باٺ ان علائقي ۾، ان ڏينهن کان، پوين پيرن تي جو آيا ته وري کين اڳوڻو اوج نصيب نه ٿيو. اهو ٺڪرن کي تمام ڏکيو لڳو ۽ هنن بخت درعمل جي تياري ڪئي. مسجد ٺهڻ ۽ آذان اچڻ بعد سندس مخالفن، مولوي صاحب تي حملو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. مولوي صاحب کين چيو ته مارڻ وارو الله آهي، توهان جي گولي ڪجهه به نه ڪري سگهندي. مسجد ٺھڻ کانپوءِ، گڍڙي ۾ رھندڙ مڱڻھار فقيرن کي مخالفن خاص ڪري نشانو بڻايو مٿن کوھه تان پاڻي ڀرڻ جي پابندي ھڻندي، سندن سماجي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. جيئن ته مڱڻھار فقيرن جا ھتي پنھنجا کيت (زمينون) ھيون، ان ڪري انھن پنھنجي کيتن ۾ نوان کوھ کوٽايا. فقيرن جي سماجي بائيڪاٽ وارو فيصلو ڪنھن حد تائين مخالفن کي  گلي ۾ پئجي ويو. ڇو جو کين ھر خاص موقعي تي منڱڻھار فقيرن جي سازن ۽ آوزان جي ضرورت پئي پئي، ان ڪري ڪجھه سالن بعد ٺڪرن کين فقيرن جي بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺڻو پيو. مسجد جو رھيل ڪم بعد ۾ مولوي صاحب جي فرزند فقير محمد اسماعيل مڪمل ڪرايو.

 انهي مدرسي مان سندن شروعاتي شاگردن ۾ جن جي دستار بندي ٿي، انهن ۾ گوگاسر جو مولوي ادريس نهڙي ۽ مولوي صاحب جو ڀائٽيو ۽ نائب مولوي عبدالله خاص طور تي قابل ذڪر آهن. مولوي محمد حسن صاحب جي حال حيات آخري شاگرد طور، ڇور جي مدرسه دارالعلوم القاسميه جي مهتمم اُستاد محمد يعقوب ڪنڀر جي والد محمد ھارون جو نالو ٻڌايو وڃي ٿو.

مولوي محمد حسن جن کي سندن پونئر “ڏاڏو مولوي” جي نالي سان سڏين ٿا، تن انهيءَ مسجد تي ئي بس نه ڪئي، بلڪه پاڻ آس پاس جتي به اسلام جي حوالي سان، ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون، اتي وڃي ٿي پهتا. گڍڙي کان 28 ڪلوميٽر اُتر ۾ هڪ ٻيو وڏو ڳوٺ ”ڏيڙا“ هو. جتي جيو راج سنگهه ۽ سڪتيڌان سنگهه، نالي وارا ٺڪر رهندا هئا. ان ڳوٺ ۾ ٻه ٽي گهر ڪنڀرن جي پاڙي  “بُج” جا به رهندڙ هئا. مولوي صاحب جي تعليم کان متاثر ٿي انهن ڪنڀرن، مولوي صاحب کي چيو ته اسان به ڳوٺ ۾ مسجد ٺاهينداسين، اسان جي مدد ڪريو. مولوي صاحب کين مسجد لاءِ ڳوٺ ۾ پٿر گڏ ڪرڻ جو چيو. (هي ڳوٺ ڇُھٽڻ جبل/ڏونگر جي پٿريلي زمين تي واقع هو) انهن جبل کي ٽُڪيمسجد لاءِ پٿر گڏ ڪري مولوي صاحب کي ٻڌايو. مولوي صاحب پنهنجي گهوڙيءَ تي چڙهي سانجهي ويل اتي وڃي پهتا. پاڻ وضو ڪري نماز پڙهيائون ته ٺڪرن اعتراض ڪيو. آخر مولوي صاحب سان ٺڪرن جون ڳالهيون ٿيون. ٺڪرن پاڻ ئي شرط رکيو ته مسجد ان صورت ۾ آباد ٿيندي ۽ ان ۾ آذان جي اجازت ڏبي، جڏهن مسجد جي ڏيئي ۾ ٻرندڙ تيل اسان جو ڏنل هوندو! ائين نه صرف اتي مسجد قائم ٿي وئي، بلڪه اها ٺڪرن جي تيل سان روشن به رهي! اهڙي طرح پوءِ مولوي صاحب جي شاگرد، حافظ اسحاق جي ڪوشش سان ميڙاسر کان چاليهه پنجاهه کن ڪلوميٽر تي ڪنٺي جي ’جيتراڙ‘  ڳوٺ ۾ به مسجد ٺهي. جنهن جي ڀرسان ميلن ۾ ڪٿي به، نه ته ڪو ٻيو اسڪول هو، نه مسجد ۽ نه ئي مدرسو. انهن مسجدن کي نه صرف هن علائقي بلڪه کاؤڙ ۽ ڪنٺي جون به شروعاتي مسجدون چئي سگهجي ٿو. مولوي صاحب نه صرف اتي مسجدون قائم ڪيون، بلڪه اتي اسلامي تعليم لاءِ مدرسا به قائم ڪيا.

