غزل
خواب نگر جا نقشا کُلندا،
بند دريون دروازا کُلندا.
چانديءَ اُس ۾ ڳاڙهي گُل تي،
پوپٽُ پوپٽُ لمحا کُلندا.
سمنڊُ اُڏامي دل ۾ لهندو،
اکڙين منجهه ڪنارا کُلندا.
ياد ملائم مخمل جهڙي،
سوچ-پَڌر تي تاڪيا کُلندا.
گيت
ڪارو بَن
سپنن جو سودائي بَن مان گذري ٿو
ڪاري بَن جون راتيون ڪاريون، ڏينهن به ڪارا،
برسن گهور- انڌيرن تي ٿا، مينهن به ڪارا،
وقت پکيءَ جيئن آوارا ٿي اُڏري ٿو-
سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.
بن ۾ ڪارا نانگ، بلائون، شينهن، گداڙيون،
چيتا، باندر، لومڙ، سوئر، رِڇَ، بگهاڙيون،
پَنُ پَنُ ڌڙڪي آوازن تي وکري ٿو-
سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.
بَن ۾ هر پاسي آ ڀيانڪ اوندهه ڇائي،
بَن ۾ آهي سانجهه، صبح جي مهل نه ڪائي،
ڪير ڪنڊن ۽ زرد پنن تان اُڪري ٿو-
سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.
سپن کي ڀي روز سفر ڪو ڪرڻو پئي ٿو،
دور پُراڻي پٿر جي ۾ رهڻو پئي ٿو،
ساڀيائن جو سِجُ ڪڏهن ائين اُڀري ٿو.
سپنن جو سودائي بن مان گذري ٿو.
گيت
هڪ شهر جو الميو
هر دور ۾، هر حال رهيو سچ جي خاطر،
سوريءَ جو سزاوار علقمندُ اڪيلو.
تاريخ، تفڪر جو رهيو اوج تي تارو،
مورخ ٿو رهي ذات ۾ پابندُ اڪيلو.
شاعر به تصور ۾ ٿو تنها ئي گذاري،
موجود رهي جيئن ٿو خداوندُ اڪيلو!
ابهامُ ڪو اِلهام ۾ ڪڏهين نه رهيو آ،
هن صورت يزدانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
قرآن جي عرفان کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
انجيل جي اعلانَ کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو،
جبريل مخاطب ته مسلسل ئي رهي ٿو،
انسان جي فرمان کي ڪڏهين ته ٻُڌڻ ڏيو!
مذهب ٿو ڪري بند جڏهن پنهنجي اکين کي،
تعصب جي ٻَري باهه ٿي تنهن وقت ذهن ۾،
ٿي خلق وسوڙيل رهي ويچارَ کان وانجهيل،
ايمان، ڪُفر جي ٿي مري روز تهن ۾،
حاڪم يا حڪومت جو انهيءَ منجهه وڃي ڇا،
مندر ۾ سڙي لاش يا مسجد جي صحن ۾؟!
وحشي پڻي جي دور ۾ اڄ ڀي ته رهون ٿا،
احساس سندو چنڊُ به ڪنهن رات ٻَريو آ،
اڄ موت ٿو بارود جي گونجار ۾ کيڏي،
سپنن جو، گهڙي هڪ به نه هي شهر ٺريو آ،
ڄڻ ملڪ هي پنهنجيءَ عُمر تي آ رسي ويو،
پنهنجو ئي ڪفن پاڻ خريدي ته رهيو آ.
گيت
سنڌ سَرير ۽ ساههُ
واٽ-
وکيري واءُ،
مٿان ٿو سِجُ تکو ڏئي تاءُ.
ريت-
اُلا ۽ آڳ،
وري ڪو وِيرُ ورائي واڳ.
ڏينهن-
تِکيري تِکَ،
کڻي ٿو ڪير وڌي هر وِکَ.
گهاءَ-
سُهنِ ٿا گهوٽ،
اٿئي هي رڻ راهي اڻموٽ.
