سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص

 

صفحو:2

نظم

قلو پطره

جواني قيمتي تنهنجي،

اکين ۾ چاندي پوکي،

هوا مضبوط تختن تي،

لهي ٿي اپسر ا وانگي.

درياءَ نيل جو پاڻي،

ڏسي تو اک کڻي توکي.

 

قلو پطره!

چپن جا تو ڏئي ياقوت

۽ الماس اکڙين جا،

هٿن جا ڏئي ڪنول اُجرا،

سَريکون سون جو سينو،

ڳلن جا تِرَ، بدن جون ڪئين بهارون ڏئي،

مڃون ٿا تو بچايا،

ملڪ پنهنجي جا،

سوين انمول هيرا ۽ هزارين بي بها موتي،

مٽي محبوبُ پنهنجي،

آسماني ديوتائن جا سڀئي اوتارَ،

ڏاهپ، ڪرشما، اهرام ۽ صحرا،

 

قطو پطره!

مٿان فانوس فطرت جو،

سمورا منتشر تارا،

حسين ڪنهن حادثي جي لئه،

الئه ڇو منتظر آهن؟

ملائم، ريشمي، ڪمخواب بِستر ۾،

ُمهين ٿي روز سِيزر سان،

مگر خنجر ٻُڏل رَت ۾،

مٽي تو سُرخ سِيزر جي،

ڏٺي ڪنهن خواب ۾ ناهي!

رسيءَ کان مختصر، نازڪ،

سنهيءَ هن چيلهه تنهنجيءَ کي،

سهارو ٻانهن جو آهي.

مٿان دستور موجب ئي،

چپن تي چَپَ رکيل آهن.

بدن ڄڻ ڊاک جي وَلِ جئن،

بدن تي ئي وريل آهي.

هٿن جون آڱريون ويهه ئي وڃن ڳنڍجي،

اِئين ڪنهن طلسماتي موههَ ۾ ٿيون، جو

پتو ئي ڪو نه ٿو پئي ڪو،

هَوس ۽ عشق ۾ ڪهڙو،

ازل کان رابطو آهي؟

 

قلو پطره!

 مڃون ٿا تون هميشه کان محبت جي اسيريءَ ۾،

اڪيلو ڪو نه سيزر کي رکين ٿي، پر

ڪرين ٿي زلف ڪافر سان، سموري روم کي قابو،

ٻيو ڪهڙو ڀلا ڏَسُ، مصر جي آ چنڊ جو جادو!
 

نظم

هميرو ڪولهي

 

وقت هميري ڪولهيءَ جو

ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو؟

کيڙيءَ ۾ آ خوابُ انهيءَ جو،

اوڙَ اوڙَ  ۾ آس انهيءَ جي،

ناڙيءَ تي آ جاڳ انهيءَ جي،

پار ڪِري هُو پوڙهو ڪڙمي،

جوڳ انهيءَ وٽ، جاٽَ انهيءَ جي،

پير اُگهاڙا واٽَ انهيءَ جي،

گهاٽُ انهيءَ جو گاجاهه موري،

پرڻو اُن جو مرڻي جهڙو،

ڪهڙا گهوٽيتا ۽ ساڏي،

ڪهڙا ڄاڃي، ڪهڙا ڪانڌي؟

زالون اُن جون موت مري ويون،

پٽ، نه نُهرون، اڱڻ اڪيلو،

ڪهڙو اُن جو ڪُڙم قبيلو؟

گهر-لوڙهي ۾ هڪڙو پوٽو.

ٻُڪ ۾ پاڻي پيئندڙ پوڙهو،

رنگ جو ڪارو، ڪن ۾ والِي،

اک سُفيد پکيءَ جي پَر جيئن،

هيءَ حياتي ڪيئن اُن جالِي؟

موڪَ ۾ ريٽ، لُڙاٽيل پاڻي،

سارين سائي چادر تاڻي،

ٻنيءَ ٻنيءَ ۾ ديرو اُن جو،

پٽيءَ پٽيءَ تي پيرو اُن جو،

هر پلُ آهي تابع اُن جي،

سانجهي، رات، سويرو اُن جو،

هيءَ ڌرتي آ ماءُ انهيءَ جي،

وڻ وڻ آهي ڀاءُ انهيءَ جو،

سجُ ۽ ٻجُ ٿو ٻهڪي اُن لئه،

هر ٻارو آ دنگُ انهيءَ جو.

