سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: آءُ جي اهائي ذَات

 

صفحو:17 

امي جي روشنيءَ ان وقت ننڍڙي عمر ۾ جيڪو ڪاش چيو ھو ان ننڍڙي احساس مان، ان جو اجر الله پاڪ کيس انھيءَ طرح سان ڏنو آھي  جو اڄ توھان سڀني جي اڳيان آھي ۽ جيڪا خدمت حج جي وقت ان منھنجي ڪئي آھي يا ھن وقت جيڪا علاج جي باري ۾ ضرورت پوي ٿي، ان جو احساس دل و جان سان ڪري ٿي. ان جو عظيم اجر ته الله پاڪ وٽ آھي  ان شاءالله مگر حج جي وقت جيڪا ھن خدمت ڪئي ھئي.  ان وقت مون کيس اھا دعا ڪئي ھئي ته ڪعبـﺔ الله جي سامھون الله سائين ھيءَ ٻچڙي ظاھر ۾ ته ھڪ حج پيئي ڪري مگر تنھنجي لوح محفوظ ۾ ھن جا ست حج لکي ڇڏج ان شاءالله تعالى ان مالڪ وٽ ڪابه اجر جي ڪمي نه آھي. توھان سڀئي آمين چئجو. منھنجي مٺڙي ننڍڙي خالوڙيءَ کي الله سائين خوش آباد رکيس ان شاءالله. ان جا عبدالباسط ۽ ايمن وڌي وڏا ٿي پنھنجي مٺڙي ماءُ ۽ پنھنجي پياري بابا جو تمام بھترين سھارو ٿين ان شاءالله آمين ثم آمين ۽ پڻ توھان سڀني ٻچڙن جيڪا به منھنجي خدمت ڪئي آھي ان لاءِ توھان سڀني کي الله سائين ھر طرح پنھنجي ڪرم فضل سان ۽ عنايتن ۽ انعامن سان نوازيندو ان شاءالله آمين. توھان تادم زندگي پنھنجي پنھنجي سڄي ڪٽنب سان ھميشه ھميشه جي لاءِ آباد ۽ برقرار رھندا ان شاء الله. ھن ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي الله سائين ڄاڻي ٿو ۽ آءٌ ان رب جي تھه دل سان شڪر گزار آھيان جنھن مالڪ مھربان بچن کي اھڙو باوفا ڪيو آھي الحمدلله . حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ انسان جا تمام حال محرم ۽ ھمدرد ٻه ھستيون آھن جن جو ٻيو ڪوبه مٽ اصل ٿيڻوئي نه آھي. ھڪ ماءُ آھي جنھن جي گود ۾ ٻار پلجي ٿو ۽ ٻيو شادي کان پوءِ ان جو مڙس. ان ۾ ڪجھه اھو وري به چوڻو پوي ٿو ته اھي ٻئي ھڪ ٻئي جا باوفا ھجن. لازمي نه آھي ته سڀ مرد اھڙا باوفا ھجن ۽ اھو به لازمي نه آھي ته ھر زال پنھنجي مرد سان اھڙي باوفا ھجي ڇا ڪاڻ ته ان ۾ ھڪ ٻئي جي تعاون جو شرط آھي. مگرماءُ جنھن کي قدرت پنھنجو ئي روپ ڏيئي موڪليو آھي ان لاءِ اولاد کي اھو حڪم ڪيل آھي ته توھان جي جنت سندس پيرن ھيٺان آھي. خاوند لاءِ به اھو حڪم آھي ته اھو توھان جو مجازي خدا آھي. مون کي الله تعالى ھي به ٻئي نعمتون تمام پنھنجي ڪرم سان عطا ڪيون ھيون جو آءٌ تمام دل جي گھراين سان چوان ٿي ته  ماءُ ته برابر ماءُ آھي مگر شاهد جي بابا جيڪو مون کي پيار ڏنو جيڪا منھنجي قدر شناسي ڪئي جيڪي منھنجون ارڏايون سٺيون ان جو ڪوبه مثال نه آھي. بس ان لاءِ صرف ۽ صرف اھوئي چونديس ته شڪرالحمدلله- الله ان کي بھشت جي تمام اعلى کان اعلى درجي ۾ قائم مقيم ڪري رکي ان شاءالله. اھا منھنجي دلي دعا آھي ته شل ان کي جنت الفردوس نصيب ٿئي. 1987-09-12 تي فرحان بچي شال تولد ٿيو. اسان جيڪي پٽ جي نالي لاءِ پئي سڪياسون تن تي ايترو رب پاڪ ڪرم ڪيو جو شاھد بچي شال جو پٽ ڄائو اھو به قاضي صاحب جي حياتيءَ ۾ ـ بس ڇا تعريف جي لائق اُھا ذات پاڪ آھي جو جڏھين لڙهه لاھڻ تي اچي ٿو تڏھين ته وٽس وير ئي ڪانھي. وسي تڏھين وس مند مڙيائي مينھن جي.  قاضي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. سندس چھرو چوڏيھينءَ جي چنڊ وانگر چمڪي ھليو ۽ الحمدلله چئي مالڪ سائين جا شڪرانا بجاءِ آندائين ۽ اسين اھو شڪر بجاءُ آڻيون جو فرحان جو نالو سندس ڏاڏا بابا رکيو.

 اسان نون ڏينھن کان پوءِ گھر آياسون. ساجن سويرو ڀيڄ ڀنيءَ گھر آيو. بر وقت قاضي صاحب جي حڪم موجب ننڍڙي جو عقيقو ڪيوسون خير سان سندس امي بچي. پياري فرحان جي اچڻ جي خوشي جو سيرو ۽ عقيقو گڏ ڪيو. سندس ناناڻا ۽ بُوائون به سڀ آيون الحمدلله .

 مگر ڇاڪريان جو اھا خوشي اسان کي گھڻو وقت راس نه آئي جو جڏھن فرحان ٻاويھن ڏينھن جو ٿيو ته سندس ڏاڏا بابا کي ڌڪو آيو ۽ اسان اسپتال بر وقت ھليا وياسون. ماءُ جو پھريون ٻار ھو تڏھين انھن کي سانگھڙ موڪلي ڇڏيو سون، پاڻ وڃي اسپتال ۽ گھر وچ۾ راهه رند گھڙيم . ڇاڪريان جو ڏکي جا ڏاکڙا ڪانڌ ڪم نه آيا. پنجن مھينن جي تڪليف کان پوءِ اسان الله جي امر کي موٽائي نه سگھياسون. ڏسندي ڏسندي  اسان جي اکين اڳيان اسان جو املھه ماڻڪ اسان جي ھٿن مان ھليو ويو.

ڪارون وس ڪيام ـ منھنجو ھوت نه موٽيو ـ ڪارون وس ڪيام

آءٌ ڪاپاڻ وھيڻي ـ واڳ ڌڻي تو وس اَلا،
ھلائين تا ھلي  هلان ـ بيھارين تا بس اَلا.

قاضي لاءِ ڪو حيلو نه ھليو. اسان کان ۽ اسان جي ھنن ٻچڙن کان ھھڙو شفيق، مھربان، ھمدرد، حال محرم، پيءُ اسان کي ڌتاري ھليو ويو. فقط ھي ٻه لفظ وات مان نڪتا ۽ اکين مان آب ھاري حاڪم جي حڪم کي صبر سان سھي ويھي رھياسون . مون چيو الا ھاڻي اسان جا منھن ڪير نھاريندو. جيڪي اسان جا ارھا ـ سرھا منھن نھاريندا ھئا، اھي ته ميا ماڳ پھتا. ھاڻي اسين ڏوراپا ڪنھن کي ڏينداسون.

ھتان ڪي ھوت لنگھيا ـ ويڙا ڪيئن ورندا،
سامي سيڻ نماڻيءَ جا ـ ھتان ڪي ھوت لنگھيا.

***

ماھه وڍي ڏيان مِٽن کي ـ الا جگر جوڳيءَ جيرا،
مون سامي سيڻ نماڻي جا ـ ھتان ڪي ھوت لنگھيا.

ء***

ڏٺي ڏينھن ٿيام ڪوه ڄاڻان ڪھڙا پرين،
ولين جئين وريام گَوندر غم پرين جا.

***

وڃي سا رات وھاڻي جا پرين ري پيئي،
ھھڙا اوڏا سپرين تو ڪيئن ننڊ وھاڻي.

اھو لکڻ ٿي چاھيم ته شاهد جي بابا جي وڃڻ کانپوءِ مون سمجھيو ته ھن زماني جا ٻار آھن، اھي الاءِ جي ھاڻي منھنجي حيثيت جو خيال رکندا يا نه، مگر ٻچڙن جو مون کي خوش رکيو آھي، اھو بي مثال آھي.  جيڪي ھستيون نه وسارڻ جھڙيون ھيون بچن مون کان اھي به وساري ڇڏيون.  ابا الله سائين بچن کي اھو اجر ڏيندو جنھن ۾ اهي مالا مال رھندا ۽ ٻنھي جھانن ۾ مرڪندا، ان شاء الله .

