سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب: --

صفحو : 7

 

شوال سن 1308 هه ۾ مولانا جن حضرت ابوالحسن تاج محمد صاحب وٽ امروٽ ۾ ويا. ان وقت بزرگ امروٽيءَ خيال ڪيو ته مولانا جي شادي ڪرائجي، سو کين سکر ۾ اسلاميه اسڪول جي مولوي ماستر محمد عظيم خان يوسف زئي جي صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪرايائون. مولانا جي والده کي به ان وقت گهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن والده ساڻن گڏ رهي، ۽ پنهنجي اصلي سِک مذهب تي محڪم هئي. حضرت امروٽي، مولانا جي مطالعي خاطر تمام وڏو ۽ ناياب ڪتبخانو گڏ ڪيو. سن 1315هه تائين مولانا جن نهايت ئي اطمينان سان مطالعو ڪندا رهيا، ۽ حضرت جن مولانا کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا.

        ڳوٺ پير جهنڊي ضلعي حيدرآباد ۾ راشدي طريقي جي پير صاحبن وٽ ديني علم جو بينظير ڪتبخانو هو. مولانا جن دوران مطالعي ۾ ڳوٺ پير جهنڊي واري پير صاحب ڏانهن به تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. مولانا جي مطالعي جي اضافي ۾ ڪتبخاني جو وڌو دخل هو، ان سان گڏ حضرت مولانا جن پير رشيد الدين صاحب جي صحبت مان به مستفيد ٿيا، ۽ ذڪر ”اسماءَالحسني“ به انهن کان سکيا. هي بزرگ دعوت توحيد ۽ جهاد جو هڪ مجدد هو. حضرت مولانا جن پير ابو تراب رشدالله صاحب العلم الرابع سان به علمي صحبتون ڪيون. هو صاحب علم حديث ۽ فقه جي تحقيق ۾، حضرت مولانا محمد قاسم صاحب رحه ديوبنديءَ کان ويندي، امام ولي الله رحه دهلويءَ تائين جيڪي به وچ ۾ عالم ٿي گذريا، تن کي مولانا صاحب پنهنجو امام تسليم ڪيو.

        مولانا صاحب جن 1914ع ۾ دهليءَ ويا، جتي پاڻ ڊاڪٽر انصاري ۽ حڪيم اجمل خان سان گڏجي، ترڪيءَ کي بچائڻ ۽ هندستان کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائون. سن 1333 هه مطابق سن 1915ع ۾، حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم موجب، مولانا جن ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ کين اتان جو ڪو به مفصل پروگرام ڪو نه ٻڌايو ويو هو. مولانا جن دهليءَ جي سياسي جماعت کي پڻ ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان ڪابل وڃڻ وارو آهيان. انهن مولانا کي هندستان جو نمائندو ڪري موڪليو. ڪابل پهچڻ شرط مولانا کي معلوم ٿيو ته حضرٿ شيخ الهند رحه جنهن جماعت جو نمائندو هو، ان جي پنجاهه سالن جي محنت جو حاصل سندس اڳيان غير منظم شڪل ۾ حڪم مڃڻ لاءِ موجود ۽ تيار هو. انهيءَ راز معلوم ڪرڻ بعد، پنهنجي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند طرفان سندن انتخاب تي ويتر کين خوشي ٿي.

        مولانا صاحب جن ست سال ساندهه ڪابل جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي هندستان جي آزاديءَ لاءِ انقلابي ڪم ڪندا رهيا. سن 1916ع ۾ امير حبيب الله خان کين هندستان جي سياسي جماعتن سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. امير حبيب الله جي چوڻ موجب، مولانا ماحب انڊين نيشنل ڪانگريس سان رابطو پيدا ڪيو. جيئن ته مولانا صاحب جن تي ڪابل اچڻ کان اڳ انگريزي حڪومت طرفان گرفتاريءَ جا حڪم جاري ٿيل هئا، تنهن ڪري انگريزن ڪابل جي بادشاهه امير حبيب الله کان مولانا جي ٻانهن گهري، پر بادشاهه مولانا جن کي موٽائڻ کان انڪار ڪيو.

        مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ جون عملي تجويزون سٽيندو رهيو. امير امان الله جي هندستان تي حملي ۽ ان کان پوءِ صلح ٿيڻ بعد، مولانا جن ماسڪو ويا ۽ پنهنجي نوجوان رفيق جي مدد سان اتي سوشلزم جو باقاعدي مطالعو ڪيائون. روس جي حڪومت مولانا کي پنهنجو معزز مهمان ڪري ڄاتو، ۽ کين مطالعو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت ڪري ڏنائون: انهيءَ مطالعي جو نتيجو اهو ٿيو، جو  مولانا جن پنهنجي مذهبي تحريڪ (جا امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مبني آهي) کي هن زماني جي لادينيءَ جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ تدبيرن سوچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

        سن 1924ع ۾ مولانا انگورا ويا. ترڪيءَ جي سفير ۽ ماسڪو جي وزارت خارجه - ٻنهي گڏجي مولانا لاءِ سفر جو رستو آسان ڪري ڏنو. برطانوي جاسوسن کي انهيءِ راز جي بلڪل خبر ڪا نه هئي. مولانا جن ساندهه ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهي، تحريڪ اتحاد اسلامي جو تاريخي مطالعو ڪيو.

        حضرت مولانا يورپ مان ٿيندا مڪه معظه پهتا، ۽ ساندهه ٻارهن سال مڪه معظمه ۾ رهيا؛ پر حڪومت سان سندن ڪو به تعلق ڪو نه هو، نه وري مولانا جن ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته ”اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي“. اتي مولانا صاحب جن ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا، ۽ پنهنجي هميشه واري دستور موجب توڪل واري زندگي بس ڪندا هئا. اسلامي دنيا جا ڪيترائي عالم ۽ هندستان جا انگريزي خوان کانئن قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪي معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماء ڪرام، جي جامع ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي به مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. روس جو عالم موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيو، ته مولانا جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيو ۽ مولانا صاحب کان درس وٺندو رهيو.

        1938ع جي شروعات ۾، مولانا مرحوم، سنڌ جي ليڊرن جي ڪوشش سان، پنهنجي وطن سنڌ ۾ پهتا، ان وقت مولانا پوڙها ٿي ويا هئا ۽ مسلسل ٽيهن سالن جي سفر جي تڪليف کين ضعيف ڪري ڇڏيو هو- تاهم سندن فڪر جوان هو، ۽ همت عالي هئي؛ وطن جي خدمت جو جذبو پڻ منجهن ڀرپور هو. اهو ئي سبب هو، جو مولانا جن انهيءَ پيريءَ ۾ پڻ هندستان جي قومي ۽ ذهني آزاديءَ لاءِ عملي تدبيرون سوچيندا رهيا.

        مولانا عبيدالله جي سموري زندگي، قوم لاءِ، ڏکن ڏاکڙن ۾ گذري، عموماََ ننڍپڻ، ايندڙ زندگيءَ لاءِ اميدن جي خوابن کان بنهه مختلف گذري: ننڍپڻ ۾ سندن نيڪي -طلب طبيعت ۽ نڪته رس دماغ، دل جي آرام خاطر، مذهبي عقيدن کي پنهنجي اعليٰ صلاحيت واري طبيعت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ پنهنجي بيقرار دل جي قرار خاطر گهر ڇڏي بي گهر ٿيا. ديني اعتقاد کين عملِ اٿاريو. ان کان پوءِ جواني آئي، پر اها به سرتاپا انقلاب ۽ عمل بڻجي آئي: ڪا جاءِ نه هئي. ڪو شهر نه هو، جتي مولانا سنڌيءَ جي پاري وانگر تڙپندڙ دل آرام ورتو! ٻڍاپي کين مايوس ڪرڻ بدران وڌيڪ جوش ڏياريو: پنهنجي زندگيءَ جو ڏيو وسامندو ڏسي، نهايت جوش سان ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جيئن ڪي اهڙا نوجوان پيدا ڪري وجهجن، جيڪي پنهنجي ذهني بيداري ۽ حڪمت عمليءَ سان قوم، ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪن ۽ هن برعظيم کي ڌارين جي غلاميءَ کن آزاد ڪرائين. آخرڪار، 22 آگسٽ 1944ع ۾، شمع هدايت ۽ انقلاب جو امام اسان جي نظرن کان هميشه لاءِ غائب ٿي ويو. مگر، سندن علمي توڙي عملي ڪارناما اسان جي آڏو موجود آهن، جن جي روشنيءَ ۾ اڄ به اسين ترقيءَ جون منزلون طي ڪري سگهون ٿا. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org