سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: موڪلاڻي

باب: --

صفحو :7

31

هو چوندو رهيو ته، هو گهڻو ڪري اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گرفتار ٿين ٿا، جن جون عادتون اهڙيون آهن جهڙيو سندن حياتيءَ جي عرصي دوران هيون.

سقراط، ائين چوڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

آءُ چوان ٿو ته، جن ماڻهن هوس پرستي، عيش عشرت، ۽ شراب خوري اختيار ڪئي، ته انهن جا روح گڏهن ۽ ٻين اهڙن جانورن جي جسمن ۾ گهڙين ٿا. تون نٿو ڀائين ته ائين آهي؟

برابر، گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

۽ جن بي انصافي، ظلم ۽ ڦرلٽ اختيار ڪيو، سي بگهڙن، بازن ۽ سرڻن جي جسمن ۾ وڃن ٿا، ڀلا اهڙا رو ٻيو ويندا به ڪيڏانهن.

ڪيبيز چيو ته، بنان شڪ جي هو اهڙن جانورن ۽ پکين ۾ وڃن ٿا.

هن چيو: قصو ڪوتاهه ته، بلڪل صاف آهي ته، هر ڪو روح پنهنجي جسم جي عمل نسبت ڪنهن پاسي وڃي ٿو؛ يعني هر ڪو روح اهڙي جانور جي جسم ۾ گهڙي ٿو جنهن جون عادتون سندن جهڙيون آهن.

هن جواب ڏنو ته، تحقيق ائين ئي آهي.

هن چيو ته، ۽ انهن مان جيڪي سڀني کان سکيا آهن، ۽ سڀ کان گهڻي جاءِ ڏي وڃن ٿا، سي اهي آهن جن جون عوام دوست ۽ محبوباڻيون خصلتون اختيار ڪيل آهن، جن خصلتن کي پرهيزگاري ۽ انصاف سڏيندا آهن ۽ جي فيلسوفيءَ ۽ منطق کان سواءِ عادت ۽ استعمال جي وسيلي هٿ ايندا آهن.

ڀلا ڇو اهي سڀ کان سکيا آهن؟

ڇو ته هو وري پاڻ جهڙيءَ نرم ۽ محبوباڻيءَ فطرت ۾ موٽي ايندا آهن، جيئن ته مکين، پوپٽن ۽ ماڪوڙين جهڙين سڀاءَ ۾؛ يا نه ائين هوندو ته، هو وري انسانن جي جسمن ۾ موٽي ايندا، جن مان جڙن ٿا نهايت اشراف ماڻهو.

گهڻو ڪري ائين ئي هوندو.

 

32

خدائن جي قبيلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت فقط فيلسوف يا علم جي عاشق کي آهي، جو هتان وڃڻ وقت بلڪل پاڪ آهي، ۽ تنهنڪري منهنجا دوستو، سمئس ۽ ڪيبيز، سچو فيلسوف سدائين پرهيزگار ٿي رهي ٿو، ۽ بدن جي سڀني خواهشن کان دور گذاري ٿو، ۽ پاڻ کي خواهشن جي هٿ ۾ نٿو ڏئي ڇڏي. هو عام ماڻهن ۽ زر پرستن وانگر پنهنجي مال ۽ ملڪيت کي خرچ ڪرڻ کان نٿو ڊڄي؛ نڪي هو عزت ۽ اختيار جي صاحبن وانگر بدڪاريءَ جي ڪري بدنامي ۽ بي عزتي کان ڪو کائي پرهيزگاري اختيار ڪري ٿو.

ڪيبيز چيو ته، سقراط، اها هن جي گهٽتائي ليکبي جيڪڏهن هو انهن سببن جي ڪري ائين ڪري.

هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اها هن لاءِ گهٽائي ٿيندي. ۽ تنهنڪري اهي سڀئي ماڻهو جن کي پنهنجي روحن جو ڪو خيال آهي، ۽ جيڪي پنهنجون حياتيون رڳو پنهنجي جسمن جي ٺاهڻ ۽ سينگارڻ تي صرف نٿا ڪن، سي اهڙن ماڻهن کان دور رهن ٿا، ۽ انهن جا رستا اختيار ڪين ٿا ڪن، ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اهڙي عمل ڪرڻ وارا بي خبر آهن، ۽ کين خبر ڪانهي ته ڪهڙي واٽ پيا وڃن. پر فيلسوف اوڏانهن هلندا ويندا آهن جيڏانهن فيلسوفي کين نيندي آهي، ڇو ته هنن کي اعتماد آهي ته فيلسوفيءَ کي سامهون ٿيڻ نه کپي، ۽ نڪي انهيءَ جي هٿان جيڪو ڇوٽڪارو ۽ پاڪائي پلئه پوي، تنهنجي آڏو اچڻ کپي.

اهو ڪيئن، سقراط؟

 

33

هن جواب ڏنو ته، آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته ڪيئن، جڏهن فيلسوفي روح کي رسي ٿي، تڏهن هو بدن سان بلڪل ٻڌل ۽ جڙيل آهي. هو (روح) ڪجهه به ازخود سمجهي نٿو سگهي، پر فقط ايتروئي معلوم ڪري ٿو، جيڪو ڪجهه وٽس سندس قيد خاني جي سيخن مان يعني بدن جي وسيلي اچي ٿو،مطلب ته هو بلڪل جهالت ۾ غرق آهي. فيلسوفي ڏسي ٿي ته هن گرفتاريءَ ۾ خوفناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اها هوس جي ڪري ٿئي ٿي، ۽ قيد ۾ ڦاٿل پنهنجي گرفتاري ۾ پاڻ رفيق آهي. آءُ ورائي چوان ٿو ته، علم جي عاشقن کي خبر آهي ته جڏهن روح اهڙيءَ حالت ۾ آهي تڏهن فيلسوفي هن کي سهارو ڏئي ٿي، ۽ هن کي نرمائي سان همتائي ٿي، ۽ هن کي سندس گرفتاري مان ڇڏائڻ جا جتن ڪري ٿي، ۽ هن کي ڏيکاري ٿي ته جيڪي اک سان ۽ ڪن سان ۽ ٻين حواسن سان معلوم ڪجي ٿو، سو بلڪل دولابي سان ڀريل آهي، ۽ هن کي نصيحت ڏئي ٿي ته حواسن کان الڳ گذارڻ گهرجي، ۽ انهن کي فقط ضرورت وقت ڪم آڻڻ گهرجي ۽ فيلسوفيءَ هن تي زور آڻي ٿي ته پنهنجو پاڻ ۾ خيال رکڻ کپي، ۽ آڌار پاڻ تي ئي ڌرڻ کپي، ۽ سچي هستيءَ تي جنهن جي پروڙ پاڻ مان پيدا ٿئي ٿي؛ ۽ قبول ڪرڻ گهرجي ته ڪابه شيءِ جنهن ۾ بدل ٿي سگهي ٿي، ۽ جيڪا ٻين طاقتن سان معلوم ڪري سگهجي ٿي، تنهن ۾ سچ نه لڀندو، ڇو ته اهڙيون شيون ظاهر ۽ پڌريون آهن، ۽ جيڪي هو پاڻ (يعني روح) ڏسي سگهي ٿو سو ڳُجههُ آهي ۽ منطق سان معلوم ٿئي ٿو. سچي فيلسوف جو روح سمجهي ٿو ته هن گرفتاريءَ مان رهائي کي آڏو اچڻ غلط آهي، ۽ تنهنڪري جيترو ٿي سگهيس ٿو هو اوترو لذت، خواهش، ڏک ۽ خوف کان الڳ گذاري ٿو، ڇو ته هو ڀائني ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا سخت لذت، يا خوف، يا ڏک يا خواهش اچي ٿي تڏهن، هن کي نه رڳو رواجي مصيبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون؛ پر بيماري، يا ڪو ٻيو وڏو نقصان پڻ جيڪو خواهشن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ سان ٿئي ٿو، بلڪهن کي سڀ کان سخت پوئين مصيبت جنهن جو هو خيال نٿو رکي سهڻي پوي ٿي.

