سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:18 

اڄ تاريخ 28 ڊسمبر 1983 آهي. منهنجي عمر جو ڇاهترون سال هلندڙ آهي. 4 اپريل 1984 تي 76 سال پورا ٿيندا ۽ پوءِ 77 سال ۾ پير پوندا، ان شاء الله. اڄ صبح جو نماز کان فارغ ٿي، قرآن شريف پڙهيم ۽ اهو شڪر مالڪ مھربان جو آهي جو چڱي خاصي عرصي کان روزانه صبح جي نماز بعد سورت الرحمٰن سڳوري ۽ سورت تبارک الذي بيده الملک پڙهندو آهيان ۽ ڪجھه وقت کان مٿين سورت ۽ ياسين سڳوري به ترجمي سان پڙهندو آهيان ۽ چڱي عرصي کان اڳين نماز کان پوءِ هڪ ايمي يعني سيپاري جو 4/1 حصي ترجمي سان پڙهندو آهيان. الحمدلله 2-3 دور پورا ٿي چڪا آهن. شڪر آهي مالڪ جو، شل اهو قبول فرمائيندو ۽ توفيق ڏيندو ته اهو سلسلو جاري رکي سگھان.

 اڄ صبح جو دستوري تلاوت کان پوءِ اوچتو دل ۾ خوف پئدا ٿيڻ لڳو ته جھان ته آخر فاني آهي ۽ هر ڪنهن کي هلڻو آهي. سو آءٌ به ضرور خداپاڪ جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهيان. پر افسوس مون کان ته پنهنجي آخرت جي مغفرت لاءِ ڪو به ثمر گڏ ٿي نه سگھيو آهي ۽ جڏهن قيامت جي ڏينهن عملن جي پڇا ٿيندي ته ڪھڙو حال ٿيندو. انهيءَ ويچار ڏاڍو متاثر ڪيو. برابر 76 سال گذرڻ وارا آهن. اهو عرصو ٿورو نه هو ڪجھه ڪجي ها ته گھڻو ڪجھه ڪري سگھجي ها. پر ٻيلي اڃا به موقعو آهي جيستائين ڌڻي پاڪ مھلت زندگي جي پنهنجي فضل سان ڏيئي رهيو آهي ته هاڻي موقعو وڃائڻ نه گھرجي ۽ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ گھرجي. جي من خدا پاڪ پنهنجو فضل ڪري، ان جي فضل ۾ آسرو ته وڏو آهي پر به حيثيت هڪ ٻانهي جي ڪجھه ته ڪرڻ به کپي. پوءِ الله سائين ته هونءَ به رئوف الرحيم آهي ۽ غفور الرحيم به آهي، ڪرم ان جي کان سواءِ يقيناً ڪو به چاور ڪونه آهي ۽ ضعيف حال آهي. حتي المقدور ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪوشش ۾ رهڻ ته ٻانهي تي به لازم آهي. پوءِ اگھائڻ ڪم الله جو آهي. ارحم الراحمين جو، شل اهو ٻاجھه ڪندو  ۽ توفيق عطا ڪندو جو ان جي توفيق بنان ڪجھه به ٿي نه سگھندو.

مون پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۽ حالات جو احوال هن ئي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ۽ ان ۾ ڪن خاص خاص موقعن جي ۽ ڪن حقيقتن جي نشاندهي ڪئي اٿم. جنهن جي پڙهڻ سان خدا پاڪ جل شانه جون بيشمار نعمتون ۽ امدادون ۽ احسان ظاهر ظھور ڏسڻ ۾ ايندا نه ته ٻيءَ حالت ۾ آءٌ ته هڪ ناقص بي علم، بي عمل ۽ ڪنهن به اهليت جو لائق نه اڳي هوس ۽ نه هينئر به آهيان. مگر خداوند ڪريم جل شانه جي سھاري سان ڏاڍين ڏکين حالتن مان ان جي سھاري هيٺ عزت ۽ ڪاميابيءَ سان پار پئجي ويو آهيان. الحمدلله على ذالک      

