انسان جي خواهش جو سرچشمو جتان ٻيون سندس سموريون
خواهشون ڦٽن ۽ اڀرن ٿيون، فقط هڪ خواهش آهي، جيڪا
ڄمڻ کان مرڻ تائين منجهس موجود آهي- ۽ اها آهي
سندس ” پنهنجي پاڻ لاءِ محبت“. انسان جي هيءَ
خواهش منجهس هڪ نهايت قديم ۽ بطور هڪ اهم ترين
جبلت جي ڄائي ڄم کان وٺي موجود آهي: ٻيون سموريون
سندس خواهشون هتان ئي نڪرن ٿيون، ۽ فقط انهيءَ
هڪڙيءَ بنيادي خواهش جون زائد ۽ بدليل صورتون آهن.
انهيءَ لحاظ سان جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته ٻيون
مڙيئي خواهشون پڻ فطرتي آهن ته به شايد صحيح ٿئي،
پر ڏٺو هيئن ويو آهي ته اهي زائد ۽ بدليل خواهشون،
ڪيترين حالتن ۾، انسانن کي فائدي بدران الٽو نقصان
ٿيون رسائين، ۽ اصلوڪي مقصد کي مروڙي سروڙي ان جي
بلڪل برخلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿيون ڏين: ۽ نتيجو
هيءُ ٿو نڪري ته انسان انهن غير فطري خواهشن جو
غلام بڻجي، پنهنجي فطرت جي دائري کان ئي الڳ ٿيو
وڃي، ۽ اهڙي طرح هو پنهنجو دشمن پاڻ بنجي ، پنهنجي
ئي برخلاف عجيب و غريب صف آراين ۽ زور آزماين ۾
مشغول ٿي وڃي ٿو.
”پنهنجي پاڻ سان محبت“ هميشه هڪ نيڪ خواهش آهي،
هميشه نظام فطرت جي عين مطابق آهي. پنهنجي پنهنجي
زندگيءَ جي حفاظت جو ڪم خاص طرح اسان جي پنهنجي
ئي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اسان مان هرهڪ جو
اولين مقصد آهي پنهنجي زندگي جي خبر گيري ڪرڻ، ۽
ائين ٿيڻ به گهرجي، هاڻ جيڪڏهن پنهنجو پاڻ سان
محبت نه ڪنداسون، پنهنجو پاڻ ۾ ڪا دلچسپي نه
وٺنداسون، ته پوءِ جيڪا چيز يعني پنهنجي زندگي،
جا اسان کي هڪ امانت طور سپرد ڪئي ويئي آهي، تنهن
کي ڪئين محفوظ رکي سگهنداسين؟
زنده
رهڻ لاءِ لازمي آهي ته اسين پنهنجي پاڻ سان محبت
ڪريون، تنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته جيڪا به چيز
اسان کي زنده رهڻ ۾ مدد ڏئي تنهن سان به محبت
ڪريون، برخلاف هن جي جيڪا به چيز اسان کي زنده رهڻ
۾ آڏو ڦري تنهن سان اسين نفرت ڪريون. هيءُ آهي
اُهو بنيادي اصول جنهن مان اسان جي محبت ۽ نفرت،
دوستين ۽ دشمنين جا دائرا وسيع ٿيڻ شروع ٿا ٿين، ۽
اسان جي دلچسپين جا مرڪز محض خود خيالي ۽
خودپسنديءَ کان الڳ ٿي اسان سان سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ
طرح تعلق رکندڙ انهن سڀني شين، انسانن ۽ انساني
قاعدن ۽ قانونن تائين وڃي ٿا پهچن، جن جو اسان جي
زندگيءَ تي مفيد توڙي مضر اثر پوي ٿي.
