ضميمو – 1
جي. الانا
مولانا عبيدا لله سنڌي
(1872-1944)
اڻويهين صديءَ جي شروع ۾ سک، پنجاب ۾
اقتدار اعليٰ جا ڌڻي هئا ۽ ڪيترائي سک گهراڻا
پنجاب حڪومت جي انتظاميه ۾ آفيسرن طور ملازم هئا.
گلاب راءِ به انهن مان هڪ آفيسر هو جنهنجو گهراڻو
سک ۽ سانت جي زندگي گذاري رهيو هو. اهو به چڱو آهي
ته ماڻهو کي سٺي نوڪري ۽ سٺي پگهار به هوندي آهي
پر ان کان وڌيڪ وڏي نوڪريءَ ۾ ٺٺ ٺانگر رعب تاب به
هوندو آهي سو گلاب راءِ پنهنجي گهراڻي جي اقتصادي
حالتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واسطي پنهنجي پٽ جسپت
راءِ کي هڪ اهڙي قسم واري سود مند نوڪري وٺرائي
ڏني. جڏهن سِکن جي طاقت پنجاب ۾ ختم ٿي ويئي ته
اهي ماڻهو جن جو گذر بسر ئي نوڪريءَ ٿي هو، سي
اوسي پاسي روزگار جي تلاش ۾ واجهائڻ لڳا. اهڙي
نموني جسپت راءِ جو پٽ رام سنگهه پنهنجي آبائي ڪکن
کي ڇڏي اچي سيالڪوٽ ۾ پنهنجو سونارڪو ڌنڌو ڪري
پنهنجي ٻچن جو روزگار ڪرڻ لڳو. سندس برادري جي ٻين
ماڻهن حڪومت ۾ ننڍين نوڪرين تي اڪتفا ڪئي يا واپار
۾ هلڪو ڌنڌو شروع ڪيو. سيالڪوٽ ۾ رام سنگهه جو
ڌنڌو چڱو متو. هن سيالڪوٽ جي سک گهراڻي جي هڪ
ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. رام سنگهه کي پهريائين هڪ
ڇوڪري ڄائي جنهن جو نالو جيوڻي رکيو ويو. ڇوڪريءَ
ڄمڻ کان پوءِ هڪ ڇوڪرو چيان والي ڳوٺ ۾ 10 مارچ
1872ع ٿي ڄائو، جيڪو بعد ۾ مولانا عبيدالله سنڌي
سڏجڻ ۾ آيو.
رام سنگهه پنهنجي پٽ جي ڄمڻ کان چوٿين
مهيني وفات ڪري ويو ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ ۽ نياڻي
جسپت راءِ جي نظر هيٺ رهڻ لڳا. ٻنهي ٻارڙن جي مٿان
سندن ڏاڏي جو پاڇو 20 مهينا مس رهيو جو هو به راهه
رباني وٺي هليو. ٻن ٻارن جي جوان ماءُ باقي عمر
پنهنجي پيءُ جي گهر پناه وٺڻ جي ارادي سان وٽس وئي
جنهن کيس ٻنهي ٻارن سميت خوشي سان رهائڻ قبول ڪيو.
جنهن جي مرڻ کان پوءِ هن مصيبت جي ماريل عورت کي
پنهنجي ڀائرن جي پاڇي ۾ رهڻ کان سواءِ پاڻ وٽ
رهايو. ڇهن سالن جي يتيم ٻار ڄام پور جي هڪ اردو
اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ 1887ع ۾ ڄام پور جي مڊل
اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. ننڍڙي ابهمڙي پنهنجو پاڻ
کي هڪ هوشيار شاگرد ثابت ڪيو ۽ ڪلاس ۾ پهريون نمبر
اچڻ لڳو. اڃا مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، جو سندس هڪ
همڪلاسي ءَ آريه سماجي ڇوڪر کيس هڪ ڪتاب تحفته
الهند نالي ڏنو، جيڪو هن وڏي چاهه سان پڙهيو ۽
جنهن کان هيءُ ڏاڍو متاثر ٿيو. ٽئين درجي ۾ ئي هو
جو سندس شوق اسلام جي مطالع لاءِ ٿيو. اسلام متعلق
جيڪو به ڪتاب هٿ لڳندو هوس سو پڙهي وٺندو هو.
اوچتو ئي هن مسلمان ٿيڻ جو ارادو ڪيو. اهو ڄاڻندي
ته سندس ماءُ ڀيڻ ماما وغيره سندس مسلمان ٿيڻ ٿي
ناراض ٿيندا، سو هو گهر کان ڀڄي سيالڪوٽ جي ڪنهن
ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. اتي به سندس هم ڪلاسي مسلمان دوست
کيس مولانا محمد اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقويت
الايمان“ ڏنو جيڪو سندس مسلمان ٿيڻ جي راهه ۾ هڪ
سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ”مان اهو پڙهي اسلام جي
وحدانيت جو قائل ٿي ويس“.(1)جيئن
اسلام سيکاريو آهي: سندس هي عمل ڏيکاري ٿو ته هي
ننڍي ٽهي کان وٺي هڪ انقلابي ذهن جو مالڪ هو ۽ هن
جي زندگي جي درياه ۾ پنهنجي طريقي جو سامونڊي
سفر اختيار ڪيو، توڙي جو کيس پنهنجي گهراڻي کي رنج
ڪرڻو پيو. ”هاڻي آئون روزانو نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽
پنهنجو نالو بدلائي تحفته الهند جي مصنف جي نالي
پٺيان عبيدالله رکيم“،(2).
پوءِ هو کلبو کلايو چوندو رهيو ته ”هو مسلمان ٿي
چڪو آهي“. آخر ۾ هن لکيو آهي ته ”هن اسلام هڪ هندو
عالم کان سکيو جيڪو پاڻ کي پنڊت-مولوي چوائيندو
هو. 15 آگسٽ 1887ع تي مان خدا جي مدد ۽ مهرباني
سان مسلمان ٿيس. مون سان گڏ منهنجو دوست عبدالقادر
گڏ هو. مان عربي جي مدرسي جي ٻئي دوست سان ڪوٽلي
رحم شاه ضلع مظفر شاه پهتس. 9 ذوالحج 1304 هه
منهنجو طهر ٿيو. جيئن منهنجا عزيز اقارب ناراض
ٿيا، تنهن ڪري ٿوري وقت کان پوءِ آئون سنڌ لاءِ
راهي ٿيس ۽ رستي ۾ مان ان شاگرد دوست کان عربي
سکندو رهيس“(1).
مولانا پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي پنهنجون
يادگيريون قلم بند ڪندي فرمائي ٿو ته ”هنجو ڀلارو
بخت هو جو ڀر چونڊي جي بزرگ مولانا محمد صديق جو
شاگرد بڻيو. جنهن پنهنجي مريدن جي ڀريءَ ڪچهريءَ ۾
چيو ته، ”عبيدالله اسلام واسطي عزيز اقارب ڇڏيا
آهن. هن کان پوءِ آئون هنجو پيءَ به آهيان ته ماءُ
به“. مولانا سنڌي ڀرچونڊي جي بزرگ ڏانهن ايڏو ته
رجوع ٿي ويو جو، مون سنڏ کي پنهنجو بنايو يا سنڌ
منهنجي بنجي وئي. مان حضرت صاحب جن کان قادري
راشدي طريقي تي سبق وٺندو رهيس“، تعليم کي وڌيڪ
جاري رکڻ لاءِ هن بزرگ کان اجازت ورتي. ”اهو بزرگ
صاحب جي ئي دعا جو اثر هو جو آئون شيخ الهند
مولانا محمود الحسن جو شاگرد بنيس“. هن بهاولپور
جي هڪ مسجد ۾ عربي به پڙهڻ شروع ڪئي. 17 سالن جي
عمر ۾ هن ديوبند جي دارالعلوم ۾ داخلا ورتي جتي هن
قرآن حديث، فلسفه ۽ منطق جو گهرو مطالعو ڪيو.
”ديوبند ۾ آئون خواب ۾ رسول مقبول (صه) ۽ امام ابو
حنيفه (رح) جي زيارت کان مستفيض تٽس“.(2)مولانا
سنڌي ديوبند ۾ شيخ الهند وٽ پڙهيو ۽ سندس شخصيت
کان گهڻو متاثر ٿيو. اهو اثر سندس زندگي تي سڄي
عمر رهيو. هن ديوبند مان علم جي تحصيل وڏي ڪاميابي
سان ڪئي. شيخ الهند
جي اجازت سان گنگوه ۾ مولانا رشيد احمد وٽ ويو، پر
گنگوه ۾ سندس ترسڻ بلڪل ٿوري عرصي لاءِ ٿيو. هو
گنگوه ۾پهتو ئي مس ته سندس طبيعت ناچاق ٿي پئي ۽
علاج واسطي دهلي روانو ٿيو. دهلي کان صحت ياب ٿي
گنگوه پهتو ته مولانا محمد صديق ڀرچونڊي ڇڏي وڃي
دار البقا ڀيڙو ٿيو هو. اها خبر ٻڌڻ سان ڀر چونڊي
ضلع سکر لاءِ روانو ٿيو ۽ 20 جمادي الثاني 1308 هه
۾ اتي پهتو.
مولانا سنڌي سکر ۾ ئي هيو جو هن اسلاميه
اسڪول جي هڪ استاد محمد عظيم خان جي ڌيءَ سان شادي
ڪئي هئي. هن پنهنجي شاديءَ جو سڏ پنهنجي ماءَ
ڏانهن به موڪليو ۽ تاڪيد ڪيو هئائين ته سکر ضرور
اچي شادي ۾ شريڪ ٿئي. مولانا سنڌي جي ماءُ گهڻي
عرصي رنج ۽ جدائي کان پوءِ پنهنجي پياري پٽ جي
شادي ۾ شريڪ ٿي ۽ بعد ۾ ساڻس گڏ رهندي آئي. شادي
کان پوءِ به سڄي سنڌ جي ڪتب خانن ۾ پاڻ کي شاگرد
سمجهي علم ۽ ادراڪ جي تحصيل ڪندو رهيو. پڙهي پڙهي
آخر وقت جو هڪ وڏو عالم بنجي ويو. شاه ولي الله جي
لکتن کيس گهڻو ڪجهه متاثر ڪيو، جنهن ڪري مولانا
سنڌي شاه ولي الله کي پنهنجو امام ڪري مڃيو.
مولانا لکي تو ته ”آئون ان قابل ٿيس جو اسلام جي
فلسفه کي چڱي پر پروڙڻ ۽ سمجهڻ لڳس“.(1)تمام
گهڻي ۽ مسلسل مطالعي، مولانا محمد اسماعيل شهيد جي
فلسفه کيس سياسي اصولن ڏانهن رجوع ڪيو جيڪو فطرتي
طور انقلابي هو. هنجي حياتي ۽ سکيا مولانا سنڌي کي
ان جو گرويده بنائي وڌو، مان مولانا محمد اسماعيل
شهيد جي لکت مان انقلاب ۽ اسلام بابت هڪ باب تي
عمل ڪيو ۽ ان کي پنهنجي سياسي زندگي ۽ پروگرام
لاءِ بنياد قرار ڏنو“،
(2)
(2) هو 1315 هه ۾ ديوبند ۾ واپس آيو. هن
حديث ۽ فقهه تي مقالا ۽ مضمون لکيا، جيڪي ديوبند
جي علمي حلڪقن ۾ بيحد پسند ڪيا ديوبند ۾ گهڻو وقت
ترسي نه سگهيو. کيس اندروني احساس مجبور ڪيو ته هو
سنڌ ڏانهن واپس وري. کيس يقين هو ته سنڌ ئي سندس
ڪم ۽ خدمت لاءِ صحيح مقام هو. هن امروٽ ۾ اچي
سنڌيءَ ۽ عربي جا ناياب نسخا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا،
جيئن هو درس تدريس جو سلسلو جاري رکي ۽ پنهنجي
نظريي موجب ئي تعليم ڏئي. اهو ڪو مولانا سنڌيءَ جو
اڪيلو خيال نه هو پر جيڪي نظرياتي انسان دنيا پيدا
ڪيا آهن انهن به مالي ذريعن جي ڪمي سبب اهڙي
نامڪمل خواهش جو اظهار ڪيو آهي. سکڻو هنيانءُ آخر
ڪيترو ڪم ڪندو؟ خالي هڙ سان آخر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
پر 1319 هه ۾ حضرت مولانا رشدالله صاحب امروٽ ۾ هڪ
مدرسو جوڙايو. جتي مولانا سنڌي ستن سالم تائين
پڙهائيندو رهيو. ان عرصي جي آخري ڏينهن ۾ مولانا
سنڌي ڏانهن شيخ الهند مولانا محمود الحسن جو سڏ
پهتو ته هڪدم ديوبند پهچي وڃ. مولانا سنڌي وڏي
فرمانبرداريءَ سان ديوبند پهتو. شيخ الهند کيس
ديوبند ۾ جميعيت البصر کي پڙهائڻ جو ڪم سندس حوالي
ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق
سنڌيءَ سان گڏ چئن سالن تائين پڙهائيندو رهيو.
شاگردن ۾ سندس مرتبو افضل ۽ اعليٰ هو. بعد ۾ شيخ
الهند جي حڪم سان مولانا سنڌي کي دهلي موڪليو ته
جيئن مولانا سنڌي دهلي جي نوجوان مسلمان دانشورن
سان رابطي ۾ رهي. جيڪي هندستان جي مسلمانن کي
ايڪتا جي مالها ۾ پوئي رهيا هئا. دهلي ۾ مولانا جي
چوٽي جي مسلمان دانشورن سان دوستي ٿي وئي، جنهن ۾
مولانا محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر
انصاري، نواب وقارالملڪ اچي وڃن ٿا. ”اهڙي طريقي
سان منهنجو هندستان جي مسلمان سياستدانن سان تمام
ويجهو رابطو قائم ٿي ويو“.
(1)
مولانا عبيدالله سنڏي دهلي جي فتح پور
مسجد ۾ ديني ڪلاس شروع ڪيو، جنهن ۾ تمام گهڻن
مسلمانن داخلا ورتي. انهن شاگردن ۾ مولانا
پـــنهـــنجا نظريا ۽ خيال پکيڙندو رهيو. پوليس کي
جڏهن اهو پتو پيو ته مولانا ويا. هو مٿان سخت
چوڪسي شروع ڪئي وئي. آخرڪا مولانا کي ڪنهن بهاني
اٽڪائي ڇڏيائون، ۽ سندس نظرياتي اسڪول به بند ٿي
ويو. ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو هن پڙهڻ ۽ بعد ۾
اسلام جي مختلف شعبن ۾پڙهائڻ ۾ گذاريو، ۽ پنهنجون
راتيون هندستان جي مسلمانن جي سياسي اصلاح واسطي
غور وفڪر ۽ منصوبه بندي ۾ گذاريون. هن ڏٺو ته سندس
وطن ۽ هم مذهب بي چيني ۽ سياسي شڪنجي ۾ ڦاٿل هئا.
مغربي بيٺڪي نظام پوري جوڀن ۽ جواني جي ڦوهه ۾ هو.
اخبارن ۽ ٻين ذريعن وسيلي سرحدن ڀرسان مسلمان ملڪن
جي سياسي غلامي ۽ اقتصاسي بدحالي جو کيس پورو پتو
هو. سندس انقلابي خيالن جو پڙاڏو پري پري سرڪاري
جاسوسن تائين پهچي چڪو هو، جيڪي ڌارئي سامراج وٽ
وڪامي چڪا هئا ۽ سامرا جي مفادن جي قوت جا محافظ
بنجي چڪا هئا. پر ان کان اڳ هو پوليس جي اکين ۾
ڪنڊو هو. هندستان جي بدتر سياسي حالات کان ڄڻڪ
مايوس ٿي چڪو هو. شاه ولي الله ۽ مولانا محمد
اسماعيل شهيد جي انقلابي نظرين کان ڪافي متاثر هو.
انهن سپنن جي ساڀيا ڏسڻ جو منتظر هو، جڏهن ڌڪاريل
ڌاريا سامراجي هندستان کان هميشه هليا ويندا ۽
سندس هموطن هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم بڻجي سک جو
ساه کڻندا. جڏهن هو ڪنهن سياسي رستي جو متلاشي هو
ته عين ان وقت شيخ الهند جو کيس ڪابل پهچڻ جو حڪم
مليو. ”مونکي ان متعلق ڪجهه به هدايتون مليل ڪين
هيون ته مونکي ڪابل ۾ پهچي ڇا ڪرڻ گهرجي، ان ڪري
مونکي هن ترڪ- وطن متعلق ڪو به جذبو نه هو، پر خدا
تعاليٰ منهنجي هن رستي مان سڀ رنڊڪون ڪڍي دور ڪري
ڇڏيون جنهن ڪري آئون رضاڪارانه طور هندستان ڇڏي
سولائي سان افغانستان پهچي ويس. مان دهلي جي
سياسي دوستن کي ڪابل ڏانهن اوچتي هجرت متعلق اطلاع
ڏئي نه سگهيس.(1)
هن مان صاف ظاهر آهي ته مولانا کي پتو هو ته
جيڪڏهن پوليس کي سندس ارادي متعلق پتو پئجي ويو ته
سندس افغانستان وڃڻ رڪجي سگهيو ٿي.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افغانستان ۾
وڏي آجيان ٿي، انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي تو
ته شيخ الهند ڳجهي نموني، مولانا سنڌي جي ڪابل
پهچڻ جو اطلاع اڳ ۾ اتي پهچائي ڇڏيو هوندو. ”ڪابل
حڪومت جي تعاون سان مان هندستان ۾ ڇڏيل اڌ گيدي ڪم
کي اڳتي وڌائڻ جي قابل بڻجي ويس. 1916ع ۾ مون کي
امير حبيب الله خان حڪم ڏنو ته هندن جي تعاون سان
ڪابل جي سرحدن اندر آئون سياسي ڪم شروع ڪريان .
پوءِ ڪانگريس جي پارٽيءَ ۾ رجسٽر ٿيس ۽ ان جي
پروپئگُنڊا شروع ڪيم. امير امان الله جي دور
حڪمراني ۾ آئون 1922ع ۾ ڪابل ۾ ڪانگريس جو بنياد
رکيو ۽ ڊاڪٽر انصاري جي مدد سان ان آفيس کي مرڪزي
آل انڊيا ڪانگريس پارٽي سان متعلق ڪيو ويو. اهڙو
فيصلو گايا اجلاس ۾ ڪيو ويو. برطانوي هندستان کان
ٻاهر ڪانگريس جي هيءَ پهرين شاخ هئي، ۽ مونکي فخر
آهي ته آئون ان جو پهريون صدر آهيان“.ڪابل ڪانگريس
جي شاخ جي بنياد وجهڻ کان هڪ سال پوءِ هو ماسڪو
روانو ٿيو. جتي هوست مهينا رهيو. مولانا جي سامراج
دُشمن روبي جي ڪري جنهن کان روس جي حڪومت باخبر
هئي، سندس چڱيءَ پر آجيان ڪئي ۽ کيس سماجوادي نظام
جي ڳوڙهي مطالعي واسطي سڀ سهوليتون مهيا ڪري
ڏنيون. ”اهو صحيح ناهي ته مون ان وقت ساٿي لينن
سان ملاقات ڪئي. هنجي طبيعت ايڏي ته ناچاق هئي جو
هو ويجهي کان ويجهي دوست سان به نه ٿي ملي سگهيو..
“ ”جيتوڻيڪ آئون سماجوادي نظام کان متاثر هوس، پر
شاه رلي الله جي اصولن جيڪو مون ۾ يقين پيدا ڪيو
هو، تنهنڪري هر ڪنهن ازم کان آزاد هوس.“
(1)
ماسڪو ۾ ترسڻ وقت هن روس ۾ ترڪي جي سفير سان
واقفيت پيدا ڪري ورتي. ان جي مدد سان هن ترڪي جي
دوري جي اجازت ورتي ۽ لڪ چوري سفر جو بندوبست ترڪي
حڪومت پاڻ ڪيو. ”برطانوي حڪومت جي سي آءِ ڊي کي
مولانا جي ترڪي جي دوري جو اڳواٽ ڪو به پتو نه
پئجي سگهيو“.(2).
اهو هن مان طاهر آهي ته برطانوي حڪومت مولانا کي
خطرناڪ ماڻهو سمجهي پنهنجا گماشتا سندس ڪڍلائي
ڇڏيا هئا. برطانوي حڪومت جي ناراچنچو ۾ وطن کان
ڪوهين دور هو، پر ان ڳالهه کان بيپرواه، کيس فقط
اها اڻ تڻ هئي ته سندس وطن آزاد ٿئي. تحقيق هن
خطرناڪ زندگي گذاري ۽ خطرن ۾ وڪوڙيل هجڻ جي باوجود
ڏاڍو مطمئن هو. مولانا صاحب پورا ٽي سال ترڪي ۾
هندستان جي آزادي لاءِ منصوبه بندي ۾ گذاريا ۽ ٻين
مسلمان ملڪن کي به مغربي سامراج سان ٽڪر کائڻ لاءِ
همٿايو، اهو سامراج جيڪو سندن آزاديءَ سان کيڏي
رهيو هو.
مغربي سامراج جي بيٺڪي نظام خلاف چونڊ
لاءِ انقلابي حريت پسند زير زمين ڪم ڪري رهيا هئا.
ان رد عمل ۾ اسلامي دنيا جو هر مسلمان ملڪ ڄڻڪ ويل
۾ ڦاٿل هو. مڪي ۾ اسلامي دنيا جي مسلمان ملڪن مسلم
ڪانگريس جو اجلاس 1344 هه ڪوٺايو جتي هر مسلمان
ملڪ کي شريڪ ٿيڻو هو. مولانا سنڌي ان کي بهتر
سمجهيو ته ٻين مسلمان ملڪن جي سياسي اڳواڻن جي
تجربي مان هي فائدو حاصل ڪيو ويو، ۽ سندس تجربن
مان بيا مسلمان ملڪ فائدو حاصل ڪندا. اهڙو خيال دل
۾ رکي مولانا اٽليءَ رستي ترڪي کان مڪي معظم ڏانهن
روانو ٿيو. برطانوي حڪومت جي سي آءِ.ڊي ۽ گماشتن
مولانا جي سفر دوران راهه ۾ رنڊڪون وجهندا آيا،
جيئن مولانا وقت تي
رسي نه سگهي، هو پنهنجي مقصدن ۾ڪامياب ويا، ۽
مولانا 1345 هه ۾ ان وقت مڪي پهتو جڏهن اجلاس ختم
ٿي چڪو هو. مولانا انهن مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان
ملڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي اجلاس کان پوءِ مڪي معظم ۾
ترسيا پيا هيا. اهڙي طرح مولانا ڪنهن حد تائين
اسلامي دنيا سان رابطي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مڪي
معظم ۾ کيس دوستن جي ڪتب خانن ڏسڻ جو وڏو موقعو
مليو. جنهن مان باقائده مطالعو ڪري پنهنجي علم کي
وسيع بنايو. مڪو معظم اسلامي دنيا جو مرڪز آهي. هر
مسلمان ملڪ جا سياسي اڳواڻ هتي ايندا رهندا هئا
مولانا صاحب جو اهو خيال هو ته هن طريقي سان هر
مسلمان ملڪ جي تازه ترين سياسي صورتحال معلوم ڪري
سگهجي ٿي.
1935ع وارو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ٿي
چڪو هو، تنهن ڪري اميدون پيدا ٿيون ته مرڪز ۽
صوبائي حڪومتن ۾ مقامي گهڻائي واريون پارٽيون
حڪومت ڪنديون. هندن ۽ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي اچي
وئي هئي ۽ برطانوي سرڪار ذمه دارا نه احساس طور
مکيه مطالبن کي مڃڻ لاءِ واپاري ذهنيت واري ڏي وٺ
واري طريقي پهريان سبق سکي رهي هئي. 1936ع ۾ آل
انڊيا ڪانگريس مولانا عبيدالله تان پابنديون هٽائڻ
۽ هندستان ۾ اچڻ لاءِ گهرون پيش ڪيون، جن جي سڀني
پارٽين تائيد ڪئي. 1937ع جي شروع ۾ ڪن صوبن کي به
خود مختيار حيثيت ملي. انهن به برطانوي حڪومت کان
مطالبو ڪيو ته مولانا کي هندستان جو پاسپورٽ ڏنو
وڃي، جيئن ته هو پنهنجي جنم ڀومي ۾ واپس پهچي.
برطانوي حڪومت وڏي ڪن لاثار کان پوءِ پهرين نومبر
1937ع تي مولانا صاحب کي اطلاع ڏنو ته هو هندستان
وڃي سگهي ٿو. پهرين جنوري 1938ع تي کيس هندستان جو
پاسپورٽ ڏنو ويو. هو اڳ ۾ ئي هندستان پهچڻ کان
پوءِ هندستان ۾ سياسي منصوبه بندي ۽ سياسي ڪار
گذارين متعلق سوچي رهيو هو. جيتوڻيڪ هي ڪافي معمر
هو پر دل جوان هيس. هو سخت بي چينيءَ سان انتظار
ڪري رهيو هو ته ڪڏهن سندس ماتر ڀومي برطانوي غلامي
مان آزاد ٿيندي.
مولانا 24 سالن جي ملڪ نيڪالي کان پوءِ
1939ع ۾ ڪراچي پهتو. جڏهن کيس ملڪ نيڪالي ملي هئي
ته سندس عمر 34 سال هئي ۽ جڏهن واپس وطن پهتو ته
هو 67 ورهين جو ٿي چڪو هو وطن واپس ورڻ تي هو هڪ
به گهڙي وڃائڻ کان سواءِ سياسي ڪار گذارين ۾ جذب
ٿي ويو. هن تقريرون شروع ڪيون. اخبارون ۽ رسالن ۾
تحريرون لکڻ شروع ڪيون ۽ ڪتاب پڻ لکيائين. سندس
مول مقصد، اهو هو ته، ”برطانيه اهوڪڏهن به ڪين ٿي
چاهيو ته نوجوان مسلمان اسلام جي انقلابي پيغام
کان ڪنهن طرح واقف ٿين. مسلمانن کي خدا جي رسي کي
مضبوطي سان پڪڙڻ گهرجي ۽ رسول صلعم ڏانهن واپس
موٽڻ گهرجي. مادي ترقي اسان جي سڀني مسئلن جي حل
جي واحد ضمانت نه آهي”،
(1)3
جون 1939ع تي ڪلڪتي ۾ بنگالي علماءَ جي اجلاس کي
خطاب ڪندي فرمايائين ته، مون چاهيو ٿي ته جيستائين
انگريز منهنجي ملڪ تي قابض آهي، تيستائين آئون
واپس نه موٽان. جڏهن کان آئون هندستان ۾ واپس آيو
آهيان تڏهن کان وٺي مون کي آرام ڪين مليو آهي ۽
منهنجي صحت جي حالت تمام تشو يشناڪ آهي. جيڪڏهن
اسان شاه ولي الله جي پيغام کي سمجهون ته اسان
علماءَ، جمعيت العلماءِ هند جي ان انقلابي نظرين
جي تشهير ۾ ڪاميابي سان پاڻ لائق ٿابت ڪنداسون،
جيئن ماضي قريب ۾ يورپ پنهنجي انقلابي نظرين جي
تشهير ۾ ڪامياب ويو آهي. مان پنهنجي مادر وطن کي
ٻين آزاد قومن وانگر ڏسڻ ٿو چاهيان“. 12 جون 1940ع
۾ هن ٺٽي ضلعي جي ڪنگريس اجلاس ۾ خطاب ڪندي فرمايو
ته، ”مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو ڇو ته اهو منهنجي
روحاني پيءُ جو پاڪ ديس آهي. مان به هنکي گذريل 50
سالن کان پنهنجو وطن بنايو آهي.. توهان کي تعجب
ٿيندو ته مون کي هڪ هندو پنڊت اسلام سان روشناس
ڪرايو. جڏهن مون لالا لجپت راءِ کي استنبول مان خط
لکيو ته هو پنجاب مان ڪهي مون سان ترڪي ملڻ آيو.
يورپ مان واپس اچڻ تي مون کي معلوم ٿيو آهي ته
ديوبند ظريه ۽ علي ڳڙهه نظريه جي وچ ۾ چانڊيه
مگسيءَ واري رساڪشي لڳي پئي آهي. ”انهن جي نفاق کي
گهٽائڻ بجاءِ وڌائڻ ۾ ڪانگريس جوابدار آهي.“
جيتوڻيڪ هو ڪانگريس جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو،
پر ان هوندي به اهو ثابت ڪري ٿو ته هو مسلمان قوم
پرست ۽ مسلمان جي ايڪتا ۽ آزادي جو خواهشمند هو.
مولانا يورپ جو سفر ڪو بي مقصد نه ڪيو هو
۽ نه وري سياسي انقلابي حاصلات، جيڪي هن يورپ ۾
حاصل ڪيا سي کانئس وسري چڪا هئا. هندستانين ڏانهن
سندس اهو پيغام هو ته، هندستاني يورپ جي مادي ترقي
۽ سياسي آزادي کي نظر ۾ رکن ۽ اهو ئي رتبو ماڻين.
هن گانڌي سان وڏي اهم ۽ بنيادي ڳالهين ۾ نفاق کي
ڳجهو نه رکيو. ”گاوتري جواهو غلط يقين آهي ته هو
هندستان کي هڪ هزار سال پوئتي وٺي ويندو. کيس اهو
وسارڻ نه گهرجي ته 800 سالن کان وٺي هڪ ٻي قوم به
رهي ٿي جنهن کي جدا ثقافت ۽ زبان آهي ۽ ان قوم کي
”گانڌي جي“ جي قوم جيترو حق آهي.“
(1)مولانا
جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جي نالي سان هڪ نئين
پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جون آفيسرن ڪراچي، لاهور
۽ دهلي ۾ کوليون ويون. هن پارٽي جو ٻين سان گڏ اهو
به هڪ مقصد هو ته ”منهنجو پروگرام هڪ ڏينهن جو
پروگرام نه آهي. اهو هڪ جامع پروگرام آهي...
هندستان کي هڪ واحد ملڪ نه سمجهيو وڃي پر يورپ،
يعني جيئن يورپ گهڻن خود مختيار قومن ۾ ورهايل
آهي، تيئن هندستان به گهڻا قومي ملڪ ۽ هر قوم کي
پنهنجي ثقافت، پنهنجي تاريخ، پنهنجي زبان آهي.
هندستان کي هڪ ملڪ طور آزادي نه ڏني وڃي پر
ثقافتي لساني يونٽ کي الڳ الڳ آزادي ڏني وڃي. هن
پنهنجي پارٽي ذريعي هڪ شاندار ترقي پسند سماجي -
اقتصادي پروگرام ڏنو، پر مولانا پنهنجي جواني ۽
ڦڙتيءَ جا ڏينهن پوئتي ڇڏي آيو هو. هو اڪثر بيمار
بستري ٿي ليٽيل زندگي گهاريند هو. ڦڙت ۽ متحرڪ
زندگي سياسي پارٽين جي جڙن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ
لازمي جز آهن. پر سنڌي صاحب جي لاءِ ان عمر جي حصي
۾ اهو ناممڪن هو.
هڪ دفعي جڏهن مولانا سنڌي ميڪلو روڊ ڪراچي
جي رايل هوٽل ۾ ترسيل هو ته محمد امين کوسو جيڪو
منهنجو گهاٽو دوست ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر مون کي
اڪثر مولانا جي ملاقات لاءِ وٺي ويندو هو، پر اسان
مولانا سنڌي کي ان عمر جي باوجود به بستري تي
سمهيل ڪو نه ڏٺو ۽ اسان آرام ڪرسين تي ٽيڪ ڏيئي
ويٺا هوندا هئاسون. جيئن منهنجي مولانا سنڌيءَ جي
گهنجن سان ڀريل ۽ ڪراڙپ کان لڙڪيل کل تي نظر پئي،
جيڪو طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب ملول هو، مون کي ائين
معلوم ٿيو ته آئون ڪنهن پراڻي زماني جي ڪنهن عظيم
ديوتا جي مجسمي آڏو ويٺو آهيان. سندس آواز گفتگو
تي غالب پوندڙ هو. ٻين کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش
ڪندو هو ته هن جيڪي تجربا ۽ مشورا ڪيا آهن ۽ جيڪي
ڪجهه هي چوي ٿو سو منجهيل مسئلي جو آخري ۽ يقيني
حل سمجهڻ گهرجي. مان به هڪ ڏينهن ڪنهن اهم مسئلي
تي مولانا جي خيال جي مخالفت جي جرئت ڪئي. مولانا
سنڌي پنهنجو صبر ۽ تحمل وڃائي ويٺو. هن جي جهيڻي
آواز گڏجي هڪ گجگوڙ جي صورت اختيار ڪئي ۽ چيو ته
”توهان ڇوڪرا ڇا ٿا ڄاڻو؟ اسان جهڙن ماڻهن کي ٻڌو،
جن سياسي جنگين جي سختي ۽ گرميءَ ۾ وار اڇا ڪيا
آهن. پوءِ ته منهنجي لاءِ ڪنهن به بحث وغيره جي
ڪابه گنجائش ڪا نه هئي. مون کي معلوم ٿيو ته
مولانا کي شاه ولي الله شاهه جي حوالن ڏيڻ جي عادت
هئي. ”روس جي انقلاب ۾ ٻه نمايان شخصي صورتون آهن.
هڪ آهي ڪارل مارڪس ۽ ٻيو آهي ”لينن. اهو انقلاب
جيڪو منهنجي مطمع نظر آهي تنهن ۾ ٻه نمايان
شخصيتون آهن. جن جي سکيا ۽ اصولن تي آئون سختي سان
ڪاربند آهيان. اهي آهن، امام ولي الله ۽ امام محمد
قاسم.. انقلاب هڪ ڏينهن يا محدود عرصي لاءِ نه
آهي. اهو دائمي متحرڪ روان دوان آهي. حضرت شيخ
الهند چوندو آهي ته انقلاب جهاد آهي“. هن جو بدن
وڏي عمر ۽ بيماريءَ سبب ڪمزور هو پر دل خبردار
۽ڦڙت هئس، پر ڪيئي ڀيرا پاڻ هڪ ڳالهه تان هڪدم ٻي
ڳالهه ڏانهن هليا ويندا هئا. هي هڪ اڪيلو هندستاني
انقلابي آهي،جنهن کي جواهر لال نهرو گهڻي کان گهڻو
ساراهيو آهي“ جنهن گهڻي ۾ گهڻو عرصو جلا وطن
گذاريو.
مولانا سنڌي، سنڌ جي دوري تي هو ۽ سنڌ
مسلم شاگردن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن فرمايو ته،
هن موقعي تي آئون اوهان شاگردن کي ٻڌائيندس ته
اوهان انگريزي پڙهو، مغربي سائنس جو مطالعيو ڪيو ۽
علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو ته اوهان ان انقلاب کي چڱيءَ
طرح سمجهو، جيڪو يورپ ۾ اڄ ڪلهه روان دوان آهي.
توهان هندستان ني ان انقلاب لاءِ تيار نه هو“. هن
هلندڙ تقرير ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيو پر هو طبيعت
جي ناچاقيءَ ۽ ڪمزوريءَ کان بي پرواه هو. پنهنجي
سڄي تقرير پوري ڪيائين. کيس ڊاڪٽرن پوري آرام جو
مشورو ڏنو، جيڪو هن نفرت سان پري ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن
لاءِ تمام گهڻو ڪم هو جيڪو کيس ڪرڻو هو. ان صورت ۾
مولانا آرام ڪيئن ڪري. هن هڪ دوست گڏجي سنڌ جو
تفصيلي دورو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن شاگردن جي
مختلف گڏجاڻين کي خطاب ڪيو، سندس دوست کي چڱي ريت
پتو پيو ته مولانا سنڌيءَ جي صحت تشويشناڪ صورت
اختيار ڪري رهي آهي. سندس دوست کيس دوري جي ختم
ڪرڻ ۽ ڪراچي هلي ۽ علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو. پهرين
ته هن انڪار ڪيو، پر پوءِ ڪراچيءَ هلڻ ۽ تجربيڪار
ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ لاءِ کيس مڃايو ويو. پهرين
ڊاڪٽر هن جي عليل صحت کي ڏسي ما اميد ٿي پيا هئا.
مولانا گهڻو ڪري بيهوش رهيو ٿي. جڏهن هوش ۾ ايندو
هو ته 4 آگسٽ 1944ع تي شهداد ڪوٽ ۾ شاگردن جي هڪ
گڏجاڻي متعلق چوڻ لڳندو هو، ”جنهن جو هن بزرگ وعدو
ڪيو هو“ ۽ جنهن ڏينهن هن کي هڪ مدرسي جي افتتاحي
رسم ادا ڪرڻي هئي. هو اڪثر ڪراچي کان شهداد ڪوٽ
تائين ريل جي وڃڻ جا وقت پڇندو رهندو هو. جولاءِ
جي آخر ڌارن مولانا صاحب بستري تي پنهنجو پاڻ اٿي
ويهي سگهندو هو ۽ گهڻي وقت تائين جادو بيان گفتگو
ڪندو رهندو هو. هن پنهنجي صدارتي تقرير لکي موڪلي
جيڪا کيس محمد قاسم ولي الله، شهداد ڪوٽ، ضلع
لاڙڪاڻه جي مدرسي جي افتتاح وقت پڙهڻي هئي. تقرير
دوران هن مغل شهنشاهت جي عروج ۽ زوال جو ذڪر ڪيو ۽
چيو ته مغل شهنشاهت بين الاقوامي طور تي ڪهڙن هند
جي حڪومتن کان وڌيڪ اثر ڇڏيو. پر ان جي برخلاف
نيپولين جي ڏينهن کان وٺي يورپ کان شڪست کائي وئي.
مولانا وري ٻيو ڀيرو سنڌ جو دورو ڪرڻ شروع
ڪيو. هڪ ته سخت گرمي ۽ ٻيو ته مولانا سنڌي جي صحت
ڪمزور، تنهن ڪري انهن ڳالهين وري کيس بستري داخل
ڪري ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر علاج ڪندا رهندا هئا. اهو ظاهر
آهي ته مولانا کي يقين ٿي چڪو هو ته سندس موڪلاڻي
ويجهي آهي. هن ارادو ڏيکاريو ته کيس پير جهنڊي جي
ڳوٺ نيو وڃي، جيڪا هن لاءِ روحاني تسڪين جي جاء
هئي، پر سندس ڌيءَ ۽ ڏوهٽي کيس مجبور ڪيو ته هو
بهاولپور ضلع جي دينپور ڳوٺ ۾ هلي علاج ڪرائي.
مولانا آخر پنهنجي ويجهن عزيزن جي صلاح کان انڪار
نه ڪري سگهيو. جتي مولانا 22 آگسٽ 1944ع تي وفات
ڪري ويو.
پروفيسر محمد سرور: ”خطبات مولانا عبيدالله
سنڌي“ ص 59
”نقوش“ آب بيتي نمبر، ص 1421
سرور، پروفيسر محمد متذڪرهء صدر، ص 68
سرور، پروفيسر محمد متذڪرهء صدر، ص 68، 69
|