سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :5

باب اٺون

جــدائــي

انهيءَ شاديءَ  کي پنج – ڇهه مهينا  مس گذريا، ته جن صاحبلوڪن کي علي رضا پڙهائيندو هو، تن مان هڪڙي جي بدلي بمبئيءَ ٿي. تنهن هن کي چيو ته جيڪڏهن تون مون  سان هلندين، ته توکي اسي رپيا درماهو ڏيندس. هو جنگي کاتي جو وڏو عهديدار هو، ۽ علي رضا تي گهڻو مهربان هوندو هو، هن جي به ساڻس پريت ٻجهي ويئي هئي، تنهن اها ڳالهه قبول ڪئي. ڀانيائين ته اسي رپيا اهي ٿيا، اهڙيون ٻه – چار آساميون ٻيون پڙهايم ته سڀڪي ٿي پوندو. وري ٻي طمع هيس جو هن صاحبلوڪ دلاسو ڏنس ته ڪنهن هنڌ ڪا آبروءَ جهڙي جاءِ خالي ٿي، ته تنهنجو بندوبست ڪندس، تنهن ڪري هو پاڻ انهيءَ ڳالهه ۾ خوش هو.

اها ڳالهه علي رضا پنهنجي گهر اچي ڪئي. سڀني گهر جي ڀاتين کي هڪڙي پاسي خوشي ٿي، جو فائدي جي اُميد هئي، ٻئي پاسي ارمان ٿيو، جو جتي عمر ساري گذاري هئائون، اُتان نڪرڻ به اهنجو پئي لڳن. پر هنن جي عزازت رڳو هڪ گهر سان هئي، تنهن ڪري هن ملڪ ڇڏڻ ڪري گهڻو فڪر نه ٿي ٿين.

 آخر ٻنهي گهرن پاڻ ۾ پهي اهو ٺهراءُ ڪيو ته في الحال علي رضا بمبئي وڃي. اُتي وڃي پهريائين رهڻ جي جاءِ جو  به بندوبست ڪري، ۽ ڏسي ته جي اتي رهڻ ڪري فائدو هجيس ۽ ٻي حرڪت نه هجي، ته مهيني- ٻن کان پوءِ موڪلائي، اچي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي وڃي. تيتري ۾ علي رضا جو مامو  دلاور خان، جوا ڪثر وٽن ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻه – ٽي ڏينهن وٽن رهي به پوندو هو، تنهن سندس گهر ۾ ٽڪڻ جو ذمو کنيو.

هفتي کن جي اندر، علي رضا ٽپڙ ٻڌي تيار ٿيو. هلڻ جي ڏينهن صبح جو وڃي پنهنجي سس کان موڪلائي  آيو ۽ ساڻس گڏ حامد علي اُماڻڻ جي لاءِ آيو. وچن وچن جي مهل، هو  هلڻ لاءِ تيار ٿيو. پهرين ماءُ کي پيرين پئي موڪليائين، ۽ پنهنجي زال جي پارت ڪيائينس. وري مريم کي ڀاڪر پائي موڪلايائين. پوءِ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو، جتي چئن – پنجن منٽن تائين زال مڙس ويهي محبت جون ڳالهيون  ڪيون.

زينت بانو چوڻ لڳيس ته ”پيارا، پوءِ نيٺ اوهين اُسهو ٿا؟“

علي رضا ورندي ڏني ته ”بس پياري، قسمت ائين آهي، خدا ڪندو، ته وري خير سان سگهو ئي ملنداسين. زينت! تون اڃا گهڻن سان گڏ ويٺي آهين؛ پر حال منهنجا، جو  پرڏيهه ۾ وڃي هيڪلو رهندس. جيسين توکي وري اچي  پاڻ سان وٺي ويندس، تيسين الاجي منهنجو وقت ڪيئن گذرندو!“

زينت کي اتي اکين مان پاڻي اچڻ لڳو، سو اُگهي مڙس کي چوڻ لڳي ته ”تڏهن جان، خط لکڻ جو تاڪيد رکجو، متان اسان کي انتظار ٿئي.“

علي رضا چيو ته ”وڃڻ سان خبر چار لکندس، پوءِ تون به برابر لکندي رهج. پر پياري، جيتر وري ملون، تيتر پنهنجي پڙهڻ لکڻ ۾ مشغول رهج؛ اما کي خوش رکيو اچج، وڏو مائٽ آهي، ڪڏهن ڪڏهن  اما سان گڏجي، مامو يا حامد ساڻ ڪري، پنهنجي پيءُ جي  گهر ويئيءَ ته حرڪت ڪانهي.“

انهيءَ طرح جيڪا ضروري فهمائش ڏيڻي هيس، سا ڏئي علي رضا اُٿيو، ۽ زال کي پيار ڏيئي موڪلائي نڪري ٻاهر آيو. حامد علي به ساڻس گڏ گاڏيءَ تي چڙهي گدوبندر تائين ويو.[1] *  پوءِ موٽي آيو؛ جو اڪثر رات جو گهر کان ٻاهر نه رهندو هو. پٺ تي، اها رات علي رضا جي زال يا ٻيا گهر جا ڀاتي البت ملول هئا، جو هو پهريون ڀيرو ايڏي سفر تي نڪتو هو، پر پوءِ ٺهي ويا.

علي رضا ڪراچيءَ ۾ پنهنجي صاحب کي اچي گڏيو. ساڻس گڏ اچي آگبوٽ ۾ چڙهيو، ۽ اچي نيٺ بمبئيءَ کان نڪتو. اُتي پهريائين ته جنهن بنگلي ۾ صاحب پاڻ ر هندو هو، تنهن جي  احاطي ۾  هڪڙي خلاصي جاءِ سندس حوالي هئي. هفتي کن جي اندر، هن ڦول گليءَ ۾ ٻي هڪڙي خلاصي جاءِ ڀاڙي تي ورتي، ۽ اُتي رهڻ لڳو.