هاڻي
سمجهو ته هڪ شخص آهي، جو ”پنهنجي پاڻ سان محبت“
واريءَ فطري خواهش ماتحت چاهي ٿو ۽ طلبي ٿو ته ٻيا
سڀيئي کيس ضرورت وقت زنده رهڻ ۾ مدد ڏين، يعني
سندس سڀئي گهرجون ۽ ضرورتون پوريون ڪندا وتن، تان
ته هو پاڻ آساني سان زنده رهي سگهي. هيءُ شخص
جيڪڏهن ائين چاهي ٿو ته ٻيا سڀ انسان پنهنجي
زندگيءَ جي پرورش ۽ حفاظت جي ڳالهه ڦٽي ڪري فقط
سندس زندگيءَ جي پرورش ۽ حفاظت ۾ لڳي وڃن، ته
پوءِ ڄڻ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي ” پنهنجي پاڻ سان
محبت“ واري فطري خواهش کي هو تسليم ڪرڻ کان انڪار
ٿو ڪري، ۽ ائين چاهي ٿو ته سڄيءَ دنيا جي محبت ۽
پرستش جو واحد مرڪز هو پاڻ هجي، ۽ سمورا انسان کيس
نذرانا ۽ نياز، ڏن ۽ پهت ڏيندا، معجونون ۽ مٺايون
کارائيندا، فقط سندس چوڌاري ڦيريون پائيندا وتن:
گويا هو پاڻ ڪنهن جو ڪينهي ۽ ٻيا سڀيئي سندس آهن.
هيءُ آهي انسان جي خود غرضيءَ ۽ خود پرستيءَ جو هڪ
خالص مثال. هاڻي، جي سمورا انسان اهڙيءَ طرح الڳ
الڳ ديوتائون بنجي ويهي رهن، ته پوءِ ڪير ڪنهن کي
زنده رهڻ ۾ مدد ڪندو، ڪير ڪنهن سان محبت ڪندو، ڪير
ڪنهن سان نفرت ڪندو؟ نتيجو هي نڪرندو ته پوءِ هر
ڪنهن کي پنهنجي سر تي پاڻ وسائڻي پوندي، يعني زنده
رهڻ لاءِ هرڪو مک وانگر هر گهڙيءَ پنهنجو مٿو
پٽيندو رهندو، ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي نفسا نفسي لڳي
ويندي، ائين برابر آهي ته ان حالت ۾ اخلاقيات جو
يا تهذيب ۽ تمدن جو ڪو سوال ئي ڪونه اٿندو، پر
انسانن جي هزار ها صدين جي حاصل ڪيل انفرادي توڙي
سماجي ترقيءَ ۽ عروج جو پوءِ جيڪو حشر ٿيندو سو
ظاهر آهي!
”پنهنجي پاڻ سان محبت“ يا ”فنا في النفس“ واري
خواهش جهڙي هڪ انسان ۾ آهي اهڙي ٻين انسانن ۾ پڻ
موجود آهي: ساڳئي وقت انسان جي زندگيءَ جون گهرجون
۽ ضرورتون شروع کان وٺي وڌندي وڌندي، موجوده مهذب
۽ سڌريل سماجي صورتحال ۾، ايتريون ته بيشمار ۽
مختلف قسمن جون ٿي ويون آهن، جو انهن کي پورو ڪرڻ
اڪيلي انسان جي وس کان ٻاهر آهي. انهن ٻن بنيادي
حقيقتن جي بنا تي ئي انسان کي سماج ۾ رهڻو پيو، ۽
کيس هڪ سماج ۾ رهندڙ جانور سڏيو ويو آهي.
زنده
رهڻ لاءِ انسانن کي جڏهن باهمي احتياج جي ضرورت
پيش آئي تڏهن فورن کين باهمي يا هڪٻئي سان سهڪار
جي ضرورت پڻ محسوس ٿي، هن باهمي تعاون جي ضرورت
سبب ئي بني نوع انسان سماجي نظام ۾ پاڻ کي منظم
ڪيو: ۽ اهڙي طرح سياسيات، اقتصاديات ۽ اخلاقيات جا
هي مختلف فلسفا ۽ نظريا- يا دنيا جا هي مختلف ڌرم
۽ مذهب- پنهنجي پنهنجي وقت ۽ ماحول جي ضرورتن ۽
تقاضائن مطابق انسان جي سماجي زندگيءَ کي خوشحال ۽
ڪامياب بنائڻ لاءِ مختلف وقتن تي وجود ۾ آيا.