اسلام جي سربلندي لاءِ اهي مقابلا نه صرف پاڪستان کان اڳ تائين قائم رهيا، بلڪه ڪافي پوءِ تائين به جاري رهيا. مولوي صاحب جي ميڙاسر واري مسجد ۽ مدرسي تي 1965ع ڌاري، ڀاٽي ٺڪر ڌاڙيلن حملو ڪيو. ان وقت اتفاق سان گهر ۾ وڏو مرد ماڻهو ڪوبه نه هو. رڳو عورتون ۽ مدرسي جا شاگرد موجود هئا. گهر ۾ موجود هڪ پوڙهيءَ ڌاڙيلن کي چيو ته شاگرد منهنجي پٽن برابر آهن، انهن کي ڪجهه نه چئو، جيڪو کپي اهو کڻي وڃو. ڌاڙيلن اٺ ڀري، گهرن جا ٽپڙ ٽاڙي کڻي، گڍڙي واري مسجد تي پهتا، جتان انهن مسجد جا ٽيئر گارڊر ۽ دريون دروازا کڻي انڊيا طرف روانا ٿيا. (انهيءَ وچ ۾ مسجد پڪي ٿي چڪي هئي) خدا جي قدرت انهن ڌاڙيلن ۾ هڪ اتي ئي چريو ٿي پيو ۽ ڌاڙيل ”ڏاڏو ماري ٿو“، جون دانهون ڪندا مسجد جو ڦريل ۽ چورايل سڄو سامان پاڻ ئي واپس ڪري ويا. انهن ڌاڙيلن کي ڌاڙي وقت ڪنهن ٻيو ته ڪجهه نه چيو ۽ نه روڪيو، رڳو محمد الياس ڪنڀر، ويندڙ ڌاڙيلن پٺيان فائر ڪيا هئا.

