_ فقير امام علي ولد عبدلغفور واڍو (لاکو) اندازاً
1904ع ۾ ڄائو. ڳوٺ جاڙا تعلقي هالا جو رهندڙ هو.
فقير صاحب چوندو هو ته سندس عمر 80 سال آهي.
بااخلاق و باتهذيب، باتميز شاعر، فضيلت مند ۽ خوش
طبه شخصيت هو. 1947ع ۾ مون (مخدوم طالب الموليٰ)
کي جو بخار ٿي پيو جو ٻه ٽي مهينا هليو. هڪ رات
خواب ۾ ڏٺو ته نم واري بنگلي ۾ آءٌ اتر طرف هميشه
واري پاٿاري تي ويٺو آهيان ۽ امام علي فقير ڏکڻ
طرف اڀرندي واري در وٽ ويٺو آهي ۽ هيءَ ڪافي جا
منهنجي لاءِ لکي، هيئين ڳائي ويٺو:
منهنجا پير مغان پاڳارا_ پيارا هجو هردم
جڏهن آءٌ تندرست ٿي ساڳي پاٿاري تي ويٺو هوس ته
امام علي فقير به ساڳي در وٽ اچي ويٺو ۽ ساڳي ڪافي
ڳايائين. سندس وفات کان سال کن اڳ مون کي چيائين
ته ”80 سال عمر آهي اڃا پيا نچون“ فقير جو انتقال
12 اپريل 1987ع تي ٿيو. (يادِ رفتگان، ص:
367/369).
67_
راءِ بهادر سيٺ وشنداس ولد سيٺ نهالچند ڀارواڻي
ڪوٽڙي تعلقي ضلعي دادو جي ڳوٺ مانجهو (مانجهند) ۾
1843ع ۾ ڄائو، کيس سيٺ وشنداس مانجهوءَ وارو ڪري
سڏيندا هئا. سندس پيءُ نهالچند به هڪ درويش ۽ شاعر
هو، جنهن جا ڪيترائي مريد هئا. ننڍپڻ ۾ سيٺ وشنداس
جون ڪچهريون سندس باغ ”بلاس“ ۾ ڪيترن مهنت ۽ پنڊتن
سان ٿينديون هيون. طبعيت ۾ ويراڳ هوس ان ڪري پنجاب
صوبي جي ضلع قصور ڳوٺ جليا نوالا ۾ ستگر گلابداس
جي چرنن ۾ وڃي ويٺو. مرشد جي روحاني رنگ به سيٺ
وشنداس تي گهرو اثر ڪيو. وشنداس کي مرشد وٽان موڪل
ملي ته اچي ڳوٺ پهتو. هو هڪ سچو انسان ۽ ديانتدار
هو، ان ڪري مخدوم امين ثالث جن وٽان کيس عام
مختيار ٿي ڪاروبار هلائڻ جي آڇ ٿي، جيڪا هن قبول
ڪئي. سندس ديانت جون ڳالهيون ضرب المثال آهن. پکن
ڌڻي جي وصال بعد نوڪري ڇڏي وڃي ڪاروبار ڪيائين ۽
سڌ جو ناميارو سيٺ ٿي ويو. هن جا ڪارخانا ۽ مشينون
باڊه، کنڊو، ڪراچي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برک هئا.
سماجي خدمتن ۾ ناميارو هو. سنگيت جو ڪوڏيو هو.
هندو خان ۽ ان جي پٽ سنڌو خان سان به راڳ ۾ سنگت
ڪيائين. سيٺ وشنداس ساهت جو به مشتاق ٿي گذريو آهي
۽ ڪيترائي ديني ڪتاب شايع ڪرائي مسلمان خواه هندن
۾، مفت تقسيم ڪندو هو. 7_ جنوري 1929ع تي پنجاسي
ورهين جي عمر ۾ پر لوڪ پڌاريائين.
(يادِ رفتگان، ص:74/75).
68_
صيد در گلشنِ احباب چون بلبل مي
بود
از سبب آمدنِ صياد پرو بال کشود
بيست محرم ”غائب شد آن“ بازنگشت
همچنان رفت زغنچئه خود گويا که نه بود
تاريخ وفات استاد سينڌو خان صيد، از حضرت مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ، ڪچڪول ص 174
69_
قاضي عبدالعليم ابڙو گل وڪيلاڻي هالا شهر جي هڪ
مهذب ۽ معلم گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ جناب مخدوم
طالب الموليٰ جي ديرِينه ساٿين مان هو. سندس ولادت
1910ع ۾ ٿي. قاضي عبدالعليم جو والد حڪيم قاضي يار
محمد ابڙو هڪ بزرگ شخص ۽ ڄاڻو حڪيم ٿي گذريو آهي.
قاضي عبدالعليم جي شادي 1933ع ۾ حيدرآباد جي سومرن
مان ٿي. سندس اولاد ۾ چار پٽ ۽ ست نياڻيون آهن،
جيڪي اڄ تائين حيات آهن. قاضي غلام احمد ابڙو سندس
وڏو فرزند آهي. قاضي عبدالعليم سنڌي فائينل تائين
تعليم حاصل ڪئي شروعات ۾ درس و تدريس جي شعبي سان
وابسطه رهيو. بعد ۾ تپيداري جو ڪورس پاس ڪري
روينيو کاتي ۾ تپيدار مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪري
سپروائيزنگ تپيدار جي عهدي تي پهتو. ان وقت جي چيف
سيڪريٽري مسٽر عبدالحسن قريشي سان سندس وجهڙائپ جو
ناتو هو، جنهن سندس قابليت کي ڄاڻندي کيس محڪم
اوقاف ۾ مينيجر جي عهدي تي فائز ڪيو جنهن تي هو
زندگيءَ جي آخري لمحن تائين خذمت انجام ڏيندو
رهيو. قاضي عبدالعليم ڪجهه شاعري پڻ ڪئي هئي. سندس
تخلص ”گل“ هو. موسيقي سان پڻ لڳاءُ هوندو هوس ۽ پڻ
راڳ جو ڄاڻو هو. جناب مخدوم طالب الموليٰ جن سان
قريب رهيو ۽ تاحيات طالب الموليٰ والي بال ڪلب جو
جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.
71_
حاجي الهبچايو ولد محمد جمن گاجئي 4_ آڪٽوبر 1911ع
۾ هالن ۾ ڄائو. سندس وڏا هالا جي اوڀر ڏکڻ جي ڏيڍ
ميل فاصلي تي ڳوٺ گجڻ جا رهاڪو هئا. جتي گڄڻ جي
نالي سان قبرستان به آهي. حاجي الهبچايو ايام
طفوليت کان ئي شعر و شاعري تي طبع آزمائي ڪئي،
سنڌي ۽ فارسي ۾ کيس چڱي ڄاڻ هئي. شاعري ۾ وفا تخلص
استعمال ڪيو اٿس سال 1943ع کان وفات تائين
ميونسپالٽي هالا جو ميمبر رهيو ۽ سال 1944ع ۾ مسلم
ليگ هالا جو جنرل سيڪريٽري به ٿي رهيو. سندس وفات
16 جنوري 1980ع 27 صفرالمظفر بمطابق 1400هه ۾ ٿي.
(يادِ رفتگان، ص:)
72_مخدوم
ميان اعجاز حسين بن مخدوم غلام رسول صديقي قريشي
جي ولادت 27 نومبر 1927ع ۾ انتقال 27 نومبر 1982ع
۾ هالا ۾ ٿيو. پاڻ گهڻون وقت چيئرمين ٽائون ڪميٽي
هالا جي حيثيت ۾ عوامي خدمتون انجام ڏنائون.
73_
خانصاحب لعل محمد لعل ان زماني ۾ هالا ۾ سب
رجسٽرار ٿي آيو هو. سندس اصل رهائش ۽ وطن ٺٽو شهر
آهي.
75_
سائين محمود، 29_ نومبر 1919ع تي ڳوٺ الياس
ابڙيجي ۾ ڄائو، سندس والد عبدالڪريم ابڙيجي مٿس
پنهنجي والد جو نالو محمود رکيو. عبدالڪريم ابڙيجو
حضرت قبلا مرشدنا مخدوم ظهيرالدين رح عرف پرو ڄام
سائين جن وٽ ملازم هو، رات جو پهرو ۽ ڏينهن جو
(ڪجهه وقت جي) حاضريءَ ۾ رهندو هو. سائين محمود،
منهنجن چاچن جو، منهنجو ۽ منهنجي ڀائرن شڪيل
الزمان ۽ عقيل الزمان جو به استاد ٿي رهيو آهي، ان
نسبت جيڪري به سڀئي سندس عزت ۽ احرام ڪندا آهن.
سائين محمود صاحب پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ جيڪو لکيو
آهي اهو مندرجه ذيل آهي.
”آئون پنجن نياڻين جي مٿان ڄائس تنهن ڪري
منهنجا ڪن ٽوپايائون ۽ منجهن سونا دُرڙ پاتائون ۽
باس باسيائون ته جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن پاڻ هلي پير
بلاولي صاحب تي نذرانو رکندو. اهو ڏينهن اڄ به ياد
آهي جو بابا سان گهوڙي تي چڙهي پاڻ وڃي نذرانو
رکيم. اڄ به ڏسندؤ ته منهنجا ڪَنَ ٽوپيل نظر
ايندا. والده جي چوڻ موجب آئون، حضرت قبله مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن کان اٺ مهينا
پوءِ ڄائس، سائين جن سان منهنجي گهڻي محبت هئي،
پهريون سيپارو آخوند حافظ ولي محمد وٽ ساڻن گڏ
پڙهيم پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي. روزانو اسڪول کان
پوءِ ماني کائي سڌو سائن وٽ ايندو هوس. گڏجي
رانديون رونديون ڪندا هئاسون. شڪارن تي به گڏ
هوندا هئاسون. مون کي راندين جو گهڻو شوق هوندو
هو، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ فٽبال کيڏڻ پسند ڪندو هوس.
هڪ دفعي مون کي طالب الموليٰ سائين جن گهرائي چيو
ته سوني واري باغ ۾ گرائونڊ ٺاهي والي بال
کيڏنداسين، آخر اتي گرائونڊ ٺهيو ۽ پاڻ به کيڏڻ
لڳا. ٽيم جو نالو طالب الموليٰ والي بال ٽيم،
رکيوسين. اسان جي ٽيم سنڌ جي ٽيمن ۾ برک هئي. آئون
شروع کان وٺي راند کان رٽاير ڪرڻ تائين ٽيم جو
ڪيپٽن ٿي رهيس. اها ٽيم اڃا تائين قائم ۽ دائم
آهي. آئون مئٽرڪ ۾ هوس ته مسٽر غلام رضا ڀٽو مرحوم
بيمار ٿي پيو، هتي جي ڊاڪٽرن مرض نه سڃاتو. مرحوم
غلام حيدر سائين کيس علاج لاءِ ڪراچي کڻائي هليا.
مون کي ۽ مرحوم علي بخش ڪاڪا کي چيائون توهين ڪتاب
ساڻ کڻي هلو اُتي هلي پڙهجو، امتحان ۾ اڃا مهينو
کن آهي. تڏهن امتحان بامبي يونيورسٽي جو هو. جڏهن
امتحان ۾ ٻه ڏينهن وڃي رهيا ته اسان وڃڻ جي اجازت
گهري ته سائين جن فرمايو ته ”استاد جي حالت ته ڏسو
پيا، توهان جي خدمت کيس ضرورت آهي. هڪ سال ويو ته
ڇا ٿيندو. آئينده سال امتحان ڏجو.“ هالن جو پڙهيل
طبقو اڌ ته منهنجو شاگرد هوندو. رٽائر ڪرڻ کان
پوءِ هاءِ اسڪول جي سامهون محمود ائنڊ سنس نالي هڪ
ننڍڙو ڪتابن جو دڪان کوليم جيڪو اسڪول بند ته دڪان
به بند رهندو آهي. اُتي رٻڙ جون مهرون به ٺاهيندو
آهيان. هيءَ زندگي جهڙو خواب پيو لڳي.
زندگي کا ساز بهي کيا ساز هين
بج رها هي اور بي آواز هين
سائين محمود صاحب جي پٽن جا نالا هن ريت آهن:
(1) رياض حسين (2) رفيق حسين (3) شفيق حسين (4)
جاويد اقبال (5) الطاف حسين (6) نعيم شهزاد (7)
آصف اقبال.
(منهنجو ننڍپڻ ص:98/99).
78_
اخبار ”الزمان“ ڪافي وقت نڪرڻ بند ٿي وئي هئي.
گذشته ڪجهه سالن کان مخدوم سعيد الزمان جي ڪوشش
سان سندس سرپرستيءَ هيٺ ٻيهر باقاعدگيءَ سان شايع
ٿي رهي آهي.
79_
پير الاهي بخش جو انتقال 18 آڪٽوبر 1975ع ۾ ٿيو.
پير صاحب پهريائين سنڌ جو وزير تعليم ۽ بعد ۾ سنڌ
جي وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ وڏيون خدمتون انجام
ڏنائين.
80_
ماستر نارائڻ داس ۽ سندس ڀاءُ چوهڙ مل سونارو هالا
شهر ۾ رهندا هئا. ماستر نارائڻ داس شروع ۾
ورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر پڻ ٿي رهيو. جناب مخدوم
مولوي غلام حيدر جن جي اڳواڻيءَ هيٺ ايجوڪيشن
سوسائٽي هالا جي ميمبر جي حيثيت ۾ نمايان خدمتون
انجام ڏنائين. مخدوم غلام حيدر جن جي انتقال 1953ع
بعد ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جي نئين سر تشڪيل ڏني
ويئي، جنهن جا سر پرست جناب مخدو زمان طالب
الموليٰ هئا. ماستر نارائڻ داس کي سندس بيش بها
خدمتن کي مدِ نظر رکندي ان ۾ ميمبر طور کنيو ويو.
ماستر نارائڻ داس ڪجهه عرصو جناب مخدوم غلام حيدر
وٽ ڪارخاني جو عام مختار به ٿي رهيو.
|