ديسَ-
سنڀاريو سَتُ،
گُهري ٿو ڳچيءَ ڳچيءَ جو رتُ.
سنڌ-
سرير ۽ ساههُ،
انهيءَ ۾ وهندو پيو درياههُ.
گيت
بي خواب هوا آئي
جنهن وقت کِلي مون تي، آ رات جي تنهائي،
اکڙيون نه اُگهيون ڪنهن ڀي، دل ڪنهن به نه پرچائي،
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
معصوم محبت جا، لمحا هي سَڙن ڇو ٿا؟
۽ دل جي قبيلي جا، خيما هي سَڙن ڇو ٿا؟
ڪنهن ڇو نه ڪئي دل جي دل ساڻ مسيحائي؟
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
جَهٽَ اک نه لڳي رڻ جي، رولاڪ پکين جي آ،
ڄڻ سانت سِبي سوڙهي، پوشاڪ پکين جي آ،
ڪنهن طرف ڪڏهن گُونجي، ڪا گوُنجَ نه صحرائي-
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
آواز ويا وسري، نغما به ويا وسري،
واڪا نه وڻن ۾ ۽ جهونڪا به ويا وسري،
ماحول ڪيو ڪيڏو، سُرَ، سازَ کي سودائي-
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
چُپ چاپ سڄو صحرا، چُپ چاپ سمندر آ،
چُپ چاپ ڌمالون ۽ چُپ چاپ قلندر آ،
چُپ چاپ ٽُٽن تارا، چُپ چاپ اڪيلائي-
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
ڪو پَرُ به نه خوابن کي، اُرڻ جي رکان خواهش،
آڪاش، منڊل سارا، اڪرڻ جي رکان خواهش،
رفتار اُتم اهڙي، مان اُن جو تمنائي-
بي خواب هوا آئي
بي خواب هوا آئي
گيت
وڄڙين وڌا ونگَ
وڄڙين وڌا ونگَ-
ڪڪر ۾.
آءُ ته سرتا سونهن اُجاريون،
سَرهايون سارنگَ-
ڪڪر ۾!
تنهائيءَ ۾ ٻکجي وئي آ،
آڌيءَ آس اُمنگَ!
ڪڪر ۾!
توبن ڌُنڌلا ڌُنڌلا آهن،
سارا رنگ ترنگَ-
ڪڪر ۾.
گيت
پيار اسان جي منزل
دل گَهرِي ڪا دلدل آهي،
سامهون سِڪَ جو ساحل آهي-
پيارُ اسان جي منزل آهي!
نيري اُڀَ ۾ سردُ صدائون،
برف ٿيون سڀ قربَ ڪٿائون،
خواب ۾ خُنڪي هر پل آهي-
پيارُ اسان جي منزل آهي!
سُرهي سُرهي سُرڪَ اوهان جي،
اُسَ ۾ چاندي مُرڪَ اوهان جي،
ڇا ته اکين ۾ جِهلمل آهي-
پيارُ اسان جي منزل آهي!
سانگَ سمورا موسم ڄاڻي،
وڻ وڻ ڌوڻي، پَنُ پَنُ ڇاڻي،
ڪا ته هوا ۾ هلچل آهي-
پيارُ اسان جي منزل آهي!
محبوبا جو پيارُ سڏي ٿو،
اوجهڙ رستو، دارُ سڏي ٿو،
هاءِ جواني اڻ جهل آهي-
پيارُ اسان جي منزل آهي!
