سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:5 

 آءٌ قاضي صاحب جي ننڊ مان اٿڻ کان اڳ۾ اچي به ويس ته کيس به خبر نه پئي. قاضي صاحب وري دڪان تي ويو، مون خيال ڪيو ته ان پڙي کي سڄو جوڙو ڪري ڏيان سو ھڪ گج پنھنجو ٺھيل ھو جو اڃا پاتو ڪونه ھو ۽ ھڪ چني پنھنجي ڏيج جي جيڪا ھڪ ٻه دفعا مون پاتي ھئي ۽ ڀري مون پنھنجي ھٿن سان ھئي. اھا مون کي خبر ھئي ته بُوا کي ڏاڍي پسند ھئي. امان به يڪدم پڙو سبي تيار ڪيو ۽ مون جوڙو سڄو ٺاھي رکيو. صبح جو بابا امان وارا آيا، بُوا به آئي. مون ھڪدم بُوا کي سڏ ڪري اندر ڪمري ۾ گھرائي عرض ڪيو. بُوا ھي پڙو توھان پايو. بُوا چيو امان ڦاتوڙي ھي ڇا پئي ڪرين؟ مون چيو بُوا توھان جي لاءِ ڪجھه به نه آھي. مھرباني ڪري توھان پايو. خوش ٿي پاتائين. گج به وڌائين ۽ چني به اوڍي ٻاھر آئي. ڀاءُ کي چيائين ادا ھي ته ڏس ڦاتوڙي ڇا ڪيو آھي ڀاءُ. پاڻ به حيران ٿي ويو مگر خوش به ٿيو. بابا امان سڀ خوش ٿيا. مبارڪون ڏنائون. مون کي اھا خبر ھئي ته بُوا حليمان تي ڀاءُ جا اَپَر دل جا ھئا ۽ دنيا جي ڪابه شئي ادي حليمان کان مٿي نه ھئي ڇا ڪاڻ ته ھن کيس پاليو ھو. ۽ ويچاري ڏکويل به ھئي جو سندس گھروارو ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو ھو ۽ اولاد پنھنجو نه ھوس. سندس ملڪيت به اھا ھيس. مٺا ته کيس سڀ ڀائر ۽ ڀينرون ھئا مگر ھن ننڍڙي ڀاءُ سان دلي عشق ھوس ۽ بابا به مون کي پارت ڪئي ھئي: امان ادي حليمان ھن پاڙي جو قلعو آھي ۽ تنھنجي سس آھي. ان کي راضي رکندين ته پوءِ ويٺي راڄ ڪجانءِ. پاڻھي پيئي سڀني کي منھن ڏيندي. اھو سچ ثابت ٿيو. ڪڏھن ڪڏھن پاڙي وارا ڪجھه منھنجي نالي چوندا ھئا ته چوندي ھئي امان ھن نينگريءَ ڪونئري ٿي پنھنجو ڪانڌ کٽيو آھي. وڏي پيءُ جي ڌيءَ ٿي نه،  مگر نوڙت سان پنھنجي ڌڻي جي دل کٽي اٿس. الله رحمت ڪريس. مون کي ڪڏھن نه ڏکايائين ۽ سچي دل سان چوان ٿي ته ڏاڍو پيار ڪندي ھئي. ڏِسڻو اھو آھي. انسان ڪو فرشتو نه آھي جو ڪڏھن به غلطي نه ڪري، مگر ان ھوندي به جيڪو ڪنھن کي سڃاڻي  ۽ قدر ڪري ته ان کي معاف ڪرڻ عظمت آھي. اھو انسان عظيم ليکبو آھي. ٻارن ۾ پھرين رحمون ڄائي1945/11/16 عيدالظحيٰ جي ڏينھن شام جو 8 بجي مھل، نالو بُوا حليمان رکيو. چيائين ادا ھيءَ خدا جي رحمت آھي. منھنجي ٻچڙي تمام نصيبدار ٿيندي. رحمون   ڏيڍ سال جي ٿي ته نسيم ڄائي 1947/05/21 تي. نسيم رحمون ائين لڳندو ھو ته ٻيلو پيو سانڍجي. گھروارن جو  فل تعاون يعني ٻارن جي امان وڏي ۽ گينان رحمون کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ سارو ڏينھن ويٺي کيس لوڏيندي ھئي. امان بابا جا پساهه ھئا رحمون ۾. بابا چوندو ھو وسو وڃ منھنجي ڪِڪو (چوندا ھئا،) ان کي وٺي اچ. سترھن مھينن تائين ته ڏاڍو سھڻي نموني گھر ھليو. ان کان پوءِ پاڙي وارن ۾ ڪافي حسد پيدا ٿيو. چئي  ھيءَ خرچ ٿي ھلائي، گھر ھٿ ڪري ويئي آھي. مڙس تي قبضو ڪري ويٺي آھي. جيئن ماڻھن جي چوڻي. آءٌ ته جيئين ھيس تيئن پيئي ھليس مگر دنيا دنيا آھي. پاڙي ۾ ٻين گهرن ۾ به مسئلا هئا ان ڪري اسان جي گهر جي سپت ڪا سڀني کي راس به ڪو نه ٿي آئي. سو ان ايڏي لپيٽ مان لھي بچي پار پوڻ ھو به ڏاڍو مشڪل. مٿان گھر ۾ ڪمائي جو ذريعو به ڪافي گھٽ ٿي ويو ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب کي موڪن جي تڪليف ٿي پيئي ته ڪم نه ڪري سگھندو، ھو  ذريعو به اھو ئي ھو. گھر کي به حسن سلوڪ سان ھلائڻو ھو ته لوڪ کي لکا به نه اچي. ھڪ دفعي عيد تي ٻارن جا ڪپڙا به سلائي لاءِ ڏنا ھئا جيڪي حاجي ڀليڏني جي ڀيڻ ادي وسو سلائي ڪندي ھئي. ان وقت ماسي آسودي (محمد ميان جي ماءُ) ڪجھه وقت اڳ ۾ ماما عمرکان مشين جو ڪم سکي ھئي. عيد به نزديڪ ھئي. گينان، جانو، رحمون ۽ نسيم جا ڪپڙا ھئا. انھن جي سلائي چوڏھن رپيه ٿي. اتي مون کي ڏاڍو ويچار ٿيو ته اسان مارو ماڻھو آھيون. ھن نموني ڪيئن خرچ کي منھن ڏيئي سگھندا سون. ڪپڙا ته کڻي آيس. وچ ۾ ناني ڪريمان يعني ماسي آسودي جو گھر ھو. اسان گھڻو ڪري ايندي ويندي انھن وٽ ايندا رھندا ھئاسون، ڇا ڪاڻ ته امان جا ناناڻا ھئا. امان جو انھن وٽ زياده اچڻ پيو ٿيندو ھو ته اسان جو به انھن سان پيار ھوندو ھو. اتي ويس، ناني ڪريمان مون کي ڏسي چيو ته امان تنھنجو منھن لٿو پيو آھي ڇا ڳالھه آھي؟ مون چيو ناني خير آھي. ڪپڙا ڏسي چيائين ھي ڪٿان سلائي ڪرايا اٿئي؟ مون ڳالھه ڪئي. ائين ھنن جو به اسان سان ڏاڍو قرب ھو. چيائين ھي تنھنجي ماسي آھي وٽس جام ڪپڙا پيا آھن تون اچين ته ٿورو ڪم سيکاري ڇڏيندي. پنھنجي ٻارن جا سبي وٺندين. ٻي ڪا سلائي ملي ته به ويٺي ڪندين. ادا قاضي ٻچڙي وال آھي. ھيءَ وڏي اُٻيل آھي. منھنجو سڄو گھر پيو ھلي. آسي تنھنجي ماسي آھي. ماسي چيو امان سچ ٿي چوي. تون ڀلي اچ. آءٌ ٻن مھينن ۾ توکي ڀڙ ڪري ڇڏينديس. مون اچي قاضي صاحب سان ڳالھه ڪئي. چيائين سٺي ڳالھه آھي. شام جو بابا امان سان ڳالهه ڪيم. اھي ته ڏاڍا خوش ٿيا. چيائون ٻارن جو فڪر نه ڪر. انھن کي اسين سنڀالي وٺندا سون، گھر جو ڪم سويل ڪري ڀلي ھلي ويندي ڪر. صبح جو آءٌ فجر نماز پڙھي سج اڀرڻ ساڻ گھر جو ڪم لاھي، قاضي صاحب کي دڪان ڏانھن روانو ڪري ھلي ويندي ھيس ٻنپھرن جي ماني ٺاھڻ لاءِ موٽي ايندي ھيس، ڇاڪاڻ ته ان ۾ رنڊڪ وجھڻي ڪونه ھئي. متان ان ڪري گھر وارا به ڊسٽرب ٿين. ائين ته ڪرڻو ڪونه ھو. ماني ٺاھي قاضي صاحب جي اچڻ جو انتظار ڪري وري کارائي پياري ٻارن کي ڏسي، وري اھائي ڌُن! ان وچ ۾ قاضي صاحب کي موڪن جي تڪليف وڌي ويئي. ٿورو ٿورو ڪري کيس آپريشن لاءِ تيار ڪيو. ڏھن ڏھن رپين وارا ڪجھه بانڊ رکيا ھئا، اھي مٽائي کيس حيدرآباد موڪليو. اتي ماما مصري، ناني مڪان ۽ ادا ابراھيم جن رھندا ھئا، اتي ترسيو ھو ۽ ادا صالح ڊاڪٽر جي معرفت آپريشن ڪرايو. ھاڻي گھر ۾ ھڪڙو ماڻھو ڪمائي وارو، اھو به بيمار ٿي پيو مگر اسان کي الله تعالى ايتري ته ھمت ۽ ايمان جي توفيق ڏني ھئي جو مالڪ سائين جا احسان ڳڻڻ کان اپار آھن، بنا ڪنھن قرض کڻڻ جي مڙيئي 10-10 رپيه جا بانڊ ھئا. انھن کي مٽائي وقت پيا ھلائيندا ھئاسون. قاضي صاحب اھڙا خط لکندو ھو جو جيڪر ھينئون ڏري پوي. ان کي آءٌ به سٺا خط دلاسن سان سھڻي نموني لکندي ھيس ته توھان اصل فڪر نه ڪريو. ان شاءالله ويندا لڙهه لھي. ھڪڙو بيت  جيڪو مون لکيو ھو، اھو ڪي ڏينھن قاضي جي ٻٽون ۾ پيل ھوندو ھو. اھو مون کي اڄ به ياد آھي:

