مترجم متعلق
ڪنڊياري شهر جي مشهور بزرگ شيخ ميان احمد جي
خاندان ۾ سنڌ جو مشهور اديب، عالم ۽ قومي ڪارڪن
حاجي شاهنواز ولد جمال الدين پيرزادو 14 ڊسمبر
1889ع تي ڪنڊياري شهر ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي ۽
ناظره قرآن پاڪ پنهنجي اباڻي شهر ڪنڊياري ۾
ورتائين. انگريزي تعليم لاءِ شڪارپور جي هاءِ
اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان 1910ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان
پاس ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾
ايم. اي جي سند ورتائين. پاڻ پهريون سنڌي مسلمان
هو، جو ان دور ۾ انگريزي ۾ ايم. اي هو. بي. ٽيءَ
جو امتحان به پاس ڪيو هئائين.
تعليم پرائڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انگريزي استاد
جي حيثيت ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو، جتان ترقي ڪندي سکر
جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. بعد ۾نوڪري ڇڏي وڪالت
جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پهريائين سجاول ۽
ميرپوربٺوري ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ بعد ۾ سن 1933ع ۽
1934ع ۾ نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سن 1935ع ۾
حيدرآباد سنڌ مان ”سياست“ نالي اخبار جاري ڪري
صحافت جي ميدان ۾ آيو. انهيءَ اخبار جو مالڪ ۽
ايڊيٽر پاڻ ئي هو. سن 1951ع ۾ آزاد ميمبر جي حيثيت
۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ
تائين ميمبر رهيو. مسٽر الهه بخش انصاري، رئيس فتح
خان راڄپر پڊ عيدن واري ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي
سان سندس دوستيءَ وارا تعلقات هئا.
پاڻ نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هيائين ۽ کيس هڪ فرزند
پڻ هو، جو چوڏهين ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو.
حاجي شاهنواز 28 فيبروري 1974ع تي نوابشاهه ۾ رحلت
ڪئي.
هن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن سنڌي
زبان ۾ نهايت ئي عمدا ۽ معياري ڪتاب تصنيف، تاليف
۽ ترجمو ڪيا آهن، سندس ڪتابن جو تعداد چالهين جي
لڳ ڀڳ آهي. جيڪي اڪثر ڪري شايع ٿيل آهن پاڻ
شاعريءَ سان به دلچسپيءَ رکندو هو ۽ سندس تخلص
”مولائي“ هو.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي
ديباچو
هيٺين صفحن ۾ قديم زماني (عيسوي سن کان اٽڪل چار
سئو ورهيه اڳ) جي مشهور يوناني فيلسوف، فلاطون، جي
هڪ نامور ڪتاب، نالي فيڊو (Phedo)
جو ترجمو ڏنل آهي. ساڳئي فيلسوف جا ٽي ڪتاب اڳ
سنڌي زبان ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پهرئين ڪتاب ۾
”پاڪيزگي“ جي وڏي مسئلي تي بحث ٿيل آهي ۽ ڏيکاريل
آهي ته ڪئين افلاطون جي استاد، سقراط، سان عام
ماڻهن جي عداوت پيدا ٿي ۽ هن کي ڪورٽ جي ڪوٺ ٿي.
ٻئي ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي دليريءَ سان
سقراط ڪورٽ ۾ پنهنجن فريادين جي باطل بيانن جي
سامهون ٿيو ۽ ڪهڙي سچائيءَ سان پنهنجي پاڪيزهه
زندگي جو احوال منصفن اڳيان عرض رکيائين ۽ ڪيئن سر
کان وڌيڪ سچ کي گهريائين. ٽئين ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي
ته موت جي خوفناڪ فتويَ ملڻ بعد سقراط پنهنجي
حياتي جا باقي ڏينهن زندان ۾ ڪهڙي استقامت سان بسر
ڪيا ۽ ڇا وٽس قاعدي جو قدر هو. هن ڪتاب ۾ سقراط جي
حياتيءَ جي پوئين ڏينهن جو احوال ڏنل آهي، جنهن
ڏينهن هن زهر جو پيالو پيتو ۽ رحلت ڪئي. جڏهين
سقراط ٻيءَ دنيا جي سفر جي سنبت ڪري ٿو ۽ هن دنيا
کان ڪولائي ٿو، تڏهن سندس دوستن جي اندر ۾ اندوهه
پيدا ٿئي ٿو ته هو روڄ ۽ راڙو ڪن ٿا. سقراط کي
پنهنجي دستن جي هن رواجي ليڪن ٻاراڻي هلت تي افسوس
ٿئي ٿو ۽ هنن کي چوي ٿو ته کين ڪوبه سبب غمگين ٿيڻ
ڪونهي، ڇو ته زهر پيئڻ سان سندس حياتي پوري ٿي
ڪانه ويندي. هو هنن کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو
ته زهر جو اثر فقط سندس خاڪي پتلي تي پوندو جو ڊهي
پوندو، ليڪن سندس اندر واري اعليَ شيءِ کي ڪي نه
ڪين ٿيندو ۽ اها سلامت رهندي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه
مان هڪ عاليشان بحث اڀري پوي ٿو ۽ سقراط پنهنجن
لاثاني دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته جيتوڻيڪ
بدن بيشڪ بي بقا آهي ۽ روح سدا حيات آهي. سقراط جي
سمجهاڻي سندس دوستن ۾ صبر پيدا ڪري ٿي ۽ هو قاعدي
جي حڪم موجب زهر پي لاڏاڻو ڪري ٿو.
ٺهڻ ۽ ڊهڻ، ڄمڻ ۽ مرڻ، اهي ڳالهيون دنيا ۾ هر روز
جو معاملو آهي، ۽ انهن جي ڪري انسانن ۾ گهڻي اجائي
خوشي ۽ گهڻو اجايو افسوس پيدا ٿين ٿا. نتيجو اهو
نڪري ٿو جو انسان ڪڏهن به پنهنجي اندر جي املهه
طاقتن کي اوج تي اسرڻ نٿا ڇڏين ۽ سدائين جانورن
وانگر پنهنجي جسماني خواهشن پوري ڪرڻ ۾ غلطان رهن
ٿا. يقين آهي ته هن ڪتاب پڙهڻ سان نه رڳو اندر کي
عجيب راحت ايندي، پر ڪي قدر هن بدل سدل واري دنيا
تان دل کڄي ويندي ۽ وڃي اتي لڳندي جتي نڪا آهي
ابتدا ۽ نڪا آهي انتها، نڪا دوستي نڪا دشمني، نڪا
خوشي ۽ نڪو غم- يعني اعليَ قدرت، جا پنهنجي
اندروني طاقت ۽ قانوني موجب چوڌاري جوڙ ۽ جنسار
بڻايو بيٺي آهي.
شاهه نواز پيرزادو
21 آڪٽوبر، 1931ع
حيدرآباد، سنڌ |