ڪيبيز چيو ته، سقراط، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

منهنجي معنيَ آهي ته، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي روح کي سخت لذت يا روڳ لڳي ٿو، تڏهن هو لاچار ائين سمجهي ٿو ته انهن احساسن ۾ سمايل شيءِ، کڻي ڪهڙي به هجي، ته به ضرور بلڪل صاف ۽ سچي هوندي، جيتوڻيڪ ائين نه آهي. اهڙيون شيون گهڻو ڪري ظاهر ۽ چٽيون آهن، برابر؟

برابر.

۽ ائين ڪين آهي ته هن حالت ۾ روح بلڪل بدن جي گرفتاريءَ هيٺ آهي؟

اهو ڪين؟

ڇو ته سڀ ڪنهن لذت ۽ درد کي هڪڙي قسم جي ڪلي آهي جا هن کي بدن سان کپائي ۽ کوڙي رکي ٿي، ۽ هن کي جسماني سيرت ڏئي ٿي، ۽ هن کي ڀنڀلائي وجهي ٿي ته جيڪي به بدن چوي ٿو سو سچ آهي؛ ۽ تنهنڪري آءُ ڀانيان ٿو ته، بدن جهڙين خواهشن ۽ لذتن هئڻ سبب هو پاڻ، هن (بدن) جهڙا رستا ۽ حياتيءَ جا طور طريقا اختيار ڪري ٿو. جڏهن هو بدن ڇڏي ٿو تڏهن ضرور بدن جي صحبت ڪري خراب ٿيل آهي، ۽ ٻيءَ دنيا ۾ پهچڻ وقت پاڪ ۽ پوتر نه آهي؛ ۽ تنهنڪري هو جلد موٽي ٻئي جسم ۾ اچي ٿو، ۽ هن ۾ ائين پاڙ پويس ٿي جيئن ٻج پوکبو آهي. تنهنڪري هن جو مقدس، پاڪ ۽ منتشر ڪجهه به لاڳاپو نٿو ٿئي.

ڪيبيز چيو: سقراط، اها ڳالهه بلڪل برابر آهي.

 

34

ڪيبيز، تڏهن چئبو ته، انهن سببن جي ڪري ئي علم جا سچا عاشق پرهيزگار ۽ دلير ٿيندا آهن، ۽ نه ڪي دنيوي سببن جي ڪري. يا تون ٻيءَ طرح ٿو ڀائين؟

نه، بلڪل نه.

تحقيق نه، فيلسوف جو روح ائين سمجهي ٿو ته فيلسوفيءَ جو ڪم آهي کيس آزاد ڪرائڻ ۽ هو ڄاڻي ٿو ته کيس فرحت ۽ درد جي غلامي هيٺ وري اچڻ نه کپي، جنهن مان کيس فيلسوفي آزاد ڪري ٿي، ۽ پينيلوپ وانگر، هيڪر اڏي ڪري، وري انهيءَ کي ڊاهيندي نه رهجي، پر ڪاتاري وانگر پارچي کي اکيلڻ بدران انهيءَ کي ڪتيندو رهجي. هو انهن ڳالهين مان پاڻ لاءِ آرام حاصل ڪري ٿو، ۽ عقل پٺيان هلي ٿو ۽ سدائين انهيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ انهن جي زور تي پلجندو رهي ٿو. هو ڀانئي ٿو ته اهڙيءَ طرح ئي کيس هيءَ حياتيءَ گهارڻ گهرجي. ۽ جڏهن فوت ٿيڻ جو وقت اچي ٿو تڏهن هن کي ڀروسو آهي ته هو اوڏانهن يا ن پار ويندو جيڪو سندس جهڙو ۽ سندس وانگر آهي، ۽ جتي هو انساني آزارن کان بلڪل آزاد رهندو. سمئس ۽ ڪيبيز، جيڪو روح اهڙيءَ طرح پليو ۽ سکيو آهي، سو روح، موت کان ڪڏهن به خوف ڪين کائيندو ۽ نه ئي وري کيس اهو الڪو رهندو ته ڪو هو بدن کان موڪلائڻ وقت هو ذريون ذريون ڪري چيريو ويندو يا هوائن جي هٿان اڏايو ويندو، ۽ ٻيءَ ڪنهن طرح ختم ٿي ويندو، ۽ حياتيءَ کان بلڪل پالهو ٿي ويندو.

 

35

انهن لفظن کان پوءِ وڏي خاموشي ڇانئجي ويئي. سقراط پاڻ پنهنجي مباحثي تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، اسان مان به گهڻن جي ساڳي حالت ٿي ويئي. ڪيبيز ۽ سمئس ٿورو وقت پاڻ ۾ ڳالهايو. جڏهن سقراط جي هنن تي نظر پئي، تڏهن چيائين ته، ڇا اوهين ڀانيون ٿا ته اسان جو بحث اڃا پورو/ مڪمل نه آهي؟ جيڪڏهن هن کي چڱي طرح جاچبو ته هن ۾ اڃا گهڻائي نقطا ملي سگهندا جي شڪ اٿاريندا ته جن تي بحث ٿي سگهندو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن ٻئي سوال تي غورٿا ڪريو ته پوءِ مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي هن سوال بابت ڪا مشڪلات آهي ته مون کي ٻڌائڻ کان نه نٽايو، ۽ جيڪڏهن اوهان جي راءِ هجي ته مباحثي کي اڃان ڪنهن بهتر نموني ۾ اظهار ڪجي، ته هاڻ اوهان پنهنجا خيال بيان ڪريو؛ ۽ مون کي به پاڻ سان شامل راءِ ڪريو، جيڪڏهن ڀانيو ته منهنجي صحبت ۾ اوهين وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو.

سمئس جواب ڏنو ته، چڱو ته، سقراط، آءُ توسان سچي ڳالهه ڪندس. اسان ٻنهي کي هڪڙي مونجهاري منجهائي وڌو آهي، ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي تي زور آڻي رهيا آهيون ته توکان هن بابت پڇون. توکي جيڪي چوڻو آهي تنهنجي ٻڌڻ لاءِ اسين بيچين آهيون؛ پر اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، ڇو ته اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هن وقت سوال پڇڻ توکي ناپسند لڳي.

هن جواب تي سقراط مشڪيو، ۽ چيائين ته، مار! سمئس، جيڪڏهن آءُ اوهان کي ئي يقين ڏياري نٿو سگهان ته، آءُ پنهنجي هن قسمت کي مصيبت نٿو ليکيان، پر اوهان کي اڃان به ڊپ ٿوٿئي ته متان آءُ هن وقت اڳئين کان وڌيڪ رنج ۽ الم ۾ هجان، ته پوءِ مون کي ٻين ماڻهن کي هن بابت پڪ ڏيارڻ مشڪل ٿيندو. اوهين ڀانيون ٿا ته آءُ هنجهن (هنجهه پکي) کان به گهٽ درويش آهيان، جي، جڏهن ڏسندا آهن ته مرڻ جو وقت آيو آهي، تڏهن پاڻ اڳ کان وڌيڪ زور سان ڳائيندا آهنم ڇو ته خوشي ٿيندي اٿن ته هاڻي خدا جي حضور ۾ وڃڻ وارا آهيون، جنهن جا خادم آهيون. اوهان کي سڌ هجڻ کپي ته، ماڻهن کي جيڪو موت نسبت خوف رهي ٿو، تنهن جي ڪري ئي هو منجهن نسبت غلط چوندا رهندا آهن ته، هو پنهنجو موت ڏسي رڙن ٿا، ۽ غم وچان زور سان ڳائين ٿا. هنن کان وسري وڃي ٿو ته ڪو به پکي، جڏهن هو بکايل آهي، يا ٿڌ لڳي اٿس، يا تڪليف واري حالت ۾ آهي، تڏهن ڳائي نٿو سگهي؛ تڪليف ڪري، نڪي ڪويل ڪوڪي ٿي، نڪي تتر تنواري ٿو، ماڻهن جي چوڻ موجب، پکي غم جي ڪري ڳائي سگهندا آهن، ليڪن منهنجو خيال آهي ته، نڪي اهي پکي، ۽ نه ئي وري هنجهه حسرت مان ڳائيندا آهن. مون کي اعتقاد آهي ته انهن پکين کي غيبي طاقت آهي، جنهنڪري هنن کي ٻيءَ دنيا جي عمدين شين جي اڳئين پروڙ پوي ٿي،ڇو ته هو اپالو خدا جا پکي آهن ۽ تنهنڪري هو پنهنجي مرڻ جي ڏينهن ايترو ڳائين ٿا ۽ خوشي ڪن ٿا، جهڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به ڪانه ڪئي اٿن. آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ پاڻ به هنجهن وانگر آهيان، ۽ ساڳي ئي خدا جي خدمت ۾  مقرر ٿيل آهيان، ۽ مون کي هنجهن وانگر پنهنجي مالڪ وٽان ڳجهي طاقت مليل آهي؛ ۽ آءُ هن حياتيءَ کي ڇڏڻ ۾ ارهو نه آهيان، تنهن ڪري منهنجي خفا ٿيڻ جو خوف نه ڪريو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڀلي مون کان تيستائين سوال پڇندا رهو. جيستائين اٿينس واسين جا يارهن عملدار (قيدين تي نظر ڪندڙ) اوهان کي اجازت ڏين.

سمئس چيو ته، چڱو، آءُ توکي پنهنجي مشڪلات ڏسيندس، ۽ ڪيبيز توکي اهو ٻڌائيندو ته، ڇو هو تنهنجي گفتار تي راضي نه آهي. سقراط، آءُ ڀانيان ٿو، ۽ آءُ جيڪي چئي سگهان ٿو ته تون به ڀائيندو هوندين ته، هن حياتيءَ ۾ اهڙن مسئلن جي شناس بلڪل ڏکي ۽ شايد ٿيڻي ڳالهه آهي، تنهن هوندي به آءُ انهيءَ انسان کي بلڪل خسيس مخلوق سمجهندس جو جيڪي انهن مسئلن نسبت چيو وڃي ٿو تنهن کي هر طرح نٿو جاچي، ۽ ڪوشش ڪندو نٿو رهي، جيسين هو سوال بابت هر طرف کان جانچ ڪري نه سگهيو آهي. اسان تي فرض آهي ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي اختيار ڪريون: اسان کي هنن ڳالهين جي حقيقت سکڻ کپي، يا ته پنهنجي پاڻ ڳولا ڪرڻ کپي؛ يا جيڪڏهن ائين ڪرڻ ناممڪن آهي ته، اسان کي کپي ته انساني حڪمت جون سڀ کان عمديون ۽ مضبوط ڳالهيون قبول ڪريون، ۽ انهن جي تختي تي چڙهي حياتيءَ جي سفر جون سٽون سهون، جيڪڏهن اسان کي هن سفر ۾ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ڪو ٻيو وڌيڪ طاقتور جهاز، ڪنهن غيبي الهام جهڙو، ملي نه سگهي ته.

۽ هاڻي، جيڪي تون چئي رهيو آهين تنهن کان پوءِ، مون کي توکان هڪڙي سوال پڇڻ ۾ شرم محسوس نه ٿيندو، ۽ پوءِ مون کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻو نه پوندو ته جيڪي مون کي خيال ۾ آيو سو مون نه چيو. ڪيبيز ۽ آءُ تنهنجي بحث تي تصور ڪري رهيا آهيون، ۽ اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪافي نه آهي.