ھرگز متان لاھيو ھينئان مشڪل لھي ويندا ميان،
پرور اجھي پڪ ٿو ڏيان فلاح خير حافظا.

        آخر ٻه مھينا ٿيا ته مون مشين جو ڪم سکي ورتو. اِتي قاضي صاحب جي آپريشن کي ڏيڍ مھينو ٿيو ھو. اُتِيئي ھئا خدمت لاءِ قاضي محمد اسماعيل وٽس ھو. سُٺي خدمت ڪيائين. ماني مامو مصري کڻي ويندو ھو. ڪجھه انھن کي قاضي صاحب پيسا ڏنا ھئا. انھن اھي پئي آھستي آھستي سندس خرچ لاءِ کيس ڏنا. اھو وقت ائين پيئي گذريو. مون قاضي صاحب کي خط لکيو ته مون مشين جو ڪم ته سکي ورتو آھي. ھاڻي الله مدد ڪري جو مشين اچي ته ڏاڍو سٺو ٿئي. اھو معجزو به لکڻ وٽان آھي:

 ان ڏينھن مامون محمد عثمان ڏيپلائي اسپتال ۾ قاضي صاحب کي ٻولائڻ لاءِ ويو. چيائين قاضي تون بزرگ آھين آءٌ  به ھڪ سودو ٿو ڪريان. ڦٽين جي سٽي جو، دعا ڪر ته جيڪو نفعو ٿيندو، ان جو اڌ تو کي ڏيندس. قاضي چيو ادا مون کي ته اھو وياج ٿو لڳي نه منھنجي رقم آھي نه ٻيو. چيائين مون وٽ به ڪجھه ڪونھي. الله جي توڪل تي ٿو سٽو ھڻان. اِتي ڪاڪو پرتو به ڪو آيو ھو چيائين ته آءٌ نصيبدار آھيان، منھنجو حصو ڪريو ته بلڪل کَٽندا. سڀني کلي کڻي ھا ڪئي. شام جو ايڪويھه سو رپيه نفعو  مليو. سَتَ سو رپيه ھر ڌر کي مليا. ان ڏينھن قاضي کي اسپتال مان ڇٽي ملي. ٻه ٽي ڏينھن انھن جي گھر رھي، ٽي سو پنجاهه رپين ۾ منھنجي لاءِ سنگر مشين سڀني اوزارن سميت وٺي باقي ٽي سو پنجاهه رپين مان پنھنجو ڀاڙو خرچ ڪري خيرن سان گھر آيو. اسان ته مشين ڏسي حيران ٿي ويا سون ته ھي ڇا! قاضي صاحب کلي چيو ته ھي معجزو آھي. ٻئي ڏينھن آءٌ مشين کڻائي ماسي آسودي جي گھر ويس، وڌيڪ ھٿ پڪو ڪرڻ ضروري ھو. ماسي جيڪا مھينن ۾ ڪي چند ڪپڙا ماڻھن کي ڏيندي ھئي مون جو ڪپڙا سبڻ شروع ڪيا ته ھفتي ۾ ماڻھن کي ملڻ لڳا. ته ماسي به خوش ته ماڻھو به خوش. مون بنا معاوضي جي اھو ڪم پنھنجي سکڻ خاطر پئي ڪيو. ڪجھه ائين به ھو ته ماڻھن ۾ نالو به ٿئي تان جو ماسي پاڻھي چيو ته امان ھاڻي ھي ڪجهه پيسه تون به کڻ مگر مون نه کنيا. اھو اسان کي سٺو نه لڳو. سٺي ۽ جلد سبڻ ڪري ماڻھن جو اتيئي لاڙو مون ڏانھن ٿيو. ان وقت پھريائين زرينه مٺواڻي جي ڄائي ان جا فراڪ مون تمام سھڻا سبيا. ان مان پنج رپيه مون کي مليا. ڪجهه ئي ڏينھن کانپوءِ ماسي آسوديءَ چيو ته امان تنھنجي ڪري منھنجو ڌنڌو گھٽجي ويو آھي پر تنھنجو ڏوهه ناھي. ھيءَ ڪھاڙي مون پنھنجي پيرن تي پاڻ ئي ھنئي آھي. مشين ڀلي گھر ۾ وڃي رک ۽ ويٺي سلائي ڪر. آءٌ مشين کڻي کائن دعا وٺي گھر آيس. اتي قاضي صاحب به دڪان کوليو. منھنجي اھائي ڌن، ٻار امان وٺي ويندي ھئي، ڪم لاھي وٺ وٺان، ڪپڙا به جام ملڻ لڳا، دڪان تي ٻھراڙي جي ماڻھن جون گنديون ۽ قميصون جيڪي اسان جي دڪان تان ڪپڙو وٺن، انھن کي قاضي صاحب چوندو ھو توھان کي پنجن  منٽن ۾ سلائي ڪرائي ڏيندس. اھي به خوش ٿي ڏيندا ھئا. مامو راھو کڻي ايندو ھو ۽ آءٌ ڪم ڪار ڦٽو ڪري ھڪدم سلائي ڪري ڏيندي ھيس .ان نموني گھر ۾ ڏاڍي خوشحالي اچي ويئي. پيسا ته مشين جي خاني مان پيا پيا کپي ويندا ھئا مگر اسان جو حساب ڪتاب ته ھوئي ڪونه. قاضي صاحب جي پيار ڀري تعريف، امان بابا جو تعاون، گھروارن جو سٺو خيال سڀني گڏجي جو  انڪريج ڪيو ته منھنجو من به وڌائي ڇڏيائون. ٿڪ ته ٿڪ ئي ڪونه لڳندو ھو ڇا ڪاڻ ته محبت جي ڪا قيمت ئي نه آھي. نسيم سترھن مھينن جي ٿي کيس کير ڇڏايو. عزيز وڏي پيٽ ۾ ٿي ويئي، ڪم ته پنھنجي رفتار سان پئي ھليو. 1949ع جولاءِ ۾ عزيز وڏي به اچي حاضر ٿي. بابا کي امان ٻڌايو، ويچارو ڏاڍي اميد رکي انتظار ۾ پيئي ليٽيو ته امان آئي اچي چيائين ميان ڦاتوڙيءَ جي ته نياڻي ڄائي آھي. بابا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. چيائين وسو تو ته مون کي ماري ڇڏيو. ھاڻي آءٌ بچندس ڪونه. منھنجو ھينئون  ٽٽي ويو آھي. توکي دعا ٿو ڪريان ته توکي الله سائين ڦاتوءَ جي خوشي ڏيکاريندو ۽ منھنجي ٻچڙي کي الله سائين جوڙو پٽن جو ڏيندو. وڏي حياتي ۽ سالم صحت تندرستي سان نوازيندو مگر بس مون نه ڏٺو ۽ اھا سڪ کڻي پيو وڃان. ھڪ ٻن ڏينھن ۾ بابا کي بخار اچي ويو جو سراسر ڏهه مھينا ھليو پوءِ ويچاري منھنجي ماءُ جنھن ته ڪو بابا جا سور ورھائي کنيا ھئا سو ھڪڙا سور سسئي جا ٻيا گجب ٿيا گابا. وري قسمت ڇا ٿي جنھن جو بيان لکڻ کان ٻاھر آھي. ھڪڙي بابا جي بيماري ٻيو ننڍڙي ڇوڪريءَ  جي سانڍپ ٽيان ماڻھن جا مھڻا . سڀ مخلص منھن موڙي ويا، ويچاري ڇوڪري ڪا اھڙي سو ڻ سان ڄائي جو منھن تان پلو لاھڻ وارو امان ۽ مون کان سواءِ نه ملي. ايتري قدر جو قاضي صاحب به ڇوڪري ته بجاءِ خود،  مون سان به منھن موڙي ويو. اسان جي ڪمري ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو.  ورانڊو ۽ توھانجي امان وڏيءَ جو ڪمرو يا چودرو. اسين ته ڄڻ ماڻھو ئي ڪونه ھئا سون ! ھاڻي اھو سور سليون به ته ڪنھن سان. ان ڇوڪري عزيز وڏي جي ڄمڻ وقت امان کي ڪجھه ماين چيو ته جيڪڏھن ٻڪريءَ جي کل تازي جنھن مھل ذبح ٿئي، ان مھل لاھي مائي کي چاڙھي ته پٽ ڄمندو. عقيقو ته اسان ھونءَ به ڪندا ھئاسين. پنجين ڏينھن عقيقو ڪري اُھا کل لاھي مون کي واقعي چاڙھي ھئائون. اھو وقت مون کي ايترو ياد آھي ۽ اھا تڪليف آءٌ اڄ به پنھنجي ٻارن سان ڳالھين ڪندي ياد ڪندي آھيان ته منھنجا لڙڪ لڙي ايندا آھن.۽ آءٌ کين چوندي آھيان ته ابا! توھانجي اچڻ لاءِ مون پاڻ کي جيئري قبر ۾ به پوريو ھو. ۽ اھو منظر واقعي قبر جو منظر ھو. جڏھن ان کل مون کي پيڙ ڏني ھئي. اھا مون کي ڏاڍي ياد آھي مگر ھنن پرين جي اچڻ لاءِ ھي سڀ ڏک مون سک پئي ڀانئيا.

