ارپنا......
ننڍپڻ جي
انهن مڙنئي يارن
۽ پيارن جي نالي
جن سان هن دنيا جي
رنگ برنگي گولي تي
رانديون ۽ حرڪتون ڪندي
پنهنجي جيون جون ٽيٽيهه
بهارون گذاري ڇڏيون آهن.
- پروانو سيوهاڻ
الف
هڪڙي ڳالهه چوان
هيءَ رنگن ڀري ڪائنات ڪيڏي نه
خوبصورت آهي، جنهن ۾ زندگي جي انيڪ ڪردارن جا
ڪيترائي ڪردار هن وايو منڊل ۾ اسان کي ڦرندا نظر
اچن ٿا. دنيا جي مها ناٽڪي شيڪسپيئر ڪيڏو نه
خوبصورت جملو لکيو آهي. (هيءَ سڄي ڪائنات هڪ اسٽيج
آهي ۽ اسين سمورا چرندڙ پرندڙ انسان هڪ ئي ناٽڪ جا
مختلف ڪردار آهيون).
ها....، آءٌ به هن رنگين طلسمي
ڪائنات جو هڪ ڪردار آهيان جيڪو ”پرواني سيوهاڻي“
جي نالي سان ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهيو
آهي. جنهن جو هڪ ڪرتب (منهنجو ننڍپڻ منهنجو يادون
آهن) اها پنهنجي جاءِ تي هڪ سچي ڳالهه آهي ته آتم
ڪهاڻي لکڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي، پر آءٌ چوان ٿو ته
آتم ڪهاڻي اگر جي سچائي سان لکجي ٿي ۽ ان ۾ سچائي
جا سمورا انگ پنهنجي برش سان ڪوري ڪاغذ تي استعمال
ڪري چترڪار هڪ خوبصورت چتر جوڙيندو آهي. اهڙو هڪ
چتر ”منهنجو ننڍپڻ منهنجو يادون“ جي روپ ۾ آهي.
مهاڳ
سڀ کان الڳ اڏامندڙ لغڙ
پرواني سيوهاڻيءَ سان منهنجي واقفيت
ڪڏهن ٿي؟ ڪٿي ٿي...؟
مان جڏهن به پرواني سان مليو آهيان،
مٿيان سوال منهنجي ذهن ۾ اکيون ڇنڀڻ لڳندا آهن، پر
مون کي باوجود ڪوشش جي ياد نه ايندو آهي، ۽ منهنجا
سوال اکيون ڇڀيندا، مون ڏانهن تڪيندا رهجي ويندا
آهن.
پر منهنجا نيڻ جڏهن به پرواني جي چهري تي
پوندا آهن ته ڇنڀرن کان ڇنڀجڻ ڇڏائجي ويندو آهي،
حيرت منجهان نه پر پيار ڀري احترام منجهان، ۽ مون
کي پنهنجو مڪمل وجود هن آڏو نامڪمل لڳندو آهي. مون
کي رشڪ ايندو آهي پرواني جي ڀرپور ٽڪٽن تي. ڪهڙو
سمونڊ آهي سندس اندر ۾ خوشين جو!؟ جتان ڳالهه
ڳالهه تي ٽهڪ ڇولين جا، سندس چپن جا ڪنارا پار ڪري
هوائن ۾ سنهيون سنهيون بوندون بڻجي پکڙجي وڃن ٿا.
هڪ ڀيري ڪنهن ڇوڪريءَ مون کان پڇيو هو
”هائيڪو ڇا ٿيندو آهي؟“
مان سندس سياري جي صبح ۾ ڄاول سورج جهڙي
وڻندڙ چهري ڏانهن ڏسي چيو هو. ”اڄ گهر وڃي غور سان
پاڻ کي آئيني ۾ ڏسجان، توکي تنهنجي سوال جو جواب
ملي ويندو.“
ساڳي ريت جيڪڏهن ڪوئي مون کان پڇڻ چاهي
”زندگي ڪيئن هوندي آهي؟“ ته جيڪر مان کيس چوان
”زندگي پرواني سيوهاڻيءَ جي ٽهڪ جهڙي هوندي آهي“
(هر ڏک کان آزاد، حسين، ڀرپور حواسن تي ڇائنجي وڃڻ
واري.)
ڪجهه ڏينهن ٿيندا ”پروانو سيوهاڻي“ مون کي
پنهنجي ”آتم ڪٿا“ جي ڊمي ڏئي ويو ته مان سندس ان
”آتم ڪٿا“ جي مهڙ لکان. (درحقت اهڙي خواهش جو
اظهار مون پاڻ ساڻس ڪيو هو). جڏهن سندس آتم ڪٿا
پڙهڻ ويٺس ته مون کي هڪ هنڌ سندس اهڙن ڀرپور ٽهڪن
ڏيڻ جو ڪارڻ ملي ويو.
پرواني هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن مان ڄائو
هئس ته مون ۾ ساهه نه هو، ۽ منهنجا مائٽ مون کي
مئل سمجهي رهيا هئا، پر منهنجي حڪيم بابا سائين
منهنجي نبض ڏسي منهنجي جيئري هجڻ جي تصديق ڪئي.
منهنجي ڀيڻن ۽ ڀاڄائين کي چيو ته هو منهنجي وات تي
وات رکي منجهس ڦڦڙن ۾ ساهه وجهن.
پرواني جي چوڻي ته سندس مائٽاڻين پنهنجن
زندگيءَ سان ڀرپور ساهن جا رنگين ڦوهارا سندس اندر
۾ اوڻي کيس چرپر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
پيارا پڙهندڙو اهو پڙهڻ کان پوءِ مان ان
نتيجي تي پهتو آهيان ته پروانو پنهنجن ڦڦڙن ۾ جيڪي
ساهه ڀري، زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏئي ٿو، ان ۾ رڳو
اڪيلي پرواني جو ساهه نه، پر سندس ڪيترين
مائٽياڻين جا ساهه به سمايل آهن. تنهن ڪري ئي سندس
ٽهڪ زندگيءَ سان ٽمٽار آهن.