 

هر ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهندو،

اُن جي ڳالهين جي مالها ۾،

آهي معنيٰ جو هر ڌاڳو،

وقت هميري ڪولهيءَ جو،

ڪيئن گذريو آ، ڪيئن گذري ٿو!؟

 

نظم

 

قرت العين طاهره

قرت العين،

 

ڪالهه خوشبوءَ جي مدفن ۾ جيئن ئي سُتي،

اڄ به اُن جي مٽي،

ڄڻ گلابن ۾ آهي رکي،

۽ گُل لاله وانگر سندس چهرو ٻهڪي پيو.

طاهره جو بدن باغ ۾،

کوڙ سارن گلن جي آ هيٺان رکيو،

وارَ ڄڻ ياسمن ساڻ مهڪن پيا،

۽ اکيون ڄڻ ته نرگس ۾ رهجي ويون،

چپ هر ڪنهن ڪليءَ ۾ ٿا مُرڪن پيا.

ڪنهن به پوشاڪ، پردي ۾ ڇا هي رکيو،

حسن جو هر حوالو آ وکريو پيو!

سبزُ سُرهي هوا ٿي گلن مان لنگهي،

جاڳ جلاد جي،

ننڊ منصور جي،

موت آڏو الڳ ٿي ڪا معنيٰ رکي!

ڪالهه جيئن ڊيل جي چال سان،

سونهن- ساگر کڻي،

رنگ پوپٽ جا پَهري هوءَ نڪري گهران،

ماڪ شيشا جهليا ڄڻ ته اُن جي اڳيان،

نُور وسندو رهيو صبح – تاري منجهان،

۽ اکين خواب جا کنڀ کولي ڇڏيا،

ڪنهن پکيءَ جي پَرن جي اُڏارن جيان،

عشق پنهنجون جبينون جهڪائي رکيون.

ڪير آهي، ڏسي ڪائناتي حسن؟

جُهڙ جي جهالر منجهان، چنڊُ جهاتيون وجهي،

سمنڊ کي ڪيئن ندي ڀَوَ ۾ ڀاڪيون وجهي!

آبشارن پهاڙن، زمينن اُڀن،

 ريگزارن سان ڪنهن جو رهي ربط ٿو!

ڪنهن به آهي ڏٺو؟

سِجُ، صد برگ، جو گُل ٿو نِوڙي چُمي،

وقت، تاريخ جي ڄڻ ته تسبيح ۾،

ملڪ موتيءَ جيان ٿو هٿن ۾ گُهمي،

طاهره جي ڳچيءَ ۾ چُنيءَ کي وجهي جن ڇِڪيو،

نَنهن نِڙيءَ تي ڏئي ۽ گُهٽو جيئن ڏنو،

وقت گهوگهو ڏنو ڄڻ ته ايران کي!!


نظم

 

سَروَم دُکم دُکم

سڀ کي پنهنجو گوتم آ،

سڀ کي پنهنجي پنهنجي ريت،

پنهنجي پنهنجي ڌرتي آ،

پنهنجا پنهنجا پيغمبر،

پنهنجي پنهنجي جاڳرتا.

پنهنجو پنهنجو ڌرم ڪرم،

پنهنجي پنهنجي آ پوڄا،

پنهنجي دنيا ۽ عقبيٰ،

پنهنجي پنهنجي محبوبا،

ساڀيا ساڀيا جا موتي،

سپني سپني جي مالها!