مولوي صاحب جتي به ايندا ويندا هئا، پنهنجي گهوڙي تي سفر ڪندا هئا. گهوڙيءَ سڄي ٿر ۾ مشهور هئي.مولوي صاحب جي ڌيءُ جي بقول ته،  هڪ ڀيري سانجھي کان اڳ مولوي صاحب ميڙاسر کان ڏکڻ ۾ واقع ’تَڙ قبولئي جي پار‘ مان پنھنجي سُھري عثمان وارن وٽان ٿيو پئي آيو ته واپسي ۾ سندس گھوڙي ھڪڙي ھنڌ ٿاٻڙجي پئي. پاڻ ان کي امر الاھي سمجھي، اُتي کڏو/ نشان (پير سان نشان ڪري) ڪري گھر آيا. صبح جو پنھنجن شاگردن عبدالواحد ولد قابل راھمون ۽ موسو سميجو کي گڏ وٺي وڃي اھو ھنڌ ڏيکاريندي، اُتي ڪاٺي کوڙي نشان ڪري، کين چيو ته جيڪو به اڳ ۾ گذاري وڃي ان کي ھتي دفن ڪجو. اتفاق سان اٺين ڏينھن مولوي صاحب پاڻ ئي گذاري ويا ۽ انھي ھنڌ جي مٽي کين نصيب ٿي. انھي حوالي سان ملندڙ ھڪ ٻي پر ڪجھه مختلف روايت مطابق مولوي صاحب جو ڪٿان رات جو ايندي مهل، ميڙاسر کان ڏاکڻان، گهرن کان ڪجهه پرڀرو سندن گهوڙيءَ جو پير هڪ ترائي ۾ ڪوئن جي کوٽيل ڪنهن ٻِر ۾ اچڻ سبب، گهوڙي ٿاٻڙجي پئي. گهوڙيءَ جي ٿاٻڙجڻ کي مولوي صاحب اهم اشارو سمجهيو. صبح جو پنهنجي ڀاءُ ۽ سانگهڙ جي دل جي مشهور ڊاڪٽر  اڪبر ڪنڀر جي پڙ ڏاڏي سانوڻ کي ساڻ ڪري، گهوڙي جي ٿاٻڙجڻ واري هنڌ وڃي پهتا. ان هنڌ کي ڏسي مولوي صاحب ڀاءُ کي چيو ته، جيڪڏهن هن هنڌ کي قبرستان ٺاهجي ته ڪيئن رهندو؟ ڇو جو تاملهور، جتي اڳوڻو قبرستان ھو (جتي راقم جو پڙنانو حاجي معروف به مدفون آھي) صلاح بيٺي ته اهو هنڌ قبرستان لاءِ بهتر آهي. تاملور وارو قبرستان ’سيد شھزادي‘ وارو قبرستان سڏجي ٿو، جتي شرعي ميلو به لڳندو ھو. ميڙاسري عيد نماز به اُتي پڙھڻ ويندا ھئا، پر بارڊر / ورھاڱي بعد اھو سلسلو بند ٿي ويو. اتفاق سان يا امرالاهي سان مولوي صاحب ئي پهريان ماڻهو هئا، جيڪي ان نئين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿيا. بعد ۾ سندن چاچو جيئندو به اتي ئي رکيو ويو ۽ ائين اهو نئون قبرستان قائم ٿيو. مولوي صاحب جي وفات واري رات جيتراڙ مدرسي جو مولوي حافظ اسحاق نھڙي (جيڪو اکين جي نور کان ته محروم ھو ، پر اندر اُجرو ھئس) ميڙاسر ۾ مولوي صاحب وٽ آيل ھو. جنھن شام جو واپس وڃڻ لاءِ موڪلائڻ چاھيو، پر مولوي صاحب کيس اھو چئي رات راھي ڇڏيو ته اڄ رات رھي پئو، صبح جو ڏسبو. ائين ڄڻ ته مولوي صاحب، حافظ اسحاق کي صبح جو وري اچڻ واري تڪليف ۽ پنڌ کان بچائي ورتو! اسلام جي اهڙي عظيم،  پرگمنام مجاهد جي هٿ چمڻ جهڙن جهونن ۽ وڏڙن جو مولوي صاحب کان اڳ جي پيڙهي/شجرو هيٺين ريت ملي ٿو. ڌُڪڙ مان پيدا ٿيو مصري، ان مان ٿيو موريو ۽ ان مان پيدا ٿيا لڌو، ان مان لالو، جنھن مان ٿيو بستو ۽ ان مان پيدا ٿيو ماٺيڻو، جنھن مان وري پيدا ٿيو حاميد ۽ ان مان پيدا ٿيو رحمان پوءِ پيدا ٿيو دائود ۽ دائود مان پيدا ٿيو مولوي محمد حسن ميڙاسري. ۽ مولوي صاحب کان بعد واري پيڙھي ڏسبي ته:

مولوي محمد حسن صاحب جن جي وڏي ڀاءُ جو نالو هو رحمان. جنهن کي ٽي پٽ ٿيا دائود، حڪيم ۽ جيئندو. دائود مان ٿيو سانوڻ،  ٻيو قادر بخش عرف قادو (سڄي سنڌ ۾ خصوصاً ٿر ۾ نالا ائين ئي بگاڙبا آهن) مولوي صاحب کي ٽي پٽ مولوي محمد اسماعيل، محمد يوسف ۽ احمد ۽ ٽي ڌيئر پيدا ٿيون. جڏهن ته کين هڪ ڀيڻ به هئي. مولوي صاحب جي شڪل شبيهه سندن پٽ محمد اسماعيل ۽ پوٽي دائود ۾ صاف نظر ايندڙ هئي / آهي.

مولوي صاحب جي ٻئي نمبر وڏي ڀاءُ جو نالو قادر بخش ھو. جيڪو صوفي فقير ۾ رھائش پذير ھو ۽ صوفي قلندر بخش جي خاندان سان سندس ڪافي ويجھو تعلق ھو. مولوي محمد حسن صاحب جي حاجي محمد عالم پلي مدرسي ۾ پڙھڻ جو ھڪ اھم سبب اھو به ھو ته سندس ڀاءُ قادر بخش ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي جي ويجھو، صوفي فقير ۾ رھندڙ ھو. قادر بخش کي ٽي پٽ ھئا؛ جن ۾ محمد رحيم، ڌڻي بخش ۽ محمد عباس شامل آھن. جن ۾ محمد عباس حياتي آھي ۽ باقي ٻئي فوت ٿي چڪا آھن. اهي ٽئي ڀائر صوفي فقير ۾ ئي رھندڙ ھئا. جڏھن ته قادر بخش جي پُٽ محمد رحيم کي وري چار پُٽ عبدالستار، غلام مصطفيٰ، عبدالجبار ۽ محمد اشرف ھئا. جن مان وڏا ٻئي پُٽ فوت ٿي چڪا آھن ۽ سندن ننڍو پُٽ محمد اشرف عمرڪوٽ ۾ رھائش پذير آھي ۽ عمرڪوٽ جي ھڪ اسڪول ۽ سينٽر ’اسڪالر پبلڪ ھاءِ اسڪول‘ جو ھڪ بھترين ۽ مڃيل منتظم به آھي.

مولوي محمد حسن صاحب جن جو قد تقريباً ڇهه فوٽ، جسم سنهو، رنگ سانورو هو. پاڻ انتهائي بهادر، سخي، اسلامي تعليمات عام ڪرڻ لاءِ مدرسا ٺاهي هلائيندڙ ۽ انهن ۾ پنهنجي خرچ تي مسافر شاگردن کي رهائيندڙ به هئا. مولوي صاحب ٿري ڪنڀر هجڻ ڪري ڍاٽڪي به ڳالهائيندڙ هئا، پر پاڻ گهر توڙي ٻاهر اڪثر سنڌي ڳالهائيندا هئا. مولوي صاحب گوشت کائڻ جا تمام گهڻا شوقين هئا. جڏهن پاڻ ماتا جي بيماري جي ڪري بيمار ٿي پيا، تڏهن به گوشت کائڻ نه ڇڏيائون. بلڪه اهتمام ڪري به گوشت واپرايائون. جڏهن ته اڳي سڄي ٿر ۾ مشهور ٿيل هو ته ڍڳي ڳئون ماتا آهي، ان ڪري ان کي ڪوبه نه کائي، پر ماتا دوران ته ڪير اصل، ڳئون ماتا جي گوشت جي ويجهو به نه وڃي. جيڪو ماتا ۾ ڳئون ماتا جو گوشت کائيندو، اهو مري ويندو. مولوي صاحب ماتا ٿيڻ وقت پنهنجي فرزند مولوي محمد اسماعيل کان ڍڳي ذبح ڪرائي، پاڻ به گوشت کاڌو ۽ ٻين کي به کارايو. ائين نه صرف پنهنجو گوشت کائڻ جو شوق به پورو ڪيائون، بلڪه اسلامي تعليمات جي ابتڙ مشهور ٿيل ۽ ماڻهن جي دماغ ويٺل هڪ غير اسلامي عقيدي جي پاڙ پٽڻ جو به مثال قائم ڪيائون!