صاحب جي معرفت ٻين ٻن – ٽن صاحبلوڪن سان به معرفت ٿيس. جتان ساڳيءَ طرح هن کي پيدائش ٿيڻ لڳي. وري سنڌ جهڙي ملڪ مان نڪري، بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ آيو هو،

تنهن ڪري هن کي اُتي رهڻ هر طرح پسند آيو، ۽ دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائين ته اڳتي انهيءَ هنڌ پنهنجي قسمت آزمايان.

بمبئيءَ ۾ پهچڻ شرط هن هڪڙو خط حامد عليءَ جي معرفت گهر موڪليو، جو سندس زال زينت بانوءَ کي مليو، جنهن کي اوڏانهن اکيون هيون. انهيءَ ۾ خير سلامتيءَ سان پهچڻ جي خبر لکي هئائين؛ ۽ ٻيو منجهس درياهه جي مسافريءَ جو احوال ۽ بمبئي شهر جي تعريف هئي. ٻئي ٽئي خط ۾ هنن کي خبر ڏنائين ته ”آءُ ڦول گليءَ ۾ رهندو آهيان، اُتي منهنجي نالي خط لکندا رهجو.“

انهيءَ طرح هفتي بهفتي هڪٻئي ڏي خط لکندا رهيا. زينت بانوءَ هتي جو سٺو حال لکيس، ۽ هن وري پنهنجو احوال ٿي ڏنس، ۽ اڪثر ٻنهي هڪٻئي کان جدا رهڻ جي شڪايت پئي لکي. ۽ خدا کي سوال پئي ڪيائون ته ڪا جلد اسان جي قسمت گڏ ٿئي.

ڏيڍ مهيني کن کانپوءِ آخر هيٺيون خط زينت بانوءَ جي نالي آيو.

خط – ”عزيز مهربان من، زينت جسم و جان من، سلامت بعد از سلام شوق انجام و آرزوي ديدار محبت آثار – انڪه اوهان جي خط جو جواب هن کان اڳي لکيو اٿم. منهنجي  مرضي هئي ته پنهنجي صاحب کان موڪلائي، اچي اوهان کي وٺي وڃان، مگر صاحب جو امتحان تمام نزديڪ آهي، تنهن ڪري مون کي ڇڏي نٿو سگهي؛ نڪي وري مون کي اوهان کان پري گذارڻ سهنجو ٿو لڳي، اگرچه ٻيو هر طرح جو سک اٿم.

هاڻ مون ٻئي هنڌ هڪڙو موچارو وڏو گهر ڀاڙي تي  هٿ ڪيو آهي. اوهان کي گهرجي ته ايندڙ  سومر واري آگبوٽ ۾ چڙهي روانا ٿيو. مامي ڏي به خط لکيو اٿم، سو اوهان سان  گڏيو ايندو. ٻه ڏينهن اتان اڳڀرو نڪرندو، ته مهيني تي پهچي سگهندو. سمنڊ به ماٺو آهي، خدا ڪندو ته خير سان تڪليف  کان سواءِ هليا ايندو. آگبوٽ پهچڻ ڏينهن آءٌ پاڻهي آگبوٽ تي ايندس. مگر تاڪيد ڄاڻي، انهيءَ ڏينهن روانا ٿجو. زياده سلام، سڀني گهر جي ڀاتين کي سلام پهچن.

قلم تازو – خميس واري آگبوٽ ۾ ضرور هن خط جو جواب لکجو، ته سومر واري آگبوٽ ۾ روانا ٿينداسين، ته مون کي تسلي ٿئي.      

”علي رضا“

انهيءَ خط پڙهڻ ڪري زينت بانوءَ کي مڙس جي نه اچڻ کان ارمان ٿيو، مگر هن سان جلدي وڃي ملڻ جي ڪري خوشي ٿي. گهر جي ڀاتين کي خط جي مضمون مان  واقف ڪيائين، ماءُ ۽ ڀاءُ کي ٻڌايائين، آخر سنبت ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ ڪي سندن وڃڻ ۾  ناراض به هئا، پر زال کي مڙس ڏي وڃڻ ته ضرور هو. ان موجب وڃڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪري، خميس واري آگبوٽ ۾. زينت بانوءَ مڙس جي خط جو جواب هيئنءَ لکيو:

خط- ”شوهر مهربان، عزيز از جان سلامت. بعد تسليمات نياز آيات و اشتياق ملاقات محبت آثار عرض – اوهان جو خط پهتو. جلد ملڻ جي خوشيءَ کان موئيءَ دل ۾ ساهه پيو، اگرچه اوهان جي پاڻ نه اچڻ کان گهڻو ئي ارمان ٿيو. هيڏي وڏي سفر ۾ جڏهن اڳي ڪڏهن گهر کان مون ٻاهر پير به نه رکيو هو، تڏهن اوهان جو مون سان گڏ هلڻ ضرور هو. پر خير، جيئن قسمت ۾ هوندو، ائين ٿيندو. جنهن ڳالهه ۾ اوهين خوش، انهيءَ ۾ آءٌ به خوش. اوهان جي حڪم موجب اسين سومر واري آگبوٽ ۾ روانا ٿينداسين. مامي جن به هلڻ جو انجام ڪيو آهي. اميد ته وقت تي اسان کي ملندو. زياده نياز. گهر جي سڀني ڀاتين جا سلام پهچن-

”زينت“

خميس واري آگبوٽ ۾ خط روانو ڪري، هنن ٺهراءُ ڪيو ته ڇنڇر جي ڏينهن حيدرآباد کان نڪرجي، آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهجي، ۽ سومر جي ڏينهن صبح جو روانو ٿجي. ڪراچيءَ ۾  علي رضا جو ڪو واقف هو، انهيءَ ڏي به اڳواٽ انهيءَ بابت خط لکيائون.

نيٺ ڇنڇر جو ڏينهن آيو ۽ علي رضا جي گهر جا ڀاتي، يعني سندس ماءُ ۽ زال ۽ دائي اٿي سنبريا. انهيءَ ڏينهن حامد علي ۽ مائي شهربانو ۽ بختاور وٽن اچي رهيا هئا. انهن کان موڪلائڻ جي گهڙي به آئي. ڏاڍا روئڻ ڪيائون -  نيٺ به ته ويجها عزيز هئن. حامد علي به ساڻن ڪراچيءَ تائين وڃڻ جو ارادو ڪيو.