 هينئر منهنجي دل ۾ رکي رکي هي سوال پئدا ٿي رهيو آهي ته هيڏي وڏي عمر جنهن خيرخوبيءَ ۽ عزت سان گذري آهي ۽ باقي ڪو معمولي عرصو زندگيءَ جو رهيو آهي اهو به غفلت ۾ گذري وڃي يا هن ٿوري عرصي ۾ به ڪجھه ڪجي جو من آخرت ۾ اهو ڪمائتو ٿئي. پر افسوس هاڻي بدن ۾ طاقت به ڪانه رهي آهي. اڳئين جھڙي تندرستي به نٿي رهي ۽ مالي حالت اڃا به ڪنهن مناسب حد تائين مضبوط نه آهي. هاڻي ڇا ڪجي ۽ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو سوال دل مان ذري ذري پيو اٿي. وقت پنهنجيون منزلون تيزيءَ سان پوريون ڪندو پيو وڃي روزانه عمر مان هڪ ڏينھن پيو ڪاٽجي الاجي اڃا ڪيستائين مھلت آهي. هاڻي ڇا ڪريان سو جواب اُڪلي نٿو بس هاڻي صرف اهو رهيو آهي ته هر وقت خداپاڪ جو خوف دل تي رکجي ۽ جيڪا نعمت ملي آهي. ان جو هر وقت شڪرانو ادا ڪندو رهجي. ان پاڪ هستي جي وحدانيت ۽ ان سان ڪنهن جو شريڪ نه هجڻ اهو عقيدو ۽ ويساهه دل جي يقين سان قائم رکي. نماز لاءِ پورو پورو شوق رکي، پوري ٽائيم تي پڙهڻ کپي ۽ خدا جي ڏنل نعمتن مان زڪوات ڪڍڻ راه خدا ۾ خرچ ڪرڻ ضروري آهي ۽ ايمان قائم رکجي. حضور تي هر وقت صلوات سڳوري پڙهجي ۽ ان پاڪ رسول ڪريم جي لاءِ دل ۾ محبت رکجي. هر وقت خداپاڪ ۽ حضرت رسول ڪريم جي حڪم هيٺ زندگي گذارجي. بغض، عناد، نفرت، ڪاوڙ، حسد کان پاڻ بچائجي ۽ هر وقت خدا پاڪ کان مغفرت گھرجي. گناهن جي به معافي گھري وڃي. خلق جو خيرخواه ۽ خيرانديش رهجي. بداخلاقي کان پاڻ بچائجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ نيڪ تمنا، نيڪ خواهش، نيڪ دعا گھرندو رهجي. جيئن خدا پاڪ پنهنجي فضل سان انهن کي وڏي عمر عطا ڪري، سعادت ۽ نيڪ بختي نصيب ڪري ۽ انهن جو اقبال بلند ڪري، کين حقيقي معنى ۾ نيڪ ۽ سعادت مند ۽ صالح ڪري.

 بھرحال چڱائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪجي. ڪو ڪمزور، بيوس ۽ بيمار ماڻهو ملي ته ان سان همدردي ڪجي ۽ ان جي حال آهر مدد ڪجي. دل سچي رکجي. سڀ کان ضروري هي ڳالھه آهي ته دل ۾ کوٽ ڪپت ڪوڙ برائي، بڇڙائي جو خيال به اچڻ نه ڏجي ۽ سمجھڻ گھرجي ته رب سائين وٽ حاضر ٿيڻو آهي. قيامت يقيناً ٿيڻ واقع آهي. عملن جي پڇا ضرور ٿيندي. تنهن ڪري دل ۾ هنن موچارين هدايتن تي هلڻ جو شوق رکڻ ضروري آهي ۽ پوءِ خدا پاڪ جي خوف سان گڏ اميد بخشش جي پڻ به رکڻ گھرجي. ان شاء الله خداپاڪ راضي ٿي ويندو. ۽ ان جو راضپو حاصل ٿيو ته پوءِ ٻيو ڇا کپي!