ڏکن مٿان سک مون تان لڌا جيڏيون،
ڏوريندي کي ڏک سُنهان ٿيا سڄڻين.

 مگر اھي سڀ ڏک مون پنھنجي سڄڻن جي لاءِ سک پئي ڀائيان. ڪنھن مھل  ائين لڙڪ لوڙھي ٻئي ماءُ ڌيءَ وري ٻاھر ٻولي ھنج جي ڪري نڪرون ته لوڪ لک نه اچي! ڇا لکان، بس اھا ھڪڙي قدرت جي ڏنل ڪا آزمائش ھئي ته ان کي به صبر سان سھڻو ھو.

عزيز ٽن مھينن جي ٿي ته ويچاري اھا به بيمار ٿي پيئي. بابا جي بيماري به طول پڪڙي ويئي. آخر بابا ته 1949ع آڪٽوبر عيد جي ڏينھن اسانکان موڪلائي ھليو ويو. ھاڻي امان به ويھي رھي پنھنجي ڏک ۾. پوءِ ھيءَ اڪيلي جان ھئي پئي منھن ڏنو. پئي قدرت کي ٻاڏايو، ته من ڪو چڱو وارو وري . پينگھي ۾ جھلي ويٺي ھيس، ان وقت ان نياڻي جيڪي اوئان اوئان ڪري نماڻيون دانھون ڪيون اھي ھن وقت لکڻ مهل به آءٌ سمجھان ٿي ته منھنجي ڪنن ۾ پئيون سڻجن. بس اھو وقت به ويو گذري. الاجي ڇا ھو. اھا ننڍڙي ھلي ويئي . اسان جو وقت به ائين جو ائين دستور موجب ھليو. قاضي صاحب به ساڳيو ھو. ويچاري اسان جا سور سميٽي ھلي ويئي. وري پوري ٻارھين مھينن ۾ عزيز بختاور اچي حاضر ٿي. 1950ع 8 آگسٽ شڪر الحمدلله. وري چڱا ڏينھن اچي ويا . ادا محمد ھارون قاضي صاحب جو ٻيو نمبر ڀاءُ ان جي ٻي شادي ٿي ھئي. ان کي پندرھن ڏينھن ٿيا ھئا. ان ٻڌو ته ننڍڙي ڄائي آھي، سانجھي نماز پڙھي آيو، کلندي کلندي  چيائين ادي وسندي ھيءَ بختاور مون کي ڏيکاريو. چيائين ته ادي بجلي (ڳالھه وچ ۾ پيئي ڪٽيان) منھنجي شادي ٿي ھئي ان وقت اسين پنج ڪنئارون ھيون سين .  سونان ادا محمد ھارون جي ڌيءَ ھينئر عمر ڪوٽ ۾ آھي،  ان اچي ادا محمد ھارون کي چيو بابا لاڏيون ته سڀ ٿيون آھن مگر ادي ڦاتو ته جھڙي بجلي آھي. ادا جي کلڻ جي تمام عادت ھوندي ھئي. ھو شخص تمام نيڪ خدا پاڪ جو محب ھو. ان کلي چيو ته ادي سونل پوءِ اھا بجلي ڪٿي ساھو ڪندي. سونا نيڪ بخت ڇوڪري ھئي. تنھن چيو ته  پاڻ جي ڪنڊيءَ کان وٺي ڪاڪي علي محمد جي گھر تائين ساھو ڏيندي. ادا وري کلي پيو، چيائين ادي پوءِ ته ڄڻ سڄي پاڙي کي اھو ساھو ملندو.