نيٺ موڪلائي توڪلائي، گاڏيءَ تي چڙهي نڪتا. رات جو ڪراچيءَ پهتا. آچر جو ڏينهن اتي گذاري، سومر جي ڏينهن سوير اچي آگبوٽ تي چڙهيا، ۽ حامد علي وري موٽي ڳوٺ ويو. هنن عمر ۾ اهو پهريون سفر ڪيو هو، تنهن ڪري ڏاڍا اٻاڻڪا ٿيا. پر لاچار دل  ڏاڍي ڪري، خدا تي رکي ويهي رهيا. آگبوٽ هليو.  هنن کي هڪڙي ڪنڊ  کان جاءِ ملي، سو اتيئي پئجي رهيا.، جيڪو گوڙ ماڻهن جي جاين وٺڻ تي ٿيندو آهي، سو جيڪو آگبوٽ تي چڙهيو هوندو، تنهن کي خبر هوندي. هي ويچارا اٻوجهه ماڻهو هئا، سي ڏاڪڻ تان لهندي ئي پاسو وٺي ويهي رهيا. آگبوٽ هلڻ کانپوءِ ته سڀڪنهن جو مٿو ڦرڻ لڳو، ۽ قيون اچڻ لڳيون. هي ويچارا انهيءَ هنڌ تختي تي فراشي وڇائي ليٽي پيا.

پهريون ڏينهن ته ڏاڍو عذابن ۾ گذاريائون، نڪو کاڌو نڪو پيتو. رات جو به کاڌو نه کاڌي جهڙو، ننڊ کڻي وين. صبح جو اٿيا، تڏهن البت ساهه پيٽ ۾ پين، لوڏو مغز ۾ ويهي وين، اٿي ويهڻ لڳا. وري سگهوئي ٽپڙ ٽاڙي کڻايائون، جو خلاصي آگبوٽ کي ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ لڳا. جڏهن صفائي ٿي رهي ۽ هنن وري پنهنجو هنڌ  وڇايو، تڏهن البت لذت سان ٽڪر ٽيرو کاڌائون. انهيءَ هوندي به اڃا موڳا ٿيا ويٺا هئا.

منجهن وري به زينت بانو سجاڳ ۽ چالاڪ هئي. سڀني جي خدمت پئي ڪيائين. سندس مامو ته زالن کان به پري هو. موالين وانگي گوماٽيو پيو هو. زينت بانو ۽ سسڻس ته برقعو پهرئين ڏينهن لاهي ڇڏيو هو. اهڙي هنڌ ڀلا پردو ڪيترو هلي سگهندو؟ وري اتي ٻيو سڃاڻڻ وارو به ڪونه هو. ڪيترائي ٻيا مڙس زالون اوري –  پري ويٺا هئا. هي به پنهنجو منهن کوليو ويٺيون هيون، ويٺي هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪيائون.

زينت بانوءَ کي اتي مڙس جي ڳالهه ياد آئي، جنهن چيو هوس ته پردو هن دنيا ۾ گهڻن جاين تي ڪم نه ايندو آهي، اٽلندو تڪليف ڏيندو آهي. ماڻهن جي وچ ۾  کلئي منهن رهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪري پاڻ هن کي همت آئي، ۽ هيترن جي وچ ۾ پنهنجي سنگت جي چڱيءَ طرح اٿي ويٺي ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن مٿان جا ڏاڪڻ جي جاءِ هئي، اتي وڃي ٿڌيءَ هوا ۾ بيهندي هئي ۽ آسمان  پاڻيءَ جو رنگ ڏسندي هئي، مٿان بيٺي هنن سان ڳالهيون به ڪندي هئي.

هي پاسي وارين ٻن – ٽن زالن سان به واقف ٿيون، سو ڪڏهن ڪڏهن وري انهن سان ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪنديون هيون. پهرئين ڏينهن ته جان بيبي پنهنجي پٽ تي ڪاوڙي هئي، چوڻ لڳي ته ”ڀلو ٿئيس، ناحق رلائي، اسان جي پاڙ ڪڍي اٿس. ڪهڙي نه آرام سان مڙس جي ڪکن ۾ ويٺي هيس ’نبم نان، صحت جان‘ آڻي اسان کي هتي رلايو اٿس.“ پر پوءِ  وري ننهڻس دلاسا ڏيئي بس ڪرايس. انهيءَ طرح خير سان اهو ڏينهن گذريو، ۽ رات ٿي چنڊ به چڙهي سنئون ٿيو، سمنڊ به ماٺو هو، ڏاڍو لذت جهڙو وقت هو. ڳچ رات تائين پاڻ ۾ کلي ڳالهيون ڪري سڀ سمهي رهيا.

رات جو ٻين – ٽين بجي  ڌاري زينت بانوءَ کي سجاڳي ٿي، ڏاڍي اُڃ لڳيس. هيڏي هوڏي ڏٺائين، سڀ سمهيا پيا هئا، ڪنهن کي جاڳائڻ تي به دل نه چيس. پاڻي پيئڻ جي لاءِ اٿي. پاڻيءَ جي هڪڙي وڏي گگهري ساڻ  هين، سا سانجهن جو ڏاڪڻ جي پاسي کان رسي سان ٻڌل، هوا ۾ ٺرڻ لاءِ رکي ڇڏي هئائون. تنهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ وٽو کڻي ڏاڪڻ تي آئي.

ٻيو ڪو ڊپ ڪونه هوس، ماڻهن کان پري ڪين هئي. پاسي واري تختي کي ٽيڪ ڏيئي، گهگهريءَ مان پاڻي ٿي ڪڍيائين ته اوچتو اهو تختو، جو لوهه جي ڪڙي سان آگبوٽ جي پاسي واري ڪٽهڙي سان ڳنڍيل هو ۽ انهيءَ مهل شايد لوڏي جي ڪري نڪري پيو هو ۽ رڳو اشاري وهيڻو هو، سو  ليٽي پيو ۽ زينت بانو وٽي سوڌي تختي سان گڏ ڌو وڃي سمنڊ ۾ پيئي. هن کي اڃا پاڻيءَ اندران ڪي ٻاهر مس ڪڍيو ته آگبوٽ پري وڃي نڪتو ۽ جهڙي جلديءَ سان هليو پئي آيو، اهڙي جلديءَ سان اڳتي هليو ويو.

