باب اوڻيهون
غلطڪار فرزند
علي رضا بمبئيءَ ۾ هو، ته سندس ننڍي پٽ منصور علي، جنهن
ڊاڪٽريءَ جا ٻه – چار وڏا امتحان پاس ڪيا هئا، سول
سروس جي امتحان لاءِ ويو. پر هو بدن ۾ البت سنهڙو
هو ۽ ضعيف ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ هتي ته جنگي کاتي لاءِ
مضبوط ماڻهو گهربا آهن، تنهن ڪري هو تندرستيءَ جي
امتحان ۾ پاس نه ٿيو. هن ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر
ٻيئي ڀيرا هنن نه ورتس. انهيءَ سبب ڪري هن وڌيڪ
ويهڻ ضرور نه ڄاتو.
امتحان وڏا وڏا ڏنا هئائين،تنهن ڪري هوشياريءَ جي ڪري هن کي
حرڪت ڪانه هئي. پيءُ کان صلاح پڇيائين، تنهن به
چيس ته ”بهتر آهي ته هاڻ نڪري اچي پنهنجي ڌنڌي کي
لڳ.“
پر هندستان ڏي اچڻ جي بدران هن صلاح ڏنيس ته ”اتان سڌو استنبول
ڏي وڃ. اتي وڃي پنهنجو ڌنڌو ڪر، ۽ جي سرڪاري
نوڪريءَ جو چڱو وجهه مليئي ته نوڪري ڪر.“ هن کي
به اها صلاح پسند آئي، سو ولايت مان روانو ٿيو.
هن محبوب عليءَ وانگي منڊم ڪانه پرڻي هئي. اگرچه
اوترائي ورهيه ولايت ۾ رهيو هو، مگر هن جا خيال
پيءَ طرح جا هئا ۽ هن جي طبع پيءُ جي طبع سان
گهڻو ملي ٿي آئي، تنهن ڪري انهيءَ نسبت هو جهڙو
ويو، اهڙو وري اتان نڪتو.
علي رضا استنبول جي اميرن ڏي ۽ انهن جي معرفت سلطان ڏي پنهنجي
پٽ ڊاڪٽر منصور عليءَ جي سفارش لکي. سو جڏهن منصور
علي اسنتبول ۾ پهتو، تڏهن هن کي پريندي ئي ايترو
مان مليو، جو هو نهايت خوش ٿيو. يورپي ڊاڪٽرن جو
اصلي اهڙن ملڪن ۾ گهڻو مان هوندو آهي، پر هيءُ ته
وري مسلمان هو، ۽ انهيءَ ماڻهو جو پٽ هو جو اتي
وڏو وزير ٿي گذاري ويو هو، تنهن ڪري هن کي هيڪاري
پسند ڪرڻ لڳا.
هن پنهنجي خانگي ڌنڌي کولڻ جي تجويز ڪئي، جيڪو ڊول ولايت ۾ ڏسي
آيو هو، انهيءَ طرح يڪدم عجيب ڪارخانو
بيدهاريائين. پئسن جي مدد پريندي کان پيءُ جي
هيس، جنهن هيستائين پئي ولايت ۾ پهچايس. ٿوري عرصي
۾ هي مشهور ٿي ويو، ۽هزارن ماڻهن کي فائدو
پهچايائين. هن کي ترڪي ٻولي سکڻي پيئي، جا ڪي
پڙهيائين، ڪي ماڻهن سان واهپي رکڻ ڪري ڳالهائڻ
مان سکيو.هي نرم طبع جو ۽ رحمدل هو، تنهن ڪري
ڪيترن ئي غريبن سان خيراتي طرح ڀلايون ڪيائين.
سلطان تائين هن جي سڃاڻپ ٿي، جنهن هن کي درماهو چڱو پگهار ٻڌي
ڏنو، ۽ اها به اجازت ڏنائينس ته ڀلي پنهنجي منهن
به پيو ڌنڌو هلائي. اهو پگهار سلطان هن نظر تي
ڏياريس جو هڪڙو ته سندس پيءُ جون خدمتون هن کي
ياد هيون، ٻيون ته هن سندس شهر ۾ ماڻهن کي فائدو
پهچايو ۽ گهڻين حالتن ۾ خيراتي دوائون ٿي
هلايائين، ٽيون ته اوير سوير پنهنجي خواه پنهنجي
ملڪ جي نسبت ۾ تندرستيءَ سان سلطان تائين هن جي
سڃاڻپ ٿي، جنهن هن کي درماهو چڱو پگهار ٻڌي ڏنو، ۽
اها به اجازت ڏنائينس ته ڀلي پنهنجي منهن به پيو
ڌنڌو هلائي. اهو پگهار سلطان هن نظر تي ڏياريس جو
هڪڙو ته سندس سپيءُ جون خدمتون هن کي ياد هيون،
ٻيون ته هن سندس شهر ۾ ماڻهن کي فائدو پهچايو ۽
گهڻين حالتن ۾ خيراتي دوائون ٿي هلايائين، ٽيون
ته اوير سوير پنهنجي خواه پنهنجي ملڪ جي نسبت ۾
تندرستيءَ سان واسطي رکندڙن ڪمن بابت هن سان صلاح
مصلحت ٿي ڪيائين، انهيءَ بندوبست ڪري منصور علي
تمام چڱي آبروءَ ۽ آسائش سان رهڻ لڳو.
هن جي معرفت هينئر گهڻن وڏن وڏن ماڻهن سان ٿي. اٺن، ڏهن مهينن
جي اندر هن اتي شادي به ڪئي. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي
گهران هن کي ٻانهن ملي. هن جي اصل وڏ ماڻهپ لڪل
ڪانه هئي ۽ هي پاڻ به چڱو ماڻهو ٿي ڏٺو، تنهنڪري
اهڙيءَ چڱي ٻانهن ملڻ ۾ هن کي حرڪت ڪانه ٿي. اها
جوان ۽ تمام حسين زال هئي، ترڪن جي خوبصورتي اصل
مشهور آهي، پر هيءَ ته وڏي خاندان جي هئي، تنهن
ڪري هن ۾ اتي عام ماڻهن کان سو ڀيرا وڌيڪ سونهن،
نزاڪت ۽ لياقت هئي. هن جو نالو ”فلڪ سوز بيگم“ هو.