پنهنجون پنهنجون سِيمائون،

پنهنجا پنهنجا حصا ۽-

پنهنجون ڏند ڪٿائون ڪيئن،

پنهنجا پنهنجا قصا ۽-

پنهجي پنهنجي حرم سراءِ،

پنهنجا پنهنجا ديرا ۽-

پنهنجا پياسا پياسا پَٽ،

تاسا تاسا صحرا ۽-

پنهنجا جَهر جَهر جهرڻا ڪئين،

پنهنجا جهلمل تارا ۽ -

پنهنجن پنهنجن پيرن ۾،

پنهنجي پنهنجي دلدل آ،

پنهنجو پنهنجو رستو ۽

پنهنجي پنهنجي منزل آ،

سبز جزيرا پنهنجا ۽-

پنهنجو پنهنجو ساحل آ،

سڀ کي پنهنجي ميگها رُت،

پنهنجو پنهنجو بادل آ،

پنهنجي پنهنجي عصمت ۽-

پنهنجو پنهنجو آنچل آ.

سڀ کي پنهنجو پوربُ ۽-

پنهنجو پنهنجو پڇم آ،

سڀ کي پير رقاصا جا،

پنهنجي ڇيرِ ۽ ڇَم ڇَم آ،

سڀ کي پنهجا ساز ۽ سُرَ،

سڀ کي پنهنجو سر گم آ،

سڀ کي پنهنجا پنهنجا گهاءَ،

پنهنجو پنهنجو مرهم آ،

سڀ کي پنهنجو گوتم آ،

سُرَوم دُکمُ دُکمُ آ.
 

نظم

 

تهذيب جو نئون جنم

 

بُکن ۾ ڪڙهن ڪنهن جا آنڊا جڏهن ٿا،

سڄي رات فطرت جي تخليق روئي،

ڏکن جون ٿي شبنم سان مالهائون پوئي،

عُمر کان اڳي ٿا ٿين ٻارَ بالغ،

وتو هي جنم آهه تهذيب ڪهڙو؟

انڌو دور ڪنهن جي ڪري پالنا ٿو!

 

سڄو ڏينهن چِمني ٻَري مِل جي ٿي،

ڊُڪن نانگ دونهين جا آڪاسَ ۾ ٿا،

پناهون وٺن لُڙڪ احساسَ ۾ ٿا،

جڏهن سانجهه سوني اڱڻ تي لهي ٿي،

ٿڪل ساڻو ساڻو ٿو مزدور موٽي،

هٿين، پيٽ خالي ۽ مجبور موٽي!

 

لٿو شهر جي آ اکين منجهه موتيو،

ڪنن منجهه ڪوسو ڀَريو وقت شِيهو،

رهي شهر گونگو ۽ خاموش ڪيڏو!

ڪٿي ساز آواز جا گيت پوکيون؟

اکيون آرسيءَ تي رکِي ناز ڪريون،

ڪٿان گفتگوءَ جو ته آغاز ڪريون؟

 

نظم

 

سمنڊ ۽ شهر جي ڪٿا

سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي،

ڪهر آوازَ جو پڙاڏو ٿِي،

هر ڪناري مٿان ڊُڪِي، ڊوڙي،

شهر جي زهر کي چَکيو آهي-

سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

سمنڊُ فطرت جو معجزو آهي،

۽ زمينن جو آئينو آهي؟

صُبح سانجهيءَ رنگين غاليچا،

سانگَ سِيرن مٿان سجائن ٿا،

رنگَ ۽ روشنيءَ جي ساحل تان،

ڄڻ هوا کي پکي اُڏائن ٿا!

پنکَ پر هانوَ ۾ هَلائن ٿا!

روح شاعر جو ڪنهن رڱيو آهي؟

سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

شهر ننڍڙو نِراسُ ڪيڏو آ،

دل جو گهرڙو اُداسُ ڪيڏو آ!

هن صديءَ جي ٿڪل مسافر جي،

سونُ- پيرن تي ڌوڙ چاندي آ،

پنڌ دل جو قديم تنهن ڪاٽي،

پيارَ جي ڪائنات آندي آ،

موههُ باندي نه سونهن ماندي آ،

درد پر ڪنهن سندس ڪَڇيو آهي!

سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!

سمنڊَ ۽ شهرَ جي صدا پنهنجي،

هر ڪا تمثيل ۽ ڪٿا پنهنجي،

شهر چپُ آ زبانَ جي هوندي،

سمنڊُ گُونجي گَڏي ڪنارن کي،

شهر پُرهول، پُرخطر آهي!

سمنڊُ عاشق سڏي ستارن کي،

چينُ آڇي ٿو بيقرارن کي!

ريت تي رات ڀر رُليو آهي!

سمنڊُ هي شهر سان لُڇيو آهي!


نظم

 

هڪ بُوند جي وِشالتا

هڪ بُوند مان مصورَ

جُوڙيا سوين سمندرَ

 

ڇو ساحلن مٿان آ

هر وقت پيار تنها

جيڏو اٿاھ ساگر

ايڏي وڏي تمنا

لهرون کڻي وڃن ٿيون

اوجل اکين جا سپنا

ڪي دلفريب لمحا

مصروف عاشقن جا

سڀني نصيب پنهنجا

پنهنجا لِکيا مقدرَ

هڪ بوند مان مصورَ

جوڙيا سوين سمندرَ

 

ميرا طويل رستا

ٿا ڌوڙُ منجھه ڌوپن

هن ڪينواس تي ڪئين

چهرا حسين چمڪن

هر ھڪ بدن ڏيئو آ

ٻَھَه ٻَھَه ٻَري ٿا ٻَھڪن

صحرا، سرابَ سهڪن

اکڙيون انيڪ جاڳن

هر رنگ جون لڪيرون

هر سوچ جا تصورَ

ھڪ بوند مان مصورَ

جوڙيا سوين سمندرَ

 

ڪنهن ڍنڍ مان ڪنواري

وهنجي جڏھن کِلي ٿي

مُکڙي ڪنول جي گل جي

پاڻيءَ مٿان ٽِڙي ٿي

ڪا جل - پري ڪناري

پٿرائجي وڃي ٿي

سڀ سِرشٽي ڏسي ٿي

اوگهڙ سڄي ڍڪي ٿي

۽ خوبصورتيءَ جا

مُرڪي پون ٿا منظرَ

هڪ بوند مان مصورَ

جوڙيا سوين سمندرَ

 

دل جي اُداس اُڀ تي

تارا نه ڪو به بادل

گِهميل هوا گُهلي ٿي

هر سانجھَه سانت گهايل

هر ڏينهن ساھُ ساڻو

هر رات روحُ پاڳل

هڪ سُور سُور سُمهيل

هڪ دردُ دردُ جاڳيل

جيون سفر سفر ۾

ڄڻ پيرَ پيرَ پٿرَ

ھڪ بوند مان مصورَ

جوڙيا سوين سمندرَ.

 

غزل 

 

تنها پالي پيار نه سُمهه!

ائين اڪيلي ڌار نه سُمهه!

 

ننڊ ۾ ويندءِ چنڊ چُمي،

وِلَهه ۾ ويڙهي وارَ نه سُمهه!

 

جَرَ تي بَرسِي ساري رات،

برَ ۾ ڪارونڀارَ نه سُمهه!

 

جيسين بُکيو پيٽُ ڀَري،

تيسين پالڻهارَ، نه سُمهه!

 

کِڙيو چنڊُ، اُڏام چڪور!

ايئن قبولي هارَ نه سُمهه!

 

ڇوري! چوٽيءَ منجهه ڀَري،

موتئي جي مهڪار نه سُمهه!


غزل

 

بدن تنهنجو جواني آ، نديءَ جي،

جواني جادواني آ، نديءَ جي.

 

ڪنارا خواب جا ٻوڙي وڃي ٿي،

اکين ۾ ئي رواني آ، نديءَ جي.

 

ڪو منظر بي لباسيءَ جو رکي ٿي،

ڪهاڻي بي زباني آ، نديءَ جي.

 

وڻن ۾ ٿيون وڃن وکري هوائون،

ٿڌي سانجهي سُهاني آ، نديءَ جي.

 

مڙهي ٿي پيرَ، پَکَ، دلڪش اُڏارون،

پکيءَ تي مهرباني آ، نديءَ جي.