 ايتري قدر جو شاھد بچي شال اڪيڊمي ۾ پڙھڻ لاءِ ترت ئي ھليو ويو ته مشن سڄي گھر کي سنڀالي ورتو ۽ ڀاءُ جو خيال به رکيو. ان کي ڪنھن ڏانھن نھارڻ نه ڏنو ۽ پنھنجي ڀاڀيءَ جو پڻ مڪمل خيال رکيو . پنھنجي اميءَ جنھن جي لاءِ ھنن ٻنھي ڀائرن الاجي ڇاڇا ڪيو آھي، اھو ته ھن خسيس پني جي ٽڪر تي ڇا لکان! اھي منھنجي دل تي سنھري اکرن وانگر ڇپيل آھن. اھو ئي چوندي ھلان ته ابا کين الله سائين جي در مان اجر عظيم عطا ٿئي. جنھن سان  ھميشه مالا مال ھجن. ان وٽ اجر جي ڪابه ڪمي نه آھي. بھر حال شاھد اڪيڊمي مان پڙھي آيو ته اسان کي پنجاب وٺي ھليو اتي به ھن ٻچڙي اُڀ توري ڇڏيا. پنجاب جو چپو چپو اسان کي گھمايو. خرچ وغيره به پنھنجي امي جي ھٿ ۾ ڏنائين ته منھنجي امي کي مون کان به گھرڻو نه پوي. شاهد بچي شال ته هونئن ئي شاهد آهي، پر منهنجي وڏي ننهن شاهده پروين به منهنجي دلجوئي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. خرچ منهنجي هٿ ۾ هوندي به شڪر سان پئي هلندي هئي. تمام ڊگهو ساٿ هليو. پنجاب ۾ گڏ رهياسين. گهمڻ ڦرڻ به گڏ ويندا هئاسين. شاهده خوش هوندي هئي. شاهد جي خوشي کي هن سمجهيو ٿي ته امي  کي جيڪو خوش رکندو سو ڀلي سندس دل تي راڄ ڪري. ته هن به مون کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.

فرحان کي ته مون پاليو هو پر علي ۽ راجا کي هن پاڻ پاليو. سٺي پالنا ڪيائينس ان کان اڳ ڄامشوري ۾ غربت جا ڏينهن به عزت سان ڪٽياسين. اسان جي سڪايل اڱڻ تي  ننهن پئي هلندي هئي ته اسان جا نيڻ پيا کلندا هئا. سندس امان وڏي ته هن کي چوندي ئي سدا سرهي هئي. قاضي صاحب ته ننهن کي ڏسي پيو خدا جا شڪر مڃيندو هو. آءٌ به الله جا ڳڻ پئي ڳائيندي هيس. ڪراچي ۾ آياسين ته مون گهر جو خرچ خوشي سان سندس حوالي ڪيو. هاڻي ته هوءَ وڏي ۽ سمجهدار ٿي ويئي آهي. آءٌ الحمدلله تمام آسودي آهيان. هن هيڏي وڏي ساٿ ۾ ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿي آهي جيڪا دل کي ڏکي لڳي هجي. شال سڀ ٻچڙا، منهنجو شاهد ۽ شاهده سلامت هجن. وري مشن سعودي عرب ويو. ان پنھنجي دل ۾ جيڪا سوچ رکي ته آءٌ بابا جي ڏيتي ليتي لاھي پوءِ شادي ڪندس. ان اھو فرض تمام حب ۽ پيار ۽ سچي محبت سان ادا ڪيو، شڪر الحمدلله ۽ پوءِ الحمدلله خير خوبي ۽ عزت امن سان  شاھد پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ جي شادي خيرسان تمام سٺي ۾ سٺي نموني ڪرائي. اھي فرض پورا ڪري پوءِ جڏھن روشني حج لاءِ سنڀري تڏھن اسان پنجاب ھئا سون. خليل کي چيائين امي جو فارم گڏ ڀرايون مگر شاھد ۽ مشھود جي اجازت کان سواءِ جائز نه آھي. ان وقت اسان شجاع آباد ۾ ھئا سون. قرآن شريف پيئي پڙھيم ته اوچتو روشن جي فون آئي چيائين مون ھي خيال ڪيو آھي تنھنجي ۽ ٻنھي ڀائرن جي اجازت ھجي. آءٌ ته خوش تمام گھڻو ٿيس جو ان کان اڳين سال مون ٽي وي تي حج پڙھڻ وارن کي ڏٺو، تڏھن الله سائين کي عرض ڪيم ته رب تو ڪريم آھين ايندڙ سال منھنجي لاءِ تنھنجو ھي در کولج. ان مالڪ سائين پنھنجو ڪرم ڪيو اھو عرض قبول ڪيو، موقعو فراھم ڪري ڏنو. شاھد آيو مون کيس ٻڌايو چيائين امي الحمدلله ڀيڻ تي الله سائين جي رحمت ھجي کيس الله سائين اجر عظيم عطا فرمائيندو. بسم  الله آءٌ ٿو فون ڪريان . بر وقت ڀيڻ کي فون ڪيائين ۽ کيس جام دعائون به ڏنائين. وري مشن جنھن جو اسان ۾ ھر وقت ساهه اٽڪيو پيو آھي. ان جي فون آئي اھو ته ھينئر به اسان جو تجربو آھي ته اسين کيس ياد ڪندا آھيون ته اصل ڪر اڳواٽ سڌ پئجيو وڃيس ته مون کي ياد پيا ڪن اھا ڪا تار بنا تند جي لڳل آھي، ان سان ڳالھه ڪئي. ڏاڍو خوش ٿيو. بر وقت فون تي روشني کي مبارڪ ڏنائين ۽ چيائين تو کي الله سائين جي رحمت ھجي پنھنجي امي کي ياد ڪرڻ جو فيض تو کي الله سائين ڏيندو ۽ امي جي حج جي فارم لاءِ ٽڪيٽ آءٌ موڪلي ٿو ڏيان. فارم ته روشني ڀري ڇڏيو ھو مقصد لکڻ جو ھي آھي ته سڀئي ٻچڙا ايترا ته صالح ۽ نيڪ بخت آھن جو آءٌ اھي گڻ پنھنجي پروردگار جا مڃيان ٿي، جنھن  سڀني کي اھڙو نيڪ بخت ڪيو آھي الحمدلله. حج کان پوءِ ترت مشن مون کي سعودي عرب ۾ گھرايو اتي به ھن  ڪا ڪسر نه ڇڏي . ٻنھي زال مڙس ڇاڇا نه ڪيو. روز گهمڻ ڦرڻ، آئيس ڪريم ۽ جوس! منهنجي ننهن فرخنده به مون کي خوش رکڻ لاءِ وسان ڪونه  گهٽايو. آءٌ سعودي عرب ۾ وٽن هجان يا پوءِ وري ڪئنيڊا ۾. مطلب ته ٻنهي زال مڙس مون کي هر طرح راضي رکيو. چانهه اُتي به دستور موجب گڏ پيئندا هئاسون. فرخنده به اچي ويهندي هئي. الله شال ٻنهي کي اولاد سان خوش ۽ آباد رکي. جڏهن پاڪستان اچن ته تحفن جا ڍير! صرف مون لاءِ نه، پر منهنجي سڄي اولاد لاءِ! مقصد ته فرخنده راڻيءَ جي خواهش هوندي هئي ته آءٌ مشهود کي ڪيئن خوش رکان. ان جو رستو هن مون ۾  ڏٺو. آءٌ هن جي ان جذبي جو سچي دل سان قدر ڪريان ٿي. زال اها سٺي چئبي جيڪا پنهنجي وَرَ جو وَرُ سڃاڻي.  بهرحال! ڇا آءٌ ھنن کي دعائون ڏيان جيڪو قدم کڻن امي امي! سعودي عرب ۾ چار پنج عمره ڪيا ۽ رمضان شريف ۾ عيد اتي ڪرائي يعني مڪي شريف ڪعبتھ الله شريف سامھون روزو کليو ۽ پوءِ مديني پاڪ ويا سون پندرھن ڏينھن موڪل ورتئين ته امي آساني سان اھي مقدس ھنڌ ڏسي ۽ پنھنجي رب پاڪ جي عبادت ڪري. قبول ته اھو سائين مھربان ڪندو مگر ھنن ٻچڙن پنھنجي وسان نه گھٽايو. الحمدلله وري به ان سائين جا شڪر بجاءَ آڻيان ٿي. پوءِ مون فرمائش ڪئي ته شاھد به اچي ۽ ڀينرون جيڪي خوشي سان اچي سگھن انھن کي گھرايون اچي پاڻ سان گڏ عمرو ڪن. انھن کي فون ڪري چيائين اھي به الحمدلله سڀ تيار ٿيا رحمون الھه بخش روشني نسيم اچي ويا. سڀني عمرو ڪري ڀاءُ کي دعائون ڪيون. منھنجي به الله اھا خواھش پوري ڪئي. ته شاھد منھنجو ھٿ جھلي مون کي عمرو ڪرائي ـ شڪر الحمدلله. عزيز کي الله سائين اھا سعادت نصيب ڪندو ان شاءالله . اھا به نيڪ بخت ڀيڻ الله ڪندو ته پنھنجي ور سان ۽ پنھنجي ٻچڙن سان گڏ حج عمره سڀ ڪندي الله سائين وڏو مھربان آھي. جڏھن چاھيندو آھي ته پوءِ وٽس ڪا دير نه آھي الله سائين جا ڪرم آھن چڱا لڙهه لھي ويا آھن. ھاڻي الحمدلله ھو انھيءَ پوزيشن ۾ آھن جو اھي ڏينھن دور نه آھن، جڏھن اھا به آس پوري ٿيندن، ان شاءالله تعاليٰ.  انھن ٻچڙن به اسان جي گھڻي خدمت ڪئي آھي.  ۽ پڻ اسماعيل پنھنجي سھري لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون يعني ان لاءِ اھو چئي سگھجي ٿو ته پنھنجي پيءُ جو درجو ڏيئي  خدمت ڪئي آھي . ان جو صلو الله سائين کيس تمام سٺي اجر سان ڏيندو ۽ ڏنو به اٿس ان شاءالله. مالڪ سائين مھربان آھي. ڪنھن انسان جو اَھَر جي داڻي جيترو به چڱو قدم کنيل آھي ته اھو ان جو ضايع نٿو ڪري . توھان سڀني اسان جون بي حساب خدمتون ڪيون آھن. الله سائين جي رحمت ھجيوَ  رحمون ۽ الھه بخش به اسان جون جيڪي خدمتون ڪيون آھن ڇا لکان اھو ئي چوندي ھلان ته الله سائين توھان کي پنھنجي جاني مالي اولادي نعمتن سان نوازي ان شاءالله . نسيم ته الاءِ جي ڇاڇا نه ڪيو آھي جيڪي ڳجھا پڌرا اسان جا جھلا ڪيا آھن، انھن جو ئي شمار ڪونھي الحمدلله . توھان کي الله تمام سٺو نوازيو آھي ۽ نوازيندو رھندو. شال خير ۽ امن سلامتي سان سڀئي آباد ۽ برقرار ھجو . ايتري قدر جو پنھنجي معصوم ننڍڙي پياري شافي منھنجي حوالي ڪري ڇڏي آھي جيڪر ائين چئون ته ڌيءَ اسان جي آھي احمد ۽ نسيم ته رڳو ڄڻي وڏي ڪري امي جي حوالي ڪئي آھي . الله شل بخت بلند سان کين نوازي ان شاءالله. اسان گھر ٺھرايو ته سڄي ذميداري احمد جي ھئي. بنا ڪنھن لالچ جي ھن اھو ڪم سرانجام ڏنو. ڪنھن ڪنھن جي لاءِ چوان سڀئي ڀينرون پنھنجي ننڍڙن ڀائرن جو ڪيترو خيال رکن . ھاڻي ته الله سائين کين پنھنجي ڪري فرمائي ۽ توھان جي دعائن سان ان لائق ڪيو آھي جو آءٌ فقط ائين چوان ته الحمدلله الحمدلله وڏا وڙ ان منھنجي والي جا جنھن اسان نالا ئقن کي نوازيو ۽ ڍڪون ڍڪيون منھنجي امان جون اھي ريھون الله اگھايون، جيڪي ھوءَ آڌي رات جو ڪندي ھئي ته الله سائين، اسان ست مٿي اگھاڙيون آھيون اسان جا مٿا ڍڪ ۽ پنھنجي ڪرم جو پرچو پسائي. شڪر الحمدلله مالڪ جا ٿورا. روشني جي منھنجي دل کي جيڪا ٿوڻي آھي، ان جو ته ڪو به ملھه نه آھي . ٿوري تڪليف ٿئي ته چوان ابا شاھد آءٌ ٺيڪ نه آھيان مون کي وٺي ھل آءٌ علاج روشني وٽان ڪرائينديس. شاھد کلي چوي امي ماڻھو حيدرآباد مان ڪراچي علاج لاءِ اچن تون ڪراچيءَ مان حيدرآباد وڃين. ته آءٌ چوان ابا پير ڀلو يا ويساهه ڀلو ٻيو ته روشني منھنجي دل جي ٿوڻي آھي. ان کي ڏسڻ سان پنھنجا سوَ درد دور ٿيو وڃن. امان آءٌ توکي ڪيتريون دعائون ڏيان جيڪي چوان ٿي اھو آءٌ ڪنھن کي به ٻڌائڻ کان قاصر آھيان، بس، جيڪي چوان ٿي جيڪي دعائون ھن اندر مان اچن ٿيون اھي ان بارگاهه الاھي ۾ شال مقبوليت جو شرف حاصل ڪن ۽ ھن ٻچڙي کي مالا مال ڪن، ان شاء الله توھان به سڀ منھنجا مٺڙا ٻچڙا ان تي ان شاء الله آمين چوندا.