گيت
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن
احساسن جي اڪيلائي
خاموشيءَ جو ڇاڻي پَن پَن،
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
وڻ وڻ هيٺان ڇائون ڇاپي،
ڪُوڪَ هوا سان پنهنجي ماپي،
ٺوٺُ مندن ۾ ٺاري تَن مَن،
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
ڪارا پکَ تتيءَ ۾ تنهن جا،
رنگ نه رنگريزڻ جا اهڙا،
کاڌي مات سمورن رنگن-
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
راڳ رسيلا سرگم ڇيڙي،
آلاپي ٿي ننڊ اُکيڙي،
ٻول سمواتيءَ ۾ ٻهڪن-
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
ساري ڌرتي سبز وڇاڻو،
اُڀ اکين ۾، ٻانهن وهاڻو،
خوابن مان جاڳايو جذبن-
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
تون به اڪيلي، مان به اڪيلو،
ساٿ نه ڪنهن جو هيڪل ويلو،
جيون کي ڄڻ ڳوهيو ڳوڙهن-
ڪاري ڪوئل ڪُوڪي بَن بَن.
وائي
ڪيڏو تيجُ ٽِڪون،
وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!
مهڪن پيئون ماڪ ۾،
ڪيئي رنگ – رُتون-
وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!
رُوپ سُنهرا سِجَ جا،
رم جهم روشنيون،
وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!
اُسَ نپايون گج ۾،
ڪرڻن جون ڪِرچيون،
وينگس تُنهنجي ويسَ ۾!
وائي
جلي سانجهه- سَتِي-
اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.
لَڪن راسيون رَتيون،
سوج ساڻ رَچِي-
اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.
هيءَ جا لهر درياهه جي،
ڳاڙهي رنگ رَتِي،
اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.
تارن اکيون اُپٽيون،
بڻيو چنڊُ بتِي-
اُڀُ سڄو ئي آڳ آ.
وائي
اکِڙين جي آلاڻ-
تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.
تنهائيءَ جي اونداهيءَ ۾،
يادن جي چانڊاڻ-
تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.
موتئي جهڙن ماڪ ڦڙن ۾،
هيءَ جا آ سرهاڻ،
تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.
آڌيءَ اُڀَ ۾ هيءَ تارن جي،
جڳ مڳ روح رهاڻ-
تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.
پرهه پَريءَ جي پاند کڻڻ سان،
اوڀر ۾ لالاڻ-
تنهنجي ڳالهه ڪري پئي.
وائي
جوڳڻ – بين وڳي.
انگ ندورا آئيا.
چڙهي رات چکيا مٿي،
مُنهنجي ڀيڻ سڳي،
جوڳڻ – بين وڳي.
نانگ ندورا آئيا.
جُوٺا جوڀن هيئن تون،
مون سان ڪر نه ٺڳي!
جوڳڻ – بين وڳي.
نانگ ندورا آئيا.
ها، هيءَ منهنجي جندڙي،
تنهنجي توههَ تڳي،
جوڳڻ – بين وڳي.
نانگ ندورا آئيا.
تو بن ڏاڍا ڏاکڙا،
آيا لار لڳي،
جوڳڻ – بين وڳي.
نانگ ندورا آئيا.
وائي
رات به ڪاري رات.
مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!
جنهن جي هٿ ۾ روشني،
اُن کي ڪهڙي مات.
مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!
سِرُ مٿانهون سنڌ کان،
ڪيڏي اوڇي بات!
مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!
هِن اونداهي ڏيهه ۾،
جرڪي منهنجي ڏات.
مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!
رانول تنهنجي رتَ مان،
ڄاڻ ڦٽي پرڀات.
مون وٽ، وَٽِ نه ڏِيئڙو!
وائي
تون ئي منهنجو پيارُ-
تون ئي منهنجي آرسي!
تنهنجو روپُ سروپُ ٿو،
موهي هي سنسار-
تون ئي منهنجي آرسي!
ڪيڏيون نيڻَ نهارَ ۾،
ويُرون ويروتارُ-
تون ئي منهنجي آرسي!
گُجري پنهنجي گَجَ مان،
اُجرو سِجُ اڀارُ-
تون ئي منهنجي آرسي!
پنهنجي ريت پريت آ،
جنم جنم اسرارُ-
تون ئي منهنجي آرسي!
تون ئي منهنجو پيارُ!
وائي
ڪناري لائين!
ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!
مڪڙيون ماپن ٿيون ڪڏهن،
سِپن ۾ سائين!
