ھڪ
ته مون تنھنجي گھر جو نمڪ کاڌو آھي، مون کي معاف
ڪج . ٻيو ته ھتي ويھي وڏي آواز سان ياٰسين شريف
مون کي ٻڌاءِ ته آءٌ پنھنجي ڪنن سان اھو آواز
ٻڌان. ٽيون ته تو منھنجي ڌيءَ کي ڏاڍو سکيو رکيو
آھي. توکي الله سائين جي رحمت ھجي ڪا ڪمي منھنجي
ڌيءَ کي تو نه ڏني آھي. ۽ آءٌ به شڪر ٿي ڪريان ته
منھنجي ٻچڙي آسودي آھي مگر تڏھن به منھنجو ھن ۾
ساه پساه آھي.آءٌ ھاڻي وڃڻ واري آھيان ڇا ڪاڻ ته
عمر ڀاءُ منھنجو ساه ساڻ کڻي ھليو ويو آھي ۽ بت
ڇڏيو اٿس ھن بر ۾. ابا آءٌ ھاڻي
”جاڙ
جيئان پيئي جيڏيون ـ مرڻ مون وس نه ٿيو-
ھاڻ جاڙ جيئان پيئي جيڏيون“.
سو توکي اڃا به پارت ٿي ڪريان ته ان کي جيترو ٿي
سگھي اوترو اڃا به سکي رکج، مون کي اھو جڳائي نٿو
مگر ڇا ڪريان روح نٿو رھي. قاضيءَ کي الله سائين
جي رحمت ھجي چيائين مامي صاحبه توھان ڪو به فڪرنه
ڪريو ڦاتو مون کي پنھنجي ساهه
کان به پياري آھي. توھان بلڪل خاطري ڪريو اڃا ته
اسان اميد ٿا ڪريون ته توھان شاھد جي شادي
ڪرائيندا. کيس ڏاڍي دلداري ڪيائين ۽ اتي جو اتي
ياٰسين شريف پڙھي کيس ڦيڻو به وڌائين.
شاهد جي امان وڏيءَ کي به دعائون ڏنائين ته ادي تو
جيڪا مون کي عزت ڏني آھي يا جيڪا خدمت ڪئي آھي ان
جو توکي الله اجر ڏيندو ۽ تون ٻنھي جھانن ۾
مرڪندينءَ. ائين سڀني کي دعائون ڏيندي انھيءَ ھفتي
اندر ڳالھيون ڪندي ڪندي اسان جي امان اسان کان
موڪلائي ھلي ويئي. ھڪ ڏينھن مون کي چيائين منھنجي
بيماري تي خرچ ته جام پيو ٿئي، محمد ڪو پيسو
موڪليو آھي؟ مون چيو امان تون اھي ڳالھيون نه ڪر،
اسان جو خرچ آھي ئي ڪونه، تون پئسن جو فڪر ڇڏ .
چيائين امان تون ۽ قاضي ۽ منھنجا ھي پٽ ڌيئرون سڀ
شال سکيا ھجو. الله سائين توھان کي ھميشه خوش
رکندو مگر امان تنھنجي پيءُ جي گھران جيڪڏھن ھڪ
رپيو اچي ته به منھنجي روح کي آسائش ايندي ته ھن
گھر ۾ منھنجو حصو آھي. بس امان ڇا ڪريان. اسان
محمد وارن کي فون ڪرائي ته امان توھانکي ڏسڻ ٿي
چاھي. نسيم، عزيز سڀ پئي آيون، غلام محمد به آيو،
پر تڏھن امان ھلي ويئي ھئي . مون انھن کي چيو ادا
ھاڻي انھن پيسن کي آءٌ ڇا ڪريان! منھنجي ماءُ واڪا
ڪندي ويڙه ۾ روئيندي رت ويئي. امان چوندي ھئي ته
امان:
ڇا جي ڏنگا ڏير ڏينھن ڏنگو نه ٿئي،
اُٺن ۽ اوٺيڙن جو ڇا وھيڻون وير،
ھي ڪميڻي ڪير جا امر آڏو اچي.
امان ھڪڙو پٽ ھجي ھا ته ھھڙي ڪانه ٿئي ھا. اھي سور
ڪنھن سان سلان. بس امان ھلي ويئي.
مون ڀانيو مون وٽ مھمان ھميشه ھوندا پرين،
ڪُھي ڪميڻي ھليا ڪَهل ڪيائون ڪان،
جورو رات جوان جيڪس جت ڪري ويا.
ھلڻ ھارا سپرين پيا وڃڻ وايون ڪن،
جھليان تان جھلڻ نه ڏين، سڳر منھنجا سپرين.
بس روئي پرتي رب کي، انالله و انااليہ
راجعون . پوءِ منھنجي ٻارن ۽ قاضيءَ صاحب مون کي
امان جي لک ته ڪانه ڏني مگر ماءُ جو خال جو ھو،
اھو ته نه ڪنھن جي ڀرجڻ جو ھو نه ڀرجي سگھي ٿو.
مون کي چوندي ھئي امان تون ھن ماءُ کي وک وک تي
ياد ڪندين. برابر اھو اکر ھر وقت ياد ڪري منھنجي
اکين مان لڙڪ لڙي ايندا آھن جيڪي ھن وقت به لڙي
آيا آھن. گھڻئي جھليا اٿم مگر نٿا رڪجن . ويو
ويچارو وقت گذري . پويان شال بچن خوش رھن مگر
اسان کي جيڪي پڇندا ھئا اھي
”مئا
ماڳ پھچي ويا“.
ھاڻي اھي پنھنجون سڳنڌ يادون اسان وٽ ڇڏي پنھنجي
اصل ماڳ ھليا ويا.
آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو
سڄڻ يادپيو وسري تان نه ويو
ھو جھليا تان نه جھلجن رھن نه ھڪڙي رات
آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو
ٻنڌڻ ٻاروچن جو پينگھي منجھه پيو
آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو
مٺڙي امان ھاڻي ته تون ڳولڻ سان ملي نٿي سگهين.
ھاڻي واڪا وس ڪنداسون ته به تون وڃي
”ٿر
ٿيام مارو ڄام ملير جا“–
الاجي توکي مون ڪيترو سکي ڪيو ھوندو. الاجي تون
مون کان راضي ھوندين يا نه، بس اھو ڏک ھر وقت دل
کي ستائيندو رھندو آھي، ته مون پنھنجي جيجل ماءُ
کي گھڻا سک ته نه ڏنا، رڳو ان کان خدمت. ورتي، رڳو
دادلپائي ۾ وقت ھٿان وڃائي ڇڏيو. اڄ ان ڳالھه کي
ياد ڪري جيڪا ندامت اندر کي کائي رھي آھي، ان جو
ازالو ته مون وٽ آھي ئي ڪونه. فقط اھا دعا ڏيئي
سگھان ٿي ته توکي رب پاڪ جو ٻنھي جھانن جو والي
آھي اھو توکي اتي پنھنجي بھشت جي اعلى کان اعلى
درجي ۾ جاءِ عنايت فرمائي . تون تاقيامت اتي سکي
رھين جو ھيءَ دنيا توکي ياد به نه اچي.
ٿي ھيءَ دعا بھشت ۾ ان جو مڪان ٿئي،
ان جي شفيع سرور عالم جي ذات ٿئي،
محشر جي داروگير کان ان جي نجات ٿئي،
رحمت خدا جي ان تي بيڪران ٿئي.
مون جيڪي ڪم ڪيا ۽ جيڪا ننڍي ھوندي دعا گھرندي
ھيم اھا مالڪ سائين اگھائي. تحقيق سچيءَ دل سان
چونديس ته الله تبارڪ و تعالى دعائن جو ٻڌندڙ ۽
قبول ڪندڙ آھي.
ھاڻي
مون تقريبن پنھنجي يا پنھنجي والدين يا ٻيو به
ڪافي ڪجھه لکيو آھي اڳتي ڪي ڳالھيون ياد اينديون
ته لکندي رھنديس ان شاءالله.