ان شاء الله خدا پاڪ توفيق ڏيندو ۽ عمل جي چڱي توفيق پڻ ڏيندو ۽ پاڻ تي رهبر ٿي راه لڳائيندو. آمين

گهرو زندگيءَ کي ڪامياب

رکڻ جا اَٺ اهم نُڪتا

گهر- عورت ۽ مرد جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو هوندو آهي. گهرواري ۽ سندس مڙس جي محبت ۽ سٺي سلوڪ سان الاجي ڪيترا ڪاڄ سَرنِ ٿا. انهن ٻنهي جي مضبوط ڪردار سبب گهر جون ڀتيون مضبوط رهن ٿيون، جي انهن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته اها عمارت ڪِري به سگهي ٿي ۽ سڄو ماحول ڊانوانڊول ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن فرضن ۽ ذميوارن کان آگاهي هجي ۽ کين هڪٻئي جو حساس هجي. آءٌ هيٺ پنهنجي تجربن آڌار ڪي اهڙا اَملهه نڪتا ٻڌائينديس  جن تي عمل ڪرڻ سان زال ۽ مڙس هڪ ڪامياب گهر اڏي سگهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد ۽ ڪٽنب کي خوشحال رکي سگهن ٿا.

1) تحمل ۽ برداشت کان ڪم وٺڻ ضروري آهي:  شادي کان پوءِ سڀ کان پهرين جنهن شئي سان واسطو پوي ٿو، اوهي هِي ٻه لفظ آهن. مرد هجي يا عورت ٻنهي کي اهڙي سمورين ڳالهين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪي سندن مزاج جي برعڪس هجن ٿا. تنهنڪري پاڻ ۾ برداشت ۽ تحمل جو مادو پيدا ڪرڻ گهرجي. اوهان هڪ ٻئي جي مزاج جي خلاف ڳالهه تي جيترو وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا ته معاملا ايترائي پيچيده ٿيندي ويندا اوهان هيءَ ڳالهه بلڪل ذهن ۾ رکو ته جيڪڏهن گهر  کي بچائڻو آهي ته مٿيئن ڳالهه تي دل سان عمل ڪريو ته سامهلو به توهان مان متاثر ٿيندو. اهو گهر جي هر ڀاتيءَ سان لاڳو آهي ۽ ايئن حالات بهتر ٿيندا. ان شاء الله.

2)پيار ڪ ۽ محبت سان ڳالهه مڃرايو: ڪجهه مردن ۽ ڪجهه عورتن جي هيءَ عادت هوندي آهي ته هر هڪ ڪم ۾ حڪم هلائڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. مگر ياد رکو ته جيڪڏهن اها عادت برقرار رهي ته يقين  ڪجو ته ان جا نقصان اڄ  نه ته سڀاڻي توهان کي ڀوڳڻا پوندا ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو. اها اوهان کي نصيحت آهي ته حڪم هلائڻ واري عادت کان پاسو ڪريو. عام حالتن ۾ پيار جي زبان وڌ کان وڌ اثر انگيز هوندي آهي. اِهو منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي. اسان ٻنهي انهيءَ نموني هلي تمام عزت ڀري زندگي گذاري آهي. هاڻي پاڻ هليا ويا آهن مگر مون کي جيستائين الله سائين جي مرضي آهي، هن دنيا ۾ رهڻو آهي. اڳتي به مالڪ ٻاجهه ڪري عزت سان رهجي اچي. آمين

3)معافي وٺڻ ۾ اڳڀرائي ڪريو: اهو به منهنجو تجربو آهي. انسان خطاڪار آهي. زال، مڙس يا ڪو به توهان  جو وڏو مائٽ هجي ۽ ڪنهن به معاملي ۾ ڳالهه مُنجهي پوي ۽ ناراضگيءَ تائين ڳالهه پهچي وڃي ته معذرت ڪرڻ ۾ پنهنجي تحقير محسوس نه ڪريو. معذرت ۾ ڪڏهن به ٻئي فرد وٽ يا ان جي نظر ۾ توهان جي عزت گهٽ نه ٿيندي مگر ان ۾ اِضافو ئي ٿيندو. ان شاء الله ۽ بغير ڏوهه جي صُلح صفائيءَ ۾ اڳڀرائي ڪندوَ ته ان ۾ توهان جي وڏائپ جو ثبوت آهي.