مون کي چيائين ته ادي بجلي اسان کي ھيءَ بختاور ڏيکاريو. امان عزيز کي کڻي آئي، عزيز تمام سھڻي ۽ ڳوري ٿلھي متاري ڄائي ھئي. چيائين ڇا تعريف خدا پاڪ جي آھي، جنھن اوھان کي اھڙو حسين ٻار ڏنو آھي. دعا به ڪيائين ڦيڻو به وڌائين. ۽ مون کي تسلي ڏنائين ته ادي تون فڪر نه ڪر ان شاءالله، الله سائين پاڻ کي نوازيندو. ھنن نياڻين جي ڄمڻ تي توھان راضي ٿيندا ته توھان تي الله سائين راضي ٿيندو ۽ انھن جا وارث به ان شاءالله اچي ويندا. مالڪ ڏاڍو مھربان آھي. مون کي ڦيڻو وجھي پوءِ ھليو ويو . اھڙا ھئا صابر ۽ نيڪ جن جي منھن تي ڪڏھن به غم ۽ ڏک جو آثار نظر نه آيو. ڌڻي پاڪ پنھنجي رحمت جو مينھن وسائي جنھن سان اُتي ھو سيرآب ھجن. آمين ثم آمين. عزيز ننڍڙي ھوندي ئي ڏاڍي نصيبدار لڳندي ھئي شڪل صورت به تمام سٺي ھيس. ڇھن مھينن جي ٿي ته ٻارن جو ميلو لڳو. ان ۾ ھن کي فرسٽ انعام مليو ھو. ھاڻي اسان جي ٻارن جي اسڪول جو وقت شروع ٿيو. رحمون پنجن سالن جي ٿي ته اسڪول ۾ کيس داخل ڪرايو . اڃا اھوئي اسڪول ھو جنھن ۾ آءٌ پڙھي ھيس. روزانو امان کين وٺي ويندي ھئي. پڙھائي ته ھلي پئي پر اسڪول ۾ فرنيچر وغيره خراب ٿي چڪو ھو. ڇوڪريون پٽ تي ويٺيون ھونديون ھيون. اسان وري گھران ننڍڙي پاٽلي ڏيندا ھئاسون. امان کڻي ويندي ھئي. رحمون سڀني ڇوڪرين ۾ سٺا ڪپڙا پائيندي ھئي. صاف سٿري رھندي ھئي. پڙھڻ ۾ به ھوشيار ھوندي ھئي. ان ڪري ادي حليمان به کيس ڏاڍو پيار ڪندي ھئي. ٻيو وري اسڪول ۾ سڀني سھيلين جي سردار ھوندي ھئي. پاڙي ۾ کيس ٻارن جي لٺ سردار چوندا ھئا . ڳالھيون به مزيدار ڪندي ھئي . رحمون ٻيو درجو پاس ڪيو ته نسيم داخل ٿي. اسان به خوش، قاضي صاحب به خوش ٿيندو ھو. جو ٻارن جي رزلٽ به سٺي ملندي ھئي. اتي 1953 ع ۾ روشن وڏي به اچي ويئي. الله سائين جي قدرت جو، اھا ڇوڪري شڪل ۾ تمام حسين ھئي ۽ ساعت ۾ به تمام اکين جو تارو ٿي پيدا ٿي. بُوا حليمان جيڪا ڇھن ستن سالن کان پٽ جي آس ڪري جيڪا سوني منڊي ۽ ھڪ ملير ٺھرايو ويٺي ھئي.  يا ٻيو به ڪجھه رکيوھئائين سو ڇٺيءَ جي رات کڻي آئي.  سوجيءَ  جو سيرو به قاضي صاحب  ڏاڍي شوق مان رڌرايو ھو . عقيقو به ڪيائين. بُوا چيو  ته ادا ھاڻي پٽ به الله سائين ڏيندو، ھيءَ نياڻي سڀاڳي ٿيندي، ڀاءُ آڻيندي. اسين ته ھاڻي ھن سان سڀ ڪوڏ ٿا ڪريون پر پاڙي وارن ٽوڪ مان چيو ته علي محمد ڪا اڇنان ڪئي ھئي ته پنجين ڌيءَ ڄمي ته ڪو ڏاڍو ڪوڏ ڪندو !  ڪو مائي ڀلا ڀلي ٿي ويئي آھي، قاضي صاحب چيو ته ھي سيرو ڪو پٽ ڌيءَ جي ڄمڻ جو نه آھي. ھي ماءُ سئانجي مان خير سان اٿي ٿي ان جي خوشيءَ جو آھي. اسين شڪر ٿا ڪريون. ڦاتو ھيڏي منزل مان نڪري خير سان پيرن ڀرٿي آھي. اھا ڪا گھٽ شڪر جي ڳالھه آھي! باقي عقيقو ته خدائي فرض ۾ شامل آھي. بھر حال ھر ٻار جي پنھنجي قسمت آھي. اھا ويچاري ننڍڙي به اسان کان ڇھن  مھينن جي عمر ۾ موڪلائي ھلي ويئي. اھي نماڻا نيڻ به ھن سيني ۾ محفوظ آھن.

 روشن جي غسل محل بُوا فاطمہ ننڍڙيءَ ڏانھن نھاري چيو ته امان روشن! ٻه ڀائر ھلائي پوءِ اچج . مون سان واعدو ڪري وڃ! بس ھلي ويئي. پاڙي وارن رواج موجب ماني ڪئي. ماني وڌڻ مھل مون کي ماني کارائڻ لاءِ  ڀاڀي والھٻائي رڌڻي ۾ ويئي ته ٻارن جي وڏي ماءُ اتي ويٺي ھئي. ويچاري ڪم ڪري شايد ٿڪي پيئي ھئي . رويا ته آھستي آھستي بدلجي چڪا ھئا مگر اسان پئي سر مٿي سَٺا. سو ڀاڀيءَ جي بقول چيائين ادي اسين ته ڪم ڪري ٿڪجي پيون آھيون. ھن مائي جو ڏھاڙي پينگھو پٽ تي آھي. ڀاڀيءَ مون سان ته نه مگر امان سان ڳالھه ڪئي. منھنجي ماءُ ويچاري ڍڪي ڇڏيو ھو، تنھن ڪري اسان کي اھي ويڻ ويڻ ئي ڪونه ٿي لڳا. سي سڀ ڀانيم سک ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.  ويچاري روشن واقعي واعدو پاريو جو غلام محمد پورن ٻارھين مھيني ان ڏينھن ان رات 1954 ع 26 آگسٽ رات جو ٻين بجي مھل اسان جي اڃايل اکين ۽ سڪايل باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اجڙيل دلين کي روشن ڪرڻ لاءِ خالق ۽ مالڪ موڪلي ڏنو. قاضي صاحب ويچارو انتظار ڪري ڪري فرقت جون گھڙيون ڪاٽي ڪاٽي اربع جي ڏينھن جيمس آباد روانو ٿيو . خميس جي رات ٻين بجي مھل گھر سندم گلزار ٿيو. رحم ٿيا رِحمٰن جا. ڇا ٻڌايان اھا گھڙي.! مون سمجھيو ھو ته الله سائين! شايد ھيءَ ڇھين به ڌيءَ آھي. ته دائي ولان چيو امان توکي مبارڪ ھجي پٽ ڄائو آھي. امان بُوا حليمان ڏاڍيون انتظار ۾  ويٺيون ھيون. انھن جي مئل ڏيڏري ۾ پساهه پيو. دائي گينان کي چيو ته امان توھان اٿي پاڙي وارن کي مبارڪ ڏيو. شڪر الحمدلله توھانجي بابا جي واڙ کلي آھي ۽ توھان جو گھر روشن ٿيو آھي.  دائيءَ ڇوڪري کي صاف ڪري ادي يعني غلام محمد جي وڏي امان کي ڏنو.  