اگرچه ماڻهوءَ جي يا تختي جي ڪرڻ ڪري آواز به ٿيو، پر آگبوٽ جو ڌمچر اڳيئي گهڻو متل هو، ٻيو لهرن جو سٽڪو هو، تنهن ۾ اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ڪين آيو. وري مهل به ننڊ جي هئي. انهيءَ حادثي جي، رات سڄيءَ ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي. هيڏي هوڏي نهاريائين، ته به نظر نه آيس. ڀاءُ کي اٿاريائين، مريم کي سڏ ڪيائين.، سڀئي سسا مسا ٿي ويا؛ هيڏي هوڏي ڳولڻ لڳس، پر هن جو پتو ئي ڪونه پيو.

ڪپتان کي رپورٽ ڪيائون، جنهن چڱيءَ طرح جاچ ڪرائي: آخر ڏاڪي جي پاسي وارو تختو به ڪونه ڏٺائون، ۽ هنن جو وٽو به ڪونه  لڌو؛ تنهن مان صاف معلوم ٿيو ته گگهريءَ مان پاڻي پيئڻ ويئي آهي، تختي کي ٽيڪ ڏيندي ڪري پيئي آهي، پر رات جو الائجي ڪيڏيءَ مهل ڪري، تنهنڪري سمنڊ ۾ ڳولا ڪرڻ هنن اجائي ڄاتي. اگرچه پريندي رپورٽ ٿيڻ مهل ڪپتان آگبوٽ کڙو به ڪرائي ڇڏيو هو، پر جڏهن لڀڻ جو امڪان نه ڄاتائين، تڏهن وري انهيءَ کي هلائڻ لڳو.

ههڙي ڪوڏن جهڙيءَ جوان زال جي هن رستي گم ٿيڻ ڪري، جيڪي رڙيون سندس عزيزن ڪيون، تن جو اسين هتي بيان ڏيئي نه سگهنداسين. شال ڪنهين انسان سان اهڙو واقعو نه ٿئي؛ شال ڪنهن جي مٿان اهڙي اوچتي آفت نه اچي. جان بيبي ويچاري منهن – مٿو پٽي پٽي ساڻي ٿي پيئي. مريم جو به چرين جهڙو حال ٿي پيو؛ ۽ جان بيبيءَ جي ڀاءُ دلاور خان کي به افسوس حد کان گهڻو ٿيو،  پر هن انهيءَ حال هوندي به زالن کي دلاسي ڏيڻ ۾ ڪين گهٽايو. اهو سڄو ڏينهن هنن روئندي ۽ اوساريندي گذاريو.  هنن جو روئڻ – پٽڻ ڏسي، پاسي ۾ جيڪي ويٺل هئا، تن کي به پئي روئڻ آيو. وري جا رات آئي، سا به هنن روئڻ – پٽڻ ۾ گذاري. پاڻ ته ننڊ نه ڪيائون، پر ٻين جي به ننڊ ڦٽايائون؛ آخر جهڪا ٿيا.

وري جو ٽيون ڏينهن  ٿيو، تنهن تي سڀ ماڻهو ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻ لڳا، جو پري کان بمبئيءَ جا جبل پئي ڏٺا. سگهوئي شهر جي عمارتن منهن ڪڍيو ۽  بندر جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا، آگبوٽ اچي ناري کي سڻائو لنگر ڪيو.  ڊونڊيون آگبوٽ کي وڪوڙي ويون؛ ڪي پئي لٿا، ڪي پئي چڙهيا، ڪي پنهنجن سنگتين ۽ عزيزن کي وٺڻ آيا، ڪي پنهنجي سامان  جو سماءُ ڪرڻ آيا.

هڪڙي بتيلي ۾ علي رضا مغل به چڱا خاصا ڪپڙا ڍڪيو، خوشيءَ منجهان مرڪندو هليو آيو. هو ڀلا پنهنجي پياريءَ زال کي هيترن ڏينهن جي وڇوڙي کان پوءِ ملڻ ٿي آيو، سو  ڪهڙو نه سرهو هوندو! آگبوٽ تي اچي چڙهيو، ۽ گوڙ ۾ هيڏي هوڏي جهوتون ڏيندو، ڪلها هڻندو، اچي پنهنجن عزيزن جي مٿان بيٺو، پري کان ماءُ کي ڏسي ڀانيائين ته ڊوڙي وڃي پيرين پوانس، ته کيس ڏسي هو سڀئي اڳيان اوڇپنگارون ڏيئي روئڻ لڳا. هو ويچارو حيرت ۾ پئجي ويو، ڀلا اها کلڻ جي مهل هئي يا روئڻ جي؟ هن جي هانو ۾ ڌڪاءُ پئجي ويو، خبر پڇيائين، پر هنن جو روئڻ بيهي، ته هن کي ورندي ڏين! گهر جا ٻيا سڀ ڀاتي ڏٺائين، زال نه ڏٺائين سو هن کي پڪ ٿي ته منهنجي زال سان خير ڪونهي.

خبر ملڻ کان اڳ ئي، هنن سان گڏ، هو ماءُ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳو.  هنن جو اهڙو حال ڏسي، ٻين ماڻهن جي دل پئي ڳري. آخر جيڪا ڳالهه هئي، سا سڏڪا ڀريندي هن کي ڪري ٻڌايائون. ”ابا، تنهنجي زينت سان ڏاڍو قهر ٿيو، ويچاري اوچتي وڃي سمنڊ ۾ پيئي.“ هيءُ ٻڌي علي رضا نئون سنئون روئڻ لڳو. ڀلا اوچتو سمنڊ ۾ ٻڏي مرڻ جو موت شال دشمن کي به نصيب نه ٿئي.