4)خواهش جا غلام نه ٿيو:  ڪنهن به شئي جي خواهش کان اڳ ۾ توهان پنهنجي مالي پوزيشن ڏسو. ان کي نظرانداز نه ڪريو. زندگيءَ کي ذاتي خواهشن جي پورائيءَ تائين محدود ڪريو. ان ۾ زال ۽ مرد جو تعاون ضروري آهي. جيڪڏهن ايئن نه ڪنداسون ته گهر صحيح نموني نه هلي سگهندو. ڪجهه ڏيو- ڪجهه وٺو جي بنياد تحت زندگي گذاريو. سدائين سَکي رهندا.

5) ٿورڙي ۾ خوش رهڻ سِکو: زندگيءَ ۾ خوب کان خوب تَر جي تلاش، انسان جو سڪون ڦري ورتو آهي اڪثر گهراڻا انهن سببن جي ڪري ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن. اُهي قنائت پسند نه هوندا آهن. قدرت توهان کي جيترو نوازيو آهي، اوتري ئي قدر راضي ۽ خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريو.

6)ميانه رويو اختيار ڪريو:  ميانه رويو زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي اسان جي رهبر ۽ رهنما جو به قول آهي ته ’خير الا مهر اوسطها‘ يعني چڱائي جو رستو چٿرائي ۾ آهي. ۽ ڪنهن  به شيءِ جي زيادتي هميشه نقصان جو ڪارڻ ٿيندي آهي، تنهنڪري هر معاملي ۾ درميانه رويو اختيار ڪريو. جڏهن به اوهان ڪو اهڙو ڪم ڪندا، جيڪو توهان جي وسيلن کان مٿي هوندو ته ان ۾ پريشاني ڏسڻي پوندي ايئن گهرجي فضا ناخوشگوار ٿي ويندي. ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.

7)سڀني کي وقت ڏيو:  ائين نه ٿيڻ گهرجي جو توهان فقط پنهنجي ڪاروباري، آفيس يا ٻين مصروفيتن وقت ۾ گذاريو. گهرجي ٻين ڀاتين جنهن ۾ زال، پوڙها ماءُ ۽ پيءُ يا ٻيو به ڪو بزرگ توهان جي گهر ۾ هجي. انهنکي به توهان جي پيار ۽ محبت جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهن کي به پنهنجي حالتن کي مدنظر رکي وقت ڏيو. انهن جي خوشين، ڏکن  ۽ سکن ۾ شرڪت ڪريو. ان ۾ توهان پاڻ به خوش رهندا ۽ گهر به پرسڪون رهندو، جنهن ۾ هر هڪ جي ڀلائي آهي.

8)خاص ڳالهه ۽ خاص نصيحت ٻارن ۾ فرق نه ڪريو: مون ان نڪتي تي ورهين کان ويچاريو آهي . ۽ خاص غور ڪيو آهي ته گهڻن گهرن ۾ ڏسون پيا ته ماءُ ۽ پيءُ ڪجهه ٻارن کي هڪٻئي تي فوقيت ڏيندا آهن. ايئن نه ڪريو. ان سان ڇا ٿيندو آهي جو نظر انداز ٻارن ۾ بغاوت جا جذبات جنم وٺندا  آهن ۽ لاڏ پيار وارا ٻار بگڙي به سگهن ٿا، جنهن ڳالهه جا اڳتي نتيجا خراب ثابت ٿيندا. ان کان به بچڻ جي ڪوشش ڪريو. مطلب ته سڀ ڪجهه توهان پاڻ کي ڪرڻو آهي الله تعالى جو سهارو وٺي ڪوشش ڪرڻي آهي. عزت سان هلڻ جي باقي الله مدد ڪندو. ان جو دامن وسيع آهي ان کي ڪنهن پر به ڇڏڻو نه آهي.  