 

36

سقراط چيو ته، منهنجا، دوست، آءُ چئي سگهان ٿو ته تون صحيح آهين. پر مون کي ٻڌاءِ ته، ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ منهنجو بحث برابر/ ٺيڪ نه آهي؟

هن جواب ڏنو ته، منهنجي لاءِ اهو ڪافي نه آهي، ته اهو ساڳيو دليل هڪڙي سر، ۽ هڪڙي سرندي، ۽ سندس تارن لاءِ به ڏئي سگهبو، ائين چئي سگهبو ته هڪڙي وڄندڙ سرندي ۾ سر هڪڙي ڳجهي ۽ بي جسم، ۽ بلڪل سهڻي، ۽ مقدس شيءِ آهي، ۽ سرندو ۽ سندس تارون جسم واريون آهن، ۽ مرڪب ۽ خاڪي آهن، ۽ فاني شين جهڙيون آهن. هاڻ کڻي فرض ڪريو ته، جڏهن سرندو ڀڄي پوي ٿو ۽ تارون ڪپجي يا ڇڄي پون ٿيون، تڏهن ڪو ماڻهو، جيڪو تو دليل ڪم آندو آهي، تنهن ساڳئي تي کڻي زور ڏئي، ۽ چوي ته سر ڪڏهن به ناس نه ٿيو هوندو ۽ هو اڃان ضرور زنده هوندو، ڇو ته ائين ڪڏهن به نه هودنو ته سرندو ۽ تارون پنهنجي فاني فطرت هوندي به حيات رهن، جيتوڻيڪ اهي تارون ڀڄي پيون آهن، ۽ ”سر“ جو ساڳيئي نسل جو آهي جهڙوڪ مقدس ۽ لايموت شيون ۽ انهن وانگر ئي آهي سو ناس ٿي وڃي ۽ ناس به فاني سرندي کان اڳ ۾ ٿئي، هو چوندو ته سر پاڻ ضرور ڪنهن هنڌ اڃا حيات هوندو، ۽ جيسين ڪجهه هن کي ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ ڪاٺ ۽ تارون چٽ ٿي وينديون ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته، سقراط، توکي ضرور خبر هوندي ته جن عناصرن مان اسان جو جسم جڙيل آهي، تن جي ميلاپ ۽ جوڙ مان ئي گهڻو ڪري روح جنم ورتو آهي، جيئن ته گرمي ۽ سردي، سوڪ ۽ آلاڻ، ۽ ٻيا عنصر جڏهن پاڻ ۾ چڱي طرح ۽ پوري انداز ۾ ملايا وڃن ٿا ته روح جنم وٺي ٿو. هاڻي جيڪڏهن روح هڪڙو سر آهي ته ائين صاف آهي، ته، جڏهن جسم حد کان وڌيڪ سست ٿئي ٿو يا بيمار يا ٻين مصيبتن سبب وڌيڪ تڪليف هيٺ اچي ٿو، تڏهن روح جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ مقدس شيءِ، ضرور يڪدم ناس ٿيڻ کپي، جيئن ٻيون اهڙي فطرت رکندڙ شيون ٿين ٿيون، ۽ جيڪي هر هڪ جسم مان بچي سو ضرور ڳچ وقت تائين سلامت رهي، جيسين ڪ اهو سڙي سڪي وڃي يا خراب ٿي وڃي. تڏهن اسين اهڙي ماڻهوءَ کي ڇا چئي سگهنداسون، جو چوي ته روح جسم جي عناصرن جي ميلاپ مان جڙيو آهي، ۽ تنهنڪري پهريائين ناس ٿئي ٿو، يعني بلڪل انهيءَ وقت جنهن کي موت سڏجي ٿو؟

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org