 

پُراڻو هاڪڙو ٿو ڌوڙ ڇاڻي،

مڪاني لا مڪاني آ، نديءَ جي.

 

ٻُڏو پاتال ۾ احمد ڪٿي آ،

نديءَ ۾ بدگماني آ، نديءَ جي.

 

غزل

 

ڪنهن اڳيان شخص هُو جُهڪي نٿو،

بُکَ ۾ ڀي هوڏ تان لهي نٿو.

 

روز ڪيڏا ڪتاب ٿو پڙهي،

سچ جي زهر کي چَکي نٿو.

 

هُن اُڌارا وتا ٻه پيرَ، پکَ،

وقت سان گڏ ڊُڪي، اُڏي نٿو!

 

آس جو آسمانُ آگميو،

پر کِنوي ۽ گجي، وَسي نٿو.

 

نانگُ، جو ڀينڊَ تي ڀڄي لِڪو،

هاڻ لٺ کان ڊڄي، لڪي نٿو.

 

هي سفر آ سفر عجيب ڪو،

زندگيءَ جو سفر لڳي نٿو!

 

غزل

 

شهر ۽ سمنڊ جهڙو ڪر، کپي ويندا!

ڪراچيءَ ۾ اسان جا گهر، کپي ويندا!

 

گُهري ديوار جو پاڇو، حصي ۾ ٿو،

سڀئي دالان، دريون، در، کپي ويندا!

 

لهي ٿو سجُ شاعر جي پيالي ۾،

جوانيءَ جا سُبو، ساغر، کپي ويندا!

 

خريدڻ خوابَ نڪتا هُو وڏي واڪي،

سُندر سپنا سنڀاليو ير! کپي ويندا!

 

شهر کان شهرُ ٿو بدلو وٺڻ چاهي،

سڀئي خنجر، سڀئي پٿر، کپي ويندا!

 

اکيون کوليو، نه ٿئي جئن سنڌ جو سودو،

وڏي ناڻي وڏا رهبر، کپي ويندا!

 

غزل

 

پيارُ جيون ڀر ڪجي،

دردَ کي دلبر ڪجي!

 

نيڻ تنُهنجا پُوڄجن،

توکي پوڄا گهر ڪجي!

 

مرتبي ۽ مانَ لئه،

پيٽ کي پٿر ڪجي!

 

جو سِسي نيزي رکي،

پنهنجو سو رهبر ڪجي!

 

هار لئه ڇو سوچجي!

سوچ کي ساگر ڪجي!

 

غزل

 

رات اُڀ تي ستارن جي سرواڻ ٿِي!

چنڊُ اُلهي وڃي، آءُ چانڊاڻ ٿِي!

 

مُنهنجي ڳوڙهن سان ڪڏهين ملي ڏِسُ مِٺي!

آنءُ ننڍڙي ندي تون ته مهراڻ ٿِي!

 

تنهنجي آئي ملي، نُور تارن کي ٿو،

۽ گلن کي ملي، ماٽَ سرهاڻ ٿِي!

 

اي سرءُ جي هوا! گُهل نه منهنجي مٿان،

ساههَ ۾ ٿو ڇڻي، دردُ پيلاڻ ٿِي!

 

مان سدائين صليبن تي مُرڪان پيو،

بارگاههِ محبت جو اهڃاڻ ٿِي.

 

غزل

 

ڪَکَ چُڻن ٿا پاريهر،

خوابَ اُڻن ٿا پاريهر.

 

باک ڦُٽي جئن روزانو،

ننڊ چُڳن ٿا پاريهر.

 

وچينءَ ويلا پاڇن هيٺ،

ڳُٽ ڳُٽ ڪن ٿا پاريهر.

 

رنگ سليٽيءَ جو احساسُ!

روز ڏِين ٿا پاريهر.

 

ندي، پُراڻي محل سراءِ،

اچن وڃن ٿا پاريهر.

 

بُکيا ڀٽڪي سانجهيءَ ويرَ،

گهر موٽن ٿا پاريهر.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org