 

توهان جي دعاڳو

فاطمھ زهره قاضي

 

موتيءَ داڻا

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان جي عام زندگيءَ ۾ شامل هو ۽ آهي. ڏيپلي واسي ٿوري گهڻي، خوشي توڙي غم ۾ شاهه سائين جا بيت روانيءَ سان پيا ورجائيندا آهن. منهنجي بابا ۽  قاضي کي به  جهڙو شاهه جو رسالو ياد هو. هو به ور ور بيت پيو ورجائيندو هو. منهنجي به اها عادت بڻجي ويئي. زندگي ۾ جيڪي لاها چاڙها آيا، جڏهن انهن جو ذڪر ڪيو اٿم ته شاهه سائين جا بيت هيئن تي هُري ايندا هئا. سي مناسب هنڌن تي ڏنا اٿم. 

البت ڪي بيت رهجي ويا ۽ دل کي ڏاڍو وڻندا آهن، سي پنهنجي ذوق خاطر هت ڏئِي  رهي آهيان: 

اول الله عليم اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنھنجي قدرت سين قائم
آههِ قديم،
والي واحد وَحده رازق ربّ رحيم،
سو ساراهِ سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جي. 

***

وحدهّ لاشريڪ لھ جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي نرتوئون منجھان نينھن،
سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

***

وحده لا شريڪ لھ ٻڌءِ نه ٻوڙا،
 ڪهه تو ڪنين نه سئا جي گھٽ اندر،                         ڳاڙيندين ڳوڙھا جت شاھد ٿيندءِ سامهان.

وحده لا شريڪ لھ ايءُ وھائج وِيءُ،
کٽين جي ھارائين ھنڌ تنھنجو ھيءُ،
پاڻان چوندين پيءُ، ڀري جام جنت جو.

***

وحده لا شريڪ لھ ايءُ ھيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي وِرسيا.

 سر سھڻي جو هي بيت به ڏاڍو پسند آيو آھي:

ته ڪر ڪين سئي جي  سير نه گھِڙي سھڻي،
ھت حياتيءَ ڏينھڙا ھڏهن تان نه ھئي،
چُڪي تنھن چري ڪئي  جو ڏنس اُن  ڏُھي،
 سُهڻيءَ کي سيد چئي وڌو قرب ڪُھي،
هونهين هوند مُئي، ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

***

 ڪوڙ ڪماءِ مَ ڪچ  اُٿي اور الله سين،
ڪڍ تون دغا دل مان  صاحب وڻي سچ،
محبت سندو من ۾  ماڻڪ ٻارج مچ،
اِن پر اُٿي اچ، ته سودو ٿئي سڦرو.

***

ڪچ ڪمايم ڪوڙ ڀڳم عھد الله جا،
پِڃِرو جو پاپن جو سو چوٽيءَ تاءِ چور،
معلوم اٿيئي مور، ڳُوڙھا اِنھين ڳالھه جو.
 سودو اُھوئي سڦرو سو مون پلئه پاءِ،
وس ويچاريءَ ناه ڪو تو آگا عرض اگھاءِ،
ريءَ ھمراھيءَ ھاديءَ جي  مور نه مڙي ماءُ،
لطف ساڻ لنگھاءِ لاھِرو لھرين وچ مان.

***

 لُڙ لھريون لس ليٽ  جِتي اَنتِ نه آب جو،
الله اُتِ مَ اوليين ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جو کو ٿئي مَ جھا، کي  ڦرھي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪامَ پيٽ  ھن غاريبي غراب کي.

آءٌ ھن ڊائري ۾ جيڪي تمام سٺا ۽ منھنجي دل کي شاهه صاحب جا بيت پسند آيا آھن اھي  نوٽ ڪري پوءِ پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجھه لکنديس، ان شاء الله تبارڪ و تعالى جي توفيق سان.

 لاکا لڄ سندياءِ اوڏ اڳلي آھيان،
پکا سي پرٽاءِ جي اَجهي تنهنجي اڏيا.

***

 تان ڪي وائي وار، دلاسي جي داسڙا،
تون منھنجو ولھو آءٌ تو ۾ طمعدار،
ڍڪي ڍول گذار، لڄ منھنجي لوڪ ۾.