منصور عليءَ جا اها شادي ڪئي سا به پيءُ جي صلاح کان سواءِ نه
هئي،. هو شاديءَ کان پوءِ گهر ٺاهي ويهي رهيو. هن
گهر هلائڻ جو بندوبست ولايت ۾ چڱي طرح ڏٺو هو ۽
وٽس پئسي جي تنگي ڪانه هئي، تنهن ڪري هن پنهنجو
خانگي بندوبست به اهڙو رکيو، جهڙو ولايت جا ماڻهو
رکندا آهن. جي هن جي گهر ۾ منڊم ڪانه هئي، ته ڪابه
حرڪت نه هئي. جيڪا پوشيدگي، صفائي، رٿ ۽ جيڪي سهنج
۽ فائدا مندم جي گهر ۾ هئڻ سان ٿيندا آهن، سي سڀ
هن وٽ موجود هئا. پاڻ هن کي وڌيڪ فرحت ۽ لذت اها
هئي، جو هي ٻيئي هم مذهب هئا، هم قوم هئا، جوان
هئا. اهڙو هڪٻئي سان ملي ويا، جو حد کان ٻاهر.
هوڏي بمبئيءَ ۾ پيءُ – پٽ جو گڏ رهندا هئا، تن جي وچ ۾ البت
کونس ڦٽائي ٿيڻ لڳي. اگرچ علي رضا توڙي زينت بانو
به نئين طرز جا ماڻهو هئا، نئين هلت چلت جا واقف
هئا، گهر جي چڱي بندوبست رکڻ وارا هئا، تڏهن به
مسلمان هئا، ديندار هئا، پنهنجي نماز ۽ قرآن جي
شغل ۾ رهندا هئا ۽ ڪيتريون ئي ٻيون ڳالهيون جي
مسلمان هئڻ سان لاڳو آهن، تن کي مدنظر رکندا هئا،
پر محبوب علي ۽ سندس منڊم جو حال ٻيءَ طرح هو،
هو مسلماني ته خير، پر اصل دين جي نالي کان ڀڄندڙ
هئا. خدا جي هستيءَ ڏي گهڻو خيال نه هوندو هون.
دين آهي يا ڪونهي، ماڻهوءَ کي گهرجي يا نه تنهن جي
هنن کي پرواهه ڪانه هئي، تنهن ڪري هڪڙي گهر ۾ رهي
هنن ٻن مختلف قسمن جي ماڻهن ۾ پهريائين انهيءَ
مضمون بابت زباني بحث ۽ گفتگو هلندي هئي، جو نيٺ
وڃي ناسازيءَ جهڙي حد کي پهتو.
محبوب علي پٽ هو، تنهن ڪري هن تي ڪهڙي به معاملي ۾ پيءُ جو ادب
ڪرڻ فرض هو، پر هن اهڙن وقتن تي ائين ٿي سمجهيو،
جيئن نه ڪنهن ڌارين ۽ نيچ ماڻهوءَ سان تڪرار
هلائجي. ادب ته بجاءِ خود، پر ڪڏهن ڪڏهن ڇوهه ۾
ناشائستا لفظ به ڳالهائي ويندو هو. هو سمجهندو هو،
ته آءٌ ولايت ۾ رهي بهتر ماڻهو، بهتر بندوبست ۽
بهتر صحبت ڏسي آيو آهيان، تنهنڪري جيڪي به چوان ٿو
يا ڪريان ٿو، سو ضرور چڱو هوندو، ۽ طبع جو به اصل
کان البت تيز هوندو هو، تنهن ڪري پاڻ زياده
بيحيائي ڏيکاريندو هو. ٻيو وري سندس منڊم بحث ۾
مددگار هوندي هيس، جا انهيءَ قسم جي منڊمن مان
هئي، جي ڄاڻنديون آهن ته مڙس زالن جا غلام آهن ۽
هنن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ ٻڌل آهن، ۽ جي مشرقي
قوم جي ماڻهن کي مرن کان گهٽ نه سمجهنديون آهن. سو
اهڙي حال ۾ هنن جي وچ ۾ ڏڦير پوڻ لڳو.
تنهن کان سواءِ علي رضا جن وٽ جيڪي ڏيهي وڏا ماڻهو وقت بوقت
ايند اهئا، تن کان محبوب علي ۽ سندس منڊم کي مٺيان
لڳندي هئي. هنن جي مرضي هئي ته اهي نه اچن ته چڱو.
۽ وٽن جو ڪي منڊمون ۽ صاحبلوڪ ملاقات لاءِ پيا
ايندا هئا، تن جي ڪري سو هو ڏاڍا خوش ٿيندا هئا، ۽
انهن جي تمام گهڻي خدمت ڪندا هئا. اهو حال ڏسي پاڻ
علي رضا کي ارمان ٿيندو هو ته هيءُ اسان کي ۽ اسان
جي دوستن کي انهن ڪرستانن کان به گهٽ ٿو سمجهي. هن
جي هيتري خوشامد ٿو ڪري ۽ هنن تي نفرت ٿو ڪري.
انهيءَ ڳالهه تي به سندن وچ ۾ تڪرار هلندو هو.
وري محبوب علي منڊم سو اڪثر صاحبلوڪ ناچن ۽ مجلسن ۾ ويندو هو، ۽
بعضي ته ٻيا ڪي صاحبلوڪ ايند اهئا، جي سندس منڊم
سان گڏجي هوا کائڻ ويندا هئا. انهيءَ جي سندس مڙس
کي به خبر هوندي هئي، ته به ڪين چوندو هوس. اها
ڳالهه به علي رضا کي خراب لڳندي هئي، ۽ انهيءَ
بابت به پٽ کي سمجهائيندو هو، تنهن تي پاڻ ۾ وقت
بوقت تڪرار ڪندا هئا.
مطلب ته ايترين ڳالهين تي انهن جي وچ ۾ بحث ۽ هوڏ هلندي هئي،
جو هو هڪٻئي جي صحبت مان بيزار ٿي پيا، ۽ اگرچه
پهرين ڏينهن ۾ محبوب علي زور ڪري پنهنجي پيءُ –
ماءُ کي سندن خرچ ڪرڻ نه ڏيندو هو، پنهنجي خرچ تي
ماني کارائيندو هو ۽ کائيندا به سڀ گڏ هئا،. پر
پوءِ ته جدا پنهنجي منهن کائيندا پيئندا هئا،
باقي رهندا هڪ بنگلي ۾ هڪڙي پاسي کان هئا.تنهن مان
به نڪري وڃڻ جي هنن خواهش ڪئي. ۽ هنن جي نڪري وڃڻ
۾ هو ناراض نه هئا. اگرچه هنن کي وڃڻ لاءِ صفا نه
چيو هئائون، مگر هلت چلت ۽ ڳالهائڻ مان صاف معولوم
ٿي سگهيو ٿي، ته هو ڄڻ ته هن کي وڃي جدا رهڻ لاءِ
تاڪيد پيا ڪندا هئا. تنهن ڪري علي رضا ٻي جاءِ
ڀاڙي ڪري وڇي اُتي رهيو ۽ پٽ سان واسطو ڇڏي
ڏنائين.
جيتوڻيڪ علي رضا هينئر پيريءَ ڪري يا آرام وٺڻ جي ارادي سان ٻيو
ڌنڌو ڪونه ڪندو هو، تڏهن به تمام اڻهوند ڪانه
هيس. اهو سچ آهي ته هن پنهنجي دولت پنهنجي اولاد
جي تعليم ۾ توڙي ٻين خير جي ڪمن ۾ لڳائي هئي، پر
تڏهن به اڃا هن وٽ پنهنجي ايتري بچت هئي، جنهن
سان جيڪڏهن هو ڪو ٿورو گهڻُ واپار يا ٻيو ڌنڌو
هلائي ها، ته هلائي سگهي ها.
هنن کي ته اها اميد هئي ته جڏهن اسين پنهنجو مال متاع اولاد تي
خرچي، هن کي کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ڪنداسين، تڏهن اسين
آرام سان ڪري وٽن پيا گذارينداسين ۽ هو اسان جي
خدمت ڪندا. پر وڏي پٽ جي هلت هنن کي گهڻو نااميد
ڪيو. سو في الحال هو ويچارا غريبت طور گذارڻ لڳا.
اهو ارادو هون ته ننڍي پٽ جي خبر پوي ته پوءِ
پنهنجي لاءِ پڪو بندوبست ڪريون. جنهن ڪري باقي
حياتيءَ جا ڏينهن خير سان آرام ۾ ۽ خدا جي بندگيءَ
۾ اچي پورا ٿين.
علي رضا جن کي سندن ڌيءَ عظمت بانو ۽ اُن جي مڙس به گهڻي خاطري
ڏني. هوءَ ويچاري به پهرين محبوب عليءَ جن جي گهر
ڀاءُ ڄاڻي گهڻو وڃڻ لڳي، پر جنهن عزت جي طالبو
هئي سا نه مليس، تنهن ڪري هن به وٽن وڃڻ اڳئي بند
ڪيو هو، پر جڏهن سندس پيءُ ۽ سندس ماٽي جي ماءُ
جنهن کي سڳي ماءُ ڪري ڄاڻندي هئي، سي اچي محبوب
عليءَ وٽ رهڻ لڳا، تڏهن هوءَ به وٽن پئي ايندي
هئي. اُها هاڻي پيءُ – ماءُ کي منٿون ڪرڻ لڳي ته
جدا رهڻ جي نه ڪريو، هلي مون سان گڏ رهو ۽ سندس
مڙس به انهيءَ ڳالهه تي زور لائڻ لڳو. پر هن
مناسب نه ڄاتو ته پٽ جي در تان تڙجي، وري وڃي
ڌيءَ جي در تي ڪرون، تنهن ڪري نيٺ پنهنجي جدا جاءِ
ڪيائون، جتي هو پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس گهر واري سان
اڳي وانگي رس رهائيندا آيا.
پيءُ – ماءُ جي نڪرڻ ڪري محبوب علي ۽ سندس منڊم جي هانو تان
گهڻو بار هلڪو ٿيو. هنن کي انهيءَ ڪري ڪا پشيماني
ڪانه ٿي، پاڻ خوش ٿيا. پر سگهوئي محبوب عليءَ کي
معلوم ٿيو ته مون خراب ڪم ڪيو آهي. اسان مٿي به
چيو آهي ته هن جي منڊم اگرچه چڱي موچاري گهر جي
هئي، پر طبيعت البت شوخ هئي ۽ پاڻ کي سڀ کان مٿي
سمجهندي هئي ۽ ٽنڊ ٽوپي ۽ گهمڻ ڦرڻ جي گهڻي شوقين
هئي. مڙس تي اُڊڪ نه ايندي هيس. ائين ڪن ڄاڻندي
هئي ته زال مڙس جي زيردست آهي، پر سمجهندي هئي ته
شادي ڪرڻ ڪري مڙس کي زال جو غلام ڪري ٿا ڏين. سو
انهن رستن تي هلندي هلندي اهڙيءَ حد تي وڃي پهتي،
جو خود محبوب علي به ٿڪجي پيو.
هن کي هاڻ ٿوري گهڻي غيرت اچڻ لڳي ۽ ناچن ۾ وڃڻ ۽ ٻين صاحبلوڪن
وٽ اويرف سوير وڃڻ ۽ هنن سان گهڻي گستاخي رکڻ بند
ڪرڻ :ڳو. شايد ڪن دوستن انهيءَ بابت سمجهايو به ته
هوندس، يا ته مٿس ٽوڪون ٿيون هونديون، سي ڪنن سان
ٻڌيون هوندائين. تنهنڪري هو هينئر زال کي روڪڻ
لڳو.
پر پريندي کان جنهن ڇيڪ گهمي ڏٺو هو، سا مڙس جي روڪڻ ڪري تمام
خفي ٿي. هن جي نافرماني ڪرڻ لڳي؛ پنهنجي مرضيءَ
سان پنهنجي منهن هلڻ لڳي ۽ مڙس جو هئڻ يا نه هئڻ
هڪجهڙو ڄاتائين. انهيءَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ ناسازي
پيدا ٿي، هڪٻئي سان تڪرار ڪرڻ لڳا، اجايو سجايو
ڳالهائڻ لڳا. ٻيئي طبع جا تيز هئا، وڃي ڌڪن –
بُجن تي ڳالهه بيٺي.
آخر جيڪا سندن وچ ۾ زال – مڙس واري محبت هئي، سا ته نڪري ويئي،
هينئرڪُتي ٻلي واري ريڙهه پيڙهه وڃي رهي. هڪڙي
ڀيري هنن جو پاڻ ۾ ايتريقدر جهيڙو ٿي پيو، جو منڊم
وڃي سرڪاري ڪورٽ ۾ فريادڻ ٿي. باريسٽر صاحب
پنهنجي وڪالت ڪرڻ لڳو – نيٺ مٿس ٿورو گهڻو ڏنڊ به
پيو.