ثابت
ٿيو ته انسان جي انفرادي زندگيءَ جو دارو مدار
سندس سماجي زندگيءَ تي آهي. انسان پنهنجي ئي
ترتيب ڪيل سماج جو هڪ جزو آهي. بني نوع انسان مثل
هڪ جسم جي آهي ۽ هر هڪ انسان انفرادي طور ان جسم
جي عضوي مثل آهي. اهي جيڪي پاڻ کي هن جسم جا عضوا
نٿا ڪري تصور ڪن، ۽ پاڻ کي سماج يا بني نوع انسان
جي وجود کان الڳ ڪري ٿا سمجهن، سي ايترا ته ٿورا
آهن جو انهن کي آسانيءَ سان نظر انداز ڪري ٿو
سگهجي، نه فقط ايترو پر کين خود انسان ڪري سمجهڻ
ئي عبث آهي.
سماجي زندگيءَ ۾ هڪ انسان کي کڻي ڪهڙو به مرتبو ۽
ڪهڙو به مقام حاصل هجي، پر بهرحال هو هڪ انسان
آهي، ۽ ان حيثيت ۾ هو ٻين سڀني انسانن جي برابر
آهي، انسان هر صورت ۽ هر حال ۾ ساڳيا آهن: جيڪڏهن
ائين آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته جنهن مقام تي ۽
جنهن طبقي ۾ گهڻي ۾ گهڻا انسان بيٺل ۽ شامل
هوندا، اهوئي مقام ۽ اهو ئي طبقو سڀ کان زياده
محبت ۽ عزت جي لائق آهي.
سماج
کي سمجهڻ لاءِ انسانن جي انفرادي زندگيءَ کي
سمجهڻو پوندو: انسانن جي انفرادي زندگيءَ جي
مطالعي ڪرڻ لاءِ سندن سماج جو مطالعو ڪرڻو پوندو،
تنهنڪري جيڪي ماڻهو سياست ۽ اخلاقيات کي هڪٻئي
کان الڳ تصور ڪن ٿا، اهي نه اخلاقيات کي پوريءَ
طرح سمجهي سگهندا ۽ نه سياست کي.
فطرت
جي نظام ۽ انسانن جي وچ ۾ جيڪي ظاهري فرق ۽ تفاوت
آهن، اهي ڪي ايڏا اهم ۽ بنيادي ڪين آهن، جو انهن
جي بنا تي هڪڙا انسان ٻين انسانن جي محض رحم ڪرم
جا محتاج ٿي پون: حقيقت ته هيءَ آهي ته فطرت جي
سامهون سمورن انسانن جي وچ ۾ پاڻ هڪ قسم جي
لازاول، غير قاني ۽ مڪمل برابري ۽ مساوات بنيادي
طرح قائم ۽ موجود آهي. برخلاف فطرت جي هن دائمي ۽
في الواقع برابريءَ جي، سماجي نظام ۾ انسانن جي
حقن جي بي سود ۽ موهوم هڪجهڙائي جا رڳو ٺلها اعلان
وقت بوقت وڏي وات ڪيا ويندا آهن: ساڳئي وقت جيڪي
طريقا انهن ”حقن جي برابريءَ“ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ،
طاقت ۽ اختياريءَ وارن جي طرفان، استعمال ڪيا
ويندا آهن، اُهي ئي طريقا ان برابريءَ کي الٽو
ختم ڪرڻ جو ڪم کين ڏيندا آهن: سماج جي منظم ۽ متحد
طاقت، چند دولتمند ۽ طاقتور ماڻهن سان هٿُ هٿ ۾
ملائي، ضعيفن ۽ ڪمزورن تي ظلم جي چڪيءَ جا پڙ پاڻ