ڪناري لائين-
ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!
ساري هن سنسار جو،
پيار پُکي پائين-
ڪناري لائين-
ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!
اڳاهون اوڙاههُ ٿو،
سڏي سدائين-
ڪناري لائين-
ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!
ننڊ نهوڙيا ناکئا!
لنگر لڳائين-
ڪناري لائين-
ڪاهي ڪاري سمنڊ مان!
وائي
پياسا پياسا چپَ-
ڪير اُجهائي اُڃَ کي.
ڪِنگرين ۾ او ڪامڻي!
ناهي پاڻيءَ لپَ-
ڪير اُجهائي اُڃَ کي.
رڻُ رڙي ٿو روح ۾،
ڪهڙي ساههَ سَهپَ،
ڪير اُجهائي اُڃَ کي.
سڀئي گهايل گهاگهريون،
تانگهي تاسَ تڙپَ،
ڪير اُجهائي اُڃَ کي.
ڳل تان ڳوڙهن جي اچي،
ڪريو پاڻ ڳڻپَ،
ڪير اُجهائي اُڃَ کي.
چئو سٽو
ماڌو لال حسين
من جي اوندهه گهٽجي ويندئي، جرڪي پوندئي خوابَ،
کڻ کڻ هٿ ترين تي ڏيئا، سوچ نه ڪجهه ويچار!
چنڊ تنهنجي پيشاني چُمندو، روشن ٿيندئي نيڻ،
ماڌو لال حسين دُئاري، ميڻ بتين کي ٻار!
سانيٽ
روشنيءَ جا رسول
چراغُ، ميڻَ بتي، ڪيئن جلي جلي مشعل؟!
جلائي ڪير ٿو باڪَسَ بغير ڪا ڪاني،
چئون، چئون به ڀلا ڪنهن کي باهه جو باني،
ڪئي نه ڪنهن به شعاعن جي پالنا ڪنهن پل!
اُماسُ آهي يقينن نِـهارَ جي آڏو،
نه آسمانُ ئي ڄائو، نه روشني ڄائي.
نه نظر جي حدن ۾ ڪا چاندني ڄائي،
کڻون ٿا روزُُ اکيون انڌڪارَ جي آڏو!
ڪٿي نه چڻنگَ، نه شُعلو اُهاءُ ٿو ڏسجي،
ڪٿي نه رات جون نِڪتيون تِروڪِڙيون، تارا،
ڪٿي نه چنڊُ ئي نڪتو، نه چمڪيا چارا.
ڪٿي ڪيئن نرم ڪنهن هٿ جي لڪير کي پڙهجي!
ڪڏهن ته صبح جا سُورجَ نُزولُ ٿي پوندا،
۽ روشني جا سَراپا رسولُ ٿي پوندا!
سانيٽ
پاڇي
صديون ۽ سالَ، غُلامي ۾ ئي ڪَٽيون ويٺا،
ضميرَ، ذهن ڏٺا، ظلم جا نوان نقشا!
زمين ديسَ جي ماپي، ڏئي لکين تحفا،
سلام وقت جي جلاد کي ڪيون ويٺا!
رهيو نه چور جي پويان ڪو پـَير جو ليڪو،
سُفيد رنگ ۾ ڌوئي رکون پيا ڌاڳا!
قبول ڏوههَ ڪري ننڊ ۾ هلون پيا ٿا،
لــَـڌو نه ڪنهن به اڃا آهي رات جو رستو!
اچي نه لڄَ ٿي زماني کي ڪچَ ڪمائيءَ تي،
ٻڌاءِ پاڻ کي پاڇي ڀلا بچي ڇاهي!
نصاب ڪوڙ جو دنيا نئون لکيو آهي،
رهي انڌير جو قبضو ٿو روشنائيءَ تي!
پـَري، پـَري نه ڏسو، سج نهارَ مان نڪتو!
للاٽ لاٽ ۽ پنهنجي ڪـَپارَ مان نڪتو!! |