مــــٺــڙي امــان
(Mother Day)
(عظمت جو پيڪر پياري امان لاءِ)
ڪيڏو نه مٺڙو پيارو اھو نالو آھي جنھن لاءِ خود
خدا پاڪ بي نياز بادشاهه ٻاجھاري مھربان پاڻ
فرمايو آھي ته ماءُ منھنجي مھربانين جي عظيم
نشاني آھي ۽ پڻ اسان جي ھادي بر حق محمد مصطفيٰ
ﷺ
جن به فرمايو آھي ته جيڪڏھن آءٌ توھان کي حڪم
ڪريان ته دنيا ۾ توھان ڪنھن کي سچو پيار ۽ پاڪ
محبت ڪرڻ چاھيو ٿا ته اھا پنھنجي ماءُ سان ڪريو،
ڇاڪاڻ ته ايترو سچو پيار بي حساب ۽ بي لوث محبت
توھانکي ٻئي ڪنھن ھنڌان نه ملي سگھندي ۽ نه ملڻي
آھي . اھو رتبو ماءُ کي پنھنجي پاڪ پالڻھار کان
مليل آھي جنھن کان ھن دنيا جو ڪوبه انسان انڪار
نٿو ڪري سگھي. انسان ته بھر حال انسان آھي
جنھن کي الله تبارڪ تعالى عقل، سمجھه، سڃاڻپ ۽ سڀ
ڪجھه ڏيئي ھن دنيا ۾ موڪليو آھي ، مگر جنھن به
مخلوق ھن دنيا ۾ پير پاتو آھي ايتري قدرجو حيوان،
پکي پکڻ، چرند پرند، جانور ھن دنيا ۾ آيو آھي مطلب
ته ھر ساهه واروان ھستيءَ کي پيار ڪري ٿو. اھو آھي
الله جل جلاله
و شانه
جو ڏنل عظيم تحفو جو ماءُ جي روپ ۾ قدرت جي طرفان
مليل آھي. ٻار پنھنجي ماءُ جي پيٽ مان نڪرندو آھي
ان وقت اسان ان جو آواز ائين محسوس ڪندا آھيون ته
”اوئائون
اوئائون“
مگر ھو چوندو آھي
”امان
امان“.
پوءِ ان ماءُ جي شفقت ۽ ان جي پيار جو اظھار به
اسان جو اکين ڏٺو مشاھدو آھي اھا آھي ان جي پيار
محبت جي سچي نشاني جنھن کان به ڪو انسان انڪار نٿو
ڪري سگھي. بيشڪ اھو به اصل شان ڪريمي آھي جو اصل
تعريف جو لائق آھي، سبحان الله ھاڻي اچون ٿا اصل
مقصد تي اھا آھي ماءُ جي عظمت. دنيا جي ڪنھن به
وڏي کان وڏي فلاسفر کي پڙھيو آھي يا ٻڌو آھي ۽
انھن جا رايا پڙھيا آھن انھن به ھن عظيم ھستيءَ کي
ائين ساراھيو آھي:
1.
ماءُ کان سواءِ گھر قبر لڳندو آھي (اورنگزيب
عالمگير)
2.
سخت کان سخت دل به ماءُ جي اک جي لڙڪ سان ميڻ ٿي
ويندي آھي
(علامه اقبال)
3.
دنيا جي حَسِين شي ماءُ ۽ صرف ماءُ آھي (محمد علي
جوھر)
4.
ماءُ جي ھمدردي حاصل ڪرڻ بجاءِ ان جا ھمدرد ٿيو
(الطاف حسين حالي)
5.
جيڪڏهن مون کي پنھنجي ماءُ کان جدا ڪيو وڃي ته آءٌ
پاڳل ٿي ويندس (ارسطو)
6.
ماءُ ۽ گل ۾ مون کي ڪو به فرق نظر نه ايندو آھي
(لقمان حڪيم)
7.
پنھنجي ٻار لاءِ چاھي اھو ڪيترو به وڏو ھجي ته به
ان لاءِ تمام سٺي جڳھه سندس ماءُ جي دل آھي
(شيڪسپيئر)
8.
ماءُ خدا جو جلوو آھي ۽ خدا جي خوشي آھي ان کي خوش
رکڻ معنى خدا کي خوش ڪرڻ آھي
(ڪيناتلو فرانس)
9.
سڀ کان مٺڙو ۽ پيارو پيار ماءُ جو آھي
(چارلس لڪسن)
اھو آھي مٺڙي ماءَ جي محبت ۽ ان جي اوجاڳن ۽
تڪليفن جي قدر شناسي. منھنجي خيال ۾ ھر ٻار چاھي
ننڍو آھي يا وڏو آھي ان جي ماءُ ان جي لاءِ ايتري
اھميت رکي ٿي جيترا مٿيان رايا آھن يا انھن کان
وڌيڪ چئجي ته به ٿورو آھي. آءٌ پنھنجي مٺڙي امڙ
لاءِ ڇا لکان ته اھا منھنجي لاءِ ڇا ھئي، مگر اڄ
صد افسوس جي لکڻو پوي ٿو اھو عظيم ۽ قدرت جو ڏنل
تحفو مونوٽ موجود نه آھي ۽ اھا مون وٽان ھاڻي
ھميشه جي لاءِ دور ھلي ويئي آھي ۽ اتي ھلي ويئي
آھي جتان ڪوبه نه موٽيو آھي. ھاڻي فقط اِھائي دعا
آھي ته الله پاڪ بخشيندڙ مھربان کيس پنھنجي بي
پايان رحمتن ۽ مغفرت سان نوازي. اھا جنت جي برين
باغن ۾ آرام ۽ سڪون سان رھي ان شاءالله . امان تون
شال اتي سکي رھين مگر مون کي ته ڏکي ڪري ھلي ويئي
آھين مگر تنھنجون جيڪي بي پناهه محبتون ۽ پيار ۽
انھن سان گڏ اھي بي حساب دعائون، منھنجي شامل حال
آھن ۽ انھن تحقيق رنگ لڳايو آھي جو منھنجو سڄو
اولاد ايترو ته نيڪ بخت ۽ صالح آھي جن جي ھر وقت
اھائي ڪوشش آھي ته اميءَ کي پنھنجا والدين ياد نه
اچن. اھا بنا ڪنھن وڌاءَ جي حقيقت آھي. مگر اھا
ھڪڙي ھمدرد، حال محرم ۽ محبت ڪرڻ واري عظيم ھستي
ته مون کان ھلي ويئي آھي، اها ندامت مون کي ھر
وقت تمام گھڻو ستائيندي آھي ته مون پنھنجي مٺڙي
امان جي خدمت يا سندس قدر شناسي جيترو اھا لھي ٿي
اوترو ته بجاءِ خود مگر ڪجھه به نه ڪري سگھي
آھيان، اھو افسوس ۽ اھا ندامت مون کي اندرئي اندر
ايترو ته ستائيندي آھي جو آءٌ ٻئي ته ڪنھن سان
اظھار ڪريان يا نه ڪريان مگر پنھنجي ان پالڻھار کي
ٻڌائيندي آھيان جو ڳجھي ۽ پڌري کي ڄاڻڻ وارو پرور
دگار آھي. جو دلين جا راز ڄاڻي ٿو ته اھو مھربان
سائين مون کي معاف ڪري. اھي غلطيون ۽ ڪوتاھيون مون
کي معاف ڪري ۽ منھنجي والدين جو مقام اعلى ڪري جو
ھي دنيا انھن کي ياد به نه اچي آمين. اسان ٻه
ڀينرون ھيون سون جن مان حور اسان کي ڏکيو ڪري ھلي
ويئي. پوءِ آءٌ ئي ھيس جنھن تان امان ساهه قربان
ڪندي ھئي ۽ ننڍڙي ھوندي ايترو ته لاڏ ۽ پيار ڏنئي
جو اھي لاڏ ياد ڪري اڃا به اکين ما ن لڙڪ لڙي
ايندا آھن. ھاءِ افسوس اھي به بي حساب ۽ بي پناهه
۽ بي لوث محبتون ھاڻي ڪٿان آڻيان. ڇا ته ھئا اھي
قرب! آءٌ ته وڏي ڳالھه ھيس مگر منھنجون سھيليون
اينديون ھيون ته انھن تان به پنھنجو ساهه پيئي
قربان ڪندي. وڃڻ وقت تائين جيئن چئجي ته قبر
تائين ڪندي وئي: اباڻا اباڻا ڦاتوڙي ڦاتوڙي ڪندي
ويئي. آءٌ ته جيئن ننڍي ھوندي دادلي ھيس تيئن
شاديءَ کان پوءِ اھائي لاڏ لپائي ھلي پئي آئي. ڇا
ٻڌايان، انھن قربن جون ڳالھيون جيڪو گھر ۾ ڪم
ڪريان، بيٺي آھي، اچي حاضر ٿئي! آءٌ وڙھان امان
مون تان پاڙي وارا کلندا. چوندا ته ماءُ کان ٿي ڪم
وٺي. ڪپڙا ڌوئان ته کوهه تي بيٺي آھي. منھنجون
اھيئي ھڪلون. ويچاري منٿون ڪري پرچائي. قاضيءَ
صاحب کي چوي ابا تون ھن کي سمجھاءِ. قاضي صاحب
منھنجي والدين لاءِ ھڪ املھه خزانو ھو جو مون کي
سمجھائي ته ڦاتو جيڪي منٿون ڪري ڪم ڪن اھي جواھر
تون ڪٿان آڻيندين؟ مھرباني ڪر ماميءَ صاحبه کي
ناراض نه ڪر. اسان جي پاڙي وارا حيرت ڪندا ھئا ته
واهه ڪا ماءُ آھي! ھھڙي ماءُ اسان نه ڏٺي. مشھود
تائين سڀ ٻار سانڍي ڏنائين ھر ڏک ھر سک ۾ ساٿي.