پرواني جي هيءَ آتم ڪٿا جيتوڻيڪ بيحد
سادگيءَ سان لکيل آهي پر ان سادگيءَ ۾ جيڪا سچائي
سموئي وئي آهي سا بيشڪ قابل تحسين آهي. خاص طور تي
سندس امتحان ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ گهر مان ڀڄي وڃڻ
وارو باب ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ جرئت سان لکيل آهي. بلڪل
ساڳي طرح راڳ سکڻ واري ڳالهه به اهڙي ته مزيدار
انداز ۾ لکي اٿس جو پڙهندي کل اچي وڃي ٿي.
پرواني جي عزم جو اندازو اوهان سندس شاعر
سان ملاقات واري باب مان لڳائي سگهو ٿا ته هو
پنهنجي عزم جو ڪيڏو نه مضبوط آَهي جو پوڙهي شاعر
جي سندس ٺلي (پرواني) هجڻ تي کلون ڪرڻ تي نه فقط
اسان کي شاعر ٿي ڏيکاري ٿو بلڪ سندس ادب سان اهڙو
ته لڳاءُ ٿي وڃي ٿو جو هڪ نه، ٻه، پر ڪيترن ئي
ٻارڙن جي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ٿو ۽ ٻارڙن جي معياري
رسالي جو ايڊيٽر به.
پرواني پنهنجي پسند جي راندين جي باري ۾
لکندي چيو آهي ته کيس ٻين راندين سان گڏ لغڙ اڏائڻ
۾ به ڏاڍو مزو ايندو هو، ۽ هو لغر اڏائيندي محسوس
ڪندو هو ڄڻ پاڻ هوائن ۾ اڏامندو هجي. پرواني جو
اهو احساس ٺلهو احساس نه هو، بلڪ ان احساس جي
پسمنظر ۾ جيڪا خواهش لڏي لمي رهي هئي، تنهن کيس
اديب بڻائي ڇڏيو، ۽ اڄ پروانو سيوهاڻي ادب جي آڪاش
تي ڪنهن رنگ برنگي لغڙ جيان بلڪل الڳ ٿلڳ پنهنجي
سڃاڻپ سان اڏامي رهيو آهي. جنهن کي هرڪو ادب
پڙهندڙ پري کان سڃاڻي سگهي ٿو.
طارق عالم
بي – ٢٦ سنڌ
يونيورسٽي
نيو ڪيمپ
ڄامشورو
خيرالنساء ڇا ٿي چوي
پيارا ٻارؤ.......
هڪ سٺو ڪتاب قيمتي هوندو آهي، پر هڪ
سٺو انسان اهڙن ڏهن ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي هوندو
آهي. پر، اوهان کي خبر آهي ته اهڙا سٺا انسان ڪهڙي
فيڪٽريءَ ۾ ٺهندا آهن؟
ڇا انهن کي الله خاص پنهنجن هٿن سان ٺاهيندو
آهي؟ نه .... اهڙا سٺا انسان الله نه.... پر انسان
ئي انسان کي ٺاهيندو آهي.....
ڀلا اهڙا سٺا انسان ڪير ٺاهيندو آهي؟
اهڙا انسان سٺي تربيت ملڻ ۽ سٺن ڪتابن پڙهڻ
سان ٺهندا آهن.
ننڍپڻ جون ڳالهيون.... وڏپڻ جون ڳالهيون....
جڏهن ڪاغذ تي اينديون آهن ته اهي انسان ذات جي
تاريخ بنجي وينديون آهن.... ۽ انسان جي تاريخ جي
ڪنجي ههڙا ڪتاب هوندا آهن....
سٺا انسان ۽ سٺا ڪتاب، هن دنيا جي دولت نه
پر الله جي ملڪيت هوندا آهن.... تڏهن ته دوستو
الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ قلم جو قسم کاڌو هو!
جي.... الله کي پنهنجو قلم ايڏو مٺو آهي جيڏو
اوهان کي چاڪبار آئسڪريم مٺي لڳندي آهي، ۽ الله کي
سٺا ماڻهو ائين وڻندا آهن، جيئن اوهان کي اسڪول ۾
کوڙ استادن مان ڪو هڪ استاد وڻندو آهي...
ٻارؤ؛ هي ننڍڙو سٺڙو ڪتاب جو اوهان جي هٿن ۾
آهي اهو ڀاءُ منظور (پرواني سيوهاڻي) جو لکيل آهي.
ڀاءُ منظور پاڻ به هڪ تمام سٺو ماڻهو آهي، مون کيس
پهريون ڀيرو ٽي – وي جي پرک پروگرام ۾ ڏٺو هو. ٽي
– ويءَ تي گهڻو ڪري سٺا سٺا ماڻهو ته ايندا رهندا
آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو ذهن تي اسٽيڪر وانگيان جهڙو
ايلفيءَ سان چمبڙي ويندا آهن. ڀاءُ پروانو به ڪجهه
ائين ئي محسوس ٿيو، جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي گهر
آيو.... ته سندس هٿ ۾ هڪ بئگ هئي جنهن ۾ کوڙ سارا
ڪتاب ۽ ڪاغذ پيل هئا... جيئن اوهين پنهنجا بستا ۽
بيگ اسڪول ۾ کڻي ويندا آهيو تيئن ڀاءُ منظور به
پنهنجو بئگ پاڻ ساڻ رکندو آهي....
آئون اوهان کي ڳالهه ٻڌايان سندس همتن جي...
۽ سندس چڱائيءَ جون ته کوڙ ساريون ڳالهيون اوهين
هن ڪتاب سان ئي پڙهي ۽ پرائي سگهو ٿا. جهڙوڪ:
پنهنجي ڀاڄائيءَ جي عزت ڪرڻ، اُن لاءِ ته هن هُن
کي ننڍي هوندي پنهنجو ساهه ڦوڪي جيئرو رهڻ ۾ مدد
ڏني. احسانمنديءَ جي هيءَ خوبي پيارا ٻارو رڳو سٺا
انسان ئي پاڻ وٽ رکندا آهن.... يا ماسي لڌي ماءُ،
کي سٺن احساسن سان ياد ڪرڻ، رڳو ان لاءِ ته هوءَ
ننڍڙي منظور لاءِ ماچيسن جا کوکا گڏ ڪري رکندي
هئي.... پيارا دوستو احسان ڪرڻ وارو شخص ته الله
جي نظر ۾ اتم آهي ئي آهي، پر احسان مڃڻ وارو شخص،
الله جي نظر ۾ وڏو معتبر آهي.... اوهين ٿورو ڌيان
ڏيو دوستو، اوهان جي مٺڙي ماءُ ۽ پيارو پيءُ اوهان
لاءِ ڇا ڇا نه ٿا ڪن؟ ڇا اوهين هنن جا احسانمند
آهيو؟ جي ها ته پوءِ اوهين ماکي ۽ مصريءَ کان به
وڌيڪ مٺا ۽ سٺا آهيو. سو ڳالهه ٿي ڪيم ڀاءُ منظور
جي همتن جي....