مون کي آھي اميد الله ۾ منھنجي والي واھر ڪندو

آءٌ ھلندي ڀلو ڀال ڪندو،
آءٌ ھلندي اَلا ڀلو ڀال ڪندو.
ڀلو ڀال ڪندو – منجو مولا مھر ڪندو،
منهنجي روشني جي رب واھر ڪندو.
آءٌ ھلندي اَلا ڀلو ڀال ڪندو
.“

ادي بالوڙي تون چوندين، امي سڀني کي ياد ڪيو آھي مون کي ته ياد نه ڪيو اٿس. ادي ياد ته تون انھن سڀني کان مٿي آھين مگر جڏھن تنھنجو وارو اچي. ڀائي تون به اسان سڀني جي دادلي آھين. توکي ڪير ٿو ڀلا وساري سگھي. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. تو به منھنجون جام خدمتون ڪيون. پنھنجي “شاھو” تي ڏاڍا قرب ڪيا آھن. تون ننڍڙي ھوندي سندس باڊي گارڊ ٿي ڊوڙندي ھئين. اھي ڏينھن به اسان کي ياد آھن ۽ ھن وقت منھنجي مٺڙي پياري مشن وٽ به گڏ آھين ته ڏاڍي خوشي جي ڳالھه آھي جو توھان سڀ اتي خوش آھيو ۽ آءٌ تازو توھان کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آئي آھيان. الحمدلله. سڀئي خوش آباد ھجو سدائين سرھا ھجو، عبدالباسط ۽ مٺڙي پياري امان جي ايمن  سڀئي خوش ھجو. توھان کي الله سائين آباد رکي سلامت ھجو. حبو به ڏاڍو پيار ڪيو آھي، الله سائين ڪري تمام خوش ھجو. جاني، مالي ھر طرح صحتمند ۽ خوشحال ھجو. الله سائين سڀ اوڻيون لاھي ڇڏيون الحمدلله. پٽ شال پنھنجي اھل و عيال سان خوش رھو .  ۽  مون کي اوھان پنھنجي وس آھر ڪا ڪمي نه ڏني آھي. شال الله سائين مھربان مالڪ اوھان کي زندگي  ۾ ڪا به ڪمي نه ڏي. ھميشه جي لاءِ آباد رھو ان شاءالله.

 

ادا احمد جي جدائي جو

المناڪ واقعو

 

جنھن واقعي اسان جي من کي جھوري تن اندر کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو آھي، تنھن جي بيان ڪرڻ جي نه مون کي ۽ نه منھنجي قلم کي سگھه آھي نه ھن ڀڳل ٽٽل ۽ پاش پاش دل کي طاقت آھي. بس جيڪو سبق اسان کي پنھنجي مالڪ کان ۽ اسان جي ھادي برحق کان مليل آھي، ان تي اڪتفا ڪري صبر جو پيالو پيڻو آھي. اھو پي ماٺ ڪري ويھي رھيا آھيون. آءٌ تاريخ 29 نومبر 2002  تي کلي خوش ٿي سڀني کان موڪلائي ڪينيڊا رواني ٿيس. ان وقت آءٌ حيدر آباد جي گھر ۾ ٻن ٽن ڏينھن لاءِ ويل ھيس جو جيڪو ڪجھه ٻارن لاءِ گھربل ھو، اھو ڪجھه حيدرآباد ۾ آرام سان ملي پئي سگھيو. صبح جو نسيم ، احمد، آصف، شافي، شنيلا ۽ عمير سڀني گڏجي مون کي روانو ڪيو، ايتري قدر جو احمد منھنجو سامان به پنھنجي ھٿن سان گاڏي ۾ رکيو ۽ آصف کي چيائين ته تون ادي کي وٺي وڃ. آءٌ آصف، شافي ھڪڙي گاڏيءَ ۾ باقي ٻيون منھنجون  ڌيئرون پنھنجي گاڏيءَ ۾ آيون. سڀ خوش ھئا ته ڀلي امي پنھنجي ٻچڙن سان ملي. ھيءَ خبر ڪو نه ھئي ته پويان ڪو ھي زندگي رخ ئي  ٻيو پئي اختيار ڪري ! اڃا مون کي پھتي پندرھن ڏينھن کن مس گذريا ته خبر پيئي ته احمد کي بخار آھي. کيس تمام گھڻي تڪليف آھي. اسان ڏاڍا بي چين ٿي وياسون. روزانو فون يا انٽر نيٽ تي خبر چار پيا وٺندا ھئاسون. ڪا به چڱي خبر نه پئي ملي. اوچتو اوچتو اصل اندوهه ناڪ خبر پئي. ھر وقت نسيم جو روئڻ، الله سائين ڪيئن نڪري آئي آھيان! ھي دعائون وظيفا ڪيڏانھن ويا. آخر خبر پيئي ته آپريشن ٿيندي ۽ بيماري جي خبر به تڏھن پوندي. اسان بيچين ۽ بي سڪون ٿي پياسون. ساري رات ويٺا رھياسون. خير سان آپريشن به ٿي ويو ۽ بيماري اھا نڪتي ھئي جنهن اسان جا طاق چاڙھي ڇڏيا. مون مشھود کي چيو ادا مون کي روانو ڪر منھنجا ٻچا بي چين آھن تو ۽ شاھد کي الله سائين جي رحمت ھجي مگر آءٌ ھاڻي رھي نٿي سگھان، چئن  مھينن ۾ واپس آيس. ٻئي ڏينھن حيدرآباد آيس ته مون کي احمد ٺيڪ لڳو . مگر جا جڙ  جان  ۾ ھئي، ان وري ٻن مھينن کان پوءِ منھن ڪڍيو. الله ! ڇا لکان ته ڇا وھيو ۽ واپريو ڪي بي سڪونيءَ جا ڏينھن لنگھيا. وري ٻي آپريشن ٿي. ان آپريشن اھڙو پيغام آندو جنھن جي لکڻ جي ھمت به ھٿن ۾ نه آھي  ۽ نه دل ۾ آھي  ۽ نه اکيون لڙڪ لاڙڻ کان رھي ٿي سگھيون. ڪي حيلا ھليا ڪي علاج ٿيا. ڪئي ڊاڪٽر، طبيب، ڦيڻا، دعائون، دوائون مگر آه!  اي ظالم موت توکي اصل رحم نه آيو. تو اسانکان اسان جو پيار ڪندڙ اھو چاھيندڙ، ڳجھو ۽ پڌرو محبت ڪرڻ وارو جنھن جي اکين ۾ سدائين اھائي آرزو ۽ سڪ ھوندي ھئي ته ادي ۽ ان جا ٻار سڀئي شاھد ۽ مشھود ته وڏي ڳالھه مگر ھر ھڪ ڀيڻ ڪيئن خوش رھن. ڇاڪري وجھان جو ھنن جا منھن مون کي کلندڙ نظر اچن سو محبوب تو اسان کان کسيو. ادا احمد تو اسان کي ماريو ته ڪونه آھي مگر مارڻ کان مٿي گھايل ڪري پڇاڙي پٽ ھڻي ڇڏيو آھي. مگر ڇا ڪريون ڪنھن کي دانھن ڏيون، جنھن کي ڏيون اھو ته بادشاه ۽ شھنشاه آھي. ان جي اڳيان ته زاريءَ ڌاران زور ھلي ڪو نه حبيب سين.

خبر جي ھجي ھا ته وڃن ٿا ويراڳي،
ڪريان ھوند رھاڻيون تن سان جاڳي،
ڇپر ۾ ڇڏي ويا ڇپر ۾ ڇڏي ويا،
گوندر ۾ گڏيائون، وڃڻ جي ويلي.

***

 اڄ پڻ ويٺي روئي، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،
ان ڪوھياري جو ڪوءِ اچي سور اڌميو.

مگر اي موت تنھنجو ڏوهه ناھي،  تون به حڪم جو محتاج آھين. اسين بيوس بندا به سندس حڪم جا محتاج آھيون . حاڪم جو حڪم مڃڻو ئي آھي ۽ ان تي لبيڪ ڪري صبر ڪرڻو آھي.  بندي جي ڇا مجال آھي جو احڪم الحاڪمين جو حڪم نه مڃي:آگي ايئن وڻي تڏھين وس نه ٿيو ويچارن جو.“

 سنجھي مون نه سنڀاليو، ته ڪي اوٺي ڪندا ايئن،
ڪھي ڪميني ھليا ڪھل ڪيائون ڪانه.

***

سنجھي مون نه سنڀاليو ماريس سور صبح،
نيڻ هيرائي ننڊ ۾ جتن لنگھي جوءِ،
واڪا ڪنديس وو، اٺ آڌيءَ رات اٿي ويا.

 ڇا ڪريان منھنجا ٻچڙا جيڪي اڃان اسريائي مس ھئا، انھن کان انھن جو بابلو کسجي ويو . ننڍڙو عمير جنھن کي ڏسي احمد اڃا سڪ ئي نه لاٿي ھئي، اڃا ته بابليا مٺڙا مٺڙا ڪندي ڪي چند ڏينھن ٿيا ھيس ان کي پورو ڏٺو به نه ھئائين ته پاڻ ھليو ويو . الا الا ڪيئن ڪريون ۽ ڪاڏي وڃون، منھنجي ٻچڙي نسيم. ائين برابر ھو ته احمد ڪو ايڏو وڏو دولت مند نه ھو مگر ان وٽ منھنجي پياري ٻچڙيءَ لاءِ محبت ھئي اپار. اھا سڪ ھئي جيڪا ڪن ھزار دولت مندن کان ڪئي ڀيرا زياده ھئي.  ان دولت جي اسان وٽ قيمت ئي نه ھئي، جنھن سان ان کي اسين توريون .

توريان ته به نه ترن سرس ٿيا جي سون کان،
ٻول جنين جا ٻاٽ ۾ ٻھه ٻھه ڄڻ ته ٻرن،
جن سان روح رليو ڇوڙيان ته به نه ڇرن،
جي ھينئڙي منجھه ھُرن، سي سڀ سانڍيم سا
ه سين.

ادا احمد وساريان نه وسرن ڏيھي ڏاڏاڻا . عمر ياد آيم اڄ ڪي اباڻا  تو اسان کان اسان جي امان و ساري ڏني ھئي . اھا لکه نه آئي ته ھي مائٽن جو گھر آھي ياڌيءَ جو گھر آھي . بيشڪ منھنجي مٺڙي ماءُ نسيمه جي بابا کي چيو ھو ته ابا مون تنھنجي گھر جو ري سينھين  پاڻي ڀريو آھي. آءٌ توکان ھڪڙي ٻچڙي پنان ٿي، منھنجو ڀاءُ غريب آھي ۽ منھنجو ڀائيٽيو به ويچارو ماستر ماڻھو آھي مگر توکي دعا ٿي ڪريان ته الله توکي ان جو اجر عظيم عطاڪندو ۽ منھنجي ٻچڙي عمر جي گھر ۾ احمد وٽ لوڏون ڪندي، ست ست نوڪر وٽس ڪمائيندا ۽ ان جا ھلٽ ھلندا . قاضي صاحب کي الله سائين جي رحمت ھجي چيائين مامي صاحبه توھان جو حڪم گھرجي. ھي سڀ تنھنجا ٻچا آھن. امان ڏاڍي خوش ٿي، دعائون به ڪيائينس. ماما کي به الله سائين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي، منھنجي نسيم جي بي انتھا عزت ڪيائين .  احمد جيڪي ريکون رکيون تن جو ته ليکو لکڻ جو نه آھي . منھنجا سڀ ٻار ڌيون توڙي پٽ بلڪ منھنجا ڏھٽا ۽ پوٽا سڀني جو اعلى کان اعلى مرڪز ۽ مائٽن جو گھر اھو ڀائي احمد جو گھر آھي، جتي سڀئي آسائش اچي ڪندا آھيون. مگر ان آسائش ۾ ادا احمد تنھنجو ڏوهه نه آھي ھاڻي تنھنجي ھلي وڃڻ جي ڪري اداسي اچي وئي آھي. آءٌ ڇا ڪريان  تون به بيوس بندو، ان بي نياز مالڪ جي حڪم تي لبيڪ چئي ھليو ويو آھين ۽ منھنجي ٻچڙن کي غمگين ڪري ھليو ويو آھين . آگي ايئن وڻي تڏھن وس نه ٿيو ويچارن جو  اسين غمگين توکي دعا ٿا ڏيون ته تون اتي سکين ھجين.

ٿي ھي دعا بھشت  ۾ تنھنجو مڪان ٿئي،
 توتي شفعيع سرور عالم جي ذات ٿئي،
محشر جي دارو گير کان تنھنجي نجات ٿئي.

رحمت خدا جي توتي بيڪران ٿئي .  اھو ئي مومن جو ھٿيار ۽ سھارو آھي. وس ويچاريءَ ناھي ڪو- بس صبر جي تلقين جا اسان جي رب العالمين اسان کي ڪئي آھي.

مون ڀانيو مھمان ھميشه ھوندا پرين،
ڪُھي ڪميڻي ھليا ڪھل ڪيائون ڪان،
ڏيئي ويا ڏاهه ۾، سورن جا سامان،
جورو رات جوان، جيڪس جت ڪري ويا.

ءمگر ادا ڇا ڪريون اھوئي بيوس بندو حڪم جو محتاج صبر ئي ڪندو، مگر منھنجي پيارن مٺڙن ٻچڙن جون اکيو ن نماڻيو ن ڏاڍو هينئن ۾ شگاف ڪن ٿيون .مگر ياد ايتري ته تازي آھي جو ھر وقت، ھر مھل ھر ساعت اھا نٿي گذري جنھن ۾ تون ياد نه آھين. ڪالوني واري گھر وڃون ته ھر در دروازو ھڪ ھڪ سر اھو ئي پئي آلاپي ته ھتي به ڪي ھئا سڳر منھنجا سپرين.“

ھتان ڪي ھوت ويا، ويئڙا ڪيئن ورندا،
منھنجا سامي سيڻ نماڻيءَ جا ھتان ڪي ھوت ويا.

اھي اداسيون محروميون ڪنھن کي ڏيکاريون. ڪنھن کي چئون .  ادا احمد جيئن ٿا توکي ياد ڪريون تيئن ٿي اھا اُڃَ وڌي. ڇاڪريون .“واڪا ڪنديس وو  ھي جبل ٿو جاڙون ڪري”.  

جي سجھائي سڪ ته پڻ سِڪي سسئي،
 پيتائين پنھون سين ھڏ نه ڀڳيس ھڪ،
ان تڙ منجھان تڪ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.ء

 جيترو ٿو ياد اچين اوترا ٿا اڌمان اٿن . لوڪان لڪائي پيا مڙيئي ڏينھن گذاريون . رب جي رضا تي راضي رھڻو ئي آھي ۽ رھڻ به گھرجي. 

رَضِي  الله عَنِھم وَ رَضُو عَنِهُ جوڳين اي جڙاءِ،
ڏيئي ساهه سزا گُر کي گڏيا ڪاپڙي.

اِن اَلَذِينَ آمَنوُ  وعَمِلُو الصٰلحٰت سڻي، آيو تن آرام.
جت پيتائون جام گُرکي گڏيا ڪاپڙي.

 

والدين جون نيڪ بخت اولاد  لاءِ نصيحتون

 

اڄ 06 اپريل 2006ع تي اوچتو منهنجي دل ۾ خيال آيو ته صرف پنجن ڏينهن کان پوءِ 12 ربيع الاول جو سڳورو ڏينهن آهي ۽ اتفاق سان اهو 11 اپريل تي اچي رهيو آهي جيڪو منهنجو جنم ڏينهن آهي. پوءِ ڇو نه پنهنجي ٻارڙن کي ڪو اهڙو تحفو ڏيان جيڪو هُنن لاءِ زندگيءَ  جو سڀني کان قيمتي اثاثو ثابت ٿئي. غور ڪرڻ تي خيال آيو ته ٻارڙن جي شفيق پيءَ پنهنجي ڪتاب “سفر زندگي” ۾ جيڪي نصيحتون ڪيون آهن،  ڇو نه انهن کي ڪتابي صورت ۾ اولاد کي ڏنو وڃي. مون به پنهنجي سمجهه آهر جيڪي ڪجهه نصيحتون لکيون آهن، انهن کي به اولاد جي اصلاح لاءِ گڏوگڏ ڇاپائي کين تحفتاً ڏيان. مون کي محسوس ٿيو ته اسان جي فرمانبردار ۽ قدر شناس اولاد  کي اهي ٻئي تحفا پنهني زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات محسوس ٿيندا آهن.      

منهنجي دعا آهي ته الله جل شانه توهان سڀني کي ۽ توهان جي آئينده نسلن کي پنهنجي رحم، ڪرم، فضل ۽ عنايتن سان نوازي. توهان جو نصيب سٺو ڪري، توهان جو اقبال بلند ڪري، توهان کي ڪشادو رزق عطا ڪري، دين ۽ دنيا جون سڀ ڀلايون ۽ برڪتون توهان تي نازل ڪري، توهان کي هِن توڻي هُن دنيا ۾ سُرخرو ۽ قابِل عزت بنائي، توهان ۾ محبت ۽ خلوص برقرار رکي ۽ ان کي ڏينهون ڏينهن وڌائي. توهان جون گُهريون اڻ گُهريون دعائون پنهنجي ٻاجهه سان قبول فرمائي. توهان جي مائٽن توهان لاءِ جيڪي دعائون گهريون آهن انهن کي ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ قبول فرمائي . آمين. 

 

توهان جي ماءُ

2006-04-06                                                            فاطمھ زهره قاضي

 

 

اولاد ۽ عزيزن لاءِ نصيحتون   

منهنجا پيارا فرزندو ۽ دختران نيڪ اختر    

 

 شل الله پاڪ اوهان مان هميشه راضي رهي ۽ شل اوهان کي زماني جي خرابين ۽ فتنن کان امن ۾ رکي. آءٌ پنهنجي عمر جو طويل حصو ڪاٽي هاڻي عمر جي آخرين حد ۾ داخل ٿي چڪو آهيان. مگر الله پاڪ جي فضل سان اوهان اڃا ننڍا آهيو. شل الله پاڪ اوهان جو اقبال بلند رکي ۽ اوهان کي نيڪي جي توفيق ڏي، جو پنهنجي زندگيءَ جو سفر نيڪ نامي ۽ عزت سان الله  پاڪ جي عين رضا موافق پورو ڪري سگھو. شل الله پاڪ جون مددون توهان سان سدائين شامل رهن:    

1)     سڀ کان اول اها ڳالھه ذهن نشين ڪريو ۽ هر وقت ذهن ۾ اها ڳالھه تازي رکجو ته اسان جو سچو رهبر، سچو رفيق ۽ هر مھل مددگار صرف خداپاڪ جل شانه آهي. دنيا جي هر چڱائي جو وجود صرف خدا پاڪ جي فضل سان ئي آهي ۽ جيڪا به چڱائي کڻي اها ظاهري ڪنهن به ماڻهو جي معرفت اسان کي پھچي ٿي ته به اهو يقين رکو ته اها خدا پاڪ جي طرفان آهي، ۽ ان جي ئي خواهش سان ۽ ڪنهن به ذريعي سان اسان تائين پھچي سگھي آهي. ان ڪري سچي تعريف جو لائق الله پاڪ آهي ۽ هر وقت ان جو شڪر ادا ڪندا رهو ۽ ان جي مدد گھرندا رهو. زماني جو سفر تمام اڙانگو آهي. ان ۾ سچي رهنمائي، رفاقت ۽ مدد صرف مولاپاڪ ڪري سگھي ٿو ۽ ڪامل اعتماد سان ۽ سچي يقين سان، ان جي مدد جا طلبگار رهو. اميد آهي ته خدا سائين اوهان جي رهنمائي ضرور جاري رکندو. آمين

2)    دنيا جي ڪنهن به ڪاروبار ۾ يا ڪنهن به موقعي ۾ خداپاڪ لاءِ يقين رکو ته هو اسان کي ڏسي پيو ۽ اسان جي ڪا به ڳالھه ان کان مخفي نه آهي. تنهنڪري توهان هميشه ان جي حڪم هيٺ چڱائي جا عمل ڪندا رهجو ۽ گناهن کان باز رهڻ جي ڪوشش ڪجو. ڇو ته ذري ذري ڳالھه جي به پڇا ٿيندي ۽ پڇا جو ڏينهن يقيناً اچڻ وارو آهي. 

3)    توهان جڏهن به چڱائيءَ کي پنهنجو شيوو ۽ عادت بنائيندا ته پوءِ اها چڱائي بي غرض ٿي ڪجو. ان لاءِ ڪنهن ماڻهو مان نيڪي يا تعريف يا ان جي عيوض حاصل ٿيڻ جي ڪا به تمنا نه رکجو ۽ نيڪي صرف ان نيت سان ڪريو ته اها بهتر آهي. اسان جو اخلاقي ۽ انساني فرض آهي. ان حالت ۾ توهان پنهنجي پروردگار کي راضي ڪري سگھندا ۽ اوهان جي دل کي بي انتھا سڪون حاصل ٿيندو ۽ اهو سڪون حاصل ٿيڻ خدا جي رضامنديءَ جي نشاني سمجھجو.

4)          جيڪڏهن توهان ڪا به نيڪي ان نيت سان ڪندا ته دنيا اوهان جي نيڪي ڪري ۽ اوهان جي چڱاين جا ڳڻ ڳائي، ته مون کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اها اميد به فضول آهي. دنيا ۾ ڳڻ ڳائڻ ۽ اصل مڃڻ اهو تقريباً محال آهي. تنهنڪري توهان جو به نيڪ ڪم ڪريو ته صرف خداپاڪ جي راضي ڪرڻ خاطر ڪريو ۽ پڪ ڄاڻو ته خداپاڪ پنهنجي ٻانهن سان جيڪا به چڱائي ٿئي ٿي، ان ۾ ڏاڍو خوش رهي ٿو. دنيا عيوض نه ڏيئي سگھندي آهي. پر مھربان خدا ان جو  اجورو بلڪل ظاهر به ڏئي ٿو ۽ اندرو اندر ان جون مخفي قوتون نيڪي ڪندڙ انسان سان هر مھل ۽ موقعي ۾ شامل رهن ٿيون.

5)     توهان علم پڙهو. علم کي وڌايو ۽ علم کي ڪيتري به حد تائين حاصل ڪرڻ کانپوءِ به سمجھو ته علم جي درياءَ مان اڃا ڪو ٿوروئي حصو حاصل ڪري سگھيا آهيو. هميشه علم کي وڌائڻ جي ڪوشس جاري رکجو. علم جي ڪا به انتها نه آهي. تنهنڪري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به اها جذبا قائم رکجو ته اوهان کي اڃان به علم جي ضرورت آهي. علم اوهان کي اخلاق ۽ انسانيت جي تعليم سيکاريندو آهي. واهيات ۽ لغو ڪمن کان توهان کي روڪيندو. ان ڪري علم حاصل ڪرڻ بعد ان تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته اهو علم جنهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، اهو هڪ اهڙو زهر زيان ڪار آهي، جنهن جي ڪا به دوا ڪانهي.

6)    جڏهن اوهان علم حاصل ڪريو ۽ خداپاڪ اوهان کي ڪنهن موچاري منزل تي پهچائي ته ياد رکجو! هاڻي الله پاڪ جا احسان شروع ٿيا ۽ احسانن سان گڏ سندس آزمائش جو دور به گڏو گڏ چالو ٿي وڃي ٿو. ياد رکجو، ظاهري مان مرتبي يا دٻدٻي تي مغرور اصل نه ٿجو، بلڪ اخلاق ۽ نهٺائي جي عادت ڌارجو. پاڻ کان هيڻن تي هميشه رحم جي نگاه ڪجو، ڇوته اهي سڀ خداپاڪ جا ٻانها آهن، ۽ هيءَ ان مالڪ جي مھرباني آهي، جنهن توهان کي پنهنجي هيترن ٻانهن مان چونڊي، انهيءَ لائق بنايو، جو توهان ڪنهن جي خذمت ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن توهان مغرور نه ٿيا ۽ اخلاق ۽ نهٺائي سان خذمت خلق کي پنهنجي عادت بنائيندا ته دنيا ۾ ته عزت حاصل ڪندا، پر آخرت ۾ به توهان هر طرح ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا. ياد رکو! جو خذمت ڪندو سوئي مخدوم ٿيندو آهي.

7)    عزيزن ۽ پاڙيسرين جي عزت ڪجو. اهو اوهان جو اخلاقي فرض آهي. اوهان جيڪڏهن خداپاڪ جي فضل سان ڪاميابي تي پهچو ٿا ته عزيزن ۽ پاڙيسرين ۾ حسد پئدا ٿي وڃي، اهو عين ممڪن آهي. ڇو ته اڪثر اها انساني فطرت آهي، ته انسان پاڻ کان ڪنهن به چڱي ماڻهو مان خوش نه رهندا آهن. اهي ڳالهيون  منهنجي تجربي ۾ اچي چڪيون آهن ۽ دنيا جي تاريخ ان ڳالهه تي ڪافي روشني وجھي ٿي. مگر توهان ان کان متاثر نه ٿجو. توهان بلڪل دل جمعي سان ۽ اخلاص سان هر هڪ جي عزت به ڪندا رهجو ۽ ڪنهن به موقعي تي انهن جي جيڪا به خذمت ضروري ڏسو ته بي فڪر ڪندا رهجو. توهان اها پرواه اصل نه ڪجو ته هو توهان مان ناخوش رهندو آهي! توهان چڱائي ڪندا رهجو. دراصل احسان ساريندڙ انسان سان هرهڪ ماڻهو چڱائي ڪري سگھندو آهي پر احسان وساريندڙ انسان سان چڱائي ڪرڻ هڪ اعلى مردانگي آهي ۽ انساني صفتن ۾ اها هڪ بهترين صفت آهي. توهان کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيندو ۽ جڏهن به ڀلائي ڪندا ته پنهنجي دل ۾ ڏاڍي راحت خوشي ۽ فرحت محسوس ڪندا. شاهه صاحب فرمايو آهي ته:

چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مٺن
جو وڙ جڙي جن سين، سي ئي سو وڙ ڪن.

8)    ڪڏهن به پاڻ کان ڪنهن وڏي درجي واري ماڻهو تي پوءِ هو چاهي ته وڏي عهدي تي هجي يا اوهان کان هوشيار يا عقلمند ثابت ٿئي يا ماڻهو ان جي وڌيڪ تعريف ڪن ٿا ته توهان هرگز ان لاءِ افسوس نه ڪجو ۽ نه حسد ڪجو. ڇو ته حسد هڪ باه آهي جا سڀ کان اول خود حاسد کي ساڙيندي آهي. حسد هڪ تمام مذموم ۽ بري صفت آهي. اها اصل پاڻ ۾ پئدا ٿيڻ نه ڏجو ۽ جيڪو توهان کان وڏو ثابت ٿيو هجي ته، تمام فراخدليءَ سان ان جو اعتراف ڪجو. پر ان سان گڏ اها تمنا ۽ اميد رکجو ۽ اها ڪوشش جاري رکجو ته خدا پاڪ توهان کي به وڌائي ۽ هن جي برابر آڻي. بلڪ اهو مالڪ مھربان ته ان کان به توهان کي وڌائي سگھي ٿو. جڏهن ايئن ٿي سگھي ٿو ته پوءِ توهان حسد جي غليظ عادت ۾ ڇو مبتلا رهو ۽ پنهن جي اندر کي به جلايو ۽ ٻين لاءِ به اذيت پئدا ڪريو. توهان اخلاق سان پاڻ کي وڌائڻ ۽ سٺو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري رکجو. ان شاء الله جلد توهان تي خدا پاڪ جي مدد نازل ٿي سگھي ٿي.

9)    ڪنهن سان به برائي نه ڪريو ۽ نه ڪنهن جي نقصان ۾ خوشي محسوس ڪريو. ڪوشش ڪري هر هڪ ماڻھو سان چڱو سلوڪ ۽ چڱي نيت رکو. اهو ضروري نه آهي ته مسلسل چڱاين ڪندي به ماڻهو اوهان مان پوري طرح مطمئن رهن. ڇو ته ايئن ٿيندو رهندو آهي. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته آءٌ ننڍپڻ کان اڄ تائين اهو چاهيندو رهيس ته ماڻهو مون مان هميشه خوش رهن. ان لاءِ ڪيترن موقعن تي مون کي ڏاڍي ڪَس به کائڻي پئي. اوهان جيڪڏهن منهنجو هي ڪتاب ڌيان سان پڙهندا ته اوهان ڪافي کي اهڙيون ڳالهيون هٿ اچي سگھنديون. جن ۾ مون ڪنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ نقصان به برداشت ڪيو. پر هو راضي نه رهڻا هئا نه راضي رهيا. ايئن ٿيڻ ناممڪن نه آهي. پر ان جو فڪر اصل نه ڪجو. چڱائي جي  ڪري اسان جو ضمير خوش ٿئي ٿو. ان اسان تسلي حاصل ٿئي ٿي ۽ ماڻهو جيڪڏهن قدرشناسي نه ڪري سگھن ٿا ته به مالڪ مھربان جي مدد ان ٻانهي سان ضرور ويجھي رهي ٿي.

10)ڪاوڙ جي عادت نه ڌارجو ۽ نه جذبات کان مغلوب رهجو. ڪاوڙ ۾ انسان جو عقل مارجي ويندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ انسان تمام غلط ڳالهائي ويندو آهي. جنهن جو پويون  نتيجو تمام پڇتاءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ جذبات جو شڪار انسان به سخت ڀليل رهي ٿو. صحيح فيصلو ڪري ئي نه سگھندو. پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪئين واقعا مون ڏٺا ۽ محسوس ڪيا آهن ۽ جذبات جي وهڪري ۾ وهي يا ڪاوڙ جي غلبي هيٺ جيڪي فيصلا ٿيا، تن جو نتيجو هميشه خطرناڪ صورت ۾ ظاهر ٿيندو رهيو آهي. آءٌ بار بار هدايت ڪريان ٿو ته ڪاوڙ مارجو ۽ جذبات تي قابو پائجو. جڏهن توهان جي اها عادت ٿي ويندي ته پوءِ ان شاء الله تعالى اوهان ڏاڍو خوش رهندا ۽ اوهان جا سڀ عمل ۽ فيصلا الله پاڪ نتيجه خيز ثابت ڪندو.

11) ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجو. جيڪڏهن توهان کان انساني سڀاءَ موجب ڪا غلطي ٿي به وڃي ته ان کي ڪوڙ سان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪجو؛ ڇو ته هڪ ڪوڙ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ توهان کي ٻيا به ڏه ڪوڙ ٺاهڻا پوندا پر آخر ۾ ڪوڙ هميشه کلي پوندو آهي. پوءِ شرمساري ڏسڻي پوي ٿي. تنهنڪري توهان پنهنجي غلطي کي هميشه فراخدليءَ سان مڃيو ۽ ان ۾ معذرت ڪريو ته برابر مون کان ڀل ٿي ويئي. انهيءَ اعتراف ڪرڻ سان اڳين ڌر ايڏو ته متاثر ٿي سگھي ٿي، جو اوهان جي غلطي ته درگذر ڪري وڃي پر اٽلندو اوهان لاءِ هن جي دل ۾ عزت پئدا ٿي ويندي. ان شاء الله توهان اڳتي غلطي ڪرڻ کان پاسو ڪري سگھندا. هڪ غلطي کي لڪائڻ ۽ ڦٻائڻ سان اوهان ۾ غلطي جي عادت پئجي سگھي ٿي پوءِ هميشه ان جا برا نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ عزت ۽ وقار کي ڌڪ لڳندو رهندو.

12)هر هڪ عزيز قريب بلڪ عام خاص ماڻهو لاءِ دل ۾ خيرخواهي جو جذبو رکو، ڪنهن جو به نقصان ڏسي، خوش نه ٿجو. کڻي هو اوهان جو دشمن هجي توهين الله پاڪ جي مخلوق لاءِ خير ۽ چڱائي گھرندا ته مخلوق جو مالڪ اوهان لاءِ به خير گھرندو ۽ اوهان مان خوش رهندو.

 ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،

ڀلائي جا ڀاڙا ڌڻي تو کي ڏيندو.

توهان خدا پاڪ کان دعا گھرو ته اوهان کي الله سائين همت ڏي جو توهان ماڻهن کي نفعو پهچائي سگھو. نفعو رسائيندڙ انسان کي خير الناس سڏيو ويو آهي. يعني ماڻهن ۾ چڱو ماڻهو.

13)اوهان سان ڪو به عزيز برائي ڪري يا اوهان جي محض بد نيتيءَ سان گلا ڪري ته اوهان ناراض نه ٿجو بلڪ صبر ڪجو ۽ ان کي معاف ڪجو. برائي جو بدلو وٺڻ لاءِ دل ۾ خيال نه ڌارجو، اگرچه بدلو وٺڻ اجايو گناه نه آهي پر معاف ڪرڻ وڌيڪ بھتر سڏيو ويو آهي. ڪھڙي خبر ته اسين جنهن گناه جي عيوض ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيون ته هروڀرو يقين هجي ته هي سچو ڏوهي آهي. ممڪن آهي ته اسان کي خبر غلط ملي هجي يا اسان غلط سمجھيو هجي. ان ڪري معاف ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. اسان جو ڪو به عمل خدا پاڪ جي عملن سان ايترو موافقت نٿو ڪري سگھي جيترو هي ته ‘اسين درگذر ڪريون ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪريون.’ معاف ڪرڻ خدائي صفت آهي ۽ اسين خدائي صفتن مان صرف هڪ انهيءَ صفت تي ئي عمل ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري سگھنداسون. تنهنڪري وري به چوان ٿو ته اهڙن معاملن تي کين معافي ڏجو ۽ معافيءَ جي عادت ڌارجو. ان شاء الله اوهان ڪامياب رهندا.

14)   حرص طمع ۽ لالچ کان پاسو ڪجو. ناجائز طرح دولت ڪمائڻ جي ڪوشش نه ڪجو. توهان حق حلال جي روزي ڪمائجو ۽ ان تي قناعت ڪجو. جھڙي طاقت هجي، ان موجب خرچ ڪجو. نام، نمود ۽ ڏيکاءَ تي اجايو خرچ نه ڪجو. ڇو ته ان مان ڪو به حقيقي فائدو نه آهي. جيڪڏهن توهان صرف نام، نمود لاءِ ڪنهن موقعي تي طاقت کان مٿي خرچ ڪندا ته ان جي ڪڏهن به سچي تعريف نه ٿيندي. بلڪ حقيقت پسند ماڻهو ان کي واهيات سمجھندا. کڻي ڪي رواجي ماڻهو ڪوڙيءَ دل سان اوهان جي واکاڻ ڪن، پر دل ۾ اهي به محسوس ڪندا هوندا ته هن طاقت کان وڌيڪ بار کنيو آهي. پر ايترو ضرور آهي ته توهان بخيل ثابت نه ٿجو. جي اوهان جي طاقت کڻي گھٽ هجي پر اولاد جي تعليم يا گھرو اخراجات جيڪي اشد ضروري آهن يا مھمان جي تواضع انھن ڳالهين ۾ هميشه فراخدل رهجو. الله پاڪ اهي اسان لاءِ فرض مقرر ڪيا آهن. ۽ اسين سچيءَ دل سان پنهنجو فرض سمجھي، پنهنجي اولاد سان يا گھر سان فراخدلي سان (جنھن ۾ اصراف شامل نه هجي) پيش اينداسون ته الله پاڪ ضرور اسان جي مدد ڪندو. جيئن موجوده وقت ۾ منهنجي پوزيشن آهي. ان ۾ توهان خوشي محسوس ڪندا. آءٌ به خوش رهندو آهيان ۽ اها اميد دل ۾ رکان پيو ته مالڪ مھربان ضرور پنهنجي امداد سان مون کي ڪشادو رزق عطا ڪندو. آمين

15) حلال روزيءَ جي طلب ڪجو. جيڪو ماڻهو حلال طلبيندو، تنهن کي الله پاڪ حلال روز عطا ڪندو آهي. بلبل جيڪڏهن گلن جي طالب رهي ٿي ته مولاپاڪ ان کي باغ ملائيندو آهي ڪانگ جيڪڏهن ڍونڍ جو پياسي آهي ته ان کي جتان ڪٿان ڍونڍ ئي نصيب ٿيندو آهي. تنهنڪري هميشه حلال جي ڪشادي رزق جي تمنا رکجو. الله پاڪ وٽ ڪا کوٽ ڪانهي. اها ڳالھه پوريءَ طرح محسوس رکجو.

16)ڪنهن سان به خيانت نه ڪجو، نه پرايو حق رکي ڇڏجو. حق حقدار کي ملڻ گھرجي. قرض ادا ڪري ڏجو. جيڪڏهن ڪنهن کان به کنيو هجي. آءٌ راقم الحروف هن وقت قرض ۾ ڦاٿل آهيان ۽ اهو سڀ ڪتاب ۾ داخل آهي ۽ مون کي اميد آهي ته آءٌ اهو قرض پنهنجي هٿان ئي ڏور ڪري ڇڏيندس. ان شاء الله تعالى. پر اتفاق سان ڪجھه رهجي وڃي ته منهنجي صالح اولاد تي فرض آهي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي، اوترو اهو قرض ادا ڪيو وڃي. ڇو ته قرض وارو ماڻهو الله جي درٻار ۾ جھليل ۽ ويچارو رهندو آهي. اها وصيت هن صحبت ۾ هتي موقعو سمجھي ڪري ڇڏيان ٿو. منهنجي اولاد تي فرض آهي ته الله پاڪ جي عذاب کان بچڻ لاءِ اها ڪوشش ضرور ڪن. خدا پاڪ اوهان کي خوش رکندو.

17)پنهنجي گھر سان يا پنهنجي اولاد سان يا پنهنجي مائٽن سان هميشه مخلص ۽ سچا رهجو. توهان هڪ ٻئي سان سچا رهندا ته اوهين ڏاڍو مطمئن ۽ خوش رهندا. ماء ۽ پيءُ جي خذمت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي. ننڍپڻ ۾ جڏهن اوهان ضعيف هئا ۽ مدد جا محتاج هئا ته انهن بنا ڪنهن غرض جي توهان جي مخلصانه خذمت ڪئي آهي. انهيءَ خذمت ۾ انهن سدائين خوشي محسوس ڪئي. اوهين به انهن جي خذمت ڪجو ۽ جيڪڏهن ۽ جڏهن هو پيريءَ جي ان حد ۾ داخل ٿين جتي هو هر طرح اوهان جي مدد کان سواءِ بيوس ٿي پون ته اوهان دل و جان سان انهن کي ساٿ ڏجو ۽ هنن جي دلجوئي ڪجو. ياد رکجو ته جڏهن هو ڪمزور ۽ بيوس ثابت ٿيندا. تڏهن توهان جو هڪڙو مٺو ڳالھاءَ انهن لاءِ آب حيات ٿي پوندو ۽ اوهان جو شفقت ۽ پيار جو سلوڪ سندن جي زخمي دل لاءِ مرهم ثابت ٿيندو ان شاء الله اوهان ڏکيو ڏينهن نه ڏسندا ۽ وڏو فائدو به ملندو ته آخر ڪڏهن توهان به ساڳئي منزل تي پھچندا. ان مھل جي اوهان مائٽن جي خذمت ڪئي هوندي ته الله پاڪ اوهان جي اولاد کي به اهڙي طاقت ڏيندو جو هو به اوهان جي خوشيءَ سان اهڙي خذمت بجاآڻيندا ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سس ۽ سهرو به انهيءَ عزت جا مستحق آهن. بلڪ هر عزيز قريب نياڻي سياڻي پاڙيسري ۽ قوم جو هر ماڻهو توهان جي حسن اخلاق سان هلت جو حقدار آهي. توهان اهي حق بجا آڻي، خداپاڪ جي نعمت جو بھترين شڪريو پيش ڪري سگھوٿا.

18)توهان مسافريءَ ۾ هجو ته پنهنجي رفيق سان يا توهان وقت سر ڪنهن اوطاق ۾ يا هاسٽل ۾ رهو ٿا ته پنهنجي ساٿين سان هميشه لطف ۽چڱائي سان ۽ اخلاق سان پيش اچجو. ان ۾ توهان جو وقار به وڌندو ۽ توهان کي قدرت جي طرفان چڱائي جو نتيجو ملندو رهندو. نيڪ نيتي جو سٺو نتيجو ضرور ملندو آهي. اهو منهنجو تجربو به آهي.

19)   بدگماني ۽ بغض کان پاسو ڪجو. بدگماني هڪ اهڙو مرض آهي، جنهن خاندانن جا خاندان تباه ڪري ڇڏيا آهن. ڪيترا محبت وارا گھر هجن پر جيڪڏهن انهن ۾ ڪا به بدگماني اچي وڃي ٿي ته هڪدم سڄو نقشو بگڙيو وڃي ۽ محبت بدلجي نفرت ٿي ويندي آهي. ياد رکجو زماني جي اها به هڪ پراڻي بد عادت آهي، جو ڪي به ڪوڙيون سچيون ڳالھيون بنائي ٻئي جي دل تي نفرت جو زهر اڇلائي ڇڏيندا آهن. ان مھل هوشيار ۽ چڱي ماڻهو جو فرض آهي ته هو هر ٻڌل ڳالھه کي سچو نه سمجھي ۽ ڪنن جو ڪچو نه ٿئي. جي توهان اهو نيڪ نيتي سان ڪيو ته ٻي ڌر جيڪڏهن خدانخواسته سچ پچ ڪنهن غلطيءَ ۾ هوندي ته به هو ازخود پنهنجي غلطي سڌاري ويندي. بلڪ غلطيءَ کان شرمسار ٿي معافي وٺندي. ان کانپوءِ محبت اڳئين کان به وڌيڪ ٿي ويندي. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي.

20)           توهان هر هڪ ماڻهو لاءِ دل ۾ عزت رکو. عزت سان پيش اچو. وڏن جو ادب رکو ۽ ننڍن کي پيار ڪجو. هر هڪ ماڻهو کي دعا سان ياد ڪجو. اسان جي مذهب ۾ السلام عليڪم چوڻ هڪ ضروري فرض ڄاڻايو ويو آهي. جنهن جي معنى ئي آهي شل اوهان تي سلامتي هجي.  اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان کي هر مھل ۽ هر وقت هڪ ٻئي جو دعاگو رهڻ گھرجي. نه فقط زبان سان پر دل سان، هڪ ٻئي جو دعاگو رهجو. توهان يقيناً سدائين عزت سان ۽ پرسڪون حالت سان رهندا. نهايت خوش ۽ اطمينان واري زندگي بسر ڪندا. ان شاء الله تعالى.

21)توهان ڀائر پاڻ ۾ تمام پيار ۽ محبت سان رهجو. ننڍي جو فرض آهي ته وڏي جو ادب ڪري ۽ فرمان بردار رهي ۽ وڏي جو فرض آهي ته پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي هميشه خلوص ۽ پيار سان ياد ڪري ۽ سدائين هڪ ٻئي سان سچا ساٿي ٿي دنيا جي تختي تي ناموري ۽ نيڪي حاصل ڪندا رهجو. محبت ۽ اتحاد ۾ الله پاڪ جون وڏيون برڪتون ۽ ڀلايون رکيل آهن. اها خدا جي نعمت آهي، اها هميشه سنڀالجو ۽ ان لاءِ سدائين ڪوشش رکجو. ساڳئي نموني ڀينرن سان به پيار ۽ همدردي رکجو. توهان تي خداپاڪ هميشه راضي رهندو. آمين.

22) اوهان هر هڪ عزت واري ماڻهو جو قدر ۽ احساس ڪندا رهجو. جيڪو به ماڻهو توهان سان چڱو پيش اچي ته ان لاءِ شڪر گذاري ڪريو ۽ ان جي چڱاين جو احساس ڪڏهن به دل تان نه لاهجو. ڪو به ماڻهو توهان سان ٿوري چڱائي ڪري ته به اها وڏي سمجھي، ان لاءِ شڪرگذاري جي جذبات رکجو. پر توهان ڪنهن سان به ڪيتري به گھڻي چڱائي ڪريو ته اها وسارڻ جي ڪوشش ڪجو ۽ دل ۾ اهو احساس رکجو ته اوهان پنهنجو فرض ادا ڪيو. بي قدر ۽ بي احساس اصل نه ٿجو. پنهنجي گھر سان يا پنهنجي عزيزن دوستن ۽ قوم وارن کي عزت ۽ قدر جي نگاه سان ڏسجو. هر هڪ ماڻهو ۾ چڱائي جي اميد رکجو ۽ هر هڪ ۾ چڱو گمان رکجو.  ڪنهن به ڳالھه جو غلط يا برو نتيجو نه ڪڍجو، پر ڪوشش ڪري هر هڪ ڳالھه کي چڱائي جي نگاه سان ڏسجو. پوءِ اميد آهي ته توهان کي اڪثر چڱايون ئي پيش اينديون ۽ خدا سائين توهان کي نيڪ نيت ۽ نيڪ گمان جو نيڪ ۽ چڱو بدلو عنايت ڪندو. ان شاء الله تعالى.

23)           ڪنهن به مشڪلات ۾ خدا پاڪ کان خلوص دل سان مدد گھرجو. خدا پاڪ دعا ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. سچي دل سان خدا کي ٻاڏائيندا ته دل ۾ توهان کي راحت اچي ويندي. مشڪل معاف ٿي ويندي. ان شاء الله تعالى. مون ڪيترن ڏکين وقتن ۾، جڏهن ڪنهن به مدد پھچڻ جو آسرو نه ڏٺو ۽ بيوس ٿي خدا کي ٻاڏايو ته ان جي رحمت مون کي اُڪاري پار ڪيو ۽ هاڻي منهنجو اهو يقين آهي ته خدا سائين جي مدد هر وقت ويجھي آهي.

(تاريخ 76-4-1)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org