الاھي اھي پيار آءٌ ڪٿان آڻيان. اڄ ويٺي ساريان
جڏھن اھي املھه خزانا ھٿ مان ھليا ويا آھن. اھي ته
ڇا آھن الاجي اھڙا مثال آھن جي منھنجي ڳاڻيٽي کان
ٻاھر آھن.
مون سي ڏٺا ماءُ، جن ڏٺو پرين کي،
ڪري نه سگھان ڪا، انھن سندي ڳالھڙي.
امي مون وٽ ته تنھنجون انيڪ يادون آھن. نه وسارڻ
جھڙيون يادون . آءٌ ڳڻي ڳڻيان ڪيتريون پنھنجي مٺڙي
امان جون ڀلايون ۽ ڀال جيڪي اپار آھن. آءٌ
”وساريان
نه وسرن منھنجا ڏيھي ڏاڏاڻا-
عمر ياد آيم اڄ ڪي اباڻا“.
ڇا لکي ڇا لکان.
آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنھوارن پچار،
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ري لوھار،
ميخون محبت جون ھينئڙي منجھه ھزار،
پرين ۽ پنھوار، ڏٺي مون ڏينھن ٿيا.
***
تنھن ڪھڻيءَ ڪيو ڪوھ،
جي رھڻيءَ رھيو نه سپرين.
***
وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شھيد جي مارو ڄام ملير جا،
نڪو خبر نڪو خواب، نڪو اوٺي آئيو،
حميراڻو حساب نه ڄاڻان ڪيئن ٿيو.
***
سڄڻ سو ٿورو جو جانب ڪيو جيئري،
مئا پوءِ ملير ۾ مر مينھن وسن.
ھاڻي آءٌ پنھنجي ننڍي وڏي ٻار کي نصيحت ٿي ڪريان
ته پنھنجي انھن عظيم ھستين جو جيترو قدر ڪن، جيترو
پنھنجي انساني حيثيت سارو قرب ڪري سگھن اوترو ٿورو
آھي.
جان آھن اوطاقن ۾، تان ڪي ساڻن اور،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينھن ۾، پاڻ مٿا ئن گھور،
ويا جي ھنگلور ته ڪرم ملندئي ڪاپڙي.
جيئن اھي ھن دنيا ۾ سرخرو ٿيا تيئن الله تبارڪ
تعالى وٽ به سندن درجا بلند ٿين. ان مالڪ وٽ ڪرم
جي ڪابه کوٽ ڪانھي، اھو پنھنجي ٻانھن کي پنھنجي
نعمتن سان مالامال ڪري سگھي ٿو پوءِ
”ھت
به رھي رس ھت به گڏي ھوت کي“
اھا ھڪڙي واضح حقيقت آھي ته ماءُ جھڙي محبت ۽ سچو
پيار، بنا مطلب جي حال محرم دنيا جي ٻئي ڪنھن
ھنڌان نه ملندو . ان کان دنيا جو ڪوبه انسان انڪار
نٿو ڪري سگھي. اھا بي مثال آھي ۽ بي مثال رھندي،
اها محبت رَھَنِديءَ دنيا تائين قائم آھي، ۽ روزِ
محشر ۾ به ھوندي ڇاڪاڻ ته ڪافي روايتن مان معلوم
ٿيو آھي ته ھر ٻار اتي پنھنجي ماءَ جي نالي سان
سڏبو ۽ جن جا ننڍڙا ٻار کين وڇوڙي جو غم ڏيئي ھليا
ويا آھن اھي بھشت ۾ پنھنجي ماءَ کانسواءِ نه ويندا
۽ الله سائين سان حجت ڪندا ته اسان جي ماءُ ڪيڏي
به گنھگار آھي مگر ان کي اسان سان گڏ جنت جي برين
باغ ۾ جاءِ ڏي. ۽ اھو مھربان بادشاهه ايترو غني
آھي جو انھن جي اھا حجت نه ٽاريندو. سبحان الله
سبحان الله. بيشڪ اھو ساراهه جو لائق رب پاڪ ڪريم
ساراھيل آھي جو بندي جون ڪو تاھيون ڏسي به ڍڪي
ڇڏيندو آھي سبحان الله .
وڏي سگھه سندياءِ، ٻاجھن
ڀرو آھين،
مون تان مھر نه لاهه، آءٌ تنھنجي آھيان.
ھڪڙي حقيقت اھا به آھي ته اھي سڀ محبتون يا قرب
آھن ته به آھن سڀ ان پاڪ پالڻھار جي طرفان نه ته
انسان بندو عاجز ڪير آھي جو ايترو پيار ڪري . ان
لاءِ احمد ملاح جو بيت ياد آيو آھي.
سج نه ڪري ٿو پاڻ سھائي ، ماءُ پي پاڻان مھر نه
لائي
موليٰ ھڪ جي مھر اھائي، ٻانھا تون ڇڏ پوءِ ٻيائي
من ۾ مون وحدت واڳه، دنيا در گذر جو ماڳهه
***
جي سجھائي سڪ، ته پڻ سڪي سسئي،
پيتيائي پنھونءَ کي، ھڏ نه ڀڳيس ھڪ،
ان تڙ منجھان تڪ، ڏني اڃ ٿئي.
فقط ياد ڪندڙ ھڪ ڌيءَ ھڪ ماءُ
فاطمھ
زھره قاضي
بــابــا سـائـيـن
دانائي ۽
شجاعت جو پيڪر
منھنجو بابا پنھنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ ھو.
ڏاڏا پنھنجي پٽ کي به ڏاڍي لاڏ ۽ پيار سان پاليو
ھو. پئسن جي ڪا ھنن وٽ ڪمي ڪانه ھئي. انھيءَ ڪري
بابا سائين ٿورو عياش طبيعت جو به ھو مگر تمام
سمجھدار، داناءُ عقلمند، ھونھار ۽ ھمت وارو ھو.
ايتري قدر جرئت مند ھو جو ماڻھو سندس نالي وٺڻ سان
ڏڪندا ھئا. ان سان گڏ رحمدل به ڏاڍو ھو. ڪوبه غريب
ماڻھو چاھي ڪير به ھجي، وٽس دانھن کڻي آيو ته
ڀائيندو ائين ته پير ۾ جتي به نه وجھان. ھن کي
انصاف ڏياري ساهه کڻان. اھا ڳالھه تمام مشھور ھئي
ته جيڪڏھن مکي گل محمد اھا ڳالھه ٻڌي ته اسان جو
سر ويو! ايترو ڏھڪاءُ ھوس جو خاصي حد تائين ڏاڍ
جو دور گھٽجي ويو. ٻي بابا سائين جي اھا خوبي ھئي
ته پاڻ سان گڏ پنھنجا ساٿي رکندو ھو. جيڪي ھن لاءِ
سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ھوندا ھئا. اھي
منھنجا ڏٺل ھئا. عالم درس، پيرو راھمون ، ڀورو
منگھواڙ ۽ ڪارو ڀيل اِيڏا ته مضبوط ماڻھو ھئا جو
دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ انھن لاءِ وڏي ڳالھه نه
ھئي. يعني ھر پاسي جو مضبوط ماڻھو. اٺ وري تو ڏا،
ٿلھا، متارا سھڻا ھر وقت اسان جي اوطاق ۾ بيٺا
ھوندا ھئا. ٻيا ڌنار انھن سان گڏ. ماني ته اسان جي
گھر جي عام ھئي، آڌي رات جو ڪو مھمان ايندو ھو ته
بس ھڪل جي دير ھوندي ھئي. اوطاق جنھن کي اسين
ڪُڙهه چوندا ھئاسون، اتي ھر وقت راڄ ماڻھن جا
ھوندا ھئا. رتي رھاڻ متل ھوندي ھئي. ڏهه-
ٻارھن ڍڳيون مينھون، مڻ مڻ کير جا پيا ولڙندا ھئا،
ڇا ته بلي بلي واهه واهه ھئي ڇا ھاڪ ھئي! اسان جو
ڌنار ناٿو نالي ھوندو ھو. آءٌ برسات جي ڏينھن ۾
امان چروڙيون چمڪائي ڏيندي ھئي اُهي ھڪ ٻئي مٿان
رکي ڊڪندي ويندي ھيس. ناٿو بابا کي چوندو ھو ته
مکي صاحب چروڙيون ته اچن پئيون باقي ماڻھو ھيٺ
آھيئي ڪونه! اھي لفظ ٻڌي آءٌ چڙندي ھيس.
بابا کلندو ھو.
اُھي به ڏينھن ھئا .
پنھنجي شوق ۾ اچي اصل ڳالھه تان ھٽي ويئي آھيان.
منھنجي بابا کي ٻه زالون ھيون. امان سڦيان جيڪا
بابا جي بوا جي ڌيءُ ھئي. اھا سندس ننڍ پڻ جي شادي
ھئي، جنھن مان کيس ٻه پٽ ۽ ھڪڙي ڌيءَ ڄائي- ھڪ پٽ
۽ ھڪ ڌيءَ ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويا. باقي اسان جو
ادا محمد احسان بچيو جيڪو بعد ۾ مکي مشھور ٿيو -
سندس به ٻه شاديون ھيون. ھڪڙي اِھا اسان جي ڀاڀي
راڄٻائي جنھن جي شادي منھنجي امان سان گڏ ٿي، جنھن
مان ھڪ ڌيءَ ادي سماني آھي، جيڪا اڃا به زندهه
آھي. شال کيس الله سائين صحت سان وڏي حياتي ڏي.
اھو احوال بعد ۾ لکبو. ٻي منھنجي امان جنھن جو
نالو مائي وسندي ھو. بابا سائين ڏاڏا سائين کي
فرمائش ڪئي ھئي ته مون کي ھن وسيءَ سان شادي ڪرڻي
آھي ڇاڪاڻ ته منھنجي امان ننڍپڻ ۾ ايتري ته
ھوشيار، چالاڪ، سمجھدار ۽ ھر فن مولا ھئي جو ماڻھن
کي رشڪ ٿيندو ھو ۽ ان سان گڏ ھنر مند به ھئي. ھر
ڪم ڄاڻيندي ھئي ھر ڪم ۾ ماھر ھئي .خداداد
صلا حيتن جي مالڪ ھئي- ساراهه ته الله سائين کي
جڳائي ٿي جو بندي کي اھڙو ڪري ٿو، اھو ان سائين جو
ڪمال آھي نه ته بندو ته بھر حال بندو ئي آھي. ڪمال
فقط ڪريم جو آھي. بھر حال امان جي شادي ٿي. بابا
سائين جي پنھنجي پٽ محمد احسان ۽ ڀيڻ سُکياڻيءَ
تي ايتري ڪا اَپَر دل ھئي جو پھرين رات ئي امان کي
چيائين ته منھنجي بدن جو ماس ڇلي کائج مگر احسان ۽
سُکياڻي جي ڳالھه شڪايت طور مون سان نه ڪجانءِ
. منھنجي وفادار ماءُ به پنھنجي انساني وس آھر
وس ڪيا. نه شڪايت ڪيائين نه انھن کي شڪايت
جو موقعو ڏنائين. بھادر به اھڙي ھئي جو
ڪنھن خوفناڪ ڳالھه کان به مڙندي اصل نه ھئي. ايتري
قوي جو اڪثر برسات جي ڏينھن ۾، ڪچا گھر ھوندا ھئا
۽ بلائون نانگ نظر ايندا ھئا ، ڪنھن رڙ ڪئي بَلاَ!
ته بابا کان اڳ ۾ امان پاڻ ان کي ماري وجھندي
ھئي. ادا احسان ته ڊڄڻو ھو. پير مٿي ڪري ويھي
رھندو ھو. چوندو ھو وسو ڊوڙ پاءِ ! اسين ٻار
ھوندا ھئاسون ۽ کلندا ھئاسون.
ڪڏھن ائين به ٿيندو ھو جو برساتون تمام گھڻيون ٿي
وينديون ھيون. رات به پئجي ويندي ھئي ننڍڙا گابا
لُھاريا ۽ وڄ جو ڪڙڪو! بابا پاڻ ته پيرسن ھو ۽ بدن
۾ به تمام ڳرو ھو ھڪل ڪري امان کي چوندو ھو
”وسو
وڃ“،
ته ماني وچ ۾ ڇڏي ڀڄندي ھئي گابن پويان. ٻه ٻه
ننڍڙا ڳابڙا وٺي ڊڪندي ايندي ھئي پرواهه ڪانه
ھوندي. بابا وري ڀَلائيندو به ڏاڍو ھوس.
”واهه
واهه! سائين زالون ھجن ته ھھڙيون!“
مگر ادا احسان اتان ويٺو چوندو ھو ته مٿو ٿو
وڃائينس. اھو اُن جو شان ھو. مکي گل محمد
به پنھنجي شان مان وارو ھو. ماڻھن کان ڪم
وٺڻ به ڄاڻندو ھو. قرب ڏيڻ به ڄاڻيندو ھو ۽ وٺڻ به
ڄاڻيندو ھو. اھڙا ته منھنجي امان جا ڪئي واقعا آھن
جي ان شاءالله وقت به وقت لکندي رھنديس.
ٻيو هڪ تمام اھم واقعو ھو. بابا روزانو شام جو
ڪڏھن حاجي عمر پرتاڻي جي دڪان تي وڃي ويھندو ھو ته
ڪڏھن حاجي محمد صديق جنھن کي بُلو صديقاڻي به
چوندا ھئا. ماڻھن ۾ بابا جي اھا ڳالھه به تمام
خوبين ۾ داخل ھئي ته ڪوري موچي چاھي ڪير به ھجي ڪو
اڙياتو ايندو ته بنا دير جي ان جو ڪم ڪندو يا ڪا
تڪليف ھوندي ته ان جي لاءِ جتي ڪوشش ڪرڻي ھوندي
ھئي اھا شڪايت دور ڪندو ھو . ھڪ ڏينھن حاجي محمد
صديق جي دڪان تي ويٺو ھو ته حاجي صاحبڏنو، اسان جي
شھر جو ھڪ بزرگ شخص ۽ نيڪ نمازي صلوات تسبيح وارو
الله سائين جو نيڪ انسان ھو، اتي آيو. اتي ويھي
بابا سائين کي چيائين ته مکي گل محمد توکي خدا پاڪ
تمام نوازيو آھي. ڪم به چڱا ڪندو آھين ۽ غريب غربي
جو به خيال ڪندو آھين. اھي سڀ خوبيون توکي الله
سائين ڏنيون آھن. ٻيلي ھڪڙي ڳالھه چوانءِ دل ۾ نه
ڪج، بلڪ ٿي سگھي ته ان تي عمل ڪجانءِ .
ھينئر ڪو ماڻھو اچي ته ان سان گڏ ان جي ڪم لاءِ
جيڪر ھليو وڃين مگر ھي جيڪي پنج سڏ الله سائين جا
روزانو ٿين ٿا، انھن تي ڪڏھن غور ڪيو اٿئي؟ ميان
ھڪڙي ڏينھن اتي به حاضر ٿيڻو آھي. بابا جو ڪو ان
ڏينھن نصيب جاڳيو هو . چيائين حاجي صاحب بس
وڌيڪ نه چئو. ان شاءالله مون کي رب پاڪ توفيق
ڏيندو آءٌ انشاء الله نماز پڙھندس. اڳ۾ ته
شايد ڪڏھن پڙھندو ھو يا نه، اھا خبر ڪانھي. اچڻ
شرط مغرب جي نماز جو ٽائيم ھو. امان کي چيائين ته
مون کي پاڻي رکي ڏي ته وھنجان، وھنجي سھنجي تيار
ٿي امان کي چيائين ڪمري ۾ مصلو وڇائي ڏي. نماز
پڙھندس. امان ته بابا سائين جي حڪم جي پابند ھئي ۽
خوش به ڏاڍي ٿي ته ھي ڪرم ڪيئن ٿيو. نماز
مان جڏھن فارغ ٿيو ته امان کانئس پڇيو، تنهن تي
سڄي ڳالھه ڪري ٻڌايائينس. گھر وارا به
حيران ته ھي گل ته ٻئي روپ ۾ اچي ويو آھي.
”وسي
تڏھين وس مند مڙيئي مينھن جي“
آخر ٻئي يا ٽئين ڏينھن جمعي جي نماز لاءِ مسجد ۾
ويو. ماڻھو ته بابا کي ڏسي حيران ٿيا ته گل محمد ۽
مسجد! مگر سائين جو ڪرم ڪنھن نه ڏٺو آھي. ڏاڍيون
مبارڪون ڏنائون. ان بعد بابا سائين ڪوشش ڪري وقت
نه وڃائيندو ھو ۽ پڻ قرآن شريف جو دور به ڪندو ھو.
اوطاق تي دستور موجب ويندو ھو مگر اضافو اھو ٿيو
جو گڏو گڏ قرآن شريف جو دور به ڪندو ھو. اھو به
تفسير سان ۽ جيڪي ڳالھيون کيس تفسير ۾ تمام گھڻيون
وڻنديون ھيون، اھي پنھنجي ڊائري تي نوٽ ڪندو ھو.
اھا ڊائري رحمت منھنجي ڌيءَ وٽ موجود آھي بابا
سائين جي ھٿ اکرن جي. اھو ھن جي زندگيءَ جو تمام
وڏو ۽ نيڪ عمل ھو شال. رب العالمين جي بارگاهه ۾
قبوليت جو شرف حاصل ٿئي ۽ اُتي ھُن کي ڪم اچي ان
شاءالله. ھي انسان جي ٻيڙي ته ھلي ئي سائين مھربان
مالڪ جي ڪرم فرمائيءَ سان پيئي نه ته بندي جي ڇا
مجال آھي.
بابا جو وري ذھن ايترو ته ھو جو ذري ڳالھه به
وساريندو اصل نه ھو. بابا سائين شاهه جو رسالو
تقريبن ڄڻ ته ياد ڪيو ھو. جتان ۽ جنھن به
ھنڌان پڇبو ھو اصل ان کي منڍ کان کڻي ٻڌائي وٺندو
ھو. شاهه سائين جو پانڌي ھو. ھر سال ڀٽ
شاهه ميلي تي بنا ناغي ويندو ھو ۽ فقيرن جي رس
رھاڻ ۾ ڏاڍي چاهه سان شامل ٿيندو ھو. آواز به سٺو
ھئس وري منھنجي امي به شوقين ۽ ڳائڻ جي ڪونج ھئي،
ان کان پنھنجي پسند جا راڳ ڳارائيندو ھو جيڪي بابا
کي زور ڏيندي وڏي شوق سان ٻڌائيندي ھئي.
بابا سائين کي سُر سسئي ڏاڍو پسند ھو. اڪثر اھو ئي
ڳارائيندو هو. ھڪ دفعي جو واقعو ڇا ٿيو
جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جيڪو هاڻي گذاري ويو
آهي ان کي ڪا سٽ شاهه صاحب جي بيت جي اڻ پوري لڳي.
ادا قاضي احمد صاحب کي چيائين ته ھن جي معنى مون
کي ڪير سمجھائيندو ۽ ڪير ھيءَ سٽ پوري ڪري ڏيندو.
ادا چيو ته منھنجو مامو مکي گل محمد اھو ٻڌائي
سگھندو مگر آھي ڏيپلي شھر ۾. چيائين مون کي وٺي
ھل، آءٌ ان شخص جو ديدار ڪرڻ پسند ڪندس. سو
ٻئي آيا بابا سائين وٽ . بابا انھن کي ڏسي خوش به
ٿيو ۽ اھا سٽ به مڪمل ڪري ڏنائين. کين معنى به ملي
ويئي. ٻئي نمبر تي بابا کي راڻو ۽ مومل
پسند ھئا ۽ ساميءَ
جا سلوڪَ به. ان سان گڏ پنھنجي دنيائي ڪمن کي تمام
سٺو منھن ڏيندا ھئا. اھڙي ماڻھوءَ جا دوست به گھڻا
ته دشمن به گھڻا . اڪثر ٻنين مٿان جھيڙا جھڳڙا ته
ھوندائي رھندا ھئا. اڪثر پوليس ۽ صوبيدار سندس مٺ
۾ ھوندا ھئا. ھڪڙي دفعي ڇا ٿيو جو صوبيدار
کي ڪنھن ٻڌايو ته مُکي
جي گھر ۾ اَمَل آھي (اَمَل=
آفيم
تي ان وقت شايد پابندي لاڳو ٿي ھئي.) انھن ڇا ڪيو
جو اَمَل جي ھڪ دٻلي اسان جي گھر ۾ اڇلائي ويا. ان
وقت جو صوبيدار شايد ڪنھن ڳالھه تان البت ناراض ھو
ان کي به وجھه ملي ويو، تنھن چيو مُکي جي گھر جي
تلاشي وٺنداسين. بابا جا جاسوس ان وقت به زور ھئا.
اھا خبر بابا سائين کي پئجي ويئي. امان کي چيائين
ته وسي چالاڪي ڪري سڄي گھر ۾ ڦيرو پائي ڪٿان به
ڪاشيءِ ھٿ اچي ته اھا کڻي ھيءَ واڙ ٽپي ڀڄي وڃج
مگر دير اصل نه ڪج. ھو اچڻ وارا آھن. امان
به سائين ڪا گھٽ نه ھئي، سڄو گھر چڪاسي ناناڻن جي
گھر ۾ منھنجي نانيءَ واري ڪمري ۾ اھا دٻلي ملي
ويس. اھا کڻي واءُ ٿي ويئي. ايتري ۾ ھو به اچي در
تي پھتا. اھو ماڻھو به ساڻن گڏ ھو جنھن اھو ڪم ڪيو
ھو . بابا وڏي ھمت سان صوبيدار کي چيو
”تون
آھين منھنجي تلاشي وٺڻ وارو، اچ اچي ڏس ۽ آءٌ به
توکي ڏسي رھندس.“
اسان جو گھر ۽ ناناڻن جو گھر ڄڻ ته ھڪ ھو جو ڪا به
ديوار وچ ۾ ڪانه ھئي. ھو سڌا ناناڻن جي گھر جو رخ
پيا ڪن ته بابا ھڪل ڪري چيو ته ھي منھنجي چاچي جو
گھر آھي. منھنجو ھي گھر آھي. اھا غير قانوني ڳالھه
آھي جو بنا سبب جي ڪنھن جي گھر تي چڙھائي ڪريو
ٿا. پوءِ ھو ھلڪو ڦيرو ڏيئي ھليا ويا. ملين ته
ڪجھه به ڪونه. رستي ۾ چيائون سائين مڙس سان اٽڪاءُ
ٿيو آھي. مگر بابا سائين ڪٿي ٿو انھن کي ڇڏي، سڌو
ٻئي ڏينھن ميرپور خاص وڃي صوبيدار تي ڪيس ڪري آيو.
ڪيس ته ڏاڍو مضبوط ھو. بدلي ته اهو صوبيدار بر وقت
ٿيو، نوڪريءَ وڃڻ جا اچي لالا پيا. اچي بابا سائين
جي پيرن پيو. معافي ورتائين مگر ھو ڪٿي ٿو ڇڏي.
انگريزن جي حڪومت ۾ انصاف ته ھو نيٺ نوڪري بھ ويس.
وڃي گھر ويٺو.اھو ھو مکي گل محمد! امان کي
شاباس ڏنائين ته جيڪڏھن تون ھيءَ ھوشياري نه ڪرين
ھا ته منھنجي عزت ھلي وڃي ھا. اسان جي قاضين واري
سڄي پاڙي ۾ به ٻئي ڄڻا بوا وٽ ويندا ھئا ته سڄو
پاڙو اچي ڪٺو ٿيندو ھو ته ادا گل ۽ ادي وسندي آيا
آھن. اتي رتي ريھاڻ کل ڀوڳ ۾ ته امان سان ڪو
پھچي! بس ڇا چوان ته بابا ۽ امان قدرت جون ڏنل اھي
نعمتون ھيون جن جي جيترو قدر ڪجي ھا اوترو ٿورو ھو
مگر ڇاڪريون وقت ھٿ مان ھليو ويو رڳي دادلپائي ۾،
ھاڻي ڇا ٿيندو .آءٌ کين دعائون ڏئي سگھان
ٿي ته انھن جي رب پاڪ مغفرت ڪري ۽ محشر جي داروگير
کان امن ڏئي. نبي ڪريم
ﷺ
جي شفاعت جا حقدار ٿين ان شاءالله آمين. اڃا وري
ھڪ ٻيو واقعو. ٻنين جا قصا دوستي دشمني ھڪڙي اسان
جي ٻني نالو ياد نه آھي تمام ڀلي ھئي خرارن جي
منھن اَنُ ڏيندي ھئي. اُن جي اڳيان مھاڳو تنھن کي
اسين سيڙھو چوندا ھئاسون، اتي ٻين جي ٻني به ھئي
ذات جا هالا ھئا. ھو چون ته اھو سيڙھو اسان جو
آھي. پوکايو اسان جي بابا ھو ڇاڪاڻ ته مھاڳو اسان
جو ھو. ھُنن ڇا ڪيو جو ڳجھي رٿ ڪيائون ته
مُکيءَ وارا اَنُ کڻڻ ايندا تنھن کان اڳ ۾ اسين
کڻي ھليا وينداسون. مُکي ڇا ڪندو! اھي به زور
وارا ھئا يعني جنگ جا به مانجھي ھئا. اسان جي بابا
جي جاسوسي به گھٽ نه ھئي خبر ملي ويس. بابا
جا ته اھي چار ساٿي ساڻ ئي ھئا ته ھاري به ھڪل ۾
ٻڌل ھئا. ھو به سنڀري آيا ھئا. ھڪ ٻه ماڻھو ساڻ
ڪري لٺيون ڪھاڙيون کڻي آيا ھئا، اچي ٻني تي پھتا.
بابا سائين به اچي پھتو. ھڪل ڪري چيائين ته جيڪڏھن
مڙس آھيو ته اچو سامھون. باقي ٻنيءَ کي ھٿ لاتو
اٿو ته منھنجو نالو به مُکي گل محمد آھي. رنن سڌو
رلائي ڇڏيندوسانءِ. ھُنن به ٿوري ھٿ بازي
ڪئي. آخر اچي پيش پيا. سائين بخش ڪر، اسان کان
غلطي ٿي آھي ۽ ڀڄڻ واري ڪيائون. بابا سائين به
پنھنجي ماڻھن کي حڪم ڪيو ته اَنُ کڻي اچو. بس حڪم
جي دير ھئي سنگن جا ڍير ٿي ويا. چار مضبوط ماڻھو
ويھاري ڇڏيائين ته جيستائين ان ڪٽجي تيار ٿئي ھتان
ھلڻو نه آھي . ھنن تي ڪيس ڪرائي ٽي چار
ماڻھو جيل ۾ وجھرائي معافيون وٺرائي پوءِ مس انھن
جي جان ڇڏيائون. وري انھن ڪڏھن ان ڏِس جو نالو نه
ورتو.
مٿي ڏيکاريل ٻنين وارو قصو وري شروع ٿي ڪريان جو
ان ۾ ھڪ مقصد جي ڳالھه آھي. ڏاڏا جي وفات کان پوءِ
ڪافي وقت ته ماٺ ۾ پيئي سڀ گھروارا ھليا. ٻنيون به
اسان جي قبضي ۾ ھيون مگر جيڪي ٻه ٻنيون بوا ڀاڳل
جي نالي ھيون، انھن جا کاتا به ڏاڏا انھن کي لکي
ڏنا ھئا. ماما به ڏاڏا کان ڊنل ھئا. ٻيو
ڀيڻ جي ڪري به مڙندا ھئا. مقصد ڇا ٿيو جو
بابا جو ڪنھن ڳالھه تي ماما محمد عثمان ڏيپلائي
سان تنازعو ٿي پيو. تنھن منھنجي مامي کي ڀڙڪايو ته
گل پيو اوھان جي ٻنين جو اَنُ کائي، پاڻ ڇو نٿا
کائو؟ انھن چيو ته ادا گل ڏاڍوماڻھو آھي، اسان کي
اچڻ ئي ڪو نه ڏيندو. امان به ڀائرن کي منع ڪئي ته
گل جي منھن ۾ نه پئو.
آخر ماما ڏيپلائي جي زور ڀرڻ تي بوا ڀاڳل به
پنھنجيءَ تي اچي ويئي ته منھنجي پيءُ ڏني آھي،
ادا گل ڇا ڪندو! ھُنن پنھنجا ھاري رکي ٻني کيڙي ،
۽ بابا وارن جو اکيون کُليون. انھن کين چيو ته
ڏکيو ڪم ڪيو اٿو مگر هو نه مڙيا. روسامون ٿيو.
امان کي رُسائي ويھاريو. تڏھن به ڪجھه نه ٿيو.
بابا نيٺ وڃي اپيل ڪئي. پوءِ ته ڳالھه اچي
ڳچيءَ ۾ پيئي ۽ ماما ڏيپلائيءَ کي وجھه مليو.
ويٺو به ميرپورخاص ۾ ئي ھوندو ھو . کاتي
جا ڪاغذ بوا ڀاڳل وٽان کڻي اچي پيو.
ھل سائين ڳالھه ويئي ھٿ مان نڪري. پوليس ۽ ڪورٽ ۾
خير ڪو ڪم پوي. بابا سڄي عمر ٻيا ڪيس کٽيا ھئا،
تنھن ڀانيو ته ڪجھه ناھي مگر حق حق رھيو.
انھن جو اڳوڻو جاني ناني وارو حق رھيو پيو ھو اچي
ان جي اپٽاڙ ٿي.
اچي پييون شنواين مٿي شنوايون! مٿان ٽي سال يڪا
ڏڪار! سڀ ڳالھه اچي ڳُڙهه ٿي. ماما ڏيپلائي کي به
اچي بابا کي تنگ ڪرڻ جو موقعو مليو. سو اخبارن ۾
ليک، طرح طرح جي پروپگنڊا اصل ويھڻ ويھهُ ڪري
ڏنائين. مٿان وري ادا احسان جي چوڻ تي بابا جي
امان تي سختي ته وسو جا ڀائر پيا ھيئن ڪن.
اتي ماما عمر کي ميرپورخاص ۾ عطا محمد پليءَ وٽ
نوڪري ملي. ماما احمد جو سلائي وارو دڪان
به زورن تي ھو. ٻئي چڱو وڌي ويا ۽ اسان جو گھر
اچي پٽ لڳو. ٻنين مان ڪجھه نه مليو. امان وارن جا
زيور به ويا ڳھه ۾ تڏھن چاچي مولويءَ چيو ته ھن
مائي وسنديءَ کي چئي صلح ڪريو ته جان ڇٽي نه ته ھي
قصو توھان کي اَلائي ڪٿي وڃي ڇڏيندو. اتي
بابا به ٿورو ھٽيو . ٻنھي اڱڻن وچ ۾ ڀت ھئي،
منھنجا ماما ڀيڻ جو منھن به ڏسڻ لاءِ پئي سڪيا.
ميوو آڻيندا ھئا ته اسان کي سڏ ڪندا ھئا مگر اسين
ڪونه وڃي سگھندا ھئاسون. نيٺ ھڪ ڏينھن ناني
ڪريمان ۽ ماسي آسودي (ھن محمد ميان جي ماءُ امان
جي مامي ھئي. منھنجي مامن سان ڏاڍو ٺھندي ھئي) اتي
ميوي جو ٽوڪرو کڻي ويا چيائون مامي ڪو حيلو ڪري
اسان جي ڀيڻ ۽ ڇوڪريون اسان کي گھرائي ڏي. اسان کي
ھي ميوو اٽڪي ٿو. ناني ڪو نه ڪو بھانو ڪري امان کي
گھرايو. اھو مون کي به ياد آھي آءٌ ته ھر وقت امان
سان ھوندي ھيس، ڀاءُ عمر ۽ احمد روئي ڪري اچي امان
جي پيرن ۾ ڪريا چيائون ته ڇوري اسان جو سک تو
ڦٽائي ڇڏيو آھي. امان چيو ادا اوھان منھنجي مڙس
کي اُڀو ٽنگائي ڇڏيو آھي. آءٌ وري اوھان جو ميوو
کانيان! آءٌ ائين نه ڪنديس .مارئي جو ھي
بيت ڏنائين:
عمر آءٌ ڪيئين سوڙين سمھان مون ور گھاري ولھه،
کٿيريءَ تان کل عمر ڪجِ نه اھڙي.
***
عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻيھاريون ڪيئن ڪن،
جن جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سھن،
ھو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا.
ادا ائين گل مٿان جڏھن مصيبت لھندي، تڏھن اِھي
ميوا کائينديس- پوءِ ڇنڊي وجھجان مئي تان
پوتي ته ملير وڃان موٽي.
ميخون محبت جون هينئڙي منجهه هزار
ھاڻي
اچون ٿا ڀيڻ جي پيار تي جنھن جو نالو
’سکٻائي‘
ھو مگر بابا کيس سکياڻي چوندو ھو . ماءُ وفات ڪري
ويئي ھئي ڀيڻ ننڍڙي ھئي. ان کي گھڻي لاڏ ۽ پيار
سان پاليو ھئائين. ھوءَ ڀيڻ جا لاڏلي ھئي اھاَ ته
حڪم ڪندي ھئي بس بابا جان ڏيڻ کي به ھلڪو سمجھندو
ھو. ڏاڏا به پنھنجي ڌيءُ کي تمام گهڻو پيار ڪندو
ھو. ليک آھن ته الله سائين جا ٺاھيل مگر ھٿان ته
انسانن جي ڪم ٺھي ٿو . پنھنجي پيءُ جي ھدايت موجب
ڏاڏي عمر جو سڀني ۾ ننڍو، سٻاجھو ۽ نيڪ مطلب ته ھر
خوبي وارو فرزند جنھن جو نالو مولوي محمد ھو، ان
سان پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڪيو . چاچي کي
سرڪاري نوڪري به ھئي بھرحال ھڪ تمام اعلى درجي جو
انسان ھو. تھڙي وري اسان جي بوا صاحبه
ھئي. سمجھدار عاقل داناءُ شڪل ۾ تمام پياري گھڻين
خوبين واري. برابر سٺي خاندان جون سڀ خوبيون حاصل
ڪيون ھئائين. گھڻي لاڏ جو ڪو ناجائز فائدو ڪو نه
ورتو ھئائين.
ڀيڻ جي شادي ٿي. ڀاءُ ته ھر وقت ڀيڻ جي حڪم جو
بندو ھو. اولاد جو سلسلو ھليو ته مزو نه ٿيو، ٻار
ڪافي ڄايا مگر ننڍڙي عمر ۾ وفات ڪري ويندا ھئا تان
جو سڪي سڪي ادي ڀاڻٻائي ڄائي. اھا مس بچي پر بوا
انھن ٻار جي غم ۾ بيمار ٿي پيئي. تنھن لاءِ دوا،
ڦڪي، حڪيم ، طبيب پڇڻ يا ڪو ڏاھو ڀورو پڇڻ به گل
محمد جو ڪم ھو. چاچي جي پنھنجي نوڪري ۽ نماز. اھا
درويشاڻي طبيعت! آخر ادا قاضي احمد ڄائو اھو به
ڏاڍو بيمار رھندو ھو. ان لاءِ به پير فقير پڇڻ
اسان جي بابا جي ذمي ھئا. ادا قاضي احمد کي بوا
الھڏنو چوندي ھئي. چئن، پنجن سالن تائين
ھلي به نه سگھندو ھو. بوا کي ڏس مليو ته
بودلي پير تي وٺي وڃو ته ٺيڪ ٿي ويندو. چاچو صاحب
انھن ڳالھين کان پري ڀڄندو ھو. بابا کي چيائين ته
ادا گل محمد ھي ڏس مليو آھي. بابا چيو حڪم تنھنجو،
تون ٽپڙ ٺاهه، آءٌ اُٺ تيار ڪرائي اجھو ٿو حاضر
ٿيان. بس سائين پنجن منٽن ۾ اُٺ ڌنار سوڌو تيار ۽
پاڻ کيس گڏ وٺي ويو. اتي ته قدرت رب پاڪ جي پھچڻ
جي دير ھئي دعا گھري زيارت ڪري جتي رھيا ھئا اتي
پھتا ته ادا اُٺ جو پاکڙو جَھلي ھلڻ لڳو.
شڪرانا مبارڪون. ڏاڍو خوش ٿيو اتي وڃي چاچي
صاحب جو پِيرن فقيرن جي دعائن تي ويساهه ٿيو. وري
سائين اسان جي امان جي حاضري ! جيڪا بابا سائين
پھرين رات ڪئي ھئي ته سکياڻي ۽ احسان جي شڪايت اصل
نه ڪجانءِ. انھن جو حڪم به سر اکين تي رکجان. بوا
کي ڪو سور الاجي ڪھڙي قسم جو ٿيندو ھو جو ھڪڙي قسم
جو ڳوڙھو ھنئين تي چڙھندو ھو ۽ منھنجي امي، جا ھر
فن مولا ھئي، ان کي اھا اٽڪل اچي ويئي ھئي، ھڪدم
لاھي وٺندي ھئي. بوا ته اصل ان ۾ مري ٺري ويندي
ھئي. اھو مون کي چڱي طرح ياد آھي ته ڪڏھن به
ڪيڏي به مھل چاھي آڌي رات ھجي ان جو ڪو به ٽائيم
نه ھو. جڏھن اھو سور ٿئي چاچو صاحب دروازي تان
آواز ڏيندو ھو ته مُکي صاحب تنھنجي ڀيڻ کي سور
اُٿيو آھي. بس ويندي اٿي چاھي جنڊ پيھندي ھجي يا
ماني پچائيندي ھجي مقصد ته ڪھڙي به مصروفيت ھجي
بابا جي حڪم جي دير، ڀڄندي ويندي ھئي. پٺيان بابا
سائين ھونءَ ئي تيار. ان پيار ۾ ان محبت ۾ ڪڏھن
ڪمي نه آئي. البت ايترو ھو جو منھنجي بوا منھنجي
امان جو قدر ڪندي ھئي. ادا احسان ڪا ڏاڍائي ڪندو
ھو ته ان کي سچ چوندي ھئي. پنھنجي ڳالهه مڃرائي
امان جو داد ڪرائيندي ھئي. پوءِ ته بابا به اچي
عمر جي آخري حد تي پھتو ۽ بوا کي به ادا قاضي پاڻ
سان گڏ حيدر آباد وٺي ويو. بابا کي سندس وڇوڙو
ڏاڍو ڏکيو به لڳو، ڏاڍو سڪندو ھو. امان کان ڪڏھن
شاهه سائين جا بيت به ڳارائيندو ھو. اھي به مون کي
ياد آھن:
”وارث
درڙو کڻندو-
جڏڙو جيءَ جياريندو-
منھنجو ساٿ سلامت آڻيندو“
ڪڏھن اھو خط ۾ لکندو ھو. اھو خط مون کان لکرائيندو
ھو. جو سندس نظر ڪمزور ٿي ويئي ھئي ۽ ھٿ به ڏڪندا
ھئس.
سنھي سئي سبيو مون مارن سان ساهه،
ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاهه،
ھنئيون منھنجو ھُت ٿيو ھِت مٽي ۽ ماه،
پکن منجهه پساهه قالب آ ڪوٽ ۾.
بوا وارا 1945ع
۾ حيدر آباد ويا. بابا سائين 1949ع
۾ وفات ڪئي. ان دوران بواوارا ايندا ويندا به ھئا
. آخر جڏھن بيماري گھڻي وڌي ويئي، تڏھن نياپا
موڪلڻ لڳو ته مون کي منھنجي سکياڻي منھن ڏيکاري.
ھوءَ به ويچاري پرائي وس ھئي جڏھن سَٺو به ٺھي.
امان به دلاسا ڏيندي ھئي ته توھان فڪر نه ڪريو
انشاالله جلد اچي توھان سان ملندي. مون کي ياد آھي
اسان جو قاضي صاحب ڪراچي دڪان جو مال وٺڻ لاءِ ويو
ٿي. ان کي بابا چيو ته منھنجي سکياڻيءَ کي چئو ته
ھاڻي تنھنجو ڀاءُ وڃڻ وارو آھي اچي منھن ڏيکار ۽
ھي بيت شاهه سائين جو ڏنائين ته موت کي منٿ ٿو
ڪريان ته منھنجي محبن جي ملڻ کان اڳ ۾ نه اچج.
مھند محبن جي ملڻ کان موت مارين مون متان،
دوست ديکي دم ڏيان ڌار ڌمڪارين مون متان.
ٿيو به ائين جو بوا وارا حج جي نَوَ تاريخ جي رات
پھتا ۽ ڏهه تاريخ عيد الاضحٰيٰ جي صبح جو فجر مھل
بابا سائين موڪلايو. صرف ملڻ جي ڳالھه ھئي، اھا
عمل ۾ آئي. اھا وڏي ڪھاڻي آھي. جيئن انھن
جي اچڻ جو وقت ويجھو آيو پئي، امان کي چيائين وسو
ماني سٺي تيار ڪر. منھنجي سُکَ ٿي اچي.
جڏھن پھچي ته مون کي آھستي آھستي ٻڌائج متان
منھنجي دل بيھي رھي. متان آءٌ سکياڻي کي ڏسي نه
سگھان . امان چيو ميان دل وڏي ڪريو، ان شاءالله
اوھان ملي خوش ٿيندا، رس رھاڻ به ڪندا، دلگير نه
ٿيو . تانجو مغرب جي مھل بوا ۽ چاچو مولوي صاحب
اچي پھتا. امان ته بر وقت ملڻ ويئي . بوا
کي اھو ئي سور ٿي پيو. ان جي اٽڪل امان کي اڳي
ئي ھئي اھو ڪم ڪري اچي بابا کي ٻڌايائين ته
توھانکي مبارڪ ھجي توھان جي سُکَ آئي آھي ۽ خوش
آھي ان شاءالله جلدي ساھي پٽي اچي ٿي. تڏھن چيائين:
ڪانگل قريبن اچي واڌايون واهه،
من مرادون پنيون ٿيون سرھايون ساهه،
آندا پرين الله، سڏ منھنجا ثاب پيا.
ائين پيو ڀيڻ لاءِ واجھائيندو ھو . بوا آئي ڏاڍي
پيار مان . ڀاءُ ڀيڻ مليا، اھا ڪيفيت مون کي اڄ به
ياد آھي. ڪا بابا سائين کي سرھائي ٿي. ھت
لکندي مون کي اڄ به اکين مان پاڻي پيو اچي، ته
ھھڙا سچا قرب ڪٿان آيا. امان سيرو ۽ پلاءُ ٺاھيو
ھو ڏاڍي شوق مان، بابا وٽ ويھي بوا ۽ چاچي مولوي
صاحب کاڌو. کائي ڏاڍا خوش ٿيا پوءِ چيائين ادي آءٌ
ڏاڍيون ڳالھيون تو لاءِ رکي ويٺو آھيان. تون واندي
ٿي ويهه آءٌ اندر جو حال اوريان. پر بس اڃا مس
ويٺا ته مٿان ادا پرتو موساڻي (منھنجي امان سڦيان
جو ڀائٽيو) اچي ويو . بابا سائين کي ان جو اچڻ
ڪونه وڻيو مگر ويٺل ماڻھوءَ کي چئي به نه سگھيو .
عشاءَ بعد نماز پڙھي قاضي صاحب به آيو . ان کي ڏسي
ته بابا ڏاڍو خوش ٿيندو ھو. چوندو ھو الاھي ميوو
اچي ويو. اھو نالو ھو قاضي صاحب جو. مگر افسوس جو
ادا پرتي جي ڪري بوا سان بابا ڪا ڳالھه دل جي نه
ڪري سگھيو. بوا وارا ھليا ويا .صبح سوير امان کي
موڪليائين ته جلدي سُکان کي وٺي اچ، متان ماڻھو ڪو
اچي وڃي ۽ وري آءٌ نه ڳالھائي سگھان. امان حڪم جي
بندي ھئي مگر بوا جو گھڻن ڏينھن جي بعد آئي ھئي،
ان وقت ماڻھن وٽ کيڪار جو رواج به زور ھو، بوا به
وڏي رهائي واري مائي ھئي ، سو ماڻھن جا ميڙا! آخر
ويچاري سڀني کان معافي وٺي آئي ته بابا وٽ به ٻه
ٽي ماڻھو ويٺا ھئا مطلب ته ڳالھه نه ٿي سگھي.
بيمار ماڻھو ٿڪجي پيو چيائين:
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،
پَرَسين مون نه ڪيون،
گوشي گڏئا نه سپرين.
وقت ويو تيزيءَ سان گذري اھا خبر به ڪونه ھئي ته
ھي ملاقات ڪا تمام ٿوري وقت لاءِ ھئي . رات
ٿي آءٌ ان رات ڪونه ويس جو عيد جي رات مون کي
ماڻھن کي ڪپڙا ڏيڻا ھئا. سلايون ڪندي ھيس
پنھنجي ٻارن جا ڪپڙا، گينان، جانو جا. مڙيئي اھو
ڪم ٿي پيو جو وڃي نه سگھيس. بوا وارا ويٺا ھئا عام
ڪچھري ٿي. قاضي صاحب به ساڻن گڏ ويٺو ھو .
ٻين بجي قاضي صاحب آيو، مون پڇيو توھان اڄ ڏاڍي
دير ڪئي؟ چيائين اڄ سيٺ وڏو ڏاڍي موڊ ۾ ھو ۽
ڳالھيون جام ڪيائين. اسان کي به مزو آيو ويھي
رھياسون. اٿڻ مھل مامي صاحبه کي چيائين
”الاھي
ميوي“
مون کي سلام ڪونه ڪيو آھي. سڏ ڪرينس ته آءٌ ان کي
جواب ڏيان . امان قاضي صاحب کي سڏ ڪيو. پاڻ موٽي
آيا دروازي تان چيائون سائين مون توھانکي سلام
ڪيو. بابا سائين چيو ته مون سولو ڪونه ٻڌو. ھاڻي
توھان مون کي السلام عليڪم چئو ته آءٌ وعليڪم
السلام چوان. ائين ٿيو پوءِ چيائين سدائين
خوش ۽ آباد ھجين . اھا خبر ڪا نه ھئي ته ڪا اھا
سندس آخري ملاقات ھئي. منھنجي بوا جا ٻه پٽ ھئا.
ھڪ ادا قاضي احمد صاحب ٻيو ادا قاضي عبدالرحمٰن
صاحب. سڀني کان وڏي ادي ڀاڻٻائي، ادي تاج ٻائي
جنھن کي تاجان چوندا ھئا جيڪا امينه جي ماءُ ھئي.
ادا قاضي محمد عثمان سان شادي ٿي ھيس. ادا قاضي
صاحب جي بدي جي ڀيڻ ھئي. بدي ۾ ادا قاضيءَ جي
اڳوڻي زال مائي سڦيان ھئي جيڪا تمام سٻاجھي ۽ نوڙت
واري ھئي مگر ادا قاضي جي ان سان البت گھٽ پيئي.
ھر ڪنھن جي قسمت پنھنجي آھي. کيس ھڪڙو ٻار ھو سو
ٽن ڏينھن جو ڇڏي وفات ڪري ويئي. سال کان پوءِ ادا
قاضي ٻي شادي ڪئي. اھا صديقاڻين ڏاڍي شوق مان سڏ
ڪري ڏنائونس . اھو سڱ امان ڪرايو ھو . بوا
توڙي چاچي مولوي صاحب ڏاڍا حيلا ڪيا پر امان ته
ادا قاضيءَ کي راضي ڪري ورتو، ماسي حليمان امان جي
سھيلي ھئي سو ان به امان کي زور وٺايو ۽ ليک به
الله سائين جا ٺاھيل آھن، سو سڱ ٿي ويو.
مون کي نينهن نهوڙيو
مُکي محمد احسان سان بابا جي محبت جنھن جو ذڪر اڳي
ڪيل آھي. امان کي پارت ڪئي ھئائين ته احسان جي به
ڪا ڏکي سکي مون سان نه ڪجانءِ ۽ منھنجي وفادار
ماءُ به وري ڪڏھن بابا سائين سان شڪايت نه ڪئي.
پاڻ ڪڏھن سمجھندو به ھو مگر احسان لاءِ به ڀيڻ
وانگر بي پناهه پيار ھئس. ھونءَ ته ھر مائٽ کي
پنھنجي اولاد لاءِ محبت ھوندي آھي اھو ھڪڙو قدرت
جو شان آھي جنھن مائٽن جي دلين ۾ پنھنجي اولاد
لاءِ اھو محبت ۽ پيار رکيوآھي جيئن احمد ملاح صاحب
چئي ٿو ته:
سج نه ڪري ٿو پاڻ سھائي،
ماءُ پيءُ پاڻئان مھر نه لائي،
مولا ھڪ جي مھر اھائي،
ٻانھان تون ڇڏپوءِ ٻيائي،
من ۾ مومن وحدت واڳ،
دنيا درگذر جو ماڳ.
مگر ڪي ڪي محبتون ۽ پيار مثالي ھوندا آھن. انھن
مثالي پيارن مان ھڪ پيار ھو، بابا سائين جو ادا
احسان سان. بابا پاڻ سان گڏ پنھنجي پياري فرزند جي
شادي نانا موليڏني جي ڌيءَ راڄٻائي سان ڪرائي .
امان ۽ بابا ڳالھه ڪندا ھئا ته ھوءَ سٺي، سلڇڻي ۽
با وفا نياڻي ھئي ۽ تمام وفادار ھوندي ھئي . بابا
سڏ ڪندو ھو امان راڄ ته سڏ ۾ چوندي ھئي
”جي
ماما“-
”جي“
ڪڏھن اڪيلو نه چيائين، مگر ڇا ڪجي نصيب جي ڳالھه
آھي جو سندس وَرَ تي سندس چانس نه پيئي .
نوين مھيني ۾ ڀيڻ سماني ڄائي ۽ امان کي حورٻائي
ڄائي جنھن تي بابا سائين پنھنجي ماءُ جو نالو ڏاڍي
پيار مان رکيو ۽ سماني کي دعائون ڏنائين ته ھيءَ
منھنجي سماني ٿيندي. ادا محمد احسان جيڪو بابا جو
لاڏلو پٽ ھو تنھن ان پيار جو ناجائز فائدو ورتو،
ڪنھن جي به نه ٻڌندو ھو، ايتريقدر جو خود بابا جي
ڳالھه به نه ٻڌڻي! جيڪي کيس پاڻ کي وڻي! وري ويتر
خرچ پکو، ٻنيءَ ٻاري جي جيڪا اپت يا بابا جيڪي
عريضيون لکندو ھو، انھن جا پئسا به ادا کي ڏيندو
ھو. تيئن وڌيڪ مالڪ بڻبو ويو، تڪڙ ڪري گھري
ڪير؟ ڪنھن کي به مجال نه ھئي. سڀني گھر وارن کي به
ڏاڍو رڙائي شيءِ ڏيڻ. امان سڦيان ته بجاءِ
خود پر بابا کي به ائين چوندو ھو ته ابا تو ڏاڍو
تنگ ڪيو آھي. آخر حور ۽ سماني ڏهه سالن جون ٿيون.
منھنجي ڀاڀي جيڪا سماني جي ماءُ ھئي، ان کي اٺين
مھيني جو مئل پٽ پيدا ٿيو پاڻ به گڏ فوت ٿي ويئي-
انالله وانا اِليـﮧ
الراجعون. ڇوڪري ويچاري اما اما ڪندي رھجي ويئي،
ماءُ جي دل به ڏاڍي مٿس ھئي. پوءِ ناني ۽ ڏاڏي،
امان سڦيان ۽ منھنجي امان انھن ادي سماني کي
پاليو. آءٌ به ان وچ ڄمي ويس.
بابا سائين جو پٽ جو اڪيلو ٿي پيو ته بابا پنھنجي
کٽ به پٽ جي ڀر ۾ رکي. ڪجھه وقت کانپوءِ
سندس شاديءَ لاءِ ڪوشش شروع ڪيائين مگر ڪٿان به
ڪاميابي نظر نه پيئي اچي، ھر ڪو چوي اداگل ! تون
اسان جي اکين تي مگر تنھنجو پٽ ڏنگو آھي اسين
ڊڄون ٿا. ڏاڍو ڏک ٿيندو ھيس. ڪڏھن ڪڏھن مايوسي به
ٿيندي ھيس مگر دل نه لاٿائين، شاهه صاحب کي ياد
ڪري چوندو ھو.
”تتيءَ
ٿڌيءَ ڪاهه ڪانھي ويل ويھڻ جي“.
وري ڪڏهن چوندو هو
”آسر
مَ لاهيج سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.“ |