آخر ٻيو چارو ڪونه ٿيو. ماڻهو ته ٻيا سڀ لهي ويا هئا، پوءِ هي به مرندا جهرندا، بتيلي تي چڙهي وڃي ڪناري تي پهتا، ۽ علي رضا هنن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آيو. جيڪي  خوشيءَ جا سانباها ڪيا هئائين، سي هينئر ڏک ۽ عذاب ٿي پيا. ويچارو گذريون ڳالهيون ياد ڪيو پئي ڳريو، ۽ ذري ذري زال جي هٿ جا لکيل خط پئي پڙهيائين، ۽ واڪا ڪيو پئي رنائين. يا وري سندس ڪپڙا گنديون کنيو، منهن کي پئي مليائين ۽ هنجون پئي هاريائين.

 

باب نائون

بــچــاءُ

زينت بانو جو سمنڊ ۾ ڪري سو پريندي نه تختي سوڌو هيٺ هلي ويئي. ٻڏندي ماڻهوءَ کي جيڪي پهچ ۾ اچي تنهن کي سوگهو ڪري جهليندو آهي. هن کي ته خدا تختي سان ڪيرايو هو، تنهن کي هن ساهه جي ڊپ کان کڻي ٻک وڌا، انهيءَ سگهو ئي مٿي کڻي آندس. پر آگبوٽ تان پاڻيءَ ۾ ڪرڻ ڪري، جو هن کي ڌڪو آيو، ۽ وري سمنڊ جو کارو پاڻي، جو اکين، نڪ ۽ وات ۾ پيس، تنهن هن کي موڳو ڪري وڏو، ۽ اڌ مئن وانگي تختي کي چنبڙيو پيئي هئي، ٻيو ڪوبه سماءُ ڪونه هوس.

صبح ٿيڻ ۾  باقي جيڪي ٻه – ٽي ڪلاڪ هئا، سي هوءَ پئي اتي پاڻيءَ ۾ ٽُلڪي، ۽ لهرن تي لڌي، جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن البت سماءُ پيس. پر ڪيڏي  هڪڙي نازڪ پردي ۾ پيٺل ضعيف زال، ۽  ڪيڏي ههڙو حادثو ۽ سمنڊ جون لهرون ۽ اڪيلائي! ساهه مٺ ۾ ڪيو پيئي هئي. سڀڪنهن لهر پئي ڀانيائين ته اجها ٻڏيس، پر اڃا ڏينهن هئس. هوءَ ڏاڍي  نيڪ زال هئي،تنهن خدا  تي کڻي توڪل رکي. ٻڏي مرڻ جي پڪ هيس، تنهن ڪري اها گهڙي فرصت ڄاڻي، الله کي ياد ڪرڻ ۽ ڪلما پڙهڻ لڳي.

جنهن هنڌ تي اهو اتفاق ٿيو، سو ڪڇ جي ڪناري کان گهڻو پري نه هو، ٻيڙيون ۽ ڊونڊيون مڇي مارڻ لاءِ توڙي پاسي وارن بندرن کان انهيءَ هنڌان سمنڊ تي اينديون وينديون هيون. اهڙي هڪڙي ٻيڙي اوچتو  آسپاس جي لنگهي، سا پري کان پاڻيءَ تي ڪا شي لٽڪندي ڏسي لڙي آئي،  مهاڻن ويجهو اچي، همت ڪري هن کي ڇڪي ٻيڙيءَ تي آندو.

هوءَ پاڻي ۾ ڀڄي پيئي هئي، ۽ ڌڪن ۾ ساڻي ٿي پيئي هئي، تنهن کي هڪڙي  چادر ڏنائون ته  ويڙهجي، پسيل ڪپڙا لاهي ڏئي. هن ائين ڪيو، پوءِ مٺي پاڻيءَ جو لوٽو ڏنائونس، جنهن مان هن گرڙيون ڪيون ۽ منهن ڌوتو، جڏهن  بت سڪس ۽ سامت ۾ آئي، تڏهن هن سان مها‎ڻن ڳالهايو ۽ حال ورتائونس. وٽن مانيءَ جو  ٽڪر پيو هو، سو ڳڙ سان ڏنائونس، جو هن کاڌو، البت بُود ۾ آئي.

انهيءَ ٻيڙيءَ تي چار مهاڻا هئا، هڪڙو ٻيڙيءَ جو مالڪ هو، اهو پير مرد  هو ۽ تمام غريب ۽ رحمدل ماڻهو هو، انهيءَ جو نالو صديق هو. ٻيو سندس پٽ هو ۽ ٻه سندس نوڪر هئا، جي ٻيڙيءَ جا جوان ڪري رکيا هئائين، هن پريي مڙس زينت بانوءَ کي دڙ دلاسو ڏنو ۽ چيائينس ”تون مون کي ڌيءَ وانگي آهين، ٻيو ڊپ نه ڪر، آءٌ توکي ڪناري تي نيئي، پنهنجي گهر پنهنجي زال  وٽ سکيو رکندس، پوءِ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي، ائين ڪنداسين.“

هوءَ ويچاري خوش ٿي. هن  مهاڻي جي گهڻي شڪرگذاري ڪئي، جو هن ٻڏڻ کان بچايس،  نيٺ هو اچي ڪناري تي پهتا، ڪناري کي ويجهو هڪڙو ننڍو ڳوٺ مهماڻن جو ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڏهه – پندرهن ڀونگيون ڏٺيون ٿي. انهن مان  هڪڙيءَ ۾ زينت کي پير مرد مهاڻو ۽ سندس پٽ وٺي آيا.

انهيءَ ۾ ٻه زالون به هيون، هڪڙيءَ انهيءَ مهاڻي جي زال ۽ ٻي سندس ڀيڻ، جا وٽن مهمان هئي، هنن کي صديق زينت جي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ هنن کي پارت ڪيائين ته ”هيءَ مون کي ڌيءَ وانگي آهي، تنهن جي  چڱيءَ طرح خدمت ڪريو، هيءَ سکر اشراف گهر جي  ڏسجي ٿي.“ هنن زالن  به هن   جي گهڻي آدر  ڀاءُ ڪئي، وس  پڄندي هن کي خوش ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايائون  ۽ جهڙو  حال هون، اهڙو هن جي اڳيان رکيائون.