اڳئين بئنچن تي ويهڻ وارا بهادر ٻار جهڙا
کنڊ ڀڳڙا خواهش ڪرڻ... اتساهه رکڻ.... شوق رکڻ....
۽ ان شوق ۽ خواهش جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ....
ڪوشش ڪرڻ.... ڪيڏي سٺي ڳالهه آهي.... ايڏي سٺي
ڳالهه جيڏي اوهان جي ننڍڙي ڀيڻ يا ڀاءُ آهي.
منظور جي آتم ڪٿا مان اوهان ڄاڻي ويا هوندا
ته هن ننڍي هوندي کان ئي ڪيئن نه پنهنجي مختلف
شوقن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. راڳ سکڻ،
ريڊيو لاءِ لکڻ، ڪهاڻيون لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ انهن
شوقن پٺيان ڪوشش ڪرڻ.
هلڻ، مسلسل هلڻ، جڏهن ته ايڏو هلڻ ته عام
ماڻهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي.... پر منظور کي شابس
هجي پنهنجن پيرن جي ڪمزوريءَ جي باوجود دل جي طاقت
تي هو ايڏو مسلسل ۽ تيز هلي ٿو جيڏو ڇڪ ڇڪ ڪندي
ريل گاڏي هلي ٿي....
ريل گاڏي مسافرن جا بوجهه ڍوئي هر مسافر کي
پنهنجي منزل تي لاهي ٿي.... منظور به زندگيءَ جا
بوجهه ڍوئي پنهنجي هر شوق کي جائز مقام تي رسائي
ٿو! ڪوشش! ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي نه؟
اوهين به محنت ڪريو.... ڪوشش ڪريو.... هڪ
ننڍڙي مک محنت ڪري ماکي ٺاهي ٿي.... هڪ ماڻهون
محنت ڪري ڪا منزل ماڻي ٿو.... اوهين به ڪجهه
ٿيو.... اوهين وڏا ٿي ڇا ٿيندا.... اهو هڪ راز
آهي.... جنهن کي اوهان جي ڪوشش جي ڪنجي کولي سگهي
ٿي.
چڱو وري ملنداسين..... تڏهن جڏهن اوهان به
ڪو پنهنجي پر ننڍڙو پتڪڙو ڪتابڙو لکندا. منهنجي
وات ۾ گلاب.
هڪ گلاب اوهان جي هٿن ۾!! پر اوهين ته پاڻ
گلاب آهيو.......
چڱو.... ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها
گل...... تڏهن ملنداسين.......
ادب جي دنيا ۾ ههڙا ڪتاب گلاب ئي آهن،
خوشبو!! بهار!!
خيران
جعفري
ٽنڊو
ولي محمد
حيدرآباد
سنڌ
ٻالڪپڻ ۽ حرڪتون
مون هن رنگ برنگي ڪائنات کي تڏهن ڏٺو، جڏهن
مون کي ٿوري ٿوري سمجهه آئي ۽ مان هن ڌرتيءَ تي
پنهنجا ٻئي پتڪڙا پير کڻي امڙ جي چيچ کي پڪڙي
هورڙيان هوڙيان هلڻ لڳس. جڏهن امڙ مون کي ڇڏي
ڏيندي هئي ته آءٌ ٻه ٽي وکون کڻي ۽ پوءِ ٻه ٽي ٿيڙ
کائي وڃي پٽ تي ڪرندو هوس ۽ امڙ ڊوڙي اچي مون کي
کڻي پنهن جي ڇاتيءَ سان لڳائي چمي ڏيئي چوندي هئي
”اڙي.....، اڙي ڪيل مري ويئي.....، ڪيل مري ويئي.“
بس امڙ جو ايترو چوڻ سان منهنجو روئڻ بند ٿي ويندو
هو ۽ امڙ منهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ منهنجي آڏو ٺڪر،
ڀتر ۽ پونڊر جا خالي دٻا آڻي رکندي هئي، جن سان
آئون راند ڪندو هوس. اسان جي سڄي ويڙهي ۾ ڪو به
ٻار ننڍڙو نه هيو ان ڪري سوٽ، ماسات، ماما ۽
ڀاڄايون (جيڪي منهنجي ماساتن ۽ سئوٽن جون گهر
واريون هيون) سي سڀ مون کي تمام گهڻو پيار ڪندا
هئا.
بس ائين کڻي سمجهو (آءُ انهن لاءِ اڪيلو
چاٻيءَ تي هلندڙ گڏو هوندو هئس). واري وٽيءَ سان
سڀ پيا مون سان کيڏندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ۾
وڙهي به پوندا هئا ته (آءٌ منظور کي کڻدس، ٻيو
چوندو هيو آءٌ منظور کي کڻندس) پوءِ واري واري سان
مون کي کڻندا هئا. اڃا هڪ شهر گهمائي اچي مس کٽ تي
وهاريندو هيو ته ٻيو اڳواٽ مون کي کڻڻ لاءِ تيار
هوندو هو.
ايترو ته پيار هوندو هئن جو روئيندو هئس ته
سمورو ويڙهو ٿرٿلي ۾ اچي ويندو هو (ڄڻ آءٌ انهن
لاءِ پرائيم منسٽر هجان). سڀن کان گهڻو مون کي
منهنجو ماسڙ وڏيءَ ماسيءَ جو گهر وارو پيار ڪندو
هو جيڪو ذات جوسيد هو. آءٌ ان کي ”بابا سائين“
چوندو هيس. هن مون کي ايترو ته پيار ڏنو هيو جيترو
مون کي منهنجي سڳيءَ پيءُ به شايد نه ڏنو هجي. آءٌ
ان وٽ ئي ويٺو هوندو هئس پوءِ گهر ۾ هجي يا
دواخاني تي آءٌ ان سان ئي هوندو هئس. پاڻ وري ڪڏهن
ڪڏهن بگي گهوڙي تي چڙهي زمينن تي ويندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن رات جو آءٌ پاڙي واري مولوي صاحب جو نقل
ڪندو هئس، رئي جي پٽڪو ٻڌي هٿ ۾ لڪڻ کڻي تقرير
ڪندو هيس پوءِ ته سڄي گهر ۾ ناٽڪ هوندو هو ناٽڪ،
سموري گهر جا ڀاتي کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا، ڄڻ
آءٌ انهن لاءِ ڪا پتلي هجان.
