سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 7

 راز

                 تاريخ لکجي نه سگهي ها، جيڪڏهن ڪا ڳالهه اهڙي هجي ها، جنهن کي دائمي راز چئجي.

] حيدرآباد ڪنوينشن کي خطاب:

21_سيپٽمبر، 1968ع .[

 

دولتِ مشترڪه

                دولتِ مشترڪه باهمي مفاد جي منزل کان اڳتي وڌي ويئي آهي. اها هڪ نقش_قدمي ادارو بڻجي ويئي آهي. جيترو جلد انهيءَ کي خودبخود باعزت نموني برخواست ڪبو، اوتروئي دولتِ مشترڪه جي برطانوي ۽ ايشيائي_آمريڪي قومن لاءِ بهتر ٿيندو.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

مجبوري

                واقعن جي مجبوريءَ کان ڪو به دليل يا منطق مٿي نه آهي.

] 10- جولاءِ 1962ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

رعايت

                ڪنهن به ايشيائي ملڪ طرفان ڏنل فوجي رعايت انهيءَ ملڪ لاءِ خطري جو ذريعو آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

ٽڪراءُ

                 جڏهانڪر انسان پنهنجون غارون ڇڏي، زندگيءَ جون وڌيڪ فائديمند راهون ڳوليون ۽ ٺاهيون آهن، تڏهانڪر هن جو پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان ٽڪراءُ پيدا ٿيو آهي. سڀ هڪ جهڙين فطري خواهشن جي تحريڪ هيٺ اچي ويا آهن ۽ سڀ هڪ جهڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

بـُحران

                 هڪ قومي بـُحران قوم جي عظمت کي پڪاري ٿو ۽ انهيءَ جي موٽ پاڻ ارپڻ جي جذبي سان ڏيڻ گهرجي. قرآن پاڪ جي هنن لفظن تي ڌيان ڏيڻ کان مٿي مسلمانن لاءِ اهڙي جذبي جي پيدا ٿيڻ جو ڪو ٻيو ذريعو نه آهي:

                ”حق ۽ انصاف جي بچاءُ ۾ جنگ لڙڻ کي معمولي نه سمجهيو وڃي ۽ انهيءَ فرض کان ڪن لاٽار نه ڪجي. زندگي ۽ موت الله (تبارڪ و تعاليٰ) جي هٿ ۾ آهن. هر ڪو ئي الله (جل شانه) جي واٽ ۾ وڙهڻ لاءِ منتخب نه ٿيندو آهي. انهيءَ ۾ ثابت قدمي، پختگي ۽ ايمان جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي خصوصيتون آهن ته الله جي راهه ۾ وڙهندڙ مجاهدن جي هٿان وڏيون فوجون شڪست کائي سگهن ٿيون.“

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

2

                 انهيءَ کي جو ڪاهليءَ کي ڇڏي ڏجي ته ڀلي هڪ مستقل بحران جون حالتون پيدا ڪري، بهتر آهي ته هڪ تکو بحران پيدا ٿئي ۽ ثابت قدميءَ سان انهيءَ جو مقابلو ڪجي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

موت

                 ڇا، يورپ ۾ واقع ٿيندڙ موت، ايشيا ۾ ٿيندڙ موت کان مختلف آهي؟ جيڪڏهن يورپ ۾ ماڻهو مرن ٿا ته اهو عمل ايشيا ۾ مرندڙ ماڻهن جي روداد کان ٻئي قسم جو آهي؟ ڇا، ايشيا ۾ انسان نٿا رهن؟ ڇا اُنهن کي ساڳيو سور محسوس نٿو ٿئي؟

] 5-  آڪٽوبر 1965ع تي سلامتي ڪائونسل جي 1247هين اجلاس کي خطاب.[ .

 

دفاع

                 مشرقي پاڪستان جي سرحدن جي صحيح بچاءُ کان سواءِ، پاڪستان جو  اصلي دفاع ممڪن نه آهي.

] 4- ڊسمبر 1962ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

 

(2)

                 اهو دل کي ڪوڙو آٿت ڏيڻ آهي جو چئجي ته جيڪڏهن هندستان پاڪستان جي خلاف اڳرائي ڪندو ته آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو.

] 17- جولاءِ 1963ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب[

 

(3)

                 اسين هزار سالن تائين وڙهنداسين، جيڪا بچاءُ جي جنگ هوندي.

] سلامتي ڪائونسل جي 1244هين  اجلاس کي، 22- سيپٽمبر 1965ع تي خطاب.[

 

(4)

                 پاڪستان جو بهترين بچاءُ انهيءَ ۾ آهي ته هڪ قومي فوج هجي، جيڪا پيشيور عملدارن جي تربيت يافته هجي ۽ اُنهن جي ڪمان هيٺ هجي ۽ مڪمل جنگ جي حالت ۾ مقرر فوج کي ڪمڪ پهچائي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

(5)

                 پاڪستان جي سلامتي ۽ علائقائي سالميت اقتصادي ترقيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

جمهوريت

                 مان انهيءَ کي افسوسناڪ سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هتي پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ هڪ وزير جي طور تي ڳالهائي رهيو آهيان نه پنهنجي عوام جي نمائندي جي حيثيت ۾، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ پنهنجي عوام جي نمائندي جي حيثيت کان مٿي هيءَ عزت نه آهي.

] 11- جون 1963ع تي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

سفارتڪاري

                 سفارتڪاري هڪ لچڪدار فن آهي، جيڪو اڄ ناممڪن نظر اچي ٿو. سو سڀاڻي ٿيڻ ممڪن آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

(2)

                 سفارتڪاريءَ ۾ يڪطرفو طرز عمل غلط آهي. جيتوڻيڪ فطري لاڙي هيٺ ماڻهو پنهنجي حالتن مطابق سوچين ٿا، بين الاقوامي صورتحال سندن محدود طرز عمل جي اثر کي قبول نٿي ڪري.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org