زينت بانوءَ کي لاچار ٿيو، هنن مهاڻن سان گذارڻ، هو هن جي پرگهور  گهڻي ڪندا هئا، تنهن ڪري هن به پاڻ تي فرض ڄاتو ته هنن کي گهر جي ڪم ۾ مدد ڏئي، سو  اوير سوير ٻهاري ڏيڻ، ماني پچائڻ،توڙي ان پيهڻ ۽ ڇڙڻ ۾ هنن سان شامل ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري هو هن جو مان رکندا هئا، ۽ جي هوءَ زور ڪري گهر جو ڪم ڪندي هئي، ته به هن کي منع  ڪندا هئا. خاص ڪري پريو مڙس ته هن کي گهڻو ڀائيندو هو. ۽ وقت بوقت  زال ۽ ڀيڻ کي هن جي پارت ڪندو هو. اگرچه هو سڀ جهنگلي ماڻهو هئا، ته به هن نئين ڀاتيءَ  جي اچڻ ڪري هنن جو گهر سڄي ڳوٺ ۾ سڌري پيو، ۽ اڳي کان وڌيڪ صفا رهندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ويهي گهر جي ڀاتين کي، يا ٻيون جيڪي پاڙي جون زالون اتي اينديون هيون، انهن کي قرآن ۽ حديث جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي، جنهنڪري هفتي – ٻن جي اندر ڳوٺ ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته صديق جي گهر ڪا وڏي اشراف ۽ نيڪ زال آئي آهي.

زينت بانوءَ  کي بت تي سؤ – سوا جا زيور به  هئا، جن سوڌو هوءَ سمنڊ ۾ ڪري هئي، اهي پهرئن ئي ڏينهن پريي مڙس صديق مالڪياڻيءَ جي مرضيءَ پٺيان پنهنجي و سلن ۾ امانت طرح لڪائي رکي ڇڏيا هئا. انهن مان هڪڙو – ٻه زينت خوشيءَ سان هنن کي ڏنو ٿي،  ڇالاءِ جو هنن نه ورتا، چيائون ته ”تنهنجي شيءِ ڀلي توکي ڪم اچي.“

هن پنهنجو سڄو حال هنن کي ڏنو هو، ۽ هو ڄاڻندا هئا ته هن کي پنهنجن وارثن ڏي وڃڻ جي گهڻي خواهش آهي، مگر جيسين ڪو اهڙو وجهه ملي، تيسين اتي رهڻ ۾ راضي آهي ۽ اتان نڪرڻ لاءِ اهڙي تڪڙي ناهي.

اهو مهاڻن جو ڳوٺ، ڪڇ جي وڏي شهر ڀڄ کان اٽڪل ويهه – ٻاويهه ڪوهه پري هو. ڳوٺ جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪم ساڻ اوڏي ويندا هئا، ۽ ڪن جا مائٽ به اتي هوندا هئا، جن سان آمدرفت هوندي هين.

صديق جي ڀيڻ، جنهن جو نالو صفوران هو ۽ جا سندس گهر ۾ ڪن ڏينهن کان مهمان هوندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هتي مائٽن کي ملڻ ايندي هئي، هن ڀيري به ائين  آئي  هئي، سامهينو کن گذاري وري اوڏي سنبري.، انهيءَ جو سانباهو ڏسي زينت جي به مرضي ٿي ته ساڻس گڏجي اوڏي وڃان، هڪڙو ته ههڙي سڃي جنگلي ڳوٺ ۾ رهي ڪڪ ٿي پيئي هئي، ۽ ٻيو ڄاتائين ٿي ته وڏي شهر ۾ وري به بمبئيءَ ڏي وڃڻ يا ڪراچي موٽڻ جو شايد چڱو وجهه ملي ويندو. تنهن کان سواءِ صفوران به ڀڄ جون ڳالهيون ٻڌايون هيس ته ههڙو شهر آهي، هيڏو شهر آهي، ۽ دلاسو به ڏنو هئائينس ته  ”اتي تون هن کان وڌيڪ سکيو گذاريندينءَ، جو تون پاڻ وڏي شهر جي آهين“ ايترو به ٻڌايو هئائينس ته ”منهنجو گهر وارو فضل محمد لاڙڪن جي پاڙي جو نيڪ مرد آهي ۽ اشراف ماڻهو آهي،  ۽ اسان کي خدا جو ڏنو سڀڪي آهي، اسان وٽ هوندينءَ ته منهنجو گهر وارو تنهنجو ضرور ڪوبندوبست ڪندو، جو هن جي وڏن وڏن ماڻهن سان واٽ آهي.“

نيٺ پڪو ٺهراءُ ڪري، هڪڙي ڏينهن سانجهيءَ جو ماني ٽڪي کاڌي کان پوءِ صفوران ۽ زينت کي ڏاندن جي گاڏيءَ تي چاڙهي روانو ڪيائون. گاڏيءَ  وارو به سندن راڄ مان هو، تنهن کي به صديق گهڻي پارت ڪئي. اميد هين ته رات جو ٿڌ ۾ پنڌ ٿيندو، ٻئي ڏينهن سوير وڃي پهچندا.

هنن جي سنبرڻ مهل صديق کي زينت بانوءَ جي امانت  ياد پئي، سو ڊوڙ پائي سڀ ڳهه اڳڙيءَ ۾ ٻڌل کڻي آيو،  ۽ سندس حوالي ڪيائين، گاڏي هلي، رستو برپٽ مان هو؛ گهاڙو سڙڪ ڪانه هئي، چارو هو، سو چارو ڏيو آهستي هلندا ويا. هڪڙي رات انڌاري، ٻيو گاڏيءَ جو پنڌ – پنڪيون کائيندا هليا ويا، ڪڏهن ته ٽيئي ڄڻا ننڊ ۾ پئجو ٿي ويا ۽ ڏاند پاڻهي ئي پئي هليا.

اڌ رات مهل گهوڙن جي ڪڙڪي کان هو ڇرڪ ڀري اٿيا. چار مڙس گهوڙن تي چڙهيل ڌڪا ۽ تراريون کڻي مٿن ڪاهي آيا. اهي ڌاڙي وارا چور هئا، جي اڪثر رستا ڦريندا هئا ۽ هاڻ گهمندي  هي شڪار منهن پئجي ويو هون، يا ته ڪا کڻڪ هين، ته انهي رات ڪي ٻه زالون ڳهن ڳٺن سميت هن واٽ سان وينديون، سو اڳ وٺي آيا هئن.

هنن ايندي سان گاڏيءَ واري کي ڌڪو مٿي وارو  هنيو، جو گوماٽجي گاڏيءَ تان ڪري پيو ۽ ماندو ٿي  ويو، پوءِ زالن تي هڪل ڪري آيا، چيائون ته ”مال ڪڍو“.

هنن جون  ته ٻه به وييون ٽي به ويوون. پهرين ته ڪڇيائون ڪين، ڊپ ۾ اونڌيون ٿي پئجي رهيون؛ پر جڏهن هڪڙي چور لهي هٿ وڌن، تڏهن چيائون ته ”اسان وٽ جيڪي آهي سو وٺو، رپ اسان کي جيئندان ڏيو“. هنن پهرين صفوران جا ڳهه لهرايا، جي هن کي بت تي پيل هئا، ويچاريءَ وٽ جيڪي ڳهه پڳهه هئا، سي ڍڪي مائٽن کي ملڻ آئي هئي، اهي سڀ هينئر لاهي هنن کي ڏنائين، ۽ زينت ته پنهنجي هڙئي ٻڌل کڻي هنن کي هٿ  ۾ ڏني؛ پر انهيءَ تي به هو راضي نه ٿيا. هنن کي گهڻي مال جي اميد هئي، يا ڏس  هون، تنهن ڪري هنن کي دڙڪا تاب ڏيڻ لڳا.

نيٺ جڏهن ٻئي وسيلي جو  آسرو ڪونه رهين، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ”هن ڇوڪريءَ کي کڻي هلجي، هوءَ پان به هڪڙو زيور آهي“ زينت بانوءَ کي جوڻ جماڻ ڏسي لچا اچي مست ٿيا، ۽ ڀانيائون هيتري هلاڪي به ڪئيسون، ٿورڙي مال تي ڪيئن راضي ٿي ويهون. سو هن ويچاريءَ کي هڪڙي ڄڻي کنڀي، کڻي پنهنجي پٺيان گهوڙي تي وڌو ۽ث گهوڙا ڊوڙائي جهنگ منهن ڏيئي اُٿي هليا.

چورن جي وڃڻ کان  پوءِ گاڏي وارو به اُٿيو، الائجي سامت ۾ آيو هو، ته اُٿيو، يا ڊپ کان ڇپ هنيو پيو هو، سو هنن کي ويندو ڏسي پوءِ اُٿيو، هنن کي پنهنجي ساهه جي لڳي، سي گاڏي  ڊوڙائي، رستو ڏيئي اُٿي هليا ۽ ويچاريءَ زينت جي پوئواري  به ڪانه ڪيائون.

هو ٻئي ڏينهن وڃي شهر رسيا،  پنهنجي مائٽن مان رستي جي واقعي جو بيان ڪرڻ لڳا؛ هيڏي چور اڳڀرو اچي ڪنهن کوهيءَ ڌاري لهي پيا، ۽ زينت بانوءَ کي به لاهي هڪ پاسي ويهاريائون. پاڻيءَ ڍڪ پي، پوءِ پاڻ ۾ ويهي مال ورهائڻ لڳا، گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ اهو ٺهراءُ ڪيائون، ته مال جا ٽي حصا ٿين، جي ٽي ڄڻا وٺن، چوٿين پنهنجي پتيءَ ۾ زينت جي  ٻانهن قبول ڪئي.  اتي سڀڪو چور پنهنجو پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو ۽ منجهائن هيبت  نالي، جنهن کي هيءَ زال پتيءَ ۾ آئي هئي، سو هن کي لاڏ سان ٻانهن مان وٺي گهوڙي تي چاڙهي ڳوٺ هليو.

جيڪي زينت جي دل ۾ هو، سو پڙهندڙن کي پاڻ خيال ۾ اچي سگهندو، اسين بيان ڪرڻ ضروري نٿا ڄاڻون، ويچاري سور پي، پنهنجي بڇڙي قسمت تي افسوس کائي، صبر ڪري ويهي رهي، ۽ پرهه ڦٽيءَ مهل چور هن کي پنهنجي گهر آڻي پهچايو.

هن کي هڪڙي زال اڳ ئي گهر ۾ هئي، تنهن کي ۽ پنهنجي سس کي هن اٿاريو ۽ زينت جي ٻانهن ڏيئي چيائين ته هيءَ ”سوکڙي اوهان جي لاءِ آندي اٿم، تنهن جو بلو ڪريو.“ پوءِ پاڻ وڃي گهوڙي کي ٻڌي، هنو لاهي، گاهه ڏيئي، اچي ڦڙهه ٿي سمهي پيو.

زينت کان به هنن ٻه – ٽي ڳالهيون هيڏي هوڏي جون  پڇيون، پوءِ هن کي سمهڻ جي  جاءِ  ڏنائون، جا پئي رهي، چور رات جو جاڳيل هو، سو پهر سوا تائين ستو پيو هو، زينت کي ته ننڊ ڪانه هئي. سج اڀرئي ڌاري اُٿي ويهي رهي.

چور جي زال ۽ سس سمجهيو ته ڪٿان هيءَ ٻانهن ڦر ڪري  چورائي، پنهنجي لاءِ وٺي آيو آهي، سو هن کي غريب اشراف زال ڄاڻي مٿس ڪهل ڪيائون، ۽ سندس حال احوال پڇيائون، هن کي ٽڪڙ ٽيڙو کارايائون، پرهن ويچاريءَ جي دل ۾ الائجي ڪهڙي واويلا هئي، سو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي ڳري.

نيٺ چور اٿيو، هن جو اچي پاسو ورتائين هن کي دلاسو ڏنائين ته ”هاڻ گهڻو مٿو نه مار، وري ڪنهن پاسي توکي وڃڻو نه ٿيندو، آءٌ توکي سکيو رکندس،. هزارن قسمن جا توکي مال کارائيندس ۽ ڪپڙا ڍڪائيندس.“ انهيءَ طرح هن نامراد ڪيترائي ٻيا ناشائستا لفظ سندس نسبت ۾ ڳالهايا، پر هن ورندي ڪانه ڏني، ڪنڌ هيٺ ڪيو وٺي ٻڌائين.

انهيءَ  حال ۾ هن کي ڏينهن جا اڍائي ڪي-ٽي پهرگذريا، پوءِ هڪڙا ٽي  ڄڻا انهيءَ گهر ۾ آيا، جن سان هيبت چور گوشي تي ويهي ڳالهيون ڪيون. اهي هن جا راتوڪا سنگتي  هئا، ڪلاڪ – اڌ تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري، ٽيئي ڄڻا سنبري هڪڙي پاسي اٿي هليا.

هنن جي ويئي کان پوءِ چور جي زال ۽ سس زينت سان وري وڌيڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳيون. اگرچه هن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيون ۽ منجهانئس گهڻو راضي هيون، مگر هيءَ جا نئين پهاڄ جا مٿان ٿي پيئي، تنهن ڪري هو ٻيئي هن جي نه هجڻ ۾ وڌيڪ راضي هيون، ۽ زينت به چين ته ”مائي، اوهين مون تي رنج نه ٿيو، آءٌ پنهنجي خوشيءَ سان هتي ڪين آئي آهيان، زور ظلم سان مون کي هتي اندو اٿس؛ آءٌ  لاچار اچي بند ۾ ڦاٿي آهيان ۽ منهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪا مدد پڄيو، سا ڪريو،ته خدا اوهان کي اجر ڏيندو.“

هنن کي به اها صلاح  آئڙي ته هن کي روانو ڪجي. زينت به اڳيئي ٻڌايو هون ته آءٌ شهر ڏي وڃڻي هيس، ۽ اهو شهر به انهيءَ هنڌان اٺ – ڏهه ڪوهه مس هو، سو هن کي انهيءَ طرف جو رستو ڏيکاريائون، ۽ چور جي سس  ڳچ تائين ساڻ به ٿيس.

زينت اگرچه وڃڻ ۾ خوش هئي، پر ڊني ته متان چور اچي مليم ۽ ماريم، مگر هنن پڪ ڏنيس ته ”هو هن پاسي ويا آهن، سو وري اڌ رات جو مس ايندا. انهيءَ جو تون ڪو ڊپ نه ڪر.“ سنئون پيچرو انهيءَ هنڌ کان ڏکڻ  ڏي ويو، سو وٺي هليون، ڪوهه کن تائين چور جي سس به زينت سان ويئي، پوءِ هن کي دڳ لائي موٽي آئي.

هن کي سمجهائي ڇڏيائين ته ”سامهون هلي وڃ، ڏينهن  ڏٺو آهي. شهر کان ٻه – اڍائي ڪوهه اوري دڳ سان هڪڙي کوهي ۽ مڪان اٿئي، جتي هڪڙو فقير ۽ سندس زال رهن ٿا، اتي جي ٿڪجين ته لڙي پاڻي پيجئين ۽ ساهي کڻجئين.“

انهيءَ ڏس تي زينت اُٿي هلي، اگرچه جهنگ مان هيکلي پئي وئي، پر ڏينهن ڏٺو هو، ڍارو لڳو پيو هو، ۽ وري آزاد ٿيڻ جي به خوشي هيس، تنهن ۾ پنڌ ڪرڻ سان گهٽايائين ڪين، ۽ سج لهڻ تي انهيءَ فقير جي اوتاري وٽ اچي پهتي.

هيءَ ويچاري ٿڪجي پئي هئي، سا لنگهي اوتاري ۾ آئي ۽ اچي مٽن مان پاڻي پيتائين ۽ منهن ڌوتائين،هنن پڇيس ته ”مائي ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”واٽهڙو آهيان، شهر ٿي وڃان.“

فقير جي زال رات ٽڪڻ جي صلاح ڪيس ۽ چيائينس ته ”رات ٿي پوي تون هيکلي آهين.“زينت کي به اها صلاح پسند آئي، هڪڙو ته هن کي اڳتي هلڻ جي طاقت به ڪانه رهي، ٻيو رات به پئجي آئي هئي ۽ اڳيان شهر ۾ به سندس لاءِ جاءِ ٺهي ٺڪي ڪانه پئي هئي، تنهن ڪري هن فقير ۽ فقيرياڻيءَ جي مهرباني ڏسي رهجي  پيئي.

هن کي ٽڪر مانيءَ جو ڏنائون، سو کائي، تڏو وڇائي، سندن پاسي ۾ سمهي پيئي، جيتوڻيڪ چور جي اچڻ جو ڊپ گهڻو هوس، پر لاچار ٿي خدا تي ڀاڙي سمهي رهي، هن چڱي موچاري ننڊ ڪئي، پر رات جو ٽي – چار ڀيرا بڇڙا خواب ڏسي دانهن ڪري اُٿي، وري ڪلمو پڙهي سمهي رهي.

نيٺ خير جو صبح ٿيو، هيءَ هٿ منهن ڌوئي نماز پڙهي، فقير ۽ فقيرياڻي کان موڪلائي، اٿي اهو ڏکڻ وارو دڳ ڏيئي هلي. ٿڌ جو پنڌ سولو لڳس، پهر ڏينهن جو مس ٿيو ته اچي ڀڄ جي شهر  کان نڪتي.


[1] . * تڏهن درياهه تي پل ڪانه هئي، آگبوٽ تي درياهه لنگهبو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org