هڪ دفعي جي ڳالهه هجي ته آءٌ رات جو راند
کيڏي رهيو هئس ته هٿ ۾ (اليٽري) ٽارچ هئي، جنهن کي
چمڪا ڏياري رهيو هئس. اوچتو اليٽري منهنجي هٿن مان
ڪري پئي ۽ وڃي فرش تي ڪري ۽ بلب ڀڄي ڀور ڀور ٿي
ويو. آءٌ اليٽريءَ کي گهڻو ئي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي پر
نه ٻري ۽ آءٌ روئڻ لڳس ايترو ته رونم جو سڄو گهر
کڻي مٿي تي کنيم۔ مون کي ياد آهي اها رات اڃا،
جيڪا اڄ به آءٌ يارن کي اهو قصو ٻڌائي ٻالڪپڻ جون
يادون وري تازيون ڪندو آهيان.
گهر وارا پريشان ٿي ويا (انهن گهڻيون ئي
مرليون وڄايون پر نانگ نه رڌو....، سو نه رڌو) کوڙ
سارا قسمن قسمن جا رانديڪڙا منهنجي آڏو آڻي
رکيائون من راڻو ريجهي پئي، پر راڻو نه رڌو. راڻي
جواهو مطالبو هو ته (جيسين تائين منهنجي ٽارچ نه
ٻرندي آءٌ روئڻ بند نه ڪندس) گهروارن گهڻو ئي
سمجهايو ته هاڻي آرام ڪر صبح جو تنهنجي ٽارچ
ٻرندي. مون ڏاڍو ضد ڪيو ته هاڻي جو هاڻي ٽارچ ٻري
ڄڻ ڪو شاهجهان بادشاهه جو پٽ هجان جو اهڙا پيو
انگل ڪريان.
مون کي ياد آهي ته انوقت رات جو هڪ وڳو هيو،
شهر بند ٿي چڪو هيو، هاڻي ڪٿان اچي بلب جو شاهجهان
بادشاه جو پٽ راضي ٿئي.
بابا سائين ادا دين محمد کي چيو (جيڪو
منهنجو ماسات هو) وڃ، وڃي دڪان کولائي بلب وٺي اچ.
بابا سائينءَ جي حڪم ملڻ شرط منهنجو سنهڙو سيپڪ
ماسات تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي بيگا
وقت وڃي دڪاندار جو دروازو کڙڪايائين. ٿوريءَ دير
کان پوءِ دڪاندار ننڊ مان اٿي اکيون مهٽيندي اچي
دروازو کوليو ۽ چوڻ لڳو ”دين محمد خير ته آهي نه؟“
”ها ڀائو خير آهي“ مون واري ماسات جواب
ڏنو“.
”پوءِ هن بيگا وقت ڪيئن پنڌ پيو آهين....؟“
دڪاندار اوٻاسي ڏيندي چيو.
”ڀائو يار محمد، هن ڇوڪري پنڌ ڪرايو آهي“
ماسات مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو. چاچو مون ڏانهن
اچرج وچان ڏسي رهيو هو. مون ائين سمجهيو ڄڻ مون کي
چماٽ هڻڻ وارو هجي.
مون واري ماسات کي چيائين ”ڇوڪرو ڏاڍو انگلي
پاليو اٿو“ اهو چئي وري اندر گهر ۾ واپس هليو ويو
۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ وري واپس ٻاهر نڪري آيو ۽
منهن خراب ڪري چيائين ”ادا هلو“ اڳيان پاڻ پويان
مان ۽ مون وارو ماسات سڌو سندس دڪان تي آياسين
دڪان واري دڪان کولي اندران بلب کڻي آڻي ڏنو. آءٌ
بلب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳس (هاڻي
منهنجي اليٽري ٻرندي) بس انهيءَ خوشيءَ ۾ تڪڙا
تڪڙا گهر پهتاسين. رستي ۾ ڪتن به ڏاڍو تنگ ڪيو هو
پر انهن کان به ڏاڍي مشڪل سان جان ڇڏائي آياسين.
هاڻي آءٌ انهيءَ اوسيئڙي ۾ رهيس ته ڪيڏي مهل
ٿي منهنجي اليٽري ٻري. ماسات اليٽري ۾ بلب وجهي
ٻاري ڏيکاريو. آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيس ۽ پوءِ ماسات
منهن گهنجائيندي ڪاوڙ ۾ چيو ”هاڻي ته خوش ٿئين“.
بس پوءِ وري اليٽريءَ کي چمڪاٽ ڏياريندو
رهيس ۽ پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙي مهل امڙ جي جهوليءَ
۾ ننڊ کڄي ويئي.
ها....، ياد آيو هڪ دفعي جي ڳالهه آهي عيد
جو ڏينهن هيو، مٽن مائٽن مون کي عيد جي تمام گهڻي
خرچي ڏني هئي، پر سڀ ريجو۽ ڍينگلا رپيا هئا. سڄو
کيسو ريزگاريءَ سان ڀرجي ويو هيو. مزي جي ڳالهه
آهي ته آئون ڪمري جي فرش تي ويهي، پنهنجي کيسي مان
ريزو ڪڍي فرش تي ريزي جي گاڏي ٺاهيم. اڳيان انجڻ
ڪري ڊنگلو روپيو رکيم ۽ان جي پٺيان گاڏن جي صورت ۾
اٺ آنا، چار آنا، ٻيانيون، آنڪون رکيم ۽ پوءِ
انهيءَ گاڏيءَ کي آڱر سان هلائڻ لڳس، ڀت جي پاڙ ۾
هڪ وڏو سوراخ هئو، ان ۾ آهستي آهستي سمورا پيسا
ڪرندا ٿي ويا، روڪڙ سوراخ ۾ ڪرندا ڏسي آئون تمام
گهڻو خوش ٿي رهيو هيس، ۽ مون کي مزو اچي رهيو هو،
پر جڏهن منهنجا سمورا ڏوڪڙ سوراخ ۾ ڪري پيا ته مون
انهن کي ڪڍڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر سوراخ مان
ڏوڪڙ نه نڪتا، ڪجهه دير لاءِ ته مايوس ٿي ويس ۽
پوءِ روئڻ لڳس، منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي امڙ ڊوڙي
آئي ۽ چيائين ”ڇو ٿو روئين ڪنهن ماريو اٿئي؟“ اهي
امڙ جا لفظ ٻڌي آئون اڃان به وڌيڪ روئڻ لڳس ته
جيئن امان مون کي ڏوڪڙ ڏيئي، امڙ مون کي هڪدم
جهوليءَ ۾ وهاري پيار ڪرڻ لڳي ۽ پيار منجهان
پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيائين ”منهنجو ٻچڙو ڇو ٿو
روئي“.
مون سڏڪا ڀريندي چيومانس ”امان.... امان،
منهنجا سمورا ڏوڪڙ هن سوراخ ۾ ڪري پيا آهن“ مون کي
ڊپ هو ته ڪٿي امان مار نه ڪڍي، پهرين ته امان خوب
دڙڪا ڏنا ۽ پوءِ رئي جي پلاند مان آڌيو ڇوڙي
منهنجي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ”اچي هيءُ وٺ آڌيو، وڃين
(بشڪو) جي دڪان تان شيءِوٺ“ آئون امان کان آڌيو
وٺي شي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ويس.
ننڍپڻ جو عڪس
جڏهن ٿورو وڏو ٿيس ۽ سمجهه ڀريو ٿيس ته مون
امان کان پڇيو ته ”امان ٻيا سڀ ماڻهو سوان سڌا آهن
۽ آئون ائين ڇو آهيان؟“ منهنجا اهي دل چيريندڙ لفظ
ٻڌي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، نيري آڪاش
ڏانهن نهاري چيائين ”پٽ اها سڀ الله جي مرضي آهي“
۽پوءِ ٿڌو ساهه ڀري مون کي پيار ڪرڻ لڳي، ۽ پيار
منجهان منهنجي پشم جهڙن وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳي.
مون ٿوريءَ دير کان پوءِ وري چيومانس ”امان
مون الله جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو مون کي ائين ڪري
ڇڏيائين.“
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، امان منهنجيءَ
پيشانيءَ تي چمي ڏيئي چيو هو ”پٽ سٺا ٻار ايترو نه
سوچيندا آهن“ مون امان ڏانهن نهاري ڏٺو سندس ٻئي
اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، مون کي ائين محسوس ٿي
رهيو هو ته ڄڻ امان جون اکيون منڇر ۽ ڪينجهر هجن
جيڪي تيز طوفان لڳڻ ڪري ڇوليون هڻي سندس من اندر
جي بچاءَ بند کي اندر جواندر کائي رهيون هيون. ان
ڏينهن کان پوءِ وري مون امان کان اهڙي قسم جو ڪو
به سوال نه پڇيو جنهن سان سندس دل ڏکوئجي.
هڪ دفعي امان پاڻهين ڄاڻي کلي چوڻ لڳي ”پٽ
اڄ غور سان ٻڌ آئون توکي تنهنجي ڄمڻ جي ڪهاڻي
ٻڌايان ٿي.”
اهو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته امان مون کي
ڪيئن ڄڻيو ۽ اڄ مون کي منهن جي پيدا ٿيڻ جي ڪهاڻي
ٻڌائي ٿي.
امان مون کي منهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو
”جڏهن تون ڄائو هئين تڏهن توکي بلڪل ساهه ڪو نه هو
۽ توکي مئل ٻار سمجهي زمين جي حوالي ڪرڻ وارا
هئاسين ته سائين اچي ويو (بابا سائين جنهن جو آءٌ
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان) تنهن منهنجي نبض ڏٺي ۽ چوڻ
لڳو ”ڇوڪري ۾ ساهه آهي، وارو ڪيو ڇوڪري کي ڦوڪيو“
بس بابا سائين جو ايترو چوڻ،گهر جون سموريون مايون
توکي وات ۾ وات وجهي ڦوڪڻ لڳيون، گهڻي ۾ گهڻي تو
سان تنهن جي وڏي ڀاڄائيءَ محنت ڪئي (جيڪا منهنجي
وڏي ماسات جي گهر واري آهي). ڀاڄائي ويچاري توکي
ڦوڪي ڦوڪي ساڻي ٿي پئي. گهڻيءَ دير کان پوءِ توکي
ساهه پيو ۽ تون هٿ، پير هڻڻ لڳين پوءِ سڄو گهر خوش
ٿيو ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.
امڙ کان آءٌ پنهنجي ڄم جي ڪهاڻي ٻڌي ڏاڍو
پريشان ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس جي (وڏي ڀاڄائي) مون سان
ايتري محنت نه ڪري ها، ته اڄ منهنجو وجود هن
ڌرتيءَ تي نه هجي ها. ان ڏينهن کان پوءِ آءٌ
پنهنجي وڏي ڀاڄائي جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان.
ٽن چئن سالن کان پوءِ ادو قربان ڄائو، پر
مان ادي قربان کي امان جي هنج ۾ ڏسندو هئس ته مون
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي، ايترو ته ساڙيلو هئس جو
ڏسندو هئس ته امان هاڻي جهوليءَ ۾ کڻندس ته آءٌ
اڳواٽ ئي امان جي جهوليءَ ۾ وڃين وهندو هئس امان
کيس کڻندي هئي ته آءٌ روئيندو هئس ۽ چوندو هئس ”هن
کي ڍير تي اڇلائي اچو....، ڪارن ڪتن کي ڏيئي
اچو....“ اهڙو ته هٿ ڌوئي پويان لڳو مانس جو ٻن ٽن
مهينن ۾ سر کنيومانس پوءِ وڃي ٿڌو ساهه کنيم. اڃا
تائين امان مون کي اهي مهڻا ڏيندي آهي.
مون کي اڃا تائين ٻالڪپڻ جا رنگين ۽ حسين
منظر چٽيءَ طرح سان ياد آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي گذريل
ٻالڪپڻ جا حسين منظر ذهن جي اسڪرين تي اچي ويندا
آهن ته ازخود ٽهڪ نڪري ويندا آهن. مون کي چٽيءَ
طرح سان ياد آهي، جڏهن اسان جي گهر ۾ ناني دائي
ايندي هئي (جنهن مون کي ڄڻايو هو) ته آءٌ سندس پڙي
مان ڇڪي چوندو هئس ”ناني دائي پڙو لاهه.... ناني
دائي پڙو لاهه“ پاڻ منهنجي ڳل تي چماٽ هڻي چوندي
هئي ”بس ڪر ماءُ جا پٽ“.