وڌيڪ چاپيندي رهندي آهي، ۽ اُنهي روءِ فطرت
طرفان قائم ڪيل ميزان ۾ انتهائي بگيڙو ۽ انتشار
پيدا ٿي پوندو آهي. نظام فطرت ۽ سماجي نظام جي
اهڙي طرح ٽڪرجڻ ۽ مقابلي بازيءَ ڪري ئي ٻيون
سموريون خرابيون ۽ بدعنوانيون انسانن جي سماجي
زندگيءَ ۾ پيدا ٿيون ٿين- اقليت جي قدمن تي انسانن
جي اڪثريت قربان ٿيندي رهي ٿي، عام مفاد کي چند
شخصن جي ذاتي مفاد خاطر نظر انداز ڪيو ٿو وڃي،
ٿورڙن کي مخدوميت ۽ آقائيت جا فرعوني خيال اچي ٿا
دامن گير ٿين، ۽ گهڻن جي ڳچيءَ ۾ ٻانهپ ۽ غلاميءَ
جا آهني طوق چنبڙي ۽ جڪڙجي ٿا وڃن: بر سر اقتدار
شخصن ۽ حڪومت جي ڪارپرزادن جا هي رعبدار لفظ ”عدل
و انصاف جي تقاضا... قوم جي بهتري ۽
بهبودي...نظام جو ضابطو.... امن امان جو
قيام...وغيره وغيره“- ظلم واستبداد ۽ جبر و تشدد
جا هي سمورا دلڪش لفظ ۽ هوشربا انداز حاڪمن ۽ زور
آور شخصن جي هٿ ۾ محض هٿيار آهن محڪومن ۽ هيڻن تي
ظلم ۽ ڏاڍ جي روا رکڻ جا، جن جي وسيلي هو پنهنجون
سموريون غلط ڪاريون ۽ بهيمانه ڪارروايون لڪائڻ ۽
لنوائڻ ٿا چاهين.
آءُ
اوهان کي صلاح فقط هيءُ ڏيندس ته پنهنجي نوجوان
شاگرد جي اهڙيءَ طرح رهبري ڪيو، جو هو پنهنجا
سنگتي ۽ ساٿي اُهي پيدا ڪري جن جي سنگت ۽ صحبت ۾
هو فقط نيڪيءَ ۽ ڀل مانسيءَ جا اثر جذب ڪري سگهي،
تان ته ٻين سڀني انسانن متعلق پڻ، جن سان گڏ عام
طرح کيس پنهنجي سماجي زندگيءَ جا ڏينهن گهارڻا
پون ٿا، پنهنجي دل ۾ نيڪ راءِ ۽ چڱا خيال قائم ڪري
سگهي: ساڳئي وقت آءُ اوهان کي هيءُ به مشورو ڏيندس
ته اوهان کيس سماج ۽ موجوده سماجي صورتحال جو
اهڙيءَ طرح مطالعو ڪرايو، جو اُتي جيڪي ڪجهه خلاف
فطرت واقع ٿي رهيو آهي تنهن سڀ کي هو صريحن
نامناسب ۽ ناموزون سمجهي. هن کي ڄاڻڻ، ۽ دل ۾
محسوس ڪرڻ گهرجي ته انسان از روءِ فطرت نيڪ آهي،
کيس گهرجي ته پنهنجي پاڙيسريءَ متعلق ڪا خاص راءِ
قائم ڪري تنهن کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي
ڏسي ۽ اهڙيءَ طرح انساني فطرت جي ميزان تي تور تڪ
ڪرڻ کانپوءِ ئي ان پنهنجي پاڙيسريءَ متعلق ڪو خاص
فيصلو ڪري: ساڳئي وقت کيس هيءَ ڳالهه به ذهن نشين
ٿيڻ گهرجي ته سماج ۾ حضرت انسان کي ڪيئن ۽ ڪيتري
قدر نه انسان جي خواريءَ ۽ ذلت جا مڙيئي اسباب
سندