پاڪستان
جيئن ته مان اڃا تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان،
تنهنڪري اسان جي پاڪ ملڪ جي قيام ۾ مدد
ڪري نٿو سگهان، ليڪن وقت ايندو، جڏهن مان پنهنجي جان به پاڪستان
تان گهوري ڇڏيندس.
]
قائدِ اعظم ڏانهن لکيل خط: 26_اپريل، 1945ع .[
(2)
ائين نه آهي، جيئن فرنگي لفاظيءَ ۾ پاڪستان کي پيش
ڪيو وڃي ٿو ته ٻه مضبوط ٿنڀا هڪ
هزار ميل هندستاني علائقي جي وچ ۾ هجڻ سبب هڪ ٻئي
کان ڌار ڪيل آهن؛ پر اهي ٻه مضبوط اسلامي ٿنڀا آهن، جيڪي هڪ ڪمزور، گستاخ ۽ زوال پذير سماج جي
خلاف پنهنجو زور لڳائي
رهيا آهن.
]
راولپنڊي پريس ڪانفرنس:
5-آڪٽوبر،
1965ع .[
(3)
پاڪستان هڪ زلزله خيز ارادي جي پيداوار آهي. اهو
هڪ انقلاب آهي، جيڪو تاريخ جو سينو
چيري تراشيو ويو آهي.
]
قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير: 16_مارچ، 1966ع .[
(4)
پاڪستان جو فلسفو، انساني برابري ۽ انصاف جي
اسلامي نظريي تي ٻڌل آهي.
]
خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[
پاڪستان
پيپلز پارٽي
سياسي ۽ اقتصادي حقيقتن جي
تقاضا آهي ته هڪ نئين پارٽي ٺاهجي، ملڪ خود تباهيءَ جي طرف وڃي رهيو آهي،
سياسي
بندوبست جا پراڻا نمونا ناڪافي آهن.
]
لاهور ۾ پي پي پي جي پهرئين ڪنوينشن جي موقعي تي
ڪيل تقرير:
30_
نومبر، 1967ع .[
پارٽيءَ جا
ميمبر
اوهان، پارٽيءَ جي ميمبرن کي
گهرجي ته عام ماڻهن جي مسئلن کي چڱي طرح سمجهو ۽ پارٽيءَ جو پيغام عوام
تائين
پهچايو. اهڙيءَ طرح عام ماڻهو صحيح گس تي نڪري
ايندا ۽ اسين پنهنجون غلطيون صحيح
ڪنداسين.
]
لاهور ۾ پي پي پي جي پهرئين ڪنوينشن جي موقعي تي
ڪيل تقرير:
30_
نومبر، 1967ع .[
ورهاڱو
”انگريز،
جيڪي برصغير ۾ اقتدار
جي منتقليءَ لاءِ ذميوار هئا، اُنهن جي اها منتقلي ’انڊين انڊپينڊنس ائڪٽ
1947ع‘
هيٺ عمل ۾ آندي، جنهن مطابق ٽي نه پر ٻه اعليٰ
اقتدار جون مالڪ رياستون ٺاهيون
ويون: هڪ هندستان ۽ ٻي پاڪستان.“
]
عظيم سانحو.[
حب الوطني
حـُب الوطني وڻ تي ڪانه ڦـُٽندي آهي. حب الوطني ڪو
پيدائشي حق نه آهي. ماڻهو حب
الوطنيءَ جي جذبي سان پيدا ڪونه ٿيندا آهن. اها
ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪرڻي پوندي آهي.
]
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب: 13_ اپريل،
1963ع .[
امن
اسين امن چاهيون ٿا ته جيئن اسان جو عوام ترقي ڪري
سگهي. هيءُ وڌندڙ اُميدن جون
زمانو آهي. اسان جون تمام تر توانايون ۽ ڪوششون
اقتصادي خوشحالي طرف صرف ٿيڻ گهرجن.
اهو الله جو قانون نه آهي ته ايشيا ۽ آفريڪا جو عوام غريب هجي.
]
سلامتي ڪائونسل جي 244هين اجلاس کي خطاب:
22_
سيپٽمبر، 1965ع
.[
(2)
جڏهن ڪا قوم پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ، کنيل
ذميواري، پنهنجي عزت ۽ پنهنجي ضمانت کي
نباهڻ لاءِ تيار هوندي آهي، فقط تڏهن اها پنهنجي
عوام جي خدمت ڪري سگهندي آهي ۽ امن جي قيام ۾ هٿي ڏيندي آهي.
]
سلامتي ڪائونسل جي 247هين
اجلاس
کي خطاب: 25_آڪٽوبر،1965ع
.[
(3)
شرط ڪهڙا به هجن پر اَمن هجي: اها ته اهڙي شيءِ
آهي، جيڪا بغير جنگ جي حاصل ڪري
سگهجي ٿي، اها ذلت جي بنياد تي حاصل ڪري سگهجي ٿي،
پيش پوڻ جي بنياد تي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
]
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي موقعي تي ڪيل تقرير:
20_ نومبر،
1965ع
.[
(4)
اسان جي شهيدن جو رت اُنهيءَ اَمَن جي اُتم تلاش
جي نالي ڪيل آهي، جيڪو انصاف تي
ٻڌل هجي، قيمت چڪائي ورتل نه هجي.
(5)
اسلام ۾، امن ۽ انصاف هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿا
سگهجن.
]
لاڙڪاڻو: 13_جنوري، 1966ع
.[
(6)
اهو وقت اچي سگهي ٿو، جڏهن
اقوامِ متحده امن جي تلاش ۾ لڙائيءَ جو ميدان خالي ڪرڻ چاهيندو ۽ اُن وقت ٿي
سگهي
ٿو ته پاڪستان کي ڪو نمايان ڪردار ادا ڪرڻو پوي.
]
خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[
عوام
”عوام
منهنجو اصلي اُستاد آهي“
]
حيدرآباد ڪنوينشن: 21_سيپٽمبر، 1968ع
.[
(2)
قوم کي سندس خاموشيءَ مان نه
پرک ۽ سوچ ته ماڻهو بزدل آهي، قوم بزدل نه آهي، سندس نالي جا اڳواڻ بزدل آهن.
]
حيدرآباد ڪنوينشن: 21_ سيپٽمبر، 1968ع
.[
(3)
پاڪستان جي غريب عوام سدائين
بي
ڌڙڪ، مهل تي پاڻ ملهايو آهي، هاڻي رعايت_يافته (امير) طبقي کي
ائين ڪرڻ گهرجي.
]
خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[
(4)
پاڪستان جي قيام لاءِ عوام
انهيءَ لاءِ ڪونه وڙهيو ۽ قربانيون ڏنيون ته هڪ فوجي جنرل جي جنتا مٿن ازل
تائين
راڄ ڪري، مٺ جيترن سرمائيدارن جي پرماريت هيٺ
بيرحمي سان پيڙجن، آفيسرن طرفان ستايا
وڃن ۽ گشتي فوجي عدالتن جي حڪم تي ڦٽڪا هڻي آڻ
مڃرايا وڃن.
]
عظيم سانحو.[
روحاني قدر
جيڪڏهن روحاني قدرن کي مفاد خاطر
مادي مصلحتن جي تابع ڪيو ويو ته هيءَ قوم غرق ٿي
ويندي.
]
قومي اسيمبليءَ کي خطاب:
20_جون، 1964ع .[
سوشلزم
فقط اهو سوشلسٽ نظريو، جيڪو سڀني
لاءِ هڪ جهڙا (ترقي) جا موقعا پيدا ڪري ٿو،
پرماريت کان حفاظت ڪري ٿو ۽ طبقاتي رڪاوٽون دور
ڪري ٿو. انهيءَ جي قابل آهي ته اقتصادي ۽ سماجي
انصاف قائم ڪري سگهي.
]
پاڪستان جي سياسي صورتحال.[
(2)
پرماريت کي ختم ڪرڻ جو واحد
ذريعو ”سوشلزم“ آهي . . . . جيستائين پرماريت ختم
نه ٿيندي، تيستائين ”اتحاد“ فقط هڪ نعرو ۽ هڪ نظر
جو فريب هوندو.
]
پاڪستان جي سياسي صورتحال.[
(3)
موضوعاتي مطالعي مان معلوم ٿئي
ٿو ته اسلام ۽ سوشلزم ۾ ڪو به ٽڪراءُ نه آهي.
جيڪڏهن ڪو تضاد هجي ها ته پاڪستان جو شاعر،
فلاسافر ۽ پاڪستان جو باني سوشلزم جي وڪالت نه ڪن
ها.
(4)
اسلام ۽ سوشلزم جا اصول پاڻ ۾ متضاد به آهن. اسلام
مساوات جي تلقين ڪري ٿو ۽ سوشلزم اُنهيءَ کي حاصل
ڪرڻ جو جديد طريقو آهي.
(5)
جيڪڏهن اسڪئنڊينيوين (ڊينمارڪ،
سويڊن، ناروي ۽ آئيس لئند) قسم جي سوشلزم ٿي سگهي
ٿي ته پوءِ ڪوبه سبب نه آهي جو هڪ پاڪستاني قسم جي
سوشلزم هجي، جيڪا اسان جي فطري صلاحيتن ۽ ذهني
لاڙن لاءِ مناسب هجي.
]
پاڪستان جي سياسي صورتحال.[
حل
اِنهيءَ کان جو بي انصافيءَ وارو
حل قبول ڪجي، بهتر آهي ته مذاڪرا مزيد جاري رهي نه
سگهن. بيعزتيءَ جو ٺاهه آئنده انصاف واري فيصلي جي
امڪانن کي گهٽائي ڇڏيندو.
]
خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[ |