هتي هڪ ڳالهه جو ذڪر دلچسپي کان خالي نه ٿيندو ته، ٿري ڪنڀر جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان لڳن ته هن ڌرتي جي اصل رهندڙن منجهان ئي ٿا، پر ’ديکا ديکي‘ ۾ هو به پنهنجي پاڻ کي ٻاهريان آيل ۽ ٻاهر جو سڏائڻ تي شايد فخر محسوس ڪن ٿا. جنهن جو وڏو سبب کين انهن رستي تي ڀاٽن ۽ ڀانن پاران لڳائڻ به لڳي ٿو. ڀاٽن پاران ڪنڀرن کي ٻڌايل شجري مطابق، ڪنڀر اصل ۾ عربستان جا ۽ عبدالمطلب جي پٽ حارث جي اولاد مان آهن. حارث کي ٽي پٽ پيدا ٿيا اترڪ، ڪنڀر ۽ پنهور، (ڏيو منهن! احساسِ ڪمتري ڪيڏي نه وڏي بيماري آهي! ۽ شايد ان جي ڪابه حد ناهي هوندي. پاڻ وٽ ته تاريخ هونئن به گهڙي ۽ ٺاھي ئي ويندي هئي/آھي!)

مولوي صاحب جا شاگرد:

مولوي صاحب جا هونئن ته ڪيترا ئي خليفا ۽ شاگرد هئا، جن جو تعلق مختلف ذاتين ۽ مختلف علائقن سان هو، پر جيڪي ڪجهه نالا ملي سگهيا آهن، انهن ۾ سندن خاص خليفا حافظ اسحاق نوهڙي، عبدالواحد راهمون، مولوي محبت راھمون جيڪو ٿر واري پاسي لکڙياري ڀرسان بارڊر جي ھُن پار انڊيا جي قبولائي ڳوٺ ۾ ديني درس و تدريس ۾ مصروف رھيو، لکڙياري جو محمد راول به مولوي صاحب وٽان پڙھي، پاڻ به وڏو مولوي ٿيو. حاجي محمد جعفر ڪنڀر، حاجي محمد دائم ڪنڀر، فقير محمد بچل ڪنڀر، محمد سومار ڪنڀر، محمد سڄڻ ڪنڀر، يامين ڪنڀار، آچار، مولوي خيرالدين، عبدالواحد، دينو (دين محمد نھڙي)  قابل فقير پنات وارو ۽ مولوي عبدالله پٻڻ وارو خاص طور تي شامل آهن. 

