آئون ۽ اسڪول
منهنجي ابي ۽ امڙ جي خواهش هئي ته هن کي
قرآن شريف جو حافظ ڪري پنهنجيءَ مسجد ۾ ”پش
امام“بنائي اتيئي پيو ٻار پڙهائي. هن کان ٻيو ڪهڙو
ڪم پڄندو. نه رڳو اهو خيال منهنجي ابي امڙ جو هو،
پر منهنجي مڙن ئي مائٽن جو به اهو رايو هو ته
(منظور مولانو ٿئي، ۽ پنهنجي مسجد آباد ڪري جيڪا
بابا سائينءَ جوڙائي هئي.
پر اڳيان آءٌ به هوس مون به دل ۾ اهو پڪو
پهه ڪيو ته آءٌ ٿو ملان ٿيان ۽ مسجد کي پنهنجو گهر
بنايان، اهو ناممڪن آهي. بابا ڏٺو ته هيءُ ڇوڪرو
مسجد ۾ نه پڙهندو ته اسڪول ۾ نالو داخل ڪرايائين.
پهريون درجو سائين طراب علي شاهه وٽ پڙهيس
ڏاڍو مارڻو استاد هو، جنهنجو سبق ڪچو هوندو هو يا
اسڪول کان گسائيندو هو ته ان جو خير ڪونه هوندو
هو، بس سائينءُ وٽ هڪ ئي سزا هوندي هئي.....!؟ اها
هئي ببيءَ مان وٺي زور سان چونڊڙي هڻڻ. هيڏانهن
سائينءَ چونڊڙي هنئين ناهي، ڇوڪري کان رڙ نڪتي
ناهي، اهڙي ته ببيءَ ۾ چونڊڙي هڻندو هو جو ڇوڪرو
زمين کان مٿي ٿي ويندو هو ان جي خوف کان اسان روز
اسڪول ايندا هئاسين ۽ سبق به ياد ڪندا هئاسين.
پهريون درجو پاس ڪيوسين ته الله جو شڪر ڪيوسين ۽
چيوسين ته الله کڻي سائينءَ مان جان ڇڏائي.
ٻيودرجو سائين مّحمد عثمان وٽ پڙهيس ڏاڍو
مون کي پيار ڏيندو هو، هو اسان جي پاڙي ۾ رهندو
هو، آءٌ روز هاشم سان اسڪول ويندو هئس اسان جي پاڻ
۾ گهاٽي ياراڻي هوندي هئي ۽ هڪ پاڙي ۾ گڏ گهر
هوندا هئا. اڃا تائين به اسان جي دوستي آهي جيڪا
ننڍپڻ ۾ هوندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ رسيس ۾ ڀڄي ويندو هيس ته
منهنجا ڪتاب پاڻ کڻي گهر ايندو هو.
بابي (مرحوم) کي جڏهن خبر پوندي هئي ته اڄ
منظور اسڪول مان ڀڄي آيو آهي ته ڪاوڙجي پوندو هو ۽
ڪاوڙ مان مون کي چوندو هو ته ”اڙي پڙهندي نه ته
گڏهه چاريندي ڇا“ ۽ پوءِ وري هڪ ٻيو دڙڪو ڏيئي
چوندو هو ته ”اڄ ڏينهن کان وٺي تنهنجي خرچي بند
آهي.“
ها..... هڪ ڳالهه ياد اچي ويئي آءٌ ٽيون
درجو پڙهندو هئس اسان جو ڪلاس سائين هيڊ ماستر جي
آفيس سان گڏ هوندو هو ڪلاس ۾ استاد نه هئڻ ڪري
ڇوڪرن ڏاڍو گوڙ پي ڪيو ۽ اوچتو هيڊ ماستر ڪاوڙ مان
اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ اچڻ شرط اسان سڀني کي اهڙي
ته مار ڏنائين جو اسان جا هٿ سڄائي ڇڏيائين، ڪيترا
ڏينهن ته گهر ۾ امان هيڊ تيل پي هنيو.
چوٿين درجي ۾ آيس ته نڀاڳ کنيو اسڪول کان
پيو ڀڄندو هئس روز گهران ڪپڙا پائي ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي
نڪرندو هئس، ۽ پوءِ ڪتاب واريءَ ۾ پوري آءٌ پيو
چڪر ڏيندو هئس جيڏي مهل موڪل ملڻ جو وقت ٿيندو هو
ته گهر ۾ ايندو هيس، اها خبر بابي کي تڏهن پئي
جڏهن پوليس وارو بابي وٽ منهنجي اسڪول جي غير
حاضريءَ جو نوٽيس کڻي آيو ۽ چيائين ”هل ٿاڻي تي
تنهنجو پٽ اسڪول کان غير حاضر آهي“
شام جو بابو گهر آيو، مون ڏٺو ته بابي جو
منهن خراب آهي، مون کي پڪ ٿي ويئي ته اڄ منهنجو
خير ڪونهي. بابي مون کي سڏ ڪري چيو ”گهڻن ڏينهن
کان وٺي اسڪول ڪونه وڃين؟ پهرين ته دڄي ويس ۽ پوءِ
گهٻرائيندي چيومانس ”بابا.... بابا آءٌ روز اسڪول
ويندو آهيان.“
”اڙي مونسان به ڪوڙ“ پوءِ ته اهڙي مار
ڏنائين جو (اُٺ ڪٽجي پتڻ تي). اصل هڏ هڏ ڪٽيائين،
امان مون کي ڇڏائڻ آئي پر ان کي به ڌڪ هنيائين.
چوٿين ۾ فيل ٿيس بابي صاحب کي عازيون نيازيون ڪري
پاس ڪرايو، پر منهنجا ساڳيا ئي پير، اسڪول کان
ائين ڀڄندوهئس جيئن ڪانو ڀڄي ڪمان کان. الائجي ڇو
پڙهڻ کان مون کي نهڪاري ايندي هئي پڙهڻ ۾ صفا ڏڏ
هوندو هئس. هر روز سبق ڪچو ۽ صورتختي غلط ٿيندي
هئي. روز استاد جا موچڙا کائيندو هئس.
جڏهن امتحان ٿيو ته وري به ناپاس ٿيس پر
پوءِ مڙئي کٽارا گاڏي سمجهي مون کي پاس ڪري
ڇڏيو.... آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيس امتحان ۾ پاس ٿيو
آهيان سائين کي مٺائي جا ڏهه رپيا به ڏنا هئم.
اهڙيءَ اٽڪل ۽ چالاڪيءَ سان پنج درجا پاس ڪيم.
ماسي لڌي ماءُ
اسان جي پاڙي ۾ ماسيءَ لڌي ماءُ جو گهر
هوندو هو، ماسيءَ امان کي پنهنجي ڌيءَ ڪري سڏيو
هو. هوءَ هر روز شام جو اسان جي گهر ايندي هئي،
هوءَ مون کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي.
آءٌ هر روز (ماسيءَ لڌيءَ) جي گهر ويندو
هئس، ماسي مون کي پاپڙ پوري کارائيندي هئي. سڄو
ڏينهن سندس گهر ۾ کيڏندو هئس، هوءَ منهنجي لاءِ
ماچيس جا خالي کوکا گڏ ڪري رکندي هئي، ۽ پوءِ اهي
ماچيسن جا خالي کوکا مون کي ڏيندي هئي. آءٌ ان مان
ريل گاڏي جوڙي ان سان راند کيڏندو هئس. (ماسي لڌي
ماءُ) هئي ته واڃاڻي پر مسلمان عورتن کان به سٺي
هئي. سندس من اجرو اجرو هو، جهڙي اندر جي هئي تهڙي
ٻاهر جي هئي. ويچاري نظر کان ويهي ويئي ته به ڪنهن
ماڻهوءَ کي ساڻ ڪري اسان جي گهر ايندي هئي. اڄ به
ماسي لڌي ماءُ مون کي ياد آهي.
ڪڏهن ڪڏهن اسڪول کان ڀڄي اچي ماسيءَ لڌي
ماءَ جي گهر اچي لڪندو هئس. هڪ ڏينهن ماسيءَ بابي
کي ٻڌايو ته (منظور روز اسان جي گهر اسڪول کان لڪي
اچي ويهندو آهي) بابا اها ڳالهه رکي دل ۾ صبح ٿيو
آءٌ دستور موجب نيرن ڪري گهران ڪتاب کڻي اچي
ماسيءَ جي گهر ۾ راند کيڏڻ لڳي ويس. اوچتو دروازو
کڙڪيو، ماسيءَ اندران آواز ڏنو ڪير آهي، مون کان
ڇرڪ نڪري ويو، اهو آواز بابي جو هو. مان سڄو سسي
ويس، جيئن ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي آهي.
بابي جي موچڙن جي خوف کان وڃين ڪوٺيءَ ۾ لڪس
سڄو ٿڙڪي رهيو هئس. ماسيءَ اچي منهنجي ٻانهن کان
وٺي بابي کي ڏنو بابو اڳ ۾ ئي مون تي مڇريل هو، سو
ڏاڍي مار ڪڍيائين، پوءِ گهيلي گهيلي اسڪول ۾ ڇڏي
آيو.
اڄ ماسي لڌي اسان وٽ موجود ڪونه آهي پر سندس
ڳالهيون اڃا تائين مون کي ياد آهن.
منظور مان پروانو
سيوهاڻي
ننڍو هوندو هئس ته ريڊيو تي فرمائشي
پروگرامن ۾ خط لکندو هوس، جيڪا به روز خرچي ملندي
هوم ان جا پوسٽ آفيس مان ڪارڊ وٺي اچي پنهنجي وڏي
ماسات کي ڏيندو هئس (جنهن کي آءٌ ادب مان ادا وڏو
چوندو هئس) کيس ڪارڊ ڏيئي چوندو هئس ”ادا هي ڪارڊ
مون کي لکي ڏي“ ۽ پوءِ هو مون کي لکي ڏيندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجي فضول خرچ ڪرڻ تي ڪاوڙجي به
پوندو هو ۽ دڙڪو ڏيئي چوندو هو ”تون هاڻي ڏينهون
ڏينهن خراب ٿيندو ٿو وڃين، آءٌ توکي ڪارڊڪو نه لکي
ڏيندس.“
آءٌ معصوم نظرون کڻي چوندو هيومانس ”ادا
هيءُ آخري دفعو لکي ڏيو وري ڪو نه چوندو سان“ ۽
پوءِ منهنجي ڳٽي تي پيار مان هلڪي چماٽ هڻي چوندو
هو ”تون نه مڙندي ڏي ته لکي ڏيان“ ۽ پوءِ ڪارڊ لکي
ڏيندو هو.
اهو ڏينهن خالي نه هوندو هو جنهن ڏينهن
منهنجو نالو ريڊيو ۾ نه اچي. جنهن وقت فرمائشي
پروگرام ايندو هو ته ريڊيو ڀرسان رکي گهر وارن کي
سڏ ڪري چوندو هئس ”اچو منهنجو ريڊيو ۾ نالو ٻڌو“ ۽
جڏهن ريڊيو ۾ منهنجو نالو ايندو هو ته ”سيوهڻ کان
منظور سومرو“ ته ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس.
هڪ ڏينهن مون ريڊيو پي ٻڌو ته ”پرواني“ جو
لفظ منهنجي من اندر ۾ گهر ڪري ويو ۽ دل ۾ پڪو پهه
ڪيم ته (اڄ ڏينهن کان پوءِ آءٌ به پروانو
سڏائيندس) پوءِ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين
پروانو ئي آهيان.
مزي جي ڳالهه آهي ته (هڪ ڏينهن امتحان وٺڻ
وارو صاحب اسان جي ڪلاس ۾ آيو، مون سمجهيو ته
جادوگر آيو آهي، ڇو جو پرڪار به جادوگرن جهڙا هئس.
مٿي ۾ پراڻي (جناح ڪيپ) ڪپڙا ميرا ۽ تيل ۾ سڻڀا
هئس ڄڻ تيل ۾ وهنجي آيو هجي اسان جي اسڪول ۾ ڪڏهن
ڪڏهن جادوگر اينداهئا ۽ هو تماشو ڏيکاري اسان جي
دل خوش ڪندا هئا، سو مان تمام گهڻو خوش ٿيس، نه
رڳو مان پر سڄو ڪلاس خوش ٿيو.
پر پوءِ اسان کي خبر پئي ته هي جادوگر نه
آهي؟ هي ته امتحان وٺڻ وارو صاحب آهي. سائين جڏهن
اسان کي ٻڌايو ته ٻارو خاموش....خاموش امتحان وٺڻ
وارو صاحب آيو آهي. بس سائينءَ جو ايترو چوڻ اسان
کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ڪا هيبت ناڪ آفت آئي هجي. لڱ
صفا ساڻا ٿي ويم دل ۾ چيم هاڻي ڇا ٿيندو.
سائين وري چيو ”ٻارو اوهين سڀ تيار آهيو؟“
”ها سائين.....“ اسان سڀني هڪ ئي آواز ۾ چيو.
سائينءَ وري چيو ”اڄ اوهان جو ڪچو امتحان
وٺندو“ آءٌ اڳئي پڙهڻ ۾ صفا ڪچو هئس سو پنهنجي
جان ڇڏائڻ لاءِ لڳس روئڻ. جڏهن منهنجي سڏڪن جو
آواز صاحب جي ڪنن تائين پهتو ته چوڻ لڳو ”ٻچا
روئين ڇو ٿو؟“
آءٌ تيئن وڌيڪ روئڻ لڳس. صاحب وري پڇيو ”پٽ
نالو ڇا اٿئي“
مون سڏڪا ڀريندي چيومانس ”سائين منظور
پروانو“ صاحب زباني امتحان وٺڻ شروع ڪيو. واري
واري سان سڀني کان پڇڻ لڳو، جڏهن منهنجو وارو آيو
ته مون کان اڃا سوال پڇڻ تي هو ته، مون روئي ڏنو
(ڀلا ڪجهه اچي ته صاحب کي ٻڌايان نه) صاحب امتحان
وٺي ڪلاس مان نڪري ويو، ۽ پوءِ مون سک جو ساهه
کنيو.
موڪل ملي ته منهنجي ڪلاس جا ڇوڪڙا مون کي
پروانو.... پروانو ڪري ڇيڙائڻ لڳا، ۽ آءٌ پٿرن جو
جهول ڀري کين هڻڻ لڳس، پر هو مڙيائي ڪونه جتي به
ملندا هئا ته، پروانو ڪري سڏيندا هئا ۽ ڪلاس ۾ به
پروانو چوڻ لڳا ۽ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين
پروانو ئي آهيان.
ننڍي هوندي آءٌ ڏاڍو ڪمزور هوندو هئس، هلندو
هئس ته ڪري پوندو هئس يا وري پيرن مان چنپل نڪري
ويندو هو ته، امڙ چنپل ۾ پٺيان اڳڙيون ٻڌي سينڊل
وانگر پهرائيندي هئي.
ٻار ماريندا هئا ته اچي پنهنجيءَ پڦيءَ کي
دانهن ڏيندو هئس بس پوءِ ته پڦي يڪدم وڃين انهن جي
گهر نڪرندي هئي ۽ اهڙو ته جهيڙو ڪري ايندي هئي جو
مجال آهي وري منهنجو نالو وٺن. مون واري پڦي ککر
هوندي هئي ۽ ککر وانگر منهنجي ڪري ماڻهن سان چنبڙي
پوندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ويٺي مون کي ٻالڪپڻ جا عجيب
۽ دلچسپ يادگار منظر ذهن جي پڙدي تي ايندا آهن ته
پاڻهين ڄاڻي کل نڪري ويندي آهي، ۽ پنهنجي منهن سان
پيو کلندو آهيان.
”آءٌ ننڍو هوندو هئس مون واري ڏاڏيءَ جي هٿ
۾ جن هوندا ها، هو رات جو روز جنن سان ڳالهيون
ڪندي هئي ۽ اسان جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندي هئي مون پاڻ
جنن جون عجيب غريب حرڪتون به ڏٺيون هڪ دفعي جي
ڳالهه آهي ته، مون ڏاڏيءَ سان اڌ مڪري ڪئي هئي،
اهڙي اڌ مڪري جو اوڙي پاڙي جا ماڻهو کڻي گڏ ڪيم.
دراصل ڳالهه هن ريت آهي ته مون ڏاڏيءَ کان رپيو
خرچي گهريم، پر ڏاڏيءَ رپئي ڏيڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو، مون ڪجهه دير ڏاڏيءَ جي منهن ڏي تڪڻ لڳس من
روح ۾ رحم پويس ۽ رپيو ڏئي، پر ڏاڏيءَ رپيو نه
ڏنو. منهنجي ذهن ۾ هڪڙي اٽڪل آئي ڇا ڪيم جو جيئن
عورتون قلندر جي ڌمال تي ڪنڌ هڻنديون آهن تيئن آءٌ
به ڪنڌ هڻڻ لڳس ۽ اکين جا تارا ڦيرائي ڇڏيم وات
مان گگهه وهي آئي هئي، ڏاڏي ۽ پڦي منهنجي اهڙي
حالت ڏسي سندن وايون بتال ٿي ويون هيون. ڏاڏي مون
تي جنن وارو ڪارو علم پڙهڻ لڳي. پڦيءَ وري پيران
پير کي ستائڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”باڇا پير تون منهنجي
ٻچڙي کي ٺيڪ ڪر ته تنهنجوسوا ڪثيرو ڏيندس“
مون کي ڏاڏو مزو اچي رهيوهو. آءٌ اڃا به
وڌيڪ حرڪتون ڪرڻ لڳس ۽ گهر جاٿانو ۽ ٻيو سامان
اڇلائڻ لڳس. ايتري ۾ اسان جو گهر ٻارن ۽ پاڙي جي
عورتن سان ڀرجي ويو. مون ڏٺو ته اسان جي گهر ۾
ميلو متو پيو آهي، آءٌ اهو منظر ڏسي دل ئي دل ۾
خوش ٿيڻ لڳس.
ڏاڏيءَ پاڻيءَ جو ڀريل وٽو پڙهي مون کي
پيارڻ لڳي ۽ مون کي پاڻيءَ جو وٽو منهنجي چپن تي
رکي چوڻ لڳي ”فقير سائين پيالو پيو، مون اهو
پاڻيءَ جو وٽو ڏاڏيءَ کان وٺي آهستي آهستي پئي
ڇڏيم ڏاڏيءَ منهنجي وارن مان جهلي چوڻ لڳي ”فقير
سائين منهنجي ٻچڙي جي جان ڇڏ توکي قسم آهي پنهنجي
پير جو“ مون وري هڪ وڏي آواز ۾ چيومانس ”مان هن
ڇوڪري کي نه ڇڏيندس هن منهنجا ٻچا لتاڙيا آهن.“
بس پوءِ ته ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ جو پساهه پيو
نڪري پڦيءَ منهنجي مٿان سوڙ وجهي ڇڏي ۽ ڏاڏي
منهنجي مٿان پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. ڪجهه دير کان پوءِ
وري ڏاڏيءَ مون کان پڇيو ”فقير سائين اوهان ڪٿان
آيا آهيو؟ مون سوڙ جي اندران جواب ڏنومانس ”پرڻ پٽ
مان“ ڏاڏي مون تي علم پڙهندي رهي ۽ آءٌ ٻڌندو
رهيس. مون کي کل به تمام گهڻي پي آئي، پر موچڙن جي
ڊپ کان کل کي روڪي ڇڏيو هئم، مون کي خوف هو جي
کلان ٿو ته موچڙا ٿو کانوان مون کي اڄ به اهو
دلچسپ (ناٽڪ) يادآهي، جنهن جو مرڪزي ڪردار مون پاڻ
ادا ڪيو هو.
رانديڪا ۽ رانديون
آءٌ ٻالڪپڻ کان وٺي حرڪتي هوندو هوس، سڄو
ڏينهن پيو گهر ۾ حرڪتون ڪندو هيس. امڙ مون کي گهڻا
ئي دڙڪا ڏيندي هئي، پر آءٌ هڪ ڪن کان ٻڌندو هوس ۽
ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو هوس، جيئن ڪتي جو پڇ نڙ ۾
وجهبو آهي ۽ وري نڙ مان ڪڍبو ته اهڙو ئي هوندو،
ساڳيو ڦڏو. پر آءٌ ڪتي جو پڇ ٿورئي هئس، آءٌ ته
منظور هئس...... ها، منظور!
آءٌ ننڍي هوندي مٽيءَ جا پير ٺاهي انهن تي
پڙ وجهي فقير ٿي ويٺوهوندو هوس. امان چوندي هئي ته
اسڪول وڃ پر آءٌ اسڪول نه ويندو هئس، ۽ مٽيءَ جي
پيرن جي پيو پوڄا ڪندو هئس.
مزي جي ڳالهه آهي ته آءٌ پاڙي جي ڇوڪرين سان
(ادا ادي) راند ڪندو هئس ۽ اسان سڀ گڏجي مٽيءَ جا
(گهوڙا) ٺاهيندا هئاسين ۽ آءٌ ڇوڪرين کي چوندو هئس
ته ”آءٌ ٿو پير جو فقير ٿيان ۽ اوهين پير تي پڙ
وجهڻ اچو“.
پوءِ آءٌ ٿيندوهئس پير جو مجاور ۽ ڇوڪريون
لاڏا چونديون پير تي پڙ وجهڻ اينديون هيون ۽
مٺايون به اچي ورهائينديون هيون. اڌ مٺائيءَ جو
مون کي ڏينديون هيون، ڇو جو آءٌ پير جو مجاور
ٿيندو هئس. سياڻو اهڙو هوندو هئس جو آءٌ پير جي
پيرانديءَ کان ڪاٺ جي پيتڙي به رکي ڇڏي هيم، جنهن
۾ ڇوڪريون پنج پيسا، ڏهه پيسا يا پاولي نذراني طور
رکي وينديون هيون، پوءِ جڏهن ڇوڪريون هليون
وينديون هيون ته آءُ اهي ڏوڪڙ کڻي وڃي ادا بخشوءَ
جي هٽ تان شيءِ وٺي کائيندو هئس.
٭ چور پوليس راند
اسان جي گهر جي ٻاهران هڪ وڏو ميدان هوندو
هو جنهن کي ”هنود ڪاسائيءَ جي کڏ“ ڪري چوندا هئا،
دراصل اها کڏ ڪانه هئي هڪ عاليشان ميدان هو. جڏهن
سمجهه آئي ته وڏڙن جي واتان ٻڌو هوم ته (ڪنهن
زماني ۾ هتي کڏ هوندي هئي ۽ هن کڏ ۾ هڪ ”ڪوس گهر“
هوندو هو جتي هنود ڪاسائي نالي هڪ ظالم ڪاسائي،
ماڻهن کي ڪهي انهن جو گوشت مارڪيٽ ۾ وڪڻندو هو ۽
پوءِ هيءَ کڏ هنود ڪاسائيءَ جي نالي سان مشهور ٿي
ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هنود ڪاسائي جي نالي سان
مشهور آهي.) اها ڳالهه ڪيتري قدر سچي آهي، ان جي
خبر ته انهيءَ دور جي ماڻهن کي هوندي. ٻيو وري
هنود ڪاسائي کي جيڪو خود انسانن کي جانور سمجهي
انهن کي ڪهي انهن جو گوشت وري انسانن کي کارائيندو
هو. بهرحال هن ڳالهه سان پنهنجو ڇا....!؟
ها... مون ته چور پوليس راند جي پي ڳالهه
ڪئي، جيڪا اڪثر ڪري اسان سمورا پاڙي جا ٻار گڏجي
ٻاهر ميدان تي چانڊوڪين راتين ۾ ڪندا هئاسين، پوءِ
ڀلي ڪيتري رات گذري وڃي پر اسان پيا ”چور پوليس“
راند ڪندا هئاسين. هاشم ٿيندو هو صوبيدار آءٌ،اختر
قريشي ۽ گلو ٿيندا هئاسين سپاهي ۽ چور ٿيندا هئا
منو ڪوري، مهرو ۽ غلام حيدر – بس پوءِ ته هووڃي
لڪندا هئا ۽ اسان انهن کي ڳولهيندا هئاسون. پوءِ
جڏهن اسان جا وارث ايندا هئا اهي دڙڪا ڏيندا هئا
ته پوءِ راند بس ڪندا هئاسين.
٭ لاٽون راند
يارو آءٌ اوهان وانگر لاٽونءَ راند به کيڏي
جيئن اوهان لاٽونءَ راند ڪندا آهيو. مزي جي ڳالهه
اها آهي ته لاٽون ۽ ڏور ته شوق سان وٺندو هئس، پر
هلائڻ نه ايندو هو، گهڻي ئي ڪوشش ڪندو هيس ته منهن
جو به لاٽون ڦري ۽ آءٌ کيس تريءَ تي کڻان، جيئن
منهن جا ٻيا دوست لاٽون ڦيرائي ان کي تريءَ تي
کڻندا هئا. جڏهن منهن جو لاٽون نه ڦرندو هو ته آءٌ
صفا مايوس ٿي ويندو هيس.
جڏهن هڪ جيڏن سنگتن سان لاٽونءَ راند ڪندو
هئس ته، منهنجو لاٽون نه ڦرندو هو ته، سدائين
منهنجو لاٽون پڙ ۾ پيو هوندو هو، ۽ پيا منهنجي
لاٽونءَ کي ٿيلهيندا هئا، جڏهن منهنجو لاٽون
(ماٽو) ٽپي پار ٿيندو هو ته مون وارا يار جيڪي مون
سان گڏ لاٽون ۽ راند ڪندا هئا سي منهنجي لاٽون کي
کڻي ڏاڍو مزي سان گوچا هڻندا هئا، جڏهن لاٽونءَ کي
گوچا هڻي بس ڪندا هئا ته مون کي پنهنجو لاٽون
سڃاڻپ ۾ ڪونه ايندو هو ته، اهو لاٽون منهنجو آهي،
ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي لاٽونءَ کي ٻه اڌ به ڪري
ڇڏيندا هئا. آخر مون لاٽون ڦيرائڻ کان بس ڪري ڇڏي.
٭ مٽيءَ جا راندڙا
آءٌ ۽ منهنجو دوست هاشم مٽي ڳوهي ان مان
راندڙا ٺاهي اُس تي سڪائيندا هئاسون پوءِ جڏهن
راندڙا سڪي ويندا هئا ته، اڌ هو پنهنجي گهر کڻي
ويندو هو ۽ اڌ آءٌ پنهنجي گهر کڻي ايندو هئس ۽
انهن سان راند ڪندو هئس.
اسان ٻنهي دوستن جي گهاٽي ياراڻي هئي، ڪڏهن
ڪڏهن وڙهندا به هئاسين پر وري پرچي به جلديءَ ۾
ويندا هئاسين. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، اسان ٻئي
دوست (اٽي ڏڪر) راند پي ڪئي ته، اوچتو اٽي منهنجي
نرڙ ۾ وڃي لڳي. آءٌ اٽيءَ لڳڻ سان وڃي پٽ تي ڪريس.
سڄو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويس، مون وارو دوست مون کي رت ۾
ڳاڙهو ڏسي موچڙن جي ڊپ کان وٺي ڀڳو. ٻين ڇوڪرن
جلدي وڃي منهنجي گهر ٻڌايو ته منظور کي هاشم اٽي
هنئين آ سو سڄو رت ۾ ڳاڙهو آهي. امڙ جڏهن اهو ٻڌو
ته بنا پڙدي ٻاهر نڪري آئي ۽ اچي مون کي کنيائين
پوءِ ته امان هاشم جي ماءُ سان اهڙو ته جهيڙو ڪيو
جو وڃين ٿيا خير. امان اها به ڌمڪي ڏئي آين ته
”آءٌ هاڻي جو هاڻي وڃا ٿي پوليس ۾ ۽ اوهان سڀني کي
ٽنگايان ٿي“ بس پوءِ ته اسان جو گهر سڄو لوهرن جي
ماين سان ڀرجي ويو ۽ امان کان سڀ معافيون وٺڻ
لڳيون.
هاشم جي پيءُ (مامي قادن) هاشم کي اهڙي ته
مار ڏني جو اٺ ڪٽجي پتڻ تي. هو اڳ ۾ ئي سوداءُ جو
مريض هو ويتر جو ٻڌائين ته ڇوڪرو کي وٺي ٿا وڃن
ٿاڻي تي ته ويچارو ڏاڍو پريشان ٿيو.
شام ٿي اسان جي در تي آيو امان کان معافي به
ورتائين مون کي پنج رپيا خرچي به ڏنائين ۽ اڌ سير
سچو گيهه به وٺي ڏنائين پوءِ ته منهنجي لاءِ عيد
ٿي وئي، جيڪو اچي مون کي پڇڻ سو مون کي خرچي ڏيئي
وڃين. امڙ هر روز مون کي سچي گيهه جون بسريون
پچائي کارائيندي هئي، منهنجي ايتري ته گهر جا ڀاتي
خدمت ڪندا هئا ڄڻ مان سندن وڏو مرشد يا پير هجان،
کٽ تان لهڻ به ڪونه ڏيندا هئا. جيڪو حڪم ڪيان سو
حاضر ڪن. ڪيترا ڏينهن اسڪول به ڪونه ويس (گهر ۾ پي
ونواهه کاڌم جيئن شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن پهرين
ڇوڪريون ونواهه کائينديون آهن). آءٌ دل ۾ چوڻ لڳس
ته روز مون کي اٽي هڻي ته جيئن روز گرم گرم بسريون
به کانوان، خرچي به پئي ملي ۽ اسڪول کان به جان
ڇٽي پوي. جڏهن ٺيڪ ٿي ويس ۽ ڦٽ به چٽي ويو ته وري
(ساڳي ماني ساڳ سين) اهي ساڳيا امان جا دڙڪا،
اسڪول ۽ استاد جي مار! دل ۾ چيم اجايو چاڪ ٿيس،
انهيءَ کان ته بيمار ڀلو هئس، گهٽ ۾ گهٽ روز ته
بسريون کائيندو هئس.
٭ بلورن راند
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته آءٌ اوهان
وانگر ٻالڪپڻ ۾ بلورن راند به ڪندو هوس، جيئن
اوهان هاڻي بلورن راند ڪندا آهيو، جيڪا خرچي ملندي
هئي انهن سڀني جا بلور وٺندو هوس شيءِ جي بدران
منهنجا ٻئي کيسا بلورن سان ڀريل هوندا هئا، ۽ آئون
بلورن کي ٽافين وانگر وات ۾ وجهي پيو چوسيندو هئس.
دوستن سان راند ڪندو هئس ته ٺڳي ڪري مون کان بلور
کٽي ويندا هئا، ان ڪري دوستن سان راند ڪو نه ڪندو
هوس. باقي گهر ۾ پنهنجيءَ ڀيڻ سان راند ڪندو هئس
جيڪا عمر ۾ مون کان ننڍي هئي، مون کان بلور کٽي
ويندي هئي ته آءٌ هڪدم زمين تي ليٿڙيون پائي
روئيندو هئس ته، امڙ ڀيڻ کان بلور ڦري مون کي
ڏيندي هئي تڏهن ماٺ ڪندو هئس. جڏهن آءٌ سندس کان
کٽي ويندو هئس ته تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس ۽
خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پيو ماپندو هئس.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته آءٌ منهنجي ڀيڻ
بلقيس گهر ۾ راند پي ڪئي سين، امي به پاڙي ۾ ويل
هئي، اسان ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ راند ڪندي وڙهي پياسون،
منهنجي ڀيڻ مون کي ٻانهن ۾ اهڙو ته چڪ هنيو جو مون
کان دانهن نڪري ويئي ۽ آءٌ وڏا واڪا ڪري روئڻ لڳس،
مون واري ڀيڻ مون کي چڪ هڻي امان جي مار کان ٻاهر
نڪري وئي. منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي امڙ ڊوڙندي آئي
۽ مون کان پڇڻ لڳي ”منهنجي پٺاڻ پٽ کي ڪنهن ماريو
آ....؟“
مون پنهنجون اکيون مهٽي سڏڪا ڀريندي چيو ته
امان...، امان مون کي (بليءَ ٽليءَ ماريو آهي.“
امڙ منهنجي نرم پشم جهڙن وارن ۾ آڱريون
ڦيريندي پيار مان نرڙ تي مٺي ڏيئي چوڻ لڳي ”اچڻ ته
ڏي ڇوريءَ کي ته خبر ٿي وٺانس.“
مون اها ڳالهه دل ۾ رکي ڇڏي ۽ اهو پڪو پهه
ڪري ڇڏيم ته آءٌ (بليءَ ٽليءَ) کان بدلو ضرور
وٺندس، بس موقعي تي جي تلاش ۾ هئس ته ڪيڏي مهل ٿو
وجهه ملي.
هڪ ڏينهن ٻئي ڀاءُ ڀيڻ چلهه جي ڀرسان بيٺا
هئاسين، مون چيومانس ”بلي ٽڦڻي وجهون ٿا باهه ۾
پوءِ تپائي، تون منهنجي پير تي رکجانءِ ۽ آءٌ
تنهنجي پير تي، پر آءٌ تنهنجي پير تي پهرين رکندس“
چيائين ”ٺيڪ آهي.“
پوءِ مان ٽڦڻي باهه ۾ پوري ڇڏي، جڏهن ٽڦڻي
تپي باهه ٿي ويئي ته مون اها باهه جهڙي تتل ٽڦڻي
کڻي بليءَ جي پير تي رکي، بس منهنجو بليءَ جي پير
تي رکڻ هو دانهن ڪري پٽ تي ڪري پئي ۽ آئون ٽڦڻي
اڇلائي وٺي ڀڳس. مون کي ڊپ هو ته امان مون کي
ماريندي. سڄو ڏينهن امان جي مار جي خوف کان گهر ۾
ڪونه ويس شام جو گهر ويس، تيسين ڳالهه به ٺري
ويئي. اهو نشان اڄ به منهنجي ڀيڻ جي پير تي آهي.
٭ اکٻوٽ راند
چانڊوڪين راتين ۾ جيئن چڪور (پکي) چنڊ سان
راند ڪندو آهي. تيئن اسان به چانڊوڪين راتين ۾
پاڙي جا سمورا ٻار (ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا) گڏجي راند
ڪندا هئاسين. انهن راندين ۾ ڪنگريءَ ڪو لوٽو لپٽ
ڪبوتر گد گد راند ڪندا هئاسين.
پر خاص ڪري (اکٻوٽ) راند ڪندا هئاسين. اسان
سڀ ٻار وڃين لڪندا هئاسين هڪ ٻار اسان کي ڳوليندو
هو جنهن کي پڪڙيندو هو اهو کاپي پوندو هو، ٻيا سڀ
ٻار ڊوڙي وڃين پڙ کي هٿ لائيندا هئا. آئون ڊوڙي
ڪونه سگهندو هيس ۽ جلديءَ ۾ کاپي پوندو هئس.
٭ ڦر ڦر سئونٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي....
ڪڏهن ڪڏهن اسان سمورا ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي
(ڦر ڦر سئونٽو) راند ڪندا هئاسين. هيءَ راند ٻين
راندين کان گهڻي مختلف هوندي هئي، اسان سڀ ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون ڌرتيءَ تي گول دائري ۾ ويهندا هئاسين ۽
هڪڙو ڇوڪرو يان ڇوڪري ڪپڙي جو سئونٽو وٽي اسان جي
پويان گول ڦرندي ۽ چوندي هئي ته ”ڦر ڦر سئونٽو
دٻلي ٿي ڇڻڪي“ پوءِ سئونٽو هڪ ڇوڪري جي پويان رکي
ڇڏيندي هئي پوءِ انهيءَ ڇوڪري کي ئي اهو ساڳيو
سئونٽو پٺن ۾ زور سان هڻندي هئي، جي ڇوڪري ڏسي
ورتو ته پوءِ اهو ساڳيو ڇوڪرو سئونٽو کڻي ان ڇوڪري
يان ڇوڪريءَ جي پٺيان ڊوڙندو هو جيسين وڃين انهيءَ
جاءِ تي ويهي تيسين پيو ان کي زور سان سئونٽا
هڻندو هو. اها راند مون کي تمام گهڻي وڻندي هئي.
٭ لغڙ اڏائڻ
ٻارو جيئن اوهان لغر اڏائڻ جا شوقين آهيو
تيئن آءٌ به اوهان جي عمر جيترو هوندو هئس ته آءٌ
به ڏاڍي شوق سان لغڙ اڏائيندو هئس، منهن جي گهر جي
ڪمرن جي ڀتين تي هر رنگ جا لغڙ ڪوڪن ۾ ٽنگيا پيا
هوندا هئا، جهڙي مرضي پويم اهو لغر اڏايان.
اهڙو ته لغڙ اڏائڻ جو شوق هوندو هوم جو جون
جولاءِ جهڙي گرم ڏينهن ۾ به مٿي ڪوٺي تي نٽهڻ اس ۾
پيو لغڙ اڏائيندو هوس. آءٌ پنهنجو لغڙ هوا ۾
اڏامندو ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس. ائين محسوس
ڪندو هئس ڄڻ آءٌ هوا ۾ اڏامي رهيو آهيان.
امڙ مون کي سڏ ڪندي هئي ته ”ڏينهن گرم آهي،
اچي آرام ڪر شام جو لغڙ اڏائجان“ پر آئون مٿان کڏ
تان آواز ڪري چوندو هئس ”ها امان، اچان ٿو، لغڙ
لاهي“بس وري لغڙ پيو اڏائيندو هئس جڏهن امان ڏسندي
هئي ته ڇورو نه ٿو اچي ته پوءِ امڙ پاڻ کڏ تي چڙهي
ايندي هئي ۽ مون کي ڳٽي تي ٿڦڙون هڻي چوندي هئي ته
”ڇوڪرا پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي، هل هلي آرام ڪر.“
پوءِ امان جي موچڙن ملڻ سان کڏ تان لهي
ايندو هئس. امڙ مون کي پينگهي ۾ سمهاري لوڏيندي
هئي ته منهن جو ٻچڙو آرام ڪري، پر منهن جي ذهن ۾
پيا لغڙ اڏامندا هئا سو ڪٿان ٿي مون کي ننڊ اچي.
مڙئي امان جي مار جي خوف کان ڪوڙ ڪوڙ ۾ اکيون پوري
سمهي رهندو هئس، جيئن امان سمجهي ته مون کي ننڊ
اچي ويئي آهي. جڏهن ڏسندو هئس ته امان کي ننڊ اچي
ويئي آهي ته چورن وانگر آهستي آهستي پينگهي مان
لهي وڃي مٿي ڪوٺي تي لغڙ اڏائيندو هئس. پنهنجي
يارن سان پينچ به لڙائيندو هئس ڪڏهن ڪڏهن آءٌ لغڙ
ڪاٽ ڪندو هئس ته، ڪڏهن وري منهن جو لغڙ ڪاٽا ٿي
ويندو هو. اهڙو ته لغڙن اڏائڻ جو شوقين هوندو هئس
جو پاڻ شيشا ڪٽي مانجها هڻندو هئس.
٭ منهنجو طوطو
ٻالڪپڻ ۾ مون کي پکين سان تمام گهڻو پيار
هوندو هو، مون هڪ طوطي جو ٻچو وٺي پاليو هو روز ان
کي ميوا ۽ مٺو شربت پياريندو هئس، اهو طوطو مون کي
هڪ سنگتيءَ سوکڙي ڪري ڏنو هو. آءٌ طوطي کي تازا
ميوا کارائيندو هئس ته جيئن هو جوان ٿئي ۽ ٻولي
سکي، آهستي آهستي طوطي ٻولڻ به شروع ڪيو هو.
اسان سڀ گهر جا ڀاتي طوطي کي پيار منجهان
”مٺو پٽ“ چوندا هئاسين سمورو ڏينهن پيو پڃري ۾
پنهن جي مٺڙيءَ ٻولي ۾ راڳ ڳائيندو هو، ۽ اسان جي
دل پيو خوش ڪندو هو.
هڪ رات ٻلي چالاڪيءَ سان
پڃڪري جي دري کولي طوطو کائي ويئي، صبح جو ننڊ مان
اٿيس امان ٻڌايو ته (تنهن جي طوطي کي ٻلي کائي
وئي) امان جو اهو جملو ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
مون کي يقين نه آيو، آءٌ تڪڙو تڪڙو وڃين پڃري کي
ڏٺم ته مون کي خالي نظر آيو ۽ تمام گهڻو ڏک ٿيم
امان به طوطي جي ڏک ۾
رني هئي ۽ آئون به اميءَ کي روئيندو ڏسي روئي ڏنو.
٭ بربل
(بلبل)
آئون
ننڍڙو
هئس ته مون کي (بربل) بلبل
ڌارڻ جو تمام گهڻو شوق جاڳيو، بازار ويندو هئس ته
مون جيترن ڇوڪرن جي هٿن ۾ بربليون ڏسندو هئس ته دل
۾ اتساهه ٿيندو هو ته جيڪر آئون به بربل وٺي
ڌاريان. پر مون
کي
اميءَ جو ڊپ به هو ته آئون بربل وٺان ۽ امي مون کي
مار نه ڪڍي. آئون به دل
۾
پڪو پهه ڪري چڪو هئس ته بلبل ضرور ڌاريندس. اهو
خيال دل ۾ ڪري خرچي گڏ ڪرڻ لڳس، دل ئي دل ۾ خوش
ٿيڻ لڳس ته آئون به اڄ نه ته سڀاڻي ضرور بلبل
وٺندس. آخر مون بلبل جيتري رقم گڏ ڪري بازار مان
بلبل وٺي ڏاڍو خوشيءَ مان نچندو ٽپندو گهر آيس.
اميءَ جي منهن جي هٿ ۾ بلبل ڏٺي ته صفا مڇرجي پئي،
ڪاوڙ مان چوڻ لڳي ”هاڻي جو هاڻي گهر مان پنهن جي
بلبل ڪڍ نه ته مار ڪڍندي
سانءِ) نيٺ آزيون نيازيون ڪري اميءَ کي راضي ڪري
ڇڏيم. شام ٿي بابو گهر آيو، منهنجي هٿ ۾
جو
بلبل ڏٺائين ته مڇرجي پيو، ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته
”پڻهين به بربليون ڌاريون هيون جو تون ٿو ڌارين“ بابو
مون تي اڳ ۾ ئي ڪاوڙيل هو، جو مان اسڪول کان
گسائيندو هئس، ويتر جو منهن جي هٿ ۾ بلبل ڏٺائين
ته صفا ڪاوڙجي ويو، مون کي به ڏاڏيءَ ٻڌايو هو ته
(پڻهين به ننڍي هوندي بلبليون ڌاريندو هو ۽ ڏاڏي
اهو به مون کي ٻڌايو هو ته پڻهين ڀولڙي به ڌاري
هئي.
سو
مون به بابي کي چئي ڏنو ته (پيءُ ننڍپڻ ۾ بلبليون
ڌاري سگهي ٿو ته، پٽ وري ڪهڙو ڏوهه ڪيو، اوهان ته
ڀولڙي به ڌاري هئي. مان اڃا ڀولڙي ته ڪانه
ڌاري
آهي).
بابو
(مرحوم) ڪاوڙ منجهان چوڻ لڳو ته ”پوءِ توکي ڀولڙي
به وٺي ڏيان ته در در ويٺو فقيرن وانگر ڪشڪول کڻي
پن.“
مون بابي جي به ڪانه ٻڌي، روز پنهن جيءَ بلبل کي
معزون کارائيندو هئس ايترو ته شوقين هيس جو مون
پنهنجيءَ پياريءَ بلبل لاءِ ريشمي ڏور ٺهرايو هئم
روز ان کي
بازار
کڻي ويندو هئس پر
پکي آخر پکي هوندو آهي هو مون سان ساٿ نه ڏيئي
سگهيو، ۽ مري ويو.....
اڄ به مون کي منهن جي بلبل ياد آهي.
مار استاد ۽ آئون
پنج درجا ڌڪي ڌڪي پاس ڪيم جيئن ڌڪي اسٽاٽ
کٽارا
گاڏي هوندي آهي، جيڪا ڌڪي کان سواءِ چرندي به
ڪانهي. مون کي به اوهان ائين ئي کڻي سمجهيو. الله
جو شڪر ڪيم ته (منهنجا موليٰ تنهنجا لک لک شڪر آهن
جو تو منهن جي ماستر جي مار ۽ اسڪول کان هميشہ
هميشہ لاءِ جان ڇڏائي).
مون کي اها به پڪ هئي ته هاڻي مون کي وڌيڪ مائيٽ
نه پڙهائيندا، دل ئي دل ۾ تمام گهڻو خوش ٿيڻ لڳس،
پر بابي (مرحوم) جي اها خواهش هئي ته
اڌ ماڻهو آهي چار اکر پڙهي پوندو ته سکيو ٽڪر ويهي
کائيندو. مون کي الائجي ڇو اسڪول جو نالو ٻڌندو
هئس ته ائين ٿي ويندو هئس، جيئن ڪڪڙ جي مٿان مينهن
پوندو آهي. سڄو سسي ويندو هئس.
بابي
مون کي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر پرائمري اسڪول
۽ هاءِ اسڪول جي انتظام ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم، سنڌي
اسڪول ۾ هڪ استاد جا موچڙا ملندا هئا، هتي اٺن
استادن جي مار ملندي هئي، ڇو جو هر هڪ کي پنهن جو
پيرڊ پڙاهڻو پوندو
هو، هونئن ته آءٌ ڏاڍو چست چالاڪ هوندو هئس اسڪول
۾ سدائين تقريري مقابلن ۾ پهريون نمبر ايندو هئس،
مون کي ياد آهي آءٌ تقريري مقابلن
۾ ڪڏهن ڪڏهن ميٽرڪ وارن کي به ماري ويندو هئس پر
الائجي ڇو پڙهائيءَ ۾ هڪ ڪچي مٽيءَ جي (گهڙي)
وانگر هوندو هئس. ڪا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه
ايندي هئي، استاد به ماري ماري ٿڪجي پيا پر منهنجي
(رڍ واري ساڳي ٻولي ٻي) مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن
منهن جي ڊڪٽيشن صحي ٿي هجي سدائين غلط ۽ ليسن به
سدائين ڪچو، هميشہ آءٌ پنهنجي ڊيسڪ تي اٿيو بيٺو
هوندو هئس. فيئر بڪ به ڪونه لکندو هئس، اٺن ئي
پيرڊن ۾ پيو استادن جي مار کائيندو هئس. سوچيندو
هئس منهن جي قسمت ۾ مار ئي لکيل آهي ڇهين ۾ اسان
جو ڪلاس ٽيچر سائين غلام محمد سولنگي هو ڏاڍو
مارجو ڇتو هوندو هو، جنهن ڏينهن موڪل تي ويندو هو
ان ڏينهن ته آئون ڏاڍو خوش ٿيندو هئس، سنڌي اسان
کي سائين (ناز ڀٽي) پڙهائيندو
هو ڏاڍو محنتي استاد هو باقي سهڻن ڇوڪرن لاءِ ڄڻ
پهريون ڏينهن هو، سائين ناز مون کي تمام گهڻو
ڀائيندو هو، آءٌ چوندو هئس ته اٺ ئي پيرڊ سائين
ناز وٺي، ڪڏهن ڪڏهن ته سائين ناز کان ڊپ به ٿيندو
هو متان ٽڪي نه وٺي.
هڪ دفعي اسان جي اسڪول ۾ (لطيف جو ڏيهاڙو) ملهايو
ويو هو ان ۾ هڪ تقريري مقابلو به ڪرايو ويو هو، ان
۾ مون به نالو لکرايو هو پهرين ته استادن منهن جو
نالو لکن ئي نه پيا ۽ مون کي چون پيا ته (تون پڙهڻ
۾ ڏڏ آهين تقرير ڪيئن ڪري سگهندي، وڃي ماٺ ڪري
پنهن جي جاءِ تي ويهه).
استاد جا اهي دل ڏکوئيندڙ جملا ٻڌي اکين ۾ پاڻي
ڀڙجي آيو ۽ روئي ڏنم، دل ۾ چيم ڪاش آءٌ به دل
لڳائي پڙهان ها، پر مون کي نڀاڳ هو جو ڪا به ڳالهه
استاد جي سمجهي ڪانه سگهندو هئس ۽
پيو موچڙا کائيندو هئس.
مون به دل ۾ اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته مان تقريري
مقابلي ۾ ضرور حصو وٺندس.
آئون
روئي وڃي هيڊ ماستر کي دانهن ڏنم ۽ روئي چيومانس
”سائين مون کي تقريري مقابلي ۾ حصو نه ٿا وٺڻ
ڏين.“
سائين
هيڊ ماستر غلام حيدر سولنگيءَ مون کي پيار ڪيو ۽
چوڻ لڳو ”پٽ روئو نه، تون تقريري مقابلي ۾ ضرور
حصو وٺندي، سائين هيڊ ماستر يڪدم استاد کي گهرايو
۽ چوڻ لڳس پرواني جو تقريري مقابلي ۾ نالو لکو.
جڏهن منهن جو نالو شامل ڪيو ويو ته تمام گهڻو خوش
ٿيس. مون اچي پنهنجن دوستن سان ڳالهه ڪئي ته آئون
تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندس،
منهنجا دوست اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيا.
آخر
اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن تقريري مقابلو ٿيڻو
هو، ڪافي اسڪول جي شاگردن حصو ورتو. منهنجو به
وارو آيو، مون به پنهنجي علم وت ۽ ست آهر تقرير
ڪئي، تمام گهڻو دادو مليو. جڏهن هيڊ ماستر نمبرن
جو اعلان ڪيو ته پهريون نمبر (منظور علي سومري
ڪلاس ڇهون (اي) حاصل ڪيو آهي).
سائين
هيڊ ماستر جا جڏهن اهي لفظ ٻڌم ته تمام گهڻو خوش
ٿيس، نه رڳو آءٌ پر اسان جو سڄو ڪلاس خوش ٿيو،
جڏهن آءٌ پنهن
جو
انعام وٺڻ لاءِ اٿيس ته سموري
پنڊال تاڙيون وڄائي منهنجي آجيان ڪئي. آئون ان وقت
تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو هئس، جڏهن آءٌ هيڊ
ماستر کان پنهنجو انعام وٺي رهيو هئس. مون اهو
انعام تقريري چٽا ڀيٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو (پهريون
نمبر) آيو هئس.
سائين
هيڊ ماستر تقرير ڪندي چيو ”پروانو منهنجو دوست
آهي، انهيءَ کي ڪير ڪجهه به نه چئي“ ان ڏينهن کان
پوءِ منهنجي قسمت
چمڪي پئي ڪير به استاد مون کي ڪجهه به نه چوندو هو
سڀ ڪو چوندو هو ته تون صاحب جو دوست آهين توکي ڪير
ماريندو.
آءٌ
دل ئي دل ۾ سائين هيڊ ماستر کي دعائون ڪرڻ لڳس،
جنهن مون کي هميشہ هميشہ لاءِ استادن جي مار کان
بچائي ڇڏيو هو اڳ ۾ استادن جي ڊپ کان ٿورو گهڻو
پڙهندو هئس، هاڻي اهو به پڙهڻ ڇڏي ڏنو هئم. مون کي
خبر هئي ته استاد مون کي نه ماريندا آءٌ هيڊ ماستر
جو دوست آهيان ۽ اها به دل کي پڪ هئي ته امتحان
ٿيندو ته مون کي پاڻهي سائين هيڊ ماستر پاس
ڪرائيندو. اوچتو سائين هيڊ ماستر جي بدلي ٿي ويئي
(وري ساڳي ماني ساڳ سان کائڻي پئي) روز استادن جي
مار، آءٌ به پڙهڻ کان آڱوٺو ڪڍيو ويٺو هئس، مون کي
پڪ هئي ته آءٌ
ناپاس
ته
هونئن به ٿيندس باقي پڙهان ڇو....؟ استادن جون
مارون منهنجي پيٽ پئجي ويون هيون.
منهنجا دوست ڏهين درجي ۾ پهچي ويا هئا، ۽ آءٌ
سدائين ستين درجي ۾. آءٌ اهو چوندس ته مون
سان
پورو اڌ شهر سيوهڻ جو پڙهيو آهي.
هڪ شاعر سان ملاقات
آءٌ
بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس، منهنجي پاسي ۾ هڪ (چاچو)
ويٺو هو. حال به پورا سارا هئس، اکين تي نظر جو
چشمو پاتل هئس، مون هر هر سندس ڏانهن پي نهاريو
(چاچو) عجيب غريب حرڪتون ڪري رهيو هو، عجيب غريب
پي لڳو،
سندس
هٿ ۾ ڪنهن شاعر جي شاعريءَ جو مجموعو هو. مون
کانئس پڇيو ”چاچا اوهان ڪيڏانهن ويندا....؟“
”حيدرآباد“
(چاچي) ڪتاب پڙهندي جواب ڏنو.
”ڇوڪرا
تون ڪيڏانهن ويندين....؟“ هن ڪتاب پنهنجيءَ
جهوليءَ ۾ رکندي چيو.
”چاچا
حيدرآباد“
”پڙهندو
آهين....؟“
”ها....“
ڇا....؟
”ستين
جماعت“
”سٺو....
سٺو“ پاڻ ڪنڌ لوڏيندي چيائين ۽ پوءِ ڪتاب کي پڙهڻ
۾ لڳي ويو. آءٌ سندس ڏانهن نهارڻ لڳس، بس هلندي
رهي آءٌ دريءَ کان عجيب ۽ خوبصورت منظر ڏسندو
رهيس. چاچي ڪتاب بند ڪري نظر جو چشمو لاهي کيسي ۾
رکي مون ڏانهن نهارڻ لڳو ”نينگرا نالو ڇا اٿئي....“
”منظور
پروانو“
”پروانو“
حيران ٿيندي پڇائين.
”ها
چاچا پروانو“ مون
سندس
اکين ۾ پنهنجون اکيون ملائيندي چيومانس.
”پروانو
ڇو ٿو سڏائين؟“
مون سندس اهو جملو ٻڌي ڪجهه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي
ويس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻي هن پوڙهي کي ڪهڙو جواب
ڏيان، منهنجو ذهن صفا ڪم جو ڪورو هو، ايتري سمجهه
ڪانه هئي مون هن ڏانهن ڏٺو هن مرڪي وري چيو،
”ڪنهن
جوپروانو آهي....؟“
منهنجي به زبان مان نڪري ويو چيومانس ”چاچا سنڌ جو
پروانو آهيان.“
پاڻ منهنجي پٺي ٺپريندي شاباس ڏنائين. مون محسوس
ڪيو ته منهنجا لفظ ٻڌي (چاچو) خوش ٿيو آهي. (چاچو)
مون کي پيار ڪرڻ لڳو، مون دل ۾ سوچيو پي ته آخر
چاچو مون کي ايترو پيار ڇو پيو ڪري.
”پٽ
شاعري به ڪندو آهين؟“ چاچي مون ڏانهن نهارنيدي چيو
”نه چاچا آءُ شاعري نه ڪندو آهيان....“
”چاچا
اوهان شاعر آهيو ڇا؟“ مون هڪ ئي ساهه ۾ چاچي کان
پڇيو.
”ها
مان شاعر آهيان پاڻ ڪنڌ لوڏي مون کي جواب ڏنائين.
پاڻ ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چپن تي مرڪ
آڻي چوڻ لڳو ”پٽ تخلص اهي رکائيندا آهن، جيڪي شاعر
هوندا آهن، جي تون شاعر نه آهين ته پوءِ ”پروانو
نه سڏاءِ“.
چاچي جا اهي دل چيريندڙ لفظ ٻڌي مون کي تمام گهڻي
ڪاوڙ لڳي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳس (منهنجو
ته وس پڄي ته جيڪر هن شاعر کي ڪچو کائي ڇڏيان مون
کي ٿو چوي پروانو نه سڏاءِ).
آءٌ
ڪجهه دير لاءِ ڏانهنس ڪاوڙ مان نهارڻ لڳس ۽ پوءِ
چيومانس ”چاچا مون کي اهو ٻڌايو ته شاهه لطيف، سچل
۽ بيڪس جا تخلص ڪهڙا آهن، پوءِ اهي به نالي وارا
شاعر آهن).
پاڻ منهنجي پٺي ٺپي چوڻ لڳو ته ”تون هڪ ڏينهن شاعر
ضرور ٿيندي“.
حيدرآباد
اچي ويئي چاچو شاعر مون کان موڪلائي هليو ويو. مون
کي ياد آهي ته ان شاعر سڳوري پنهنجو نالوبه ٻڌايو
هو پر مون کان وسري ويو آهي. چڱو ٿيو جو مون کان
سندس نالو وسري ويو نه ته اڄ آءٌ سندس خلاف ڪورٽ ۾
ڪيس داخل ڪريان هان، ۽ جج صاحب کي گذارش ڪريان هان
ته (جج صاحب هي منهنجو مجرم آهي جنهن مون کي اديب
ٿيڻ تي مجبور ڪيو) پير زور هئس جو مون کان بچي
ويو.
رکي رکي مون کي ان شاعر سڳوري جا چيل جملا ياد
ايندا هئا جنهن چيو هو ته ”پروانو آهين ته پوءِ
تنهنجي لاءِ شاعر ٿيڻ ضروري آهي“ بس پوءِ آهستي
آهستي انڌي منڊي ۽ گونگي شاعري ڪرڻ لڳس. اها خبر
ڪنهن کي به ڪانه هئي ته مان شاعري به ڪندو آهيان،
بس پنهنجي منهن پيو شاعري ڪندو هئس. مون کي ڊپ هو
ته متان ڪنهن کي ٻڌايان ته مان شاعر آهيان ته مون
کي منهنجا دوست چريو نه چون، هو اڳ ۾ ئي مون کي اڌ
چريو چوندا هئا.
نيٺ هڪ ڏينهن منهنجي هڪ پياري دوست کي خبر پئجي
وئي هن منهنجي ڊائري پڙهي هئي، پوءِ ته سڄي اسڪول
۾ خبر پئجي وئي ته (پروانو) شاعري ڪري ٿو. بس پوءِ
ته استادن
کي
پنهنجا کٽا مٺا ٻول ٻڌائي پيو کلائيندو هئس. هر
روز نئون ڪلام لکي وڃين استادن ۽ دوستن
کي
ٻڌائيندو هئس، ۽ ڀرپور نموني سان داد وٺندو هئس.
ڪڏهن نئون شعر نه لکي ويندو هئس ته استاد چوندا
هئا ته پروانا ڪو شعر ته ٻڌاءِ.
مان وري چوندو هئس ته ”سائين اڄ ڪو شعر نه ٺاهيو
اٿم.“
چوندا هئا ته ”بابا پراڻو سراڻو کڻي ٻڌاءِ“ منهنجي
شعر ٻڌائڻ سان
سڄو
ڪلاس خوشيءَ
مان مون کي تاڙيون وڄائي داد ڏيندو هو، سچ چيو اٿن
ته داد ئي شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏي دولت آهي. هن کي
داد مليو ته سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي.
آهستي
آهستي اها خبر منهن جي گهر وارن کي به پئجي ويئي
ته آءٌ شاعري ڪندو آهيان. گهر وارن مون کي شِاعري
ڪرڻ کان گهڻو ئي روڪيو پر مان نه مڙيس دل ۾ پي چيم
ته اوهان کڻي ڇا به چئو آءٌ شاعري نه ڇڏيندس،
بابو
(مرحوم) چوندو هو ”اڙي ڇورا پڻهين شاعر ٿيو،
ڏاڏهين شاعر ٿيو، نانهين شاعر ٿيو جو تون ٿوشاعر
ٿئين“
پر آءٌ ڪنهن جي به ڳالهه تي ڪن نه ڏيندو هئس،
چوندو هئس ته ڀلي پيا چون.
مون کي شاعري ڪرڻ جو ايترو ته شوق هوندو هو، جو
مائٽ پڙهڻ لاءِ ۽ لکڻ لاءِ بڪ وٺي ڏيندا هئا ته
آءٌ ڇا ڪندو هئس جو اسڪول جو ڪم لکڻ بدران انهن تي
شاعري ڪندو هئس.
مزي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن مون کي سائينءَ (پي
–
ٽي) واري سڏ ڪري چيو ”پروانا عشق ڪيو اٿئي؟“ سائين
جو اهو جملو
ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ڪو بجلي جو ڪرنٽ لڳي
ويو دل ۾ چيم سائين مون سان ڪهڙيون ڳالهيون پيو
ڪري مان سائين ڏانهين نهاري مرڪي ڏنو.
سائينءَ
مون ڏانهن نهاري چيو ته ”شاعرن لاءِ عشق ضروري
آهي. وڌيڪ تنهنجي مرضي، جي شاعر ٿيڻو اٿئي ته پوءِ
تنهنجي لاءِ عشق ضروري
آهي.“
مون گهر وڃي ٿڌي دماغ سان سوچيو ته سائين چئي ته
سچ ٿو، پر مان عشق ڪريان ته ڪنهن سان ڪريان، جي
ڪريان ٿو ڪنهن ڇوڪريءَ سان ۽ پوي ڇوڪريءَ جي مائٽن
کي خبر ته موچڙن سان نور
وڃائي ڇڏيندا، نيٺ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ڪيم هن جو
به مون سان پيار هو، اسان ٻئي هڪ ٻئي
سان
پيار محبت واريون ڳالهيون ڪندا هئاسون هوءَ منهنجي
گهر ايندي هئي، آءٌ هن جي گهر ويندو هئس، پر هيءُ
پيار اسان جو ٻارن وارو پيار هو، روز رسندا
هئاسين، روز پرچندا هئاسون. آءٌ ان جي عشق ۾ تمام
گهڻا ڪلام لکيا مون کي سائين واري ڳالهه دل سان
لڳي ته (شاعري
ڪرڻ
لاءِ عشق ضروري آهي). |