 آءٌ ڇا ٻڌايان ته اھا رات ھئي! رات اصل نه ھئي: ھڪ روشن ڏينھن ھو. سڄي شھر ۾ الاجي ڪٿان ڪٿان اچي ماڻھن جا ميڙ لڳا. مبارڪ مبارڪ ٿي ويئي. صبح جو جڏھن سج اڀريو منھنجي اکين ۾ ته لڙڪ ھئا ۽ شڪر به ھو. چيم ڌڻي تون ھيڏو مھربان آھين. ھي سڻائو واءُ وريو ڪيئن ۽ ھنن اکين کي ھي روشني ڪيئن ملي! سبحان الله . اسان تان گوندرولين وانگر وري ويا ھئا. مالڪ تنھنجا شڪر. بُوا حليمان چيو ته محمد مٺڙا توکي الله سائين ڀلي آندو. ھي اندر تنھنجي اچڻ لاءِ ڏاڍو اڃايل ھو. تون ڀلي آئين. تنھنجي موڪلڻ واري ته ڏاڍا ڪرم ڪيا جو ھن گھر ۾ مبارڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو. شڪر الحمدلله. ھُتي قاضي صاحب ويچارو ڏاڍو مايوس ٿي پيو ھو ته الا جي ڇا ٿيندو جو آءٌ ڏاڍي بيمار ھيس. وقت به ڏاڍو نازڪ ھو. سڪ به انتھا تي پھتل ھئي. قاضي محمد اسماعيل کيس ڊبل تار ڪئي جا صبح جو نوين بجي ملي ويئي. ان وقت گاڏي ڏھين  بجي جيمس آباد اسٽيشن تي ايندي ھئي. ان وقت اسان جي دڪان تي ماما محمد عمر ۽ ماما صاحبڏنو جانواڻي ويٺل ھئا. تار واري اچي تار ڏني. قاضي چوي ٿو ته مون پنھنجي ڏڪندڙ ھٿن سان تار کنئي . کولڻ جي ھمت نه پئي ٿئي. اھو خوف ته الاجي تار ۾ ڇا هجي! ماما کانئس پنو کڻي کولي چيائين اڙي قاضي تو کي لک مبارڪون ھجن. توھان کي فرزند پيدا ٿيو آھي. ماما صاحبڏنو ته جنسي ٽپا ڏيڻ لڳو. ماما چيو ته تون جلدي گاڏي تي پھچ، آءٌ سامان کڻي پھچي ٿو وڃان. متان گاڏي ھلي وڃي . قاضي صاحب چيو مون کي تار پڙھڻ ڏيو متان ڪنھن مذاق ڪيو ھجي. ماما صاحبڏني پنھنجي دوست جي گاڏي گھرائي ورتي ۽ قاضي کي اسٽيشن تي پھچايو. ماما به پھچي ويو. گاڏي به اچي ويئي ۽ قاضي روانو ٿيو. ان وقت اٺن جي مسافري ھئي. نئون ڪوٽ تي پھچي اُٺ مس مس مليو. رات جو ٻين بجي دروازي تي آواز ٿيو . ادي حليمان ۽ اسان به انتظار ۾ ھئاسون. بُوا به ھتي ھئي. چيائين اي بچين شال توکي مبارڪ ھجي:

اڄ پڻ ريڌم راءَ، آيم رات سھاڳ جي،
مڻيان گھڻا ملڪ ۾ اَملھه وڌو اُھاءُ،
دونکا دل مٿان ليلان کي سڀ لھي ويا.

        غلام محمد به پنھنجي بابا جي استقبال لاءِ جاڳيو. ڪھڙي ڳالھه ڪريان. ليکو لکڻ جو ناھي ڪو! الله سائين جي قدرت، غلام محمد جو ھٿ قدرتي سلام وانگر رکجي ويو. امان چيو ابا ھي توکي سلام ٿو ڪري.سڀ گھروارا پاڙي وارا اچي ويا. وري اھو ئي سرھائي وارو ماحول ٿي ويو. قاضي صاحب ھڪ لفظ نه ڪڇي سگھيو! سندس اکين مان جيڪي لڙڪ ڪري پيا اھي غلام محمد جي ڳلن تي اچي پيا. امان چيو ابا ھي برو ھو ڀنڀور مگر منھنجي آري ڄام اچي اُجاريو“.

        ھن پٽ جي ڄمڻ جي الاجي ڪيترن ماڻھن کي خوشي ٿي ھئي. ڳڻ ڳاڻيٽي ناھي ڪو ليکو لکن ھزار. ڪي تارون ڪي خط، ڇا لکان اھو سلسلو ڪيترا ڏينھن ھليو . خطن ۾ چار اھڙا خط ھئا محبت ڀريا جيڪي قاضي صاحب جي ڪتاب  سفر زندگيءَ جو ۾ درج ٿيل آھن. انھن ۾ چاچو مولوي محمد صاحب، ادا ڪريمڏنو، ادا خان صاحب محمد قاسم جو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ مختيارڪار ھو، ماما مصري ۽ ادا اسماعيل مامي احمد ڪمناڻي جو پٽ. چاچي جي خط ۾ قل ھو الله جو ترجمو پڙھڻ وٽان آھي. ٻيو شاهه صاحب جو بيت آھي:

جيڪي منجھه جھان  سا سڀ صفت تنھنجي،
پدمن کان پري ٿيا آگي جا احسان،
ظاھر ساڻ زبان، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.

        ۽ ٻيو ادا اسماعيل ڪمناڻي شاهه جو بيت لکيو ھو، اھو به قاضي صاحب جي ڪتاب ۾ لکيل آھي:

پکي پيھي آيو رحمتي ريلو،
ساجن سويلو ڀيڄ ڀنيءَ گھر آيو.

***

پرين پسايو پاھنجو نظارو نروار،
لٿو ڪٽ قلب تان  ٿي ورهه وھاڻي واهه.
اميدون ارواهه پرين پسندي پنيون

 اھڙي طرح سان ادا خان صاحب جن به ھڪ تمام سھڻو ۽ تمام طويل ۽ شاهه صاحب جي بيتن سان ڀرپور ۽ جذباتي خط لکيو. اداعثمان قاضي اتي ويل ھو. ان بھترين سامان: ڪپڙا، سوني منڊي، سونا بٽڻ، بيگ، محبت سان ڀريل جيڪو خط ھو ان ۾ ڪا ڪسرڇڏيل نه ھئي.ماڻھن جي محبت ۽ پيارجوجذبو جيڪو ھن نورچشم جي اچڻ وقت ڏٺوسين ان جو اندازو ڪرڻ کان ٻاھر آھي. عزيزن رشتي دارن توڙي شھر جي ھر فرد جون  دعائون ۽ قرب نه وسارڻ جھڙا ھئا. اسان ھن وقت به کين دعائون ڏيندا آھيون ۽ تادم زندگي ڏيندا رھنداسون. اھو سائين مھربان مالڪ کين اجر عظيم عطا فرمائي.پاڙي وارن ۾ ادي سماني منھنجي ڀيڻ ڪمال ڪري ڇڏيو ھو. منھنجي ٻارن کي سنڀالڻ منھنجي خدمت زورچانپ مطلب ته ڇا لکان ته ھن بابا جي ھڪڙي اکرکي ڪيتري اھميت ڏني ته تون اسان جي حورآھين. انجو ھن جيڪو نباهه ڪيو انجي لکڻ جي منهنجي ھن قلم کي ۽ زبان کي طاقت نه آھي، مگر مون کي اھو افسوس ضرورآھي ته اسان جيڪرکيس حور نه چئون ھا ته اھا اسان سان ھيئن جلد ننڍي عمر ۾ رُسي نه وڃي ھا. بس ڇا ڪجي قدرت جو ھٿ مضبوط ھو. ان اسان کي ان خوشيءَ کان به محروم ڪري ڇڏيو. اھو ظالم موت جنھن اسان کان ڪيترا محب جدا ڪري ڇڏيا . ٻيو بُوا حليمان تيل سرمي جي ٽائيم تي اچي حاضر ٿئي. ڏاڍو پيا خوش ٿيون مگر افسوس جو اھا خوشي اسان کي راس نه آئي. ھي گلاب جي گل جھڙو چھرو بس ڇالکان! ڏسندي چوندا ھئاسون ھھڙو سڪي سڪي مليو آھي. مليو اھڙو جو اکيون پيئون ٺرن ۽ حيرت پيئي لڳي ته ھيءَ سونھن ڪٿان آئي آھي.

 اسان کي ڪھڙي خبر ته غلام محمد اسان کي ڌتائڻ آيو آھي. ۽ ڌتائي پوءِ ڌڪ به ڌڪن جھڙو ٿو ھڻي . ٻن مھينن تائين ته تمام بھتر ين نموني پئي وڌيو. سندس بابا به ٻه ھفتا کن رھي ھليو ويو. پندرھن ويھن ڏينھن ۾ موٽي آيو. تڏھن به خوش ھو. ٻن مھينن کان پوءِ آھستي آھستي ڳاڙھي گلابي رنگ مان اڇو ٿيڻ لڳو. اتي صالح صاحب ڊاڪٽر لنڊن پئي ويو. ان کي وٺي آيان، سو ان ڏسي چيو ڪجھه به نه آھي. مايون اچي وائڙيون ٿيون آھن. ھي ٻار ته بلڪل تندرست آھي. اھو ته ائين چئي ھليو ويو مگر اسان جي اندر کي محسوس ٿيو پئي ته ٻار مزي ۾ نه آھي. ڏاڍو اجرو ھوندو ھو، انجو روئڻ به اسان کي ته وڻندو پيو ھو سو ماٺ ماٺ ٿي ويو. زوري روئاريون ته به نه روئي. اتي ھن جو بابا وري آيو ان به چيو ته برابر ڇوڪري ۾ اھو مزو نه آھي. قدرتي ڊاڪٽر جعفري مولا بخش اسان وٽ بدلي ٿي آيو. ان کي وٺي آياسون. ان ڏسي چيو ته ڇوڪري جي ماءُ ۾ خون آھي ڪونه، ان کي سيون لڳايو ۽ ڇوڪري کي به  جيري ۾ خرابي لڳي ٿي. ان دوائون ڏنيون، پندرھن ڏينھن علاج ھليو ڇوڪرو اسان کي ٺيڪ لڳو. منھنجي به ڪمزوري گھٽي، ٿورو ساهه پيو. چيوسون الله مالڪ آھي. وري سائين مولوي احمد ميان جيڪو منھنجو استاد ھو. اھو به دعا ڪندو ھو ۽ تعويذ به لکي ڏيندو ھو. ان وٽ آءٌ ۽ امان وياسون. سائين ڪجھه پڙھي مون کي چيو، امان توڪو وظيفو پڙھيوھو؟ مون چيو سائين برابر مون ياسين شريف جو وظيفو مبين تي پڙھيو ھو. چيائين ته امان اھو وظيفو تمام ڀاري آھي. ھي تعويذ ڪري ٿو ڏيان ۽ دعا به ڪريان ٿو. اھو اربع جو ڏينھن ھو، چيائين خميس تائين جيڪڏھن بچي ويو ته اھا شيءِ توھان جي آھي. حملو ڪافي ٿي چڪو آھي اڳ ۾ اچو ھا . بس تعويذ ته اسين کڻي آيونسين مگر تقدير جيڪا ھئي سا پوري ٿيڻي ھئي . قاضي صاحب چيو ته آءٌ جيمس آباد مان ٿي اچان سو روانو ٿيو، خميس ڏينھن صبح جو امان به وٿاڻ ۾ ويئي ڍڳيءَ کي ڏوھڻ. آءٌ به غلام محمد کي سمھاري ويس باٿ روم ۾، اتان اچي برتن پيئي مليم. ادي کير پيئي ولوڙيو مون کي چيائين، ڇوڪرو ڪيئن آھي. الائي مون کي خراب ريسالا پيا اچن. مون چيو الله خير ڪري اڄ ته الحمدلله تمام صحيح آھي. پيٽان به سٺو ڏنو اٿس پر پوءِ  بس ھڪڙي اھڙي چيخ ٿي جو آءٌ ديڳڙي ڇڏي ڀڳيس، ڇوڪري ڏانھن گينان چودري ۾ ڀرت پئي ڀريو، اھا اتي ويٺي ھئي. غلام محمد  منھنجي ھٿ ۾ ھو، قاضي کي لاري نه ملي اھو واپس آيو. مون کمان کمان ڪري اچي ورانڊي ۾ پينگھي ۾ کيس کير ڏنو. کير ڇاجو ! اصل نه وٺي. چي امي آءٌ ھاڻي تنھنجو ۽ بابا جو ۽ نانيءَ امان جو آھيان ئي ڪو نه ! رڙ مٿي رڙ. قاضي ڊوڙندو ڊاڪٽر لاءِ ويو، ويچاري کي رستي ۾ ڌڪو آيو ان جو ساھو ڪو نه رھيس. امان کي رحمون جن ٻڌايو اھا به اچي ويئي. غلام محمد جون ته اکيون ڇت ۾. ابا! ابا! کير ڏيان ته منھن ۾ نه وجھي. شھر پاڙو ھڪ ٿي ويو. ڊاڪٽر ته ويچارو بنا دير جي اچي ويو، مٿي کي ڏاڍو زور سان ھٿ ھڻي  چيائين قاضي صاحب ھي ڇا ٿيو آھي. ھن کي ته ڪجھه به نه آھي اڙي ھي ٻار ھٿن مان ڇوپيو وڃي! آهه الا الا ڪندي واءَ ويلا ڪندي شام ڇھين بجي پنھنجي اما بابا ناني امان کي بنا خدا حافظ چوڻ جي ھليو ويو. قاضي صاحب اندر ھٽ ۾ کٿو اوڍي سمھي رھيو . مون کي ته سڪتو چڙھي ويو ھڪڙو لڙڪ نه اچي. حيران ٿي ويس ته ھي ڇاٿيو! دل مان اھا آهه نڪتي ته حسرت ان غنچوں پے ہے جو بن کلے مرجھاگئے،

ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد
 سِڪڻ ڪيا شھيد مارو ڄام ملير جا

ويچاري بُوا حليمان چيو ابا محمد اسان سان راھيو ڪونه ٿو وڃين. مون ھڪ لفظ به پنھنجي وات مان نه ڪڍيو، سڀ ڪجھه تقدير تي وجھي ويھي رھيس. امان چيو ابا تون منھنجو بت ڇڏي پيو وڃين بر ۾ ساهه کڻي پيو وڃين ساڻ. اسين مسڪين ھياسون ماٺ ڪري ويھي رھياسون. شيءِ جنھنجي ھئي اھو کڻي ويو. وري اھائي آس، اھا ئي آه زاري ! ويچاري قاضي صاحب مون کي سڏ ڪري چيو، ڦاتو تون فڪر نه ڪر، اڄ برابر غلام محمد ھليو ويو آھي ته فڪر نه ڪريو پٽ به ملي ٿا سگھن. اھو الله مھربان آھي. ھي پاڻ کي دلاسو ڏيڻ آيو  ھو. مگر ان کي موڪلڻ وارو ڏاڍو مھربان آھي. ھو پاڻ کي به سک وھاري سگھي ٿو. ان شاءالله. غلام محمد پاڻ وٽ اچي ويندو، الله مان آس اي قاضي تون نه لاھه ـ پڙهه لا تقنطومن الرحمة الله

گھڙو ڀڳو تان گھوريو آسرو نه لاھيج،
حبيباڻي ھيج پسندين منھن ميھار جو.

ڇا توھان سمجھي سگھو ٿا ته ھن لکڻ مھل اوھان جي اميءَ جي ڇا ڪيفيت ھوندي. پئي ليلايو  ٽن مھينن بعد وري آسرو ٿيو ته وري من سڄڻ سار لھندو.مون کي آھي آس الله ۾. منھنجي سڄڻ سار لھندو انتظار ھليو، سوين دوائون جاري ھيون، ضعيفائي به ھلندي رھي. ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر سئي ھڻڻ لاءِ آيو  مون کي ڏٺائين آءٌ دلا کڻي کوهه تان پئي آيس. چيائين ته ادي توھان جي طبيعت تمام ضعيف آھي.  ھي بار توھان جي ٻار کي نقصان رسائيندو. قاضي صاحب به ويٺو ھو.  ان کي به چيائين . ٻئي ڏينھن شام جو قاضي گينان ۽ سندس ماءُ کي چيو ته ڊاڪٽر فاطمہ کي بار کڻڻ کان منع ڪئي آھي. توھان مون تي اھا خاص مھرباني ڪريو جو دلا کوهه مان سيٽي ڏيو ته ھڪڙو ھڪڙو ڪري کڻي ڦاتو ايندي. اتي نوران منھنجي نڻان به آئي ان جو چيو ته گيني امان ادي چاڳو مون صاحبڏني جي پٽ لاءِ ٻه ڌيئرون کوهه ۾ وجھي دعائون گھري الله کي ستائي سچي دل سان منھنجي مڙس لاءِ  پٽ پنيو. اوھين به ھن وڻ جون دعاڳو ٿيو ته من ان وڻ جي ڇانو ۾ توھان آسائش ڪريو. پيءُ جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا مگر ان جو ڪو به فائدو نه ٿيو. ٻن يا ٽن ڏينھن ۾ اوچتو ئي اوچتو جمعي جي ڏينھن قاضي صاحب جمعي نماز تي ويو ھو اسان کي ماني لاءِ سڏ ٿيو. مون کي صبح جو ئي ھلڪا ھلڪا سور ھئا جن کي ڪو سوڙا پئي سمجھيو، اھي مون کي ھونءَ به اٺن مھينن ۾ ٿيندا ھئا  وڌيڪ خبر ڪانه ھئي. ان ڏينھن ڪريمان جو فيروز  ڄائو ھو. ان جي مبارڪ جي تار آئي ھئي. صبح جو اٺين بجي مھل مون جيئن ئي ڀَتَ جي تاسري ويجھي ڪئي ته ڇا ڏسان خون جي ندي پئي وھي. آءٌ پريشان ٿي ويس. ادي به چيو ڦاتو ھي ڇا ٿيو. مون الاجي چئي کڻي ماني ڦٽي ڪئي، امان به قدرتي  اچي ويئي. اھا ته ويچاري منھنجو جيئي پير ھئي، ھر وقت حاضر! ريسالو آيو نه آھي ته بيٺي آھي اھا به اچي ويئي آءٌ باٿروم مان آيس چيائين ڇا؟ مون ڳالھه ڪئي . ويئي بر وقت دائي وٽ. قاضي آيو ان کي ٻڌايو، ھو ڊاڪٽر جعفري کي وٺي آيو، دائي به اچي ويئي. ڊاڪٽر سڄڻ صاحب آيل ھو ان کي وٺي آيو. ڊاڪٽرن دائي کان پڇيو چيائين ادا ڪابه گنجائش نه آھي ته ڪو ٻار کي روڪي سگھجي سور به وڌي آيا، آخر عصر جي مھل ٻار اچڻ وارو ٿيو مگر گھڻي خون ڪري وري مٿي ھليو وڃي. ھلي ھلي ڇھين بجي وچين نماز مھل پيدا ٿيو جنھن مھل اسان کان غلام محمد ھليو ويو ھو. اوڏي مھل آيو. دانھن ھلڪي ڪيائين حقي جي ڪانيءَ سان ڦوڪ ڏني، ڊاڪٽر آيا جيڪي اڳيئي ويٺل ھئا يڪدم ڊوڙي آيا. نلي واري ٿورو پاڻي به ڪڍيائون ٻار سٺي دانھن ڪئي ڏاڍو سٺو، مضبوط پورو پاٺو پيئي لڳو. مبارڪ ڏنائون چيائون قاضي صاحب ھي  ٻار ته سٺو آھي. شڪر الحمدلله توھان شڪر ڪريو توھان جو غلام محمد موٽي آيو آھي .سڀئي خوشي ٿيا مگر تڏھن به اسان کي ته خوف ھو ته اٺن  مھينن جو ٻار آھي الاجي ڇا ٿئي، ڪپھه ۾ ويڙھي کاري ۾ سمھاري ٻئي ڊاڪٽر گھر ويا، وري رات جو پڇڻ آيا. سولو سمھيو پيو ھو. آءٌ به ٺيڪ ھيس. ھراسيل ته ھئاسون پر الله تي رکي سمھي رھياسون. امان ويچاري ننڊ نه ڪئي. پل مون وٽ پل ٻار جي کاري وٽ . آءٌ به پل پل چوان  امان ننڍڙو ڏس روئي ڪو نه ٿو. امان چئي امان آرامي آھي. تانجو صبح جا چار ٿيا. امان ڇا ڏسي ته نڪ جي ھوا ٿڌي ويچاريءَ ھنج ۾ ڪوٺي ڏٺو. قاضي نماز لاءِ اٿيو پڇيائين مامي ڏي خبر! دل ۾ امان ته رک ٿي ھئي. مگر قاضي کي چيائين ابا ٺيڪ آھي. صبح ٿيو چيائين ابا ڊاڪٽر کي وٺي اچ. ڊاڪٽر بر وقت آيو ڏسي چيائين قاضي شيءِ الله وٽ ھلي ويئي. ڏسڻ ۾ ته ڪابه اھڙي صورت حال نه ھئي. مگر ٻيلي ڇا ڪجي! الله پنھنجون حڪمتون پاڻ ٿو ڄاڻي. آءٌ  به سمجھي ويس. قاضي صاحب فقط ھڪ سرد آه ڀري چيو ته وڻجاري جي ماءُ ويٺي  واٽون نھاريون. آيو ٻارھين  ماه پر وري ٿو سفر سنڀائي“.  قدرت جا ڪم ڏسو ته نور چشم غلام محمد 2 نومبر 1954ع  تي اسان کان موڪلايو ۽ 24  نومبر 1955ع تي وري آيو مگر اڃا به دلاسو ڏيڻ آيو ته غمگين اصل نه ٿجو،آءٌ  ھاڻي توھان وٽ خير ۽ سلامتي سان ايندس. منھنجي موڪلڻ وارو وڏو مھربان آھي. اسين ڪجھه  به نه ڪڇياسون.مون ڀانيو مزمان ھميشھ ھوندا، ھوندا پرين- ڪھي ڪميڻيءَ  ھليا ڪھل ڪيائون ڪانه، جورو رات جو ان جيڏيون جت ڪري ويا.“

وري به اھا ئي آس ته منھنجي سڄڻ سارلھندو، مون کي آھي اميد الله ۾. ڇا گذريو ھوندو. آءٌ سئانجي ۾ ھيس . رحمون جو چوٿون درجو پاس ٿيو ھو . مون قاضي صاحب کي چيو ته پٽ ته الله ڏيندو مگر پاڻ رحمون کي ڀيٽ جو امتحان ڏياريون. پھريائين ته قاضي صاحب کي سمجھائڻ ۾ ڪافي دليل ڏيڻا پيا مگر قاضي صاحب تمام سمجھدار ۽ وقت سان گڏ ھلندڙ ۽ نيڪ خيال رکندڙ اعلى دماغ انسان ھو، يڪدم ھا ڪيائين. تمام حسن اخلاق سان، ان ۾ اسان  ماما ابو طالب کي شامل ڪيو جنھن ادا صالح کان لنڊن مان اجازت گھري ان ته تمام خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ روشن ۽ ممتاز ادا الھڏ نو الهناڻيءَ جون ڇوڪريون به تيار ٿيون. پر اسان جي پاڙي جي ڪجهه ماڻهن ڏاڍي تنقيد ڪئي ته پڙھن ته پٽ! ھي وري ڇا ڇوڪريون ٿيون ڀيٽ جو امتحان ڏين؟ پر اسان ته ڪنھن جي به نه ٻڌي. زيبو لاءِ ادي سڦو ڏاڍا زور لڳايا پر ان کي اجازت نه ملي. اسان جي رحمون ڀيٽ جو امتحان ڏنو، فرسٽ نمبرآئي، ٻيون ڇوڪريون به پاس ٿيون. رحمون کي60 روپيه ڪتابن لاءِ 5 روپيه مھيني جي اسڪالر شپ ملي.

 جيترو بندو بي ايمان آھي، اوترو ان جو سائين مھربان آھي. اھائي آس اھائي آهه زاري . رات ڏينھن ساريندي سنگھارن کي ويا ورهه گذري تانجو پوري ٻارھين مھيني وري به اھو ئي 4 نومبر 1956ع  روشن راڻي اچي ويئي. شڪر الحمدلله جو ٽن ٻارن جي مسلسل وڃڻ جي دانھن اسان جي سيني کي پاش پاش ڪري ڇڏيو ھو. ڏاڍو خوش ٿياسون ۽ روشن خان صاحبه لاءِ نوان ڪپڙا بسترا وغيره بنايا ڏاڍي ناز سان سندس مرحبا ڪئيسون. قاضي صاحب خط لکيو ته ھن ننڍڙي ۽ پياري روشن راڻي کي تمام حفاظت سان پالجانءِ ڊاڪٽر جعفري کي ڌار پارتون، علاج ۾ ڪوتاھي نه ڪري ھيءَ ننڍڙي بچي پارپوي ته ڪا اميد ٿئي ته  وري ڪو ٻار بچيو. ۽ نورچشم محمد جي اچڻ جو ڪو سُواءُ وري ـ وري سائين بچي شال روشن وري چوي آءٌ ناز به اھڙائي ڪريان. سو سائين ساري رات جاڳي ـ سمھڻ جو نالو نه وٺي. اسين تڏھن به خوش. کمان کمان پيئي پوي، ننڊون ته ھونءَ  به اڏامي ويئيون ھيون. ڊپ ۾ ھئاسون ته متان الاجي ڇا ٿئي. شڪر الحمدلله روشن خير سان سانڍجي وڏي ٿي. اڍائي سالن جي ٿي ته خيرن سان خالده خان اچي ويئي . الاجي ڇو الله ٿو ڄاڻي ته سندس ڄمڻ تي مون کي توڙي قاضي صاحب کي ۽ امان کي ايڏي ته تسلي ٿي ويئي ته ھاڻي غلام محمد جي اچڻ جو وارو ڄڻ اچي ويو . اتي ڀيڻون به وڏيون ٿي وئيون ھيون. سندن پڙھائي جو سلسلو ته جاري ھو ۽ ڪم ۾ تمام سٺو ۽ سھڻو ھٿ ونڊائينديون ھيون. مون به کين ڪم ورھائي ڏنا ھئا. رحمون ناشتو ٺاھيندي ھئي، نسيم برتن صاف ڪندي ھئي ۽ عزيز ڪمرن جي صفائي ڪندي ھئي. ٽنھي ڀينرن ڄڻ مون کي کٽ تي ويھاري ڇڏيو ھو. پوءِ تمام سٺو تيار ٿي بنا ڪنھن ڪڇ پڇ جي اسڪول به ھليون وينديون ھيون. باقي ٻيپھريءَ جي ماني آءٌ ٺاھي رکندي ھيس. گھر ايترو ته سٺو ھلندو ھو جو سڀ تعريف ان الله پاڪ جي ذات جي آھي جيڪو بندي تي مھربانيون ڪري ٿو. ان ھوندي پنھنجي پڙھڻ جو ڪم ذميداريءَ سان ڪنديون ھيون. الله سائين انھن کي صالح ۽ نيڪ ڪيو آھي ۽ الحمدلله ھاڻي به انھيءَ نموني سڀئي خوش آھن. کين الله سائين نوازيو آھي. مالڪ جون ايڏيون مھربانيون آھن جو ڳڻڻ کان پار آھن. روشن ۽ خالده ڏاڍو پيار سان پالجي وڏيون ٿيون. روشن پنجن  سالن جي ٿي ته دستور موجب اسڪول ۾ داخل ٿي. ان دوران خالده اڍائي سالن جي ٿي. خالده جڏھن ٻن  سالن جي ٿي تڏھن کيس کير مٺو ڪرايو. رتن لولن جي وارو تار ٿي ويئي. خالده کي امان جام لولا کارايا.

 شاھد ستن مھينن جو پيٽ ۾ ھو ته ھڪڙو المناڪ واقعو درپيش ٿيو جو ادي سماني منھنجي ڀيڻ کي به ٻار ھو. سڀئي ٺيڪ ٺاڪ ھئاسون، اسان جي گھر ۾ ته پٽ جو انتظار حد کان مٿي ھو سو ھڪڙي ڏينھن چيائين ڦاتو مون وٽ ھڪڙو پٽ آھي سڪ ته مون کي به آھي مگر تنھنجي سڪ انتھائي آھي. الله ڪري منھنجي پيٽ ۾ پٽ  ھجي ته به مون کي ڌيءَ ملي مگر توکي پٽ ملي . مون چيو ادي الله سائين ٻنھي کي نوازي سگھي ٿو ـ لکڻ جو مقصد اھو آھي ته اسان جي ايتري ته پاڻ ۾ حب ھئي حالانڪ پيٽ ۾ ته جنھن کي رب پاڪ جيڪي ڏنو ھوندو اھو ئي ھوندو. اوچتو ئي اوچتو ھڪڙي ڏينھن اديءَ کي صبح جو سوير مٿي ۾ سور ٿيو. ادي ڀاڻٻائي مون کي سڏڪيو، چيائين سميءَ کي ڏاڍو مٿي ۾ سور آھي. مون به اچي ڏٺو ۽ کيس تيل وغيره ھنيوسون، کيس قاضي صاحب وٽان حَبَ کڻي ڏنا مگر ڪو به فائدو نه ٿيو. ھڻ ھڻان سارو ڏينھن. حيلا ھلي ويا مگر اھا ڪنھن کي به خبر نه ھئي ته ڪو ٻار جو مسئلو آھي. ٻار ته ان جا ٺيڪ ٺاڪ پيا ڄمندا ھئا. اھا ڪھڙي خبر ته ھي ڪو ويل پيو ٿئي، اوچتو اچي ٽي  بجي مھل خون ھليو ان کي ڏسي سڀ ڊڄي ويا. ڊاڪٽر غلام محمد حاجي الھڏني جو پٽ وٺي آيا. دائي آئي سور وغيره ته ھئا ڪو نه، مٿي جو سور ھلندو رھيو. ان ڊاڪٽر به ڪا اھڙي خامي نه ٻڌائي. عصر جي نماز جو ٽائيم ٿيو، بس پاڻ مان آسرو لاھي چيائين وڃان ٿي !وڃان ٿي! ادي ڀاڻٻائي جي اھا ئي ھڪڙي ڌيءَ ھئي پيئي لڇي مگر ڪري ڪجھه به نٿي سگھي. ڊاڪٽر چيو ته آءٌ توڪل ڪري سئي ھڻان ٿو من ڪو فائدو ٿئي. اتي سج لھڻ وارو ٿيو، سئي لڳائي. ڊاڪٽر مس اسان جي ڪنڊي وٽ پھتو ته ھڪڙي اھڙي ته دانھن ٿي جنھن آسمان زمين ھڪ ڪري ڇڏي. سڀني جو وائيون بتال ٿي ويون. ادي تي پگھر جا مڻ ٽٽي پيا. بس  ان دانھن اسان کان اسان جي ڀيڻ کسي ورتي. ادي  ڀاڻٻائي جي جگر جو ٽڪرو ڦٽي ويو. ٻچڙن تان ماءُ جو سايو لھي ويو. ڇا ٻڌايان اھو ڇا ھو! ياد اچي ٿو ته ھن وقت به دل ٻڏي ٿي وڃي. ھڪڙو ھمدرد حال محرم ۽ باوفا دوست وڇڙي ويو. آه! اھو ئي موت جنھن الاجي ڪيترين دلين کي غمگين ڪري ڇڏيو. ويچارا ٻچڙا لڇندا رھيا ته اوچتو امي ڪيڏانھن ويئي. ادي ڀاڻٻائي ته ويچاري ھئي ئي سورن جو  سندرو سرجي تان سور ساماڻي تان سک ويا. اھي ٻئي پور نماڻيءَ نصيب ٿيا.

        ننڍڙي ھئي ته پيءُ جي سائي کان محروم ٿي. ڪجھه وڏي ٿي شادي  ٿي نو  مھينا ٿيا، پٽ ڄائو ان وري ڄمڻ سان ئي ڏک ڏنو ۽ ٻن مھينن کان پوءِ پاڻ سان گڏ پيءُ کي به کڻي ويو. ويچاريون ٻئي ماءُ ڌيءُ آسمان تان ڪريون ته زمين به تنگ ٿي ويئي. مگر انسان ويچارو ڪمزور، رب جي حڪم جو محتاج ڇاٿو ڪري سگھي .ڏک پينگھي ۾ پرايو ھو ڪنھن جو  ڏوه ناھي لکيو ائين ھو“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org