***

مون تان لاھي سپرين  اکين جا آگم،
تو ڏٺي مون غم  ڏينھن جا ڏور ٿيا.

***

جي مون موڙھي مت  ته تون پاڻ سڃاڻِجِ سپرين،
اصل اواين جا تون عيب ڍڪيندڙ اُتِ،
ايئه پر تنھنجي پَتِ،  جيئن وِلِھون ڍڪئين ولھا.

 تون اوڍر تون اوڍِڪو  تون اجھو تون ئي اَڳ،
هت پڻ تنهنجو تڪيو مهند پڻ تونهين ماڳ،
سي لوريون ڏين نه لاڳ، جي اَجھي آيون اَبِڙي.

***

الله جئن نالوءِ تئن مون وڏو آسرو،
خالق تنھنجي کاند جو پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو ربّ سندوءِ رھيو آھم روح ۾.

***

 مِٺو جئن نالوءِ تئن مون وڏو آسرو،
ڪو در ناهه جِهوءِ، مون در گھڻائي ديکيا.

ڏاتار آھين تون ٻيا مڙيائي مڱڻا،
مينھن مندائتا وسڻا سدا وسين تون،
گھر اَچين مون ته ميريائي مانُ لھان.

***

سَتُر ڪج ستار، آئون اگهاڙي آهيان،
ڍڪئين ڍڪڻھار، ڏيئي پاند پناهه جو.

***

 جئن تون قائم ڪانڌ  تئن آءٌ وَرَ ولھي نه ٿيان،
پکي ڇنان پاند ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.

***

 تون سَپڙ آءٌ سيڪڙو تون ڏاتار آءٌ ڏوهه،
تون پارس آءٌ لوھه، جي سڃين ته سون ٿيان.

***

تون سَپُڙ آءٌ سيڪڙو تون ڏاتار آءٌ ڏڏ،
سڻي تنھنجو سڏ، ڪُلِھي پاتم ڪينرو.

***

تون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيبن ڪوڙ،
پسي ککيءَ کوڙ، متان مانگر مٽئِين.

***

 تون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيبن لک،
ھن مون جي حال جي توکي سڀ پرک،
ڪارڻ رب الک، متان مانگر مٽئِين.

***

  جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين،
مون تي ڪر منهنجا پرين، توه تُسي تيڏو،
 اي ڪامل ڪم ڪيڏو جي نوازيم نگاه سين.

***

  جو نوازي ڏڏ آسر لاهه مَ ان جو،
اوڏان اوڏو گھڻو ڪرين ڪھڙا سَڏ،
اڳلن کي اوڏو ويھه گندا ڪري گڏ،
 سو ساجن ڏينم سڏ، اوکيءَ ۾ عبداللطيف چئي.

***

 جي ليلائي نه لھين ته پڻ ليلائيج،
آسرو نه لاھيج سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو.

***

ليلان لڇ مَ ايترو اُٿي سور ٻھار،
ڍوليو اڱڻ پار ڪانڌ ڪميڻيءَ آئيو.

***

ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي، ٻجھان ٻاجھه ٿئي،
سُپڙ سا سئي جيڪا چارڻ چت ۾.

***

اڄ پڻ ريڌاڻو راءُ آيم رات سھاڳ جي،
مڻيان گھڻا ملڪ ۾ اَملھه وڌو اُهاءُ،
دوکا دل مٿان، ليلان کي سڀ لهي ويا.

***

چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
جان مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سگهو ڏئي سهاڳڻيين. 

 معنى اھا آھي ته ڪنھن انسان کي اھو گير بو نه ڪرڻ گھرجي، ھر وقت ھر مھل اِھو خوف رکڻو آھي ته ڪت ۽ ڪنب:  

ڪت ڪبندياس توريندڙ تکا
ڪت ۽ ڪنب روءِ ريجھائي

 مالڪ ته ڏاڍو مھربان آھي ، مگر اسان انسانن کي ڊڄي ھلڻ جو درس مليل آھي. سائين مھربان ٻاجھيندڙ آھي پر پوءِ به اميد ۽ خوف ۾ رھڻو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org