جڏهن به ناني دائي کي گهڻو تنگ ڪندو هوس ته
امان ڪاوڙ مان چوندي هئي ”ويچاريءَ کي ساهه به نه
ٿو پٽڻ ڏين ڇورا“ ۽ پوءِ وري (ناني دائي) چوندي
هيس ”امان منڻ کي نه چؤ ڀلي پيو مون سان ڀوڳ ڪري“.
منهنجو پيءُ ويچارو غريب پورهيت هوندو هو،
جهڙو پاڻ سادو هوندو هو، تهڙي وري سندس طبيعت سادي
هوندي هئي. سدائين گوڏ پاتل هوندي هئس ۽ ململ جو
پهراڻ ڪلهي تي انگوشو هوندو هئس. هو درزڪو ڪم ڪندو
هو. پر منهنجي بابي سان نه پوندي هئي، ڇو جو مون
کي هڪ ته خرچي تمام گهٽ ڏيندو هو (روز آنو)، ٻيو
وري گوڏ ۽ پهراڻ ۾ مون کي ڄٽ لڳندو هو. ان ڪري آءٌ
پنهنجي پيءُ سان ايترو گڏ ڪونه گذاريندو هوس، ڇو
جو آءٌ ننڍي هوندي کان وٺي سوٽ ۽ بشٽ پائيندو هوس
جنهن ڪري ائين لڳندو هوس ڄڻ آءٌ ڪنهن انگريز جو پٽ
هجان.
پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ منهنجي دل بابا
سائينءَ سان هوندي هئي، رات ڏينهن ان وٽ ئي ويٺو
هوندو هئس، جيئن چوندو هومانس تيئن ڪندو هو. آءٌ
پنهنجو پيءُ ان کي ئي سمجهندو هوس.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي پاڙي ۾
(سيڪريٽري ٽائون ڪاميٽي) رهندو هو، جيڪو هر روز
(سوٽ بشٽ) پائي آفيس ويندو هو آءٌ روز ڀت کان بيهي
ان کي ڏسندو ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هئس ”جيڪر منهنجو
پيءُ به اهڙو هجي ها“.
هڪ ڏينهن ته مون امان کي معصوميت سان چيو
”امان هي بابو ڏيئي هو بابو وٺون“.
”ڪهڙو بابو....!؟“ امان پڇيو.
مون وري ساڳي انداز ۾ چيو مانس ”هو بابو
جيڪو روز سوٽ بشٽ پائيندو آهي“.
اهو ٻڌي امان کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چوڻ لڳي
”ڪهڙي خوبي آهي هن ۾، جو تون پنهنجو پيءُ ٿو
مٽائين“.
مون چيو مانس ”هو سوٽ ٿو پائي ۽ مان به سوٽ
ٿو پايان، هو مون کي ڏاڍو ٿو وڻي“. جڏهن اهي
ڳالهيون ياد اينديون آهن ته اڃا تائين کلندو
آهيان.
آءٌ ننڍپڻ کان وٺي ڏاڍو چيڙاڪ ۽ حرڪتي هوندو
هئس پل ۾ تولو ته پل ۾ ماسو. رانديڪا به ايترا
هوندا هئا کيڏڻ لاءِ جو کڻي دڪان ڪڍجي. اهي سمورا
سيلن ۽ چاٻيءَ تي هوندا هئا، جيڪي مون کي بابا
سائين وٺي ڏنا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪ چاٻيءَ
تي گهوڙو هوندو هو، جنهن جي مٿان ماڻهو ويٺل هوندو
هو، گهوڙي کي چاٻي ڏبي هئي ته هو وٺي ٽپا ڏيندو هو
۽ آءٌ ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. ٻيو وري هڪ
چاٻيءَ تي گڏي هوندي هئي، جنهن کي بخمل جو ڳاڙهو
فراڪ ڍڪيل هوندو هو، هڪ هٿ ۾ شيشو هوندو هئس ته
ٻئي هٿ ۾ گلاس هوندو هئس، جيڏي مهل ان کي چاٻي
ڏيندو هئس ته هوءَ حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ۽ شيشي جي
بوتل مان پاڻي گلاس ۾ لاهي گلاس وات تي رکندي هئي.
اهڙي قسم جا ڪيترائي رانديڪا هوندا هئا، جن جون
حرڪتون ڏسي مان تمام گهڻو خوش ٿيندو هئس. هڪ ڀيري
جي ڳالهه آَهي ته امان مون کي مار ڪڍي هئي ۽ مون
ڪاوڙ مان موٽر سروٽي تي رکي مٿان زور سان ٻيو
سروٽو هنيو مانس، نئين نئين ڪار پرزا پرزا ٿي
ويئي. مون ته پنهنجي ڪاوڙ ڪار تي سٽي، پر امان مون
کي ڏاڍي مار ڪڍي. بس پوءِ ان ڏينهن کان پوءِ مون
رانديڪا ڀڃڻ ڇڏي ڏنا.
ننڍي هوندي منهنجو (مامو) مون کان ڏاڍا پيسا
لالچ ڏيئي ڦريندو هو، جيڪا به خرچي ملندي هئي، سا
ان کي ڏيندو هوس، ڪجهه پاڻ کڻندو هو ڪجهه مون کي
سائيڪل تي چڪر ڏياريندو هو. مون کي سائيڪل تي چڙهڻ
سان ڏاڍو مزو ايندو هو. دل چوندي هئي ته سڄو ڏينهن
مامو مون کي سائيڪل تي پيو چڪر ڏياري.
مائٽن جي خواهش
منهنجي بزرگن جي مرضي هئي ته هن کي مدرسي ۾
ديني تعليم ڏياري وڏو عالم بنائجي، اهو سٽاءُ سٽي
بابا سائين منهنجي ٻانهن وڃي سائينءَ مولويءَ جي
اچي هٿ ۾ ڏني، مولوي صاحب کي چيائين ”مولوي صاحب
هن ڇوڪري جي پارت اٿو“ مون سان گڏ ٻيا به ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون مدرسي ۾ پڙهنديون هيون.