مولوي صاحب جو آخر وقت ويجهو اچڻ تي سندن ويجهو، پيارو ۽ اکين جي نور کان محروم شاگرد حافظ محمد اسحاق به ميڙاسر اچي پهتو. (ڪن جو چوڻ آهي ته کيس گهرايو ويو هو) مولوي صاحب جو ڀاءُ سانوڻ به، صوفي مان اچي پهتو. مولوي صاحب جو سهرو محمد عثمان، جيڪو ميڙاسر کان پندرھن ڪلوميٽرن تي ’قبولي جي پار‘ جو رهواسي هو، ان کي به سڏايو ويو. گهيٽو  يا ٻڪر ڪهي سڀني جي مهماني ڪئي وئي. مولوي صاحب کي جيڪي وصيتون ڪرڻيون هيون سي ڪيائون. سڀني کي پارتون ڪيائون، ڪفن گهرائي، سڀني کان موڪلائي، انهيءَ رستي جا راهي ٿي ويا، جتان نه ڪو موٽيو آهي ۽ نه ئي ڪو موٽندو. ها پر ٻين عام ماڻهن ۽ مولوي صاحب جهڙن عالمن ۾ اهو فرق ضرور آهي، جو عام ماڻهو جيڪو رڳو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو، اهو وڃڻ جي ڪجهه ئي عرصي بعد ٻين کان ته ڇا، پر گهر وارن کان به وسريو وڃي. ان جي مال ملڪيت جا مالڪ ۽ دعويدار به سندس نالو وساري وهندا آهن، پر مولوي صاحب جهڙا ماڻهو، جيڪي ٻين لاءِ يا ڪنهن عظيم ۽ اعليٰ مقصد لاءِ جيئندا آهن، انهن جو نالو، انهن جو ذڪر ڪڏهن به ناهي وسرندو. انهن جو ذڪر ۽ نالو نسل در نسل هلندو رهندو آهي ۽ هلندو رهندو.

مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب جتي عالم ۽ مبلغ ھئا، اُتي نھايت بھادر دورانديش ۽ داناءُ به ھئا. منجھن ڪم ڪرڻ جو به وڏو سليقو ھو. مولوي صاحب ڪنھن به اھم ڪم ڪرڻ وقت يا غير شرعي ريتن رسمن کي ختم ڪرائڻ لاءِ، بجاءِ عام ماڻھو سان مخاطب ٿيڻ ۽ کيس قائل ڪرڻ جي، ان ڳوٺ يا ذات ۽ خاندان جي بااثر، وڏي يا پٽيل کي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. مولوي صاحب گھڻي ڀاڱي ڪفر جون ۽ غير اسلامي رسمون، انھي نموني ئي ختم ڪرايون. سندن اصلاح جو ۽ دين جي دعوت ۽ ترغيب ڏيڻ جو انداز ڏاڍو اثر انگيز ھوندو ھو. جنھن سان ڪنھن جي دل آزاري به ڪونه ٿيندي ھئي، ڪنھن کي خراب به ڪونه لڳندو ھو ۽ اصلاح به ٿي ويندي ھئي. پاڻ ڪثيرالجھات انسان ھئا. ڏکئي علائقي ۾ ھن نئين، تحريڪي ۽ مشڪل ڪم ڪرڻ سبب، جتي سندن ڪيترائي مخالف به پيد اٿيا ته کين قدرت طرفان ڪم ڪرڻ لاءِ وقت به ڏاڍو محدود ملي سگھيو. پر پوءِ به پاڻ ان مختصر مليل وقت ۾، وڏا ڪم ڪري، مثال قائم ڪري ويا. مولوي صاحب جو ھڪ ٻيو ڪارنامو پنھنجن ھٿن سان قرآن مجيد لکڻ جو به ھو، پر اھو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو، جنھن کي بعد ۾ سندس شاگرد حاجي جعفر (ھالاري/دولت آباد وارو) مڪمل ڪيو، جيڪو اڄ به ضعيفي حالت ۾ موجود آھي.  مولوي محمد حسن صاحب جن جي خدمتن جي ٻين کي شايد ايتري خبر نه هجي، پر ٿر ۾ کاؤڙ ۽ ڪنٺي جي علائقي ۾ سندس نالو اڄ به وڏي عزت احترام سان ورتو وڃي ٿو.

مولوي صاحب جي وفات، زھر ذريعي ٿيڻ واري روايت!!

مولوي محمد حسن ميڙاسري صاحب جن کي وفات کان اڳ سندن آخري سفر جي حوالي سان ڪجهه پروڻ به شايد پئجي ويا ھئا! جن جو اظھار اُنھن، مختلف اشارن ذريعي ڪيو به ھو. آخري ڀيرو بيمار ٿيڻ کان اڳ، سندن گھوڙيءَ جو ٿاٻڙجڻ ۽ مولوي صاحب پاران، انھيءَ ھنڌ کي ئي پنھنجي آخري آرامگاھه طور چونڊڻ واريون ڳالھيون به ثابت آھن. پر کين گڍڙي جي رام سنگھه ٺڪر پاران، اُتي جي ئي طبيب  (افسوس جو سائين يعقوب صاحب جا والد وفات ڪري چڪا آھن ۽ کين هاڻ والد پاران ٻڌايل معالج جو نالو ياد ناھي رھيو) ذريعي زھر ڏيارڻ ۽ سندس وفات، ان زھر ذريعي ئي ٿيڻ جو ذڪر ۾ ملي ٿو. ان بابت حاجي مولوي محمد يعقوب صاحب جن پنھنجي والد محترم حاجي محمد ھارون (جيڪي مولوي صاحب جا آخري شاگرد ھئا) پاران مولوي صاحب کي زھر ڏيڻ ۽ سندن وفات اُن ذريعي ٿيڻ بابت کين ڪيترائي ڀيرا ٻڌايل روايت راقم کي ٻڌائي. پوءِ اھڙو ذڪر يعقوب صاحب ميڙاسر ۾ 16-09-2019  تي، سائين مولوي محمد حسن صاحب جي حوالي سان ٿيل جلسي ۾ به سڀني سامھون ڪيو! سائين يعقوب صاحب مطابق ته کين پنھنجي والد ٻڌايو ته گڍڙي جي ٺڪر، مولوي صاحب کي ڪيترائي ڀيرا خراب نتيجن جي حوالي سان ڌمڪايو ۽ ڊڄاريو ھو. ھو مولوي صاحب کي چوندو ھو ته تون سڌو ٿي وڃ، نه ته اسان توکي سڌو ڪري ڇڏينداسين. تنھنجو اھڙو حشر ڪندس، جو تنھنجو ڪو ڌڻي به ڪونه ٿيندو! ھڪ ڀيري ھُن مولوي صاحب کي گھرائي سڀني جي سامھون چيو ته جي ھن وقت آئون توکي ڌڪ ھڻي ماري ڇڏيان، ته توکي ڪير ڇڏائيندو!؟ اھو ٻڌي مولوي صاحب وراڻيوته آئون جي تنھنجي ڌَڪ سان مري ويس ته منھنجي زال چار مھينا ڏھه ڏينھن بعد وڃي ٻيو مڙس ڪندي، پر جي ھِن ڪاري (مولوي صاحب سندي سانوري رنگ سبب، پاڻ کي ڪارو چيو) جو ڌَڪ ڇُٽو ته تو واري، سڄي زندگي ڪارا ڪپڙا پئي پائيندي. اھو ٻڌي ٺڪر جو ڪنڌ سڄي ڪچھريءَ ۾، اوستائين وري مٿي نه ٿيو، جيستائين مولوي صاحب اُتي موجود ھئا.

سائين حاجي محمد يعقوب جي بقول ته ٺڪر جي انھن ڌمڪين نيٺ وڃي اثر ڏيکاريو. مولوي صاحب جي عام رواجي نموني بيمار ٿيڻ تي، انھي ٺڪر کي انھن ڌمڪين کي سچ ثابت ڪرڻ جو ڄڻ ته موقعو ملي ويو. اُن وقت گڍڙي واري علائقي ۾ بس ھڪڙو ئي ڊاڪٽر/حڪيم ھو، جيڪو ئي سڀني جو علاج ڪندو ھو. سو مولوي صاحب به اُن وٽ دوا دارو لاءِ ويا. سائين يعقوب صاحب جي بقول، لڳي ائين ٿو ته ٺڪر ۽ طبيب جي وچ ۾ اھو معاملو اڳي ئي طئه ٿيل ھو ته جي اهڙو ڪو موقعو ملي، ته اُن مان فائدو ضرور حاصل ڪجي. ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو! مولوي صاحب کي اُن معالج دوا ۾ اھڙي ڪا شيءَ/زھر ڏنو، جنھن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ۽ اھا دوا ئي مولوي صاحب جي وفات/شھادت جو باعث بڻي!! ۽ ائين مولوي صاحب ٻن چئن ڏينھن ۾ ان دوا سبب ’شھادت‘ ماڻي، آخري سفر تي ھليا ويا!

جيتوڻيڪ اھا زھر ڏيڻ واري ڳالھه بلڪل به عام ڪونھين ۽ علائقي جي ٻين ماڻھن کي ته ڇا، پر خود مولوي صاحب جي گھر ڀاتين ۽ ويجھن عزيزن کي به اڄ تائين اُن بابت ڪا خبر يا ڄاڻ ڪونھين! ۽ نه ئي انھن ڪڏھن اھڙي ڪا ڳالھه، پنھنجن وڏن کان ئي ڪڏھن ٻُڌي آھي. بس انھيءَ روايت جو راوي ھاڻ سائين يعقوب صاحب ئي آھي! جن اها ڳالھه پنھنجي والد کان ٻُڌي آھي، پر افسوس جو اها روايت مولوي صاحب پاران راقم سان بيان ڪرڻ وقت، سندن والد به وفات ڪري چڪا آھن!

مولوي صاحب بابت چاچي محمد ابراهيم صاحب جي لکيل روايت:

ڪنڀار ذات تمام وڏي تعداد ۾ آهي، جيڪا دين جي علم سان  تمام گھڻي چاهه رکندڙ آهي. انهيءَ  قوم جي هڪ “نک” ‘جيئند’ به آهي، جنهن نک سان مولوي محمد حسن صاحب واسطو رکن ٿا.جيئند قبيلي مان حاميداڻي هڪ گھراڻو آهي، جنهن مان اڳتي هلي ڏاڏو دائود پيدا ٿيو.

قسمت کلي ان دائود بزرگ جي، جنهن کي ٽن پٽن سان الله سائين نوازيو. وڏو فرزند سانوڻ،  ٻيو قادر بخش عرف قادو ۽ ٽيون نمبر نيڪ  محمد حسن ميڙاسري.

عجيب اتفاق آهي جو ان وقت وڏو ڀاءُ سانوڻ،  صوفي قلندر بخش جي صحبت ۽ اثر هيٺ هو. سانوڻ کي سندس سٺي صحبت جي ڪري صوفي صاحب فقير قلندر بخش ۽  جان محمد مري هيرل وارو همٿائيندا هئا. ان سبب ننڍي ڀاءُ محمد حسن کي علم پرائڻ لاءِ شروع ۾ مدرسه نصرپور ۽ بعد ۾  ڳوٺ عمر ڀنڀرو نزد جڳو ڀرڳڙي ۾ موڪليائين. جتي تعليم مڪمل ڪري، ڳوٺ حاجي محمد عالم پلي ۾ مزيد تعليم پرايائين ۽ دستاربندي بعد ڳوٺ ميڙاسر آيا، جتي سال 1919ع ۾ مدرسه جو بنياد رکيائون. هڪ موقعي تي نجي محفل ۾ مرحوم مغفور مولانا حاجي عبدالرحمان جمالي صاحب جن انڪشاف ڪيو هو ته مولوي محمد حسن ڪنڀر،  چوٽيارين جي مدرسه ۾ ڪجهه وقت درس ڏيڻ ۽ پرائڻ ۾  به گذاريو هو. پاڻ ڪجھه ان وقت جي ٻين عالمن سڳورن جا نالا ورتا هئائون، جيڪي ڪنهن خاص مجلس ۾ بحث ڪرڻ، خاص خطاب ۽ يادگار تقريرون؛ مڪان، ٻاٻور، ڪنڀار ۽ ولاسڻ ۾ ڪيون هيون .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org