انهيءَ معاملي ڪري محبوب عليءَ جي گهڻي بدنامي ٿي. سگهوئي هنن
جي وچ ۾ ايتري ناسازي ٿي جو زال، مڙس کي ڇڏي وڃڻ
۾ خوش هئي ۽ مڙس، زال کي ڇڏي ڏيڻ ۾ راضي هو. زال،
مڙس کان نافرمان هئي، تنهن ڪري مڙس مٿس نا مهربان
هو. زال جي هلت جي نسبت ۾ ڪيتريون ئي بدناميءَ
جهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿيون؛ جنهنڪري زال هر طرح
طلاق جي لائق ٿي ۽ قاعدي موجب هن کي طلاق ملي، سا
مڙس کي ڇڏي ولايت رواني ٿي. محبوب علي هن جي وڃڻ
ڪري گهڻو خوش ٿيو، ڇالاءِ جو هن جي نه هئڻ ڪري
روزبروز گهڻو آرام وٺڻ لڳو. مگر جيڪا خواري خرابي
ٿي گذري هئي، تنهن جو ارمان دل ۾ هئس.
محبوب علي ڇهه – ست مهينا ڇڙو گذاريو. پر هن هيترا ڏينهن گهر
ڪري رهي ڏٺو هو، تنهن ڪري ڇڙو رهڻ گهڻو پسند نه
آيس، وري شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، بعضي دل ۾ آيس
ته وري ولايت وڃي ٻيءَ منڊم سان شادي ڪري اچان،
پري هڪڙيءَ جي هلت اهڙو ڪڪ ڪيو هوس، جو ٻيءَ
شادي ڪرڻ کان اڳيئي پئي شڪ پيس. ڏٺائين ته هڪڙيءَ
منجهان هيتري خواري ٿي اٿم، متان ٻيءَ مان انهيءَ
کان به گهڻي ٿئيم.
ٻيو خيال وري هي ڪيائين ته بمبئيءَ ۾ ڪا منڊم هٿ ڪريان. هتي
به هنن سان گهڻن جي معرفت هئي، جو وٽن ڪيترائي
صاحبلوڪ ۽ منڊمون اينديون هيون ۽ ٻي ڪا جوان منڊم
هٿ ڪري انهيءَ سان شادي ڪرڻ شايد هن جي لاءِ مشڪل
نه هو.
پر هن کي هتي جي ۽ هندستان جي منڊمن ۾ وڏو فرق ڏسڻ ۾ آيو.
خوبصورتي ۽ پوشيدگائيءَ جي ڳالهه ته کڻي ڇڏيو، پر
هلت چلت جي ڪري به اڃا ولايت واريون منڊمون اڪٿر
ڏيهي ماڻهن کي پاڻ کان وڌيڪ نه ته به پاڻ جهڙو
سمجهنديون آهن، هنن سان اٿڻ ويهڻ ۾ اعتراض ڪونه
آڻينديون آهن، پر جيڪيمنڊمون هندستان ۾ پيدا ٿيون
آهن، يا هتي گهڻو رهيون آهن، سي ته ڄاڻنديون آهن
ته اسين آسمان مان لٿيون آهيون ۽ ڏيهي ماڻهو رڳو
خسيس نوڪريءَ جي لائق آهن. جڏهن هتي جي صاحبلوڪن
جو اهو خيال آهي، تڏهن منڊمن جو ته انهي کان به
وڌ .
انهيءَ تفاوت جي محبوب علي کي زال جي وڃڻ کان پوءِ سگهوئي خبر
پئي. جيڪي منڊمون ۽ صاحبلوڪ هن وٽ زال هوندي ايندا
هئا، تن هاڻي اچڻ وڃڻ ڍرو ڪيو ۽ آخر بند ڪيائون،
۽ وري جن وٽ ويندڙ هئا سي به هنن کان هينئر گوشو
ڪرڻ لڳا. جيڪا گستاخي هو اڳي هن سان رکندا هئا،
تنهن جي ڪا نشاني به هن کي ڏسڻ ۾ نه آئي، تنهن
ڪري محبوب عليءَ کي هتي منڊم جي آسانيءَ سان ملڻ
جو آسرو به ڪونه رهيو، جي مليس به ها ته به جنهن
لذت ڀرئي گذاري جي اميد هيس، سا حاصل ڪين ٿئيس ها.
انهيءَ سبب هن کي لاچار ٿيو ڏيهي ماڻهن ڏي خيال
ڪرڻ.
منڊم هوندي ته هنن سان آمدرفت جو رستو گهڻو ڪونه هوس. جيڪو
واسطو هوس، سو پنهنجي ڌنڌي جي ڪري. پر هاڻ زور ڪري
انهن سان دوستي ڳنڍڻ لڳو. جيڪي مسلمان سکر ماڻهو
پڻس جا واقف هئا، ۽ جي پوءِ هن جا واقف ٿيا هئا
تن وٽ اچڻ لڳو، هنن جي صحبت ڪري وري هن کي ٿورو
گهڻو ڏيهي رستا وٺڻ ضرور ٿيا. هيترا ڏينهن مسلماني
وسري ويئي هيس، سا وري ياد آيس. ڪڏهن خدا جو نالو
ياد به ڪونه هوس، تنهن جو وري ٿورو گهڻو واهپو رکڻ
لڳو، ماڻهن کي هن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر وغيره جا شڪ
گذرندا هئا، سي لٿا. جيڪا هن جي اجائي هلت ڏٺي
هئائون سا هينئر گهڻو گهٽ ڏٺائون. نيٺ ٿورو ٿورو
ڪري هن سان ملي ٺهي ويا.
پوءِ ته محبوب عليءَ کي ڪنهن اشراف گهر مان ٻانهن ملڻ ۾ حرڪت
ڪانه ٿي. هڪڙي واپاري شاهوڪار مسلمان جي گهران
هيءُ پرڻيو. هن کي تمام جوان ۽ نيڪ زال ملي، جنهن
ڪري هن جو خانو وري آباد ٿيو، ۽ جنهن جي صحبت ۾ هي
وري اڳي کان به وڌيڪ خوش رهڻ لڳو. ٻيئي بنيادي
ماڻهن جو اولاد هئا، ٻيئي شاهوڪار هئا. جي محبوب
علي طبع جو تکو هو، ته گذريل خراب اتفاقن ڪري هن
جي طبع جي تکائي گهٽجي ويئي هئي. جيڪو انگريزي
دستور گهر رکڻ جو هو، سوئي هينئر به رکڻ لڳا.
زال کي تعليم ڏيڻ لڳو، جا هن جي سعيي سان سڌارو ڪرڻ لڳي. زال جي
تابعداريءَ مان ڪهڙي خوشي حاصل ٿي ٿئي، تنهن جي
منڊم هوندي ڪابه خبر ڪانه هيس، هينئر ته زال هن جي
فرمانبردار هئي. مطلب ته هن جو گذارو اهڙي مزي
سان ٿيڻ لڳو، جو محبوب علي افسوس پئي کاڌو ته ناحق
منڊم سان هٿ اٽڪايو هوم.
هينئر هن کي ياد آيو ته جڏهن ولايت ۾ هوس ۽ منڊ۾ سان شادي ڪرڻ
جو ارادو ٿي ڪيم، تڏهن پيءُ به مون کي منع ٿي ڪئي
۽ ننڍي ڀاءُ به ٿي ڪئي، سو اڳ ڳڻتيءَ ڪري سچ ٿي
چيائون.سندس ڀاءُ منصور علي کي استنبول ۾ جو تُرڪڻ
گهر ۾ هئي،تنهن جي خوبيءَ جي هينئر هن کي خبر پوڻ
لڳي. منڊم هوندي پيءُ ماءُ سان جيڪي عقوبتون ڪيون
هئائين، سي هينئر هن جي دل تي تازيون ٿيڻ لڳيون.
هي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ گذريءَ هلت ڪري افسوس جا هٿ
هڻڻ لڳو.
انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو ٿيو، جو هن کي پيءُ – ماءُ
کان معافي گهرڻ ۽ انهن سان توڙي ٻين عزيزن سان وري
پرچاءُ ڪرڻ ۽ ميلاپ رکڻ جو حد کان گهڻو شوق پيدا
ٿيو.
باب ويهون
وري وطن ۾
محبوب علي هاڻي پشيمان گهڻو ئي ٿيو، ۽ پيءُ- ماءُ جي تانگهه
گهڻيئي لڳيس، پر هن جا ماءُ-پيءُ ته هنيئر بمبئيءَ
۾ ڪين هئا، هو وڃي سنڌ حيدرآباد کان نڪتا هئا. هنن
ويچارن جڏهن ڏٺو ته جنهن پٽ جي آسري اسان ڪم ڪار
ڇڏي آرام وٺڻ جي ڪئي هئي، سو اهڙو بيحيا ٿي بيهي
رهيو جو آخر اسان کي کانئس جدا رهڻو پيو، تڏهن
پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ ۽ گذريل ڏينهن اچي ياد پين، سي
ماٺ ڪري اوڏي اُٿي هليا.
بمبئيءَ ۾ جيڪي ڏينهن هي پنهنجي منهن رهيا، سي هنن بيشڪ خير سان
گذاريا، مگر رکيل پئسو گهڻو جٽاءُ ڪين ڪندو آهي،
نيٺ گهٽبو ويندو آهي، ۽ هنن کي في الحال ٻيءَ
ڪنهن آمدنيءَ جي اميد ڪانه هئي ۽ بمبئي شهر جو خرچ
به البت ڳرو هو، تنهن ڪري هنن ڄاتو ته موٽي وڃن
حيدرآباد ۾، جتي رهڻ ڪري خرچ گهڻو هلڪو به ٿيندو ۽
پئسووڌيڪ جٽاءُ به ڪندو. ٻيو ته هنن جو ارادو هو
ته هي پڇاڙيءَ جا ڏينهن گوشائتو ۽ آرام ۾ گذاريون
۽ جي ٿي سگهي ته ڪو زمين جو ٽڪر هٿ ڪري پوک- راهه
جو بندوسبت ڪريون، جنهن ڪري مشغولي به ٿئي، کاڌي
پيتي جهڙي اُپت به ٿئي ۽ آرام وٺڻ جو به گهڻو وقت
ملي.
پر اهڙو بندوبست ته بمبئي شهر ۾ يا ان جي آسپاس آسانيءَ سان
ٿيڻ اهنجو هو. اها سنڌ هئي، جتي ٿوري خرچ سان
ماڻهو اهڙو بندوبست رکي ٿي سگهيو، علي رضا
حيدرآباد جو چڱي طرح واقف هو، اتي ڄائو نپنو هو.
ننڍي هوندي اوري پري گهميو ڦريو هو، سو سجهيس ٿي،
ته اهڙا ٽڪر زمين جا اوڏي گهڻا آهن ۽ آسانيءَ سان
هٿ ڪري به سگهبا.
وري هن کي پنهنجا ڏينهن ياد پوڻ لڳا، پنهنجا مائٽ ياد پوڻ لڳا.
دستور آهي ته ڏکن ۾ گذريل ڏينهن ياد پوندا آهن. سو
جيئن اهي خيال پئي پچايائون، تيئن اوڏي موٽڻ جو
شوق زياده ٿي ٿين، ۽ جيئن هنن جو رکيل پئسو روز
بروز گهٽبو ٿي ويو، تيئن بمبئيءَ مان نڪرڻ جو
وڌيڪ سعيو ٿي ٿين، آخر هو ٺهراءُ ڪري سنبريا.
جيڪي پنهنجا گهرا دوست هئن، تن کان موڪلايائون. سڀني کي سنڌ ڏي
وڃڻ جي لاءِ چڱو عذر ڏنائون، جنهنڪري ڪنهن کي به
اهڙو شڪ ڪونه پيو ته هي بمبئيءَ ۾ گذاري نٿا سگهن،
تنهنڪري لڏي ٿي وڃن. هنن پنهنجي ڌيءُ عظمت بانو ۽
سندس مڙس کان به موڪلايو. هن ويچاريءَ کي به گهڻو
ڏک ٿي ٿيو، جو پيءُ – ماءُ جي هوندي هن کي وڏو ڏڍ
هو.
هن ويچاريءَ کان به جيڪي پڄي سگهندو هو، سو پيءُ-ماءُ جي لاءِ
ڪندي هئي. هنن کي غريب ڏسي ي لاءِ ڪندي هئي. هنن
کي غريب ڏسي ي لاءِ ڪندي هئي. هنن کي غريب ڏسي
پنهنجي پر ۾ پئسي پنجڙ جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندي
هئي. هوءَ دولتمند جي گهر ۾ هوندي هئي، تنهنڪري
اهڙي اڃا ٻاجهه ڪرڻ ۾ حرڪت ڪانه هيس. اگرچه هنن کي
اهڙي مدد قبول ڪرڻ ۾ گهڻو عار هو، پر تڏهن به عظمت
بانو زور ڪري ٿورو گهڻو لڪائي ماءُ کي ڏيندي هئي.
هينئر جو هو اتان نڪرڻ لڳا، سو هن ويچاريءَ کي
ويتر ارمان ٿيڻ لڳو، پر لاچار ماٺ ڪري ويهي رهي ۽
اهو دلاسو ڏنائين ته جي قسمت ۽ حياتي هوندي ته
هڪڙي ڏينهن اسين به اچي اوهان وٽن ڪرنداسين.
علي رضا جي پٽن مان محبوب علي ايتري بيحيائي ڪئي هئي، ته منصو
رعلي وڏو حيا وارو هو. اسان چيو آهي ته هو تمام
چڱي ۽ سالم طبع جو هو ۽ هن جا خيال پيءُ جي خيالن
سان ملي ٿي آيا. هو هينئر استنبول ۾ گهر ڪري رهندو
هو ۽ سندس ڪارخانو تمام زور هو.
هن جي پيءُ – ماءُ سان گهڻي خاطر هئي. تن ڏي علي رضا وقت بوقت
حال پيو لکندو هو ۽ هو اتان پنهنجي ڀاءُ کي جٺيون
به پيو ڪندو هو ۽ هنن لاءِ دلاسا به پيو لکندو هو.
هنن ڏي ائين به لکي چڪو هو ته ”اوهين موٽي استنبول
۾ اچو، جو هتي سڀ ماڻهو اوهان جي ڏسڻ لاءِ مشتاق
آهن ۽ اچي اسان جي اکين تي رهو. جيڪي اولاد جا حق
آهن، سي سڀ اسين ادا ڪنداسين ۽ جيتري خدمت پڄي
سگهندي، اوتري پيريءَ ۾ اوهان جي ڪنداسين.“
پر علي رضا جن کي اوڏي وڃڻ جي خواهش ڪانه هئي. چيائون ته ”هينئر
حياتي جي پڇاڙيءَ ۾ دربدر ٿيڻ چڱو ناهي، اڳيئي
گهڻو رُليا آهيون. هينئر گوشه نشين ٿي ويهڻ ۽ خدا
جي عبادت ڪرڻ اسان کي زياده پسند آهي.“
تڏهن منصور عليءَ هنن ڏي ٿورو گهڻو پئسو مدد لاءِ موڪلڻ لڳو ۽
لکيائين ته ”جيڪي اوهان کي گهرجي، سو مون کي بيشڪ
گهرائجو، جيڪي مون وٽ آهي سو سڀ اوهان جو آهي،
حجاب بلڪل ڪونه ڪجو.“
جڏهن آخر هن کي خبر پيئي ته محبوب علي هنن سان تمام گهڻيون
جٺيون ڪيون آهن، جنهن ڪري هو ڪيترا ڏينهن ڌار رهي
حيدرآباد روانا ٿيا آهن، تڏهن هن کي گهڻو ارمان
ٿيو. خيال ڪيائين ته ”پيءُ- ماءُ اولاد کي پالي
وڏو ڪندا آهن ته پيريءَ ۾ اهو کين ڪم اچي. بابي
سائينءَ اسان کي تعليم ڏيئي، هزار خرچي ههڙي
درجي تي پهچايو هينئر اسين پنهنجين زالن سان
فرحتن ۾ پيا گذاريون ۽ هو ويچارا غريبيءَ حال وتن
ڪنڌ لڪائيندا. انسان جي حياتي الاجي ڪيتري آهي!
زال ۽ ٻار ٻچا ٻيا به ٿي پوندا، تنهنڪري پهرين
انهن جي سنڀال ڪرڻ حق آهي.“ اهي خيال ڪري هن جا
هتي پير تپي آيا. زال سان صلاح ڪيائين ته ڪي ورهيه
هلي سنڌ ۾ گذاريون.
بيبي فلڪ سوز بيگم به چڱيءَ طبيعت جي زال هئي، عقل واري هئي ۽
مڙس جي فرمانبردار هئي. اگرچه وطن کي ۽ مائٽن کي
ڇڏڻ اهنجو به ٿي لڳس، پر تڏهن به مڙس کي خوش رکڻ
فرض ٿي ڄاتائين ۽ اها به خبر هيس ته منهنجو مڙس
به گويا پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ٿو وڃي، تنهن کانسواءِ
ڪن ٻين ملڪن جي سير ڪرڻ ۽ هوا بدلائڻ جو به خيال
ٿين، تنهنڪري هي موڪلائي توڪلائي اُٿي هليا.
انهيءَ وچ ۾ علي رضا، زينت ۽ مريم اچي حيدرآباد کان نڪتا. هنن
پنهنجي اصلوڪي ڪچي واري جاءِ وري وڃي هٿ ڪري
وسائي. اتي هنن کي البت آرام آيو. اگرچه هي وڏا
وڏا ملڪ ڏٺا هئائون ۽ جي وڏا وڏا عهدا ڪمايا
هئائون تن جي بنسبت اها جاءِ ۽ اهو ملڪ ڪي به ڪين
هو، تڏهن به هاڻوڪيءَ حالت ۾ هنن جي لاءِ وڏي
غنيمت هئي.
سندن پراڻا واقف هنن کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا. زينت بانو جا مائٽ
جيڪي هنن سان نه ٺهيل هوندا هئا سي به سرائي فتح
خان جي گهر ويران ٿيڻ کان پوءِ پشيمان ٿيا هئا، ۽
هاڻ هنن سان گهڻي مهرباني ڪرڻ لڳا.
هي ٿانيڪا ٿي ويٺا، تنهن کي مهينو – ٻه مس گذريو ته علي رضا کي
منصور علي جو خط آيو ته ”اسين استنبول مان روانا
ٿيون ٿا اميد آهي ته سگهوئي اوهان جي خدمت ۾ اچي
حاضر ٿينداسين؛ پوءِ جيڪو حال هوندو سو اوهان جي
آڏو پيش ڪنداسين ۽ جيڪا چاڪري پڄي سگهي، سا
ڪنداسين.“ پيءُ ڏي هيئن به لکيائين ته ”ڪو هڪڙو
چڱو بنگلو به لڳو لڳ ڀاڙي ڪري ڇڏجو ته اچي انهيءَ
۾ لهون، پوءِ اتي ڪي ڏينهن گڏجي گذاريون.“ اها خبر
ٻڌي علي رضا ۽ زينت بانو گهڻو خوش ٿيا ۽ پٽ کي
دعائون ڪرڻ لڳا.
منصور علي جو استنبول مان روانو ٿيو، سو پهرين آيو بمبئي ۾، اتي
ڪي ڏينهن رهي پيو. ڀيڻ کي به گڏيو ۽ ڀاءُ کي به
مليو. محبوب علي کي گهڻيون جٺيون ڪيائين، هو ته
اڳهين پشيمان ٿيو هو. منڊم وئي کان پوءِ هوش ۾ آيو
هو ۽ وري ٻي شادي ڪري البت چڱو رستو ورتو هئائين.
تنهن جڏهن ڏٺو ته منهنجو ننڍو ڀاءُ پنڌ تان رڳو پيءُ – ماءُ جي
ڏسڻ ۽ انهن جي بندوبست ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽
حيدرآباد ڏي ٿو وڃي، تڏهن هن کي به دل ۾ آيو ته،
آءٌ به هن سان گڏيو وڃان ۽ وڃي هنن کان گناهه
بخشايان ۽ معافي گهران ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو هنن
جي خاطرداري ۽ تلافي ڪريان، سو هو به پنهنجي زال
سان سنڀريو.
هنن ڀائن کي سنبرندو ڏسي، عظمت بانوءَ جي به دل سرڪي. هوءَ
ويچاري ته هن کان وڌ پيءُ-ماءُ سان گڏ رهڻ جي ڪوڏي
هئي، پر پنهنجي وس نه هئي، پرائي گهر ۾ هئي، تنهن
کي ۽ سندس گهر واري کي به هنن چيو ته ”اوهين به ڪي
ڏينهن اسان سان گڏجي هلو، پوءِ کڻي سگها وري
اچجو.“ سو هوءَ به مڙس سوڌي سنبري.
ٽيئي جوڙا پنهنجي نوڪرن نڙن سميت وڏي ڌوم ڌام سان آگبوٽ تي چڙهي
روانا ٿيا. پيءُ ڏي اڳڀرو خط لکيو هئائون، تنهن
هڪڙو – ٻه بنگلو ٻيو به ڀر ۾ ڀاڙي ڪري ڇڏيو هو ۽
ضروري سامان مسواڙ تي وٺي جايون ڀري تيار ڪري
ڇڏيون هئائين.
نيٺ هو اچي حيدرآباد پهتا. هن جو تجمل ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا.
هي اچي بنگلن ۾ لٿا، جنهن شهر ۾ علي رضا ننڍو ٿي
وڏو ٿيو هو، اُتي هينئر هي پنهنجي آل عيال سوڌو
اچي نڪتو، ۽ عزت آبروءَ سان گذارڻ لڳو، انهيءَ
خوشيءَ کان هن جي دل ته باغ باغ ٿي، پر سندس آشنا
۽ سندس زال جا مائٽ به گهڻو خوش ٿيا. سڀئي هن کي
ڏسڻ آيا، ۽ هنن کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.
محبوب علي اچي پيءُ-ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو. هنن کي پهرين ته
روئڻ اچي ويو، پوءِ نيٺ هن کي معافي ڏنائون ۽ پاڻ
۾ پرچي خوش ٿي ويهي رهيا. هو سڀئي گڏجي وري
مرحوم علي نواز خان سندن بزرگ جي قبر تي زيارت
لاءِ ويا، جو علي رضا جو پيءُ ۽ هنن جو ڏاڏو هو،.
هن کي ختمو ڏيئي دعا گهريائون ۽ جان بيبي، جا
مديني ۾ پوريل هئي، تنهن جي روح کي به ختمي جو
ثواب بخشيائون.
جيڪڏهن علي رضا ويچارو پنهنجي سر هينئر غريب هو، ته ڀؤ ڪونهي،
پر سندس اولاد تمام دولت وارو هو. ۽ انهن جي دولت
سان هينئر هن جي دولت هئي، تنهن ڪري هن به هينئر
پاڻ کي دولتمند ٿي ڄاتو، هنن جو گڏجڻ اتفاق سان
ٿيو هو، پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته متان اهڙو وقت وري
هٿ نه اچي، تنهن ڪري هڪڙي تصوير ڪڍڻ واري کي
گهرائي، سڀني زالن مڙسن گڏ ويهي تصوير ڪڍائي، اها
ساري ڪٽنب جي تصوير ورهين تائين پوءِ وٽن نشانيءَ
طرح رهندي آئي.
انهيءَ طرح ٻه – ٽي مهينا هنن سڀني گڏجي پئي گذاريو. هينئر علي
رضا کي بک ڪانه هئي. مگر هن جي دل ۾ جا ننڍي هوندي
کان خواهش هئي ته پيريءَ ۾ زمين جو ٽڪر ٻهراڙيءَ ۾
هٿ ڪري، اُتي گهر جوڙي گوشه نشين ٿي ويهندس، ۽
آباديءَ جو شغل به ڪندس ۽ خدا جي بندگي به ڪندس.
تنهن جو خيال هن کي اڃا دل ۾ هو. جيئن پيري ٿي
باد پيس، تيئن انهيءَ جو شوق ٿي وڌيس.
هن جي مرضيءَ جي پٺيان سندس پٽن حيدرآباد جي اُڀرندي ڏي ڪوهه –
ڏيڍ پنڌ تي هڪڙو چڱو زمين جو ٽڪر هٿ ڪيو، جنهن ۾
اڳيئي هڪڙو کوهه به جاري هو ۽ موچارو ننڍو باغ به
ساڻس لڳل هو. انهيءَ سان گڏ وري ٿورو ٽڪر آباديءَ
جي لاءِ به هنن ورتو. مڙيئي ٻارهن جريب زمين جا
ٿيا، تن مان پنجن جريبن ۾ باغ هو ۽ ست جريب
آباديءَ لاءِ هئا، جي کوهه تي به آباد ٿي سگهڻ
جهڙا هئا ۽ واهه جي پاڻيءَ جي به مدد اچي ٿي
سگهين.
باغ سان لڳ وري هنن موچارو ننڍوبنگلو جوڙايو. ۽ انهي سان لڳ
هڪڙي ننڍي سهڻي مسيت به ٺهرايائون، ۽ انهيءَ ساري
زمين جي چوڌاري اوڏڪي ننڍي ديوار کڻائي ڇڏيائون.
انهيءَ هنڌ علي رضا ۽ زينت بانو۽ مريم ٽي ئيگڏجي
اچڻ رهڻ لڳا. هنن باغ ۽ ٻنيءَ جي ڪم لاءِ جيڪي
ٻه-چار ماڻهو ضروري ڄاتا، سي به چونڊي رکيا.
علي رضا پنهنجو وقت ورهائي ڇڏيو،. صبح جو ۽ شام جو ٻه – ٽي ڪلاڪ
پاڻ پنهنجي سر وڃي باغ ۾ باغائيءَ سان ڪمائيندو
هو، ۽ گلڪاري ۽ ميون جي وڻن جي سنڀال ۽ چمن ۽
ٻارن جي ڀڃگهڙ ڪندو هو. پوءِ وري ٻنيءَ جي ڪم جي
نظرداري رکندو هو ۽ باقي وقت ڪتابن جي مطالع ڪرڻ
۽ ٻي لکپڙهه ۾ گذاريندو هو. انهيءَ سال گڏ هو
مقرر وقتن تي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. زينت
بانو ٻاهر جي ڪم ڪار ۾ سو گهڻو هٿ نه وجهندي
هئي، باقي گهر ۾ هن جو به اهو ساڳيو شغل هوندو
هو. انهيءَ طرح هي سانهه ستيءَ سان گوشه نشينيءَ ۾
گذارڻ لڳا.
جڏهن علي رضا جا پٽ پيءُ – ماءُ کي سندن مرضيءَ پٺيان انهيءَ
هنڌ ٿانيڪو ڪري رهيا، تڏهن هنن کي وڏو انتظار دل
تان لٿو. پاڻ اڃا شهر وارن بنگلن ۾ رهندا هئا.
هيءُ جو هتي حيدرآباد ۾ ڳچ ڏينهن رهيا، تنهنڪري
البت ٺهي ويا. ڪي سندن مرضي ٿي، ڪي ٻين صلاح ڏنين
ته ”جي ٿي سگهيو ته پاڻ به سنڌ ۾ رهي پئو، جو چڱي
موچاري پيدائش هتي به پيئي ٿيندي.“
علي رضا پاڻ به انهيءَ صلاح ۾ شامل هو، جو ڀانئيائين ته اولاد
جي اکين آڏو نه هجي، ته من ويجهو هجي. سو في الحال
هنن به انهيءَ صلاح تي هلڻ مناسب ڄاتو.حيدرآباد ۾
پنهنجي ڌنڌي جو گهڻو چالو نٿي ڏٺائون، تنهنڪري
صلاح ڪيائون ته ڪراچيءَ ۾ هلي پنهنجو پنهنجو ڌنڌو
هلايون، جو اهو شهر وري به بمبئيءَ جهڙو نمونو
آهي، پوءِ اوير سوير پنهنجي دل جي خوشيءَ جي لاءِ
يا ڌنڌي پٺيان حيدرآباد ڏي به پيو اچبو ۽ جي دل
چيو ته بمبئيءَ به پيو وڃبو.
اها صلاح پڪي ڪري هي سنبريا. پر جدا ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ڀائرن، خاص
منصور علي پنهنجي پيءُ-ماءُ جي گذران لاءِ ڪنهن
پڪي بندوبست ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. پاڻ ۾ ڳالهيون
ٻولهيون ڪري ٺهراءُ ڪيائون ته في الحال هڪ هزار
روپيا هو ڏيئي، هڪ هزار روپيا هو ڏيئي، ٻه هزار
ڪري سرڪاري بئنڪ ۾ پيءُ جي نالي رکائن، پوءِ اڳتي
به جيڪي پڄي سگهين، سو هنن کي پيا پهچائين. هنن
يڪدم ائين ڪيو. ٻه هزار رپيا بئنڪ ۾ رکائي، داخلا
جو ڪتاب پيءُ جي حوالي ڪيائون ۽ پيرين پئي
موڪلايائون. ۽ دعا گهريائون، ۽ اهو دلاسو به
ڏنائون ته ”اوير سوير اسين اچي ٿيو پيا وينداسين ۽
جيڪڏهن ڪا ضرورت پئجي وڃي ته هڪدم اسان کي گهرائي
وٺن لاءِ اختيار وارا آهيو.“ انهيءَ طرح هي
موڪلائي ڪراچيءَ آيا ۽ عظمت بانو به موڪلائي
پنهنجي مڙس سوڌو بمبئيءَ ڏي رواني ٿي. هي ٻيئي
ڀائر اچي ڪراچي ۾ جايون جڳهيون وٺي ويٺا. هڪڙي
باريسٽر يا وڪيل ٿي، ۽ ٻئي ڊاڪٽر ٿي، پنهنجو ڌنڌو
هلايو، ۽ سگهوئي ٻنهي سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو.
انهيءَ نئينءَ جاءِ تي علي رضا ۽ زينت بانو ڏاڍي آرام سان رهڻ
لڳا. جهڙي ننڍي هوندي کان خواهش هين ته وڏپڻ ۾
گذاريون- اهڙي سندن مراد خدا پوري ڪئي. هنن جو
تمام سکيو گذر پيو ٿيندو هو ۽ چڱو وقت پيو گذرندو
هو. اتي هو ڇهه ورهيه رهيا. آخر زينت بانوءَ پهرين
وفات ڪئي.
هوءَ سٺ ورهين ڄمار جي ٿي مُئي. هن جي مرڻ ڪري علي رضا ويچارو
هيڪلو ٿي پيو. سارو ڏينهن غم ۾ پيو گذاريندو هو.
هڪڙو اڳهين فرتوت هو، جو عمر سندس ستر-پنجهتر
ورهين جي هئي، ٻيو وري هي تازو زال جو ڏک، تنهن
ماري وڌس، زال جي مئي کان پوءِ ڇهين – ستين ڏينهن
پاڻ به دم ڏنائين. هنن ٻنهي ڄڻن اڳيئي پاڻ ۾ صلاح
به ڪئي هئي ۽ مرڻ مهل وصيت به ڪئي هئائون ته اسان
کي انهيءَ باغ واري بنگلي ۾ دفن ڪجو، سو ڪيائون ته
ائين، ٻنهي کي اندر بنگلي جي وچين صفي ۾ لڳو لڳ
پوريائون ۽ سندن وصيت موجب پڪي گچ سان قبرون جوڙي
ڇڏيائون ۽ سندن سيرانديءَ کان هڪڙي ننڍي مسجد به
ٺهرائي ڇڏيائون، جيئن اڪثر دستور ٿيندو آهي. انهن
جي قبر تي ويچاري مريم، جا پڻ هينئر تمام ڪراڙي
اچي ٿي هئي، سا ٻهاريدارمجاور ٿي ويٺي، ڏهاڙي جاءِ
صفا ڪيو، انهيءَ باغ مان گل ۽ نازبو پٽي قبرن تي
وجهيو ويٺي هوندي.
محبوب علي ۽ منصور علي، جي بروقت ماءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌي ٻارين
ٻچين آيا هئا، سي اڃا اتي ئي هئا، ته سندن پيءُ
مري ويو، سي ويچارا ڏاڍي غم ۾ هئا. نيٺ مهينو کن
ٽڪي قبرون ٺهرائي، دائيءَ کي ويهاري، باغ ۽
ٻنيءَ جو بندوبست ڪري وري ويا.
پنجن – ڇهن مهينن کان پوءِ مريم به موڪلايو، تنهن جي به قبر
سندس ڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻيءَ جي پيرانديءَ کان جوڙايائون.
انهيءَ طرح انهن نيڪ، ديندار ۽ ايماندار ماڻهن جي
خير سان پڄاڻي ٿي. |