آئون هر روز ڦرهي کڻي مدرسي ۾ ويندو هوس، پر
منهنجي پڙهڻ سان دل ڪا نه لڳندي هئي، پر مائٽن جي
مار جي خوف کان مدرسي ۾ ويهندو هئس ڪڏهن ڪڏهن سبق
ڪچو ٿيندو هو ته سزا ۾ مولوي صاحب سج لٿي تائين
مدرسي ۾ ويهاري ڇڏيندو هوم، ۽ سائين مولويءَ کي
ڏسي پيو اکيون ٽمڪائيندو هئس ته ڪيڏي مهل ٿو گهر
وڃڻ جي اجازت ڏئي. جڏهن بابا سائين مغرب جي نماز
پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ ايندو هو ته آئون ان کي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيندو هوس، ۽ دل ئي دل ۾ چوندو هوس ته هاڻي
بابا نماز پڙهي وٺي ته منهنجي هن قيد خاني مان جان
آزاد ٿئي.
آئون اکيون ٽمڪائي پيو بابا سائينءَ کي
ڏسندو هوس ته ڪيڏي مهل ٿو نماز پڙهي بس ڪري ۽
منهنجي جان هن آفت مان ڇڏائي، جڏهن بابا سائين
نماز پڙهي بس ڪندو هو ته مولوي صاحب کي چوندو هو
”سائين آئون هن کي وٺي وڃان.“
”سائين اٿس ته سبق ڪچو پر جي اوهان چئو ٿا
ته ڀلي وٺي وڃوس، پر هڪڙي شرط سان.“
”مولوي صاحب ڪهڙو شرط...؟“
”اهو هي شرط آهي ته سڀاڻي سبق ياد ڪري
اچي.“
پوءِ بابا سائين مون ڏانهن نهاري چوندو هو
”سڀاڻي سبق ياد ڪري ايندي نه.“
آئون ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪندو هوس ۽ بابا
سائين هڪ هٿ ۾ مون واري ڦرهي کڻندو هو ته ٻئي هٿ ۾
منهنجي ٻانهن جهليندو هو، ۽ پوءِ اچي گهر ۾ پهچندا
هئاسين.
هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو سائين مولوي بيمار ٿي پيو
۽ اسان مدرسي ۾ پڙهڻ ڪونه ويندا هئاسين آئون روز
الله کان اها دعا گهرندو هئس ته (منهنجا مولا
سائين، مولوي کي چاڪ نه ڪجانءِ ڀلي ته بيمار پيو
هجي، ته جيئن آئون مدرسي نه وڃان).
بس اها دعا هر روز ننڊمان اٿي گهرندو هئس
۽پوءِ منهن ڌوئي نيرن ڪندو هئس هڪ ڏينهن شام جو
بابو گهر آيو چيائين ته سائين مولوي ٺيڪ ٿي ويو
آهي، تون سڀاڻي کان (مسيط) مسجد وڃجانءِ وري دڙڪو
ڏيئي چيائين ”متان نه وڃين“ بس بابي جو ايترو چوڻ
مان صفا سسي ويس، ڄڻ ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويئي. سڄي
رات ننڊ ڪانه آئي. آئون چئي رهيو هيس ته (الله مون
معصوم جي به ڪانه ٻڌي، ڪيتريون نه دعائون گهريون
هيم ته مولا سائين مولويءَ کي ٺيڪ نه ڪجانءِ هو
سڄي عمر بيمار هجي پر تون به منهنجي ٽڪي پيسي واري
دعا ڪا نه ٻڌي شابس اٿئي).
صبح ٿيو چانهه سان ماني کائي گهر کان ٻاهر
نڪرڻ جي ڪوشش پي ڪيم ته بابي چيو ”ڪيڏانهن ٿو
وڃين، هل ته توکي مسجد ڇڏي اچان“ بس بابي جو ايترو
چوڻ ڄڻ ڪنهن ڪڪڙ مٿان مينهن ڪرندو آهي، اهڙي حالت
ٿي ويم.... دل ۾ چيم بابو ۽ سائين مولوي مون کي نه
ڇڏيندا....
بابي مون کي پاڻ سان وٺي مدرسي ۾ ڇڏي پاڻ
هليو ويو، پر مون کي ڪابه ڳالهه نه پئي وڻي. اٽڪل
پي سوچيم ته ڪهڙي به نموني سان هن (آفت) سائين
مولويءَ مان جان ڇڏايان. هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي ڇا
ڪيم جو سائينءَ کان ٻن جو موڪلائي وڃين اس تي
ويٺس، جڏهن ڏٺم ته هائو ٻيلي هاڻي لڱ گرم ٿي ويا
آهن، ته پوءِ وري موٽي آيس ۽ ڪوڙ ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳس،
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن منهنجي سڏڪن جو آواز سائين
مولويءَ جي ڪن تي پيو ته پڇڻ لڳو ”ڇاتي پيو سڏڪا
ڀرين؟“
مون چيومانس ”سائين مون کي بخار آهي“ ۽ پوءِ
روئڻ ۾ لڳي ويس. سائين مولويءَ چيو ”هلي آ ته
ڏسانءِ“ بس سائين جو ايترو چوڻ مون کي پڪ ٿي ويئي
ته هاڻي منهنجي محنت ساڀ پئي، آئون اٿي وڃين
سائينءَ کي پنهنجي نبض ڏيکاري، منهنجي نبض کي هٿ
لائي ٻئي ڇوڪري کي چوڻ لڳو ”ڇورا هن کي گهر ڇڏي
اچ، متان ڪٿي ڪري نه پوي“ آئون دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس
ته مس مس سائين مولويءَ مان منهنجي جان ڇٽي. ڇوڪرو
مون کي گهر جي در وٽ ڇڏي پاڻ هليو ويو، آئون جو
سوير آيس ته امان چيو ”ڇو ڀڄي آيو آهين.“
مون چيومانس ”امان مون کي بخار آهي“ امان به
منهنجي نرڙ کي هٿ لائي ڏٺو ڏاڍو گرم لڳس، ڇو جو
تازو اس تي ويهي آيو هوس. امڙ جلدي ڪري کٽ تي هنڌ
وڇائي ڏنو ۽ آئون ڏاڍو مزي سان سمهي رهيس ۽ پوءِ
پاڻ تڪڙ تڪڙ ۾ سليماني چانهه ٺاهي کڻي اچي مون کي
چيائين ”اچي هي وٺ اسپرو جي گوري کائي دٻ ڪري سمهي
رهه، متان کٽ تان اٿيو آهين.“
مون دل ۾ چيو ”پٽ مري وئين، سائينءَ مولوي
کان ته جان ڇڏائي آيس پر هاڻي امان کان جان ڪيئن
ڇڏايان“ مون ٽڪي ويهاڻي جي هيٺان لڪائي چانهه جي
پيالي پي ماٺ ڪري سوڙ مٿان وجهي سمهي رهيس. سوچيم
ته (اجايو ملي کان ڀڄي آيس) ۽ پوءِ امڙ مون کي
(مٺيون) به ڏنيون ۽ مٿي کي زور به ڏنا ۽ الله کان
دعا گهري رهي هئي ”يا الله تون منهنجي ٻچڙي کي هرس
جو ڏي.“
آئون انهيءَ سوچ ۾ هئس ته امان هتان وڃي ته
مان کسڪ سور پڙهان، ۽پوءِ ٿيو به ائين امان به وڃي
لڳي ڪم سان ۽ آئون به چورن وانگر سوڙ لاهي پير پير
۾ ڏيئي امان جي ڊپ کان آهستي آهستي گهر کان ٻاهر
نڪري ويس. شام جو سج لٿي تائين مامي سان سائيڪل تي
چڪر ڏيئي واپس گهر آيس.
ها....، هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ياد اچي ويئي، هڪ
ڏينهن آئون مدرسي مان سائينءَ کان شين جو موڪلائي
ڀڄي ويس، سائين ڇا ڪيو جو منهنجي پويان ٻيا ختابي
موڪليائين ۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائين ته ”جتي به
ڏسوس ٽنگو ٽالي ڪري مون وٽ کڻي اچوس“.
ختابي مون کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿي ويا. سڄو
شهر مون کي ڳولهي ڳولهي نيٺ مون کي هٿ ڪيئون. مون
جو انهن کي ڏٺو ته لڳس ڀڄڻ گهڻو ئي ڀڳم پر انهن به
مون کي نه ڇڏيو. نيٺ اچي مون کي پڪڙيئون، مون به
گهڻو ئي ٻاڪاريو، رنم پر انهن کي ڪو به رحم ڪونه
پيو ڇو جو اڳيان به مارشل لا جو آرڊر تمام سخت
نڪتل هو. سو مون کي ڪن ورتو ٻانهن کان ڪن ورتو
ٽنگن کان گهليندا گهليندا اچي سائينءَ مولويءَ جي
ڪورٽ سڳوريءَ ۾ پيش ڪيائون. آءٌ ڏوهاريءَ وانگر جج
صاحب کي پي ڏٺم ته ڪيڏي مهل ٿو مون کي سزا ڏئي.
سائين پهرين ته اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن نهاريو ۽
پوءِ هڪ ڇوڪري کي چوڻ لڳو ”ڇورا وڃين کٻڙ مان ٿلهي
ڪاٺي پٽي اچ ته هن جي خبر وٺان.“
مون کي پڪ ٿي وئي ته اڄ منهنجو خير ڪونهي
مون کي سائينءَ جي مار جي خبر هئي، اهڙي ته مار
ڏيندو هو جيئن اُٺ ڪٽجي پتڻ تي. منهنجي بدن مان
سيسڙاٽ نڪرڻ لڳا، بس انهيءَ اوسيئڙي ۾ هيس ته ڪيڏي
مهل ٿو منهنجي مار لاءِ ٿلهي لڪڻ اچي، ٿوريءَ دير
۾ ڇوڪرو ٿلهي لڪڻ پٽي آيو، بس پوءِ ته سائينءَ مون
کي ماريندو رهيو ۽ منهنجا هئا واڪا، اهڙي ته مار
ڏنائين جو وڃين ٿيا خير..... ان ڏينهن کان پوءِ
وري مون مدرسي کان ڪين گسايو.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته، اهو ڏينهن اسان
سڀني ٻارن لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو هو، جڏهن سائين
مولوي اسان سڀني کي گڏ ڪري چوندو هو ته، ”اڄ اسان
کي صلات سڳوري پڙهڻي آهي“ بس سائين جو ايترو چوڻ
اسان لاءِ عيدون ٿي وينديون هيون، سڄو ڏينهن صلوات
پڙهندا هئاسون جڏهن پڙهي بس ڪندا هئاسون ته، وري
پوءِ تاهريءَ يا مٺي ڀت جو انتظار ڪندا هئاسون ته
سائين ڪيڏي مهل ٿو هلي (چانٽي) کائڻ، پوءِ اڳيان
ٿيندو هو سائين ۽ پٺيان اسان پوءِ اوهان پاڻ سمجهو
ٿا، جيڏانهن انجڻ، اوڏانهن گاڏا جيئن ننڍڙا ٻار
ريل گاڏي راند کيڏندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو پاڙي ۾ ٻار بيمار ٿيندو هو ته
ان جا مائٽ ڪڻڪ جي ڏاري جو ڀت رڌيندا هئا ته اسان
کائڻ ويندا هئاسين، جڏهن کائي بس ڪندا هئاسين ته
پاڻيءَ جا ڇنڊا ان ٻار کي هڻندا هئاسين جيڪو بيمار
هوندو هو، ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي چوندا هئاسين
”الله ڇٽائي....، الله ڇٽائي ۽ پوءِ اهو بيمار
(پنج پيسي) ڏيندو هو، جنهن جي شيءِ اسان ادا
بخشوءَ جي دڪان تان وٺندا هئاسين.
اهي شاندار ٻالڪپڻ جا حسين منظر مون کي اڃا
تائين ياد آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي ياد ڪري پنهنجي منهن
پاڻ کلندو آهيان ۽ ٿڌو ساهه ڀري اتساهه مان چوندو
آهيان ”ڪاش آءٌ اڃا ننڍڙو هجان هان امڙ جي جهوليءَ
۾ سمهان ها......، ۽ امڙ مون کي لولي ڏيئي پنهنجي
هنج ۾ سمهاري ها ۽ منهنجي ڳلڙن تي چماٽون هڻي ها.
ڪاش مون کي وري منهنجو ننڍپڻ ملي، پر ائين
ٿي نه ٿو سگهي. |