پنهنجي طرفان
تاريخ گواهه آهي ته دنيا جي جن قومن پنهنجي رهبرن
۽ بزرگن جي ڏيکاريل رستي کي پنهنجي منزل مقصود ڪري
سمجهيو اُهي قومون، ترقي يافته ۽ مضبوط ملڪن جون
مالڪ ٿيون ۽ انهن کي ”زنده قوم“ سڏيو ويو.
تاريخ هن روشن حقيقت جي به شاهد آهي ته جن ماڻهن
پنهنجي قوم، وطن، زبان ۽ ادب جي خدمت ڪئي اُهي
هميشه لاءِ امر بنجي ويا ۽ سندن قدمن جي نشانن تي
هلندي هزارين پانڌيئڙا منزلن جا صاحب ٿيا. مخدوم
محمّد زمان طالب الموليٰ سائين به انهن هستين مان
هئا. سندن ملفوظات ۽ ڪلام جهڙي طرح سندن همعصرن
لاءِ مثالي هئو تهڙي طرح ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ
مشعل راهه ثابت ٿيندو رهندو.
طالب الموليٰ اڪيڊميءَ هن کان اڳ پنهنجي محسن ۽
مربي مخدوم طالب الموليٰ جن جي سوانح مبارڪ تي ٻه
ڪتاب ”منهنجو ننڍپڻۡ“ ۽ ”انهن سندس ڳالهڙي“ شايع
ڪيا آهن، هينئر ڪتاب ڪچڪول، جي مهاڳ کي ڪتابي صورت
۾ پيش ڪجي ٿو ته جيئن عالي جناب مخدوم طالب
الموليٰ سائين جن جي زندگيءَ بابت ذري جيتري
معلومات به محفوظ ٿي وڃي.
خراج تحسين
اسان جا اُهي عالم ۽ محقق، جن پنهنجي ذاتي پسند يا
نا پسند کان پاسو ڪندي، پنهنجي لکڻين جو بنياد
حقيقتن تي رکيو سي بلاشبه وڏا اديب آهن. آئون سنڌ
جي هڪ اهڙي ماهر تعليم ۽ اديب محترم پروفيسر محبوب
علي چنا کي سندس تعليمي، تاريخ ۽ ادبي خدمتن تي
خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
ٿورا
سنڌ جي اديبن ۾ منفرد ۽ بلند مقام رکندڙ محترم
غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ماستر خادم
حسين علوي، نور احمد ميمڻ ۽ اسلم خان شاهد جا ٿورا
جن بيحد مختصر نوٽس تي هن ڪتاب کي سنوارڻ ۽
سينگارڻ ۾ مدد ڪئي.
18_ جنوري 1999ع مخدوم جميل الزمان
29_ رمضان المبارڪ 1419هه چئرمين
ڪراچي.
طالب الموليٰ اڪيڊمي
ميمبر
صوبائي اسيمبلي سنڌ
دعا جا اکر
مهاڳ
1950ع واري ڏهاڪي ۾، محبوب علي چنا (مرحوم) سائين
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي قريبي مصاحبن مان
هو. مخدوم صاحب جن جي عمر تڏهن تقريباً ڇٽيهه
ورهيه هئي. منهنجي اها خوش نصيبي هئي، جو انهيءَ
زماني ۾، مون کي حيدرآباد جي عامل ڪالونيءَ واريءَ
سندن رهائش گاهه ۾، سندن زيارت ۽ ڪچهري نصيب ٿي.
مان اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته پاڻ گلاب جي گل
وانگر شگفته هئا.
چنا صاحب پنهنجي تذڪري ۾ ان دور ۾ مخدوم صاحب جي
جن ٻين مصاحبن جا نالا کنيا آهن، تن ۾، سليم صاحب،
اختر صاحب، انجم صاحب، انور صاحب، پير شاهه نواز
شاهه عارف الموليٰ ۽ سيد حيدر شاهه لاءِ لکيو اٿس
ته ”طالب الموليٰ سائينءَ جا وفا شعار يار آهن.“
اڃا به سندن ٻين مصاحبن ۾، محمود خادم، ڊاڪٽر
ابراهيم خليل، مولوي غلام محمد گرامي، جمعي خان
غريب، حافظ محمد احسن چنا، محمد بچل محبوب هوسڙيءَ
واري، محمد شعبان ڪشمور واري، الهداد ٻوهئي قنبر
واري، الهه بخش عقيلي سرشار، امير صاحب، غني صاحب،
خالدي صاحب، سيد صاحب ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو اٿس.
چنا صاحب جو لکيل هي تذڪرو، 1950ع واري ڏهاڪي ۾،
مخدوم صاحب جن جي ذهني لاڙن شغل، شوق ۽ اٿي ويٺيءَ
جو آئينه دار پڻ آهي. چنا صاحب لکيو آهي مخدوم
صاحب جن جون مکيه دلچسپيون هي آهن: هڪ مطالعو، ٻيو
شاعري، ٽين شڪار، چوٿون موسيقي، پنهنجون والي بال
راند ۽ ڇهون سير ۽ تفريح.
مخدوم صاحب جن مطالعي ۽ شاعريءَ جو شوق ته سڄي عمر
قائم رکيو. پر، شڪار ۽ والي بال راند تان سندن روح
ڪجهه عرصي کان پوءِ کڄي ويو. البت، موسيقيءَ ۽
سيرو تفريح ۾ ڪافي عرصو سندن دلچسپي قائم رهي. چنا
صاحب ڪنهن حد تائين، مخدوم صاحب جن جي بابرڪت
خاندان جو احوال ته بيان ڪيو آهي، پر سروري جماعت
جو ڪو خاص ذڪر ڪونه ڪيو آهي. چنا صاحب لکيو آهي،
ته شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، سيد خيرالدين شاهه
بادشاهه سکر وارو ۽ سيد عالي شاهه ثاني شيرازي ٺٽي
وارو به سندن درگاهه جا مريد هئا. ليڪن منهنجي
خيال موجب، حقيقت انهيءَ کان گهڻو وڌيڪ آهي.
اڄ سنڌ جي اهڙي ڪابه ديني درسگاهه مشڪل سان ملندي،
جنهن جو ذڪر خير، مخدوم نوح رحمت الله عليه جي
نالي کان خالي هوندو، مثلاً جيڪڏهن پير سائين
پاڳارن جي موسس اعليٰ، حضرت پير سائين محمد راشد،
روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي ملفوظات جو مطالعو ڪبو
ته منجهس به انسان جي رشد ۽ هدايت لاءِ مخدوم نوحرح
جا بيان ڪيل نڪتا، احوال ۽ آثار نظر ايندا.
مولانا دين محمد وفائي جي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾
اسان کي بيشمار باڪمال بزرگن جو احوال ملي ٿو،
جيڪي سرور نوحرح جي دروازي تان فيضياب
ٿيا ۽ انهن جا سلسلا اڃا اڳتي وڌيا. سائين جي .
ايم. سيد جڏهن پنهنجي نيڪ نام ڏاڏي، سيد حيدر شاهه
سنائيءَ جي سلسلي جو ذڪر ڪندو هو، ته وڏي فخر سان
اسان سان اها ڳالهه بيان ڪندو هو، ته هيئن جوئر ۽
ٻاجهريءَ جو اٽو اسان جي وڏڙن کي سرور نوحرح
جي خاندان مان تحفي طور مليو هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه جي مشهور سپهه
سالار، خان خانان جي ٺٽي جي حاڪم ميرزا جاني بيگ
سان جنگ جو احوال پڙهجي ٿو، تڏهن به ”مغل اعظم“،
اڪبر بادشاهه جا لفظ ڪنن ۾ ٻُرن ٿا: خان خانان کي
حڪم ڏئي ٿو ته ”ٺٽي تي حملو ڪرڻ کان اڳ هالن ۾
مخدومه نوح جي دروازي تي حاضري ڏجانءِ ۽ پنهنجيءَ
ڪاميابيءَ لاءِ دعا گهرجانءِ.
چنا صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو نالو ته
قابل ذڪر سمجهي ٿو، پر ان کان به وڏيءَ انهيءَ
حقيقت جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري، ته شاهه ڪريم، مخدوم
نوحرح جي خليفي بهاؤالدين دلق پوش جون
چاکڙيون ادب سان سنيون ڪري، سندس اڳيان رکندو هو،
جنهن جي حيثيت فقط اها هئي، ته هو مخدوم نوح رحمت
الله عليه جو هڪ خليفو هو. هن بزرگ ئي قرآن ڪريم
جي سيدنا مخدوم نوح واري فارسي ترجمي جو نقل ڪيو
هو. هڪ روايت موجب، اهو فارسي ترجمو ڏهن جلدن ۾
هو، ۽ موجوده ترجمو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو
آهي، سو ان جي هڪ جلد ۾ تلخيص آهي. ڪن عالمن جو
خيال آهي ته جيڪڏهن مولانا شهاب الدين دولت
آباديءَ جي ”اڻپوري فارسي تفسير“ کي ”تفسير“ ئي
ليکجي، ته پوءِ ”تحت الفظ فارسي ترجمي“ جي لحاظ
کان، حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه جو ترجمو ئي
هندستان پاڪستان جو اولين فارسي ترجمو آهي.
انسان جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، ته
هو ديني توڙي دنيوي سطح تي باڪمال شخصيت هجي.
مخدوم طالب الموليٰ سائين، سرور نوح رحمت الله
عليه جي برگزيده درگاهه جو سجاده نشين ته هو پر،
ان سان گڏ، دنيا جي معاملن ۾ به ڪامياب رول ادا
ڪيائين.
1958ع ۾ ملڪ سان پهريون مارشل لا لاڳو ٿيو، ته
مخدوم صاحب جي مدبرانه شخصيت جو احترام ڪندي، جنرل
ايوب خان سندن سفارش ڪيل ٻه ڄڻا وزير مقرر ڪيا: هڪ
اوستو در محمد ۽ ٻيو غلام نبي ميمڻ. ڏهه سال پوءِ،
جڏهن ڀٽي صاحب جي هلايل تحريڪ جي نتيجي طور، جنرل
ايوب خان کي اقتدار کان الڳ ٿيڻو پيو، تڏهن وري به
ڀٽي صاب کي سنڌ ۾ مخدوم صاحب جي غير معمولي شخصيت
جو احساس ۽ ادراڪ ٿيو ۽ کين آل پاڪستان پيپلز
پارٽي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪيائين. پيپلز
پارٽيءَ جي اوسر ۾ ”هالا ڪنوينشن“ جي جيڪا اهميت
آهي، سا پارٽي جي بنيادي ڪارڪنن کان مخفي نه آهي.
سنڌ جو معاشرو ان جي تاريخ جي پيداوار آهي. منجهس
جيڪي اهم سماجي ادارا ۽ تنظيمون نظر اچن ٿيون، تن
کي قائم ڪرڻ ۾ ڪن بااثر شخصيتن يا وري ڪن وڏن
واقعن جو اثر هوندو. پر، ڪوبه ادارو يا تنظيم،
ڏاهپ ۽ تدبر کان سواءِ ڪاميابيءَ سان هلي نٿي
سگهي.
سروري تنطيم موجوده دؤر ۾ سنڌ جي هڪ اهم تنظيم
آهي. سنڌ جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ انهيءَ تنظيم سان،
عقيدت طور، وابسته آهن. سروري تنظيم کي عام اصطلاح
۾ ’نَوَ لکي گودڙي‘ به ڪوٺيندا آهن. هزارن ۽ لکن
ماڻهن سان ائين هلجي، جو هو اوهان سان پنهنجي محبت
۽ عقيدت صدين جو صديون قائم رکن، سولي ڳالهه نه
آهي. ليڪن، ويهينءَ صديءَ ۾ مخدوم طالب الموليٰ
سائينءَ اهو معجزو ڪري ڏيکاريو. هڪ دفعي مون سان
ڳالهه ڪيائين ته ڀٽو صاحب جڏهن پاور ۾ هو ته مون
کان پڇيائين ته، ”مخدوم صاحب هاڻي ته سڄي شيءِ
پنهنجي هٿ ۾ آهي اوهان کي ڇا کپي؟“
مخدوم صاحب چيو ته مون کيس چيو ته ”الله سائينءَ
اسان جي خاندان جي عزت ڪئي آهي. اها برقرار رکجو.“
مخدوم صاحب وڏو داناءُ شخص هو. وڏي دانائيءَ جي
ڳالهه ڪيائين. الله سائينءَ سندس خاندان جي عزت
برقرار رکي آهي.
عربيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پٽ پنهنجي پيءُ جو رازُ
ٿيندو آهي“ (يعني پٽ ۾ پيءُ واريون خوبيون،
خصلتون، وصف ۽ نقش و نگار ڏسبا آهن). معاملي کي
انهيءَ نقطئه نگاهه کان ڏسبو، ته سروري جماعت وارن
کي مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي وصي وارث ۽
سروري درگاهه جي موجوده گادي نشين، مخدوم محمد
امين ”فهيم“ مان ساڳئي اخلاق ۽ اخلاص جي خوشبو
ايندي. بلاشبه، سنڌ جي ڏاهن بي سبب ڪونه چيو هو ته
”ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ڪونه ٿيندا آهن“.
حافظ شيرازيءَ پنهنجي محسن کي ڏاڍن سهڻ لفظن ۾ دعا
ڪئي هئي. مخدوم طالب الموليٰ سائين منهنجو محسن
هو. صديءَ جي چوٿائيءَ جو عرصو ساڻن منهنجي
نيازمندي رهي. پاڻ مون کي محبت ڏنائون. مون کي ان
تي بجا طور فخر آهي. انهيءَ ئي نسبت سان مان حافظ
شيرازيءَ کان لفظ مستعار وٺي، سندن ۽ سندن خاندان
جي حق ۾ ڌڻيءَ جي دربار ۾ دعاگو آهيان:
تا جهان باشد به نيکي
در جهانت بادِ نام
غلام رباني آگرو
حيدرآباد، سنڌ
1 جنوري 1999ع
(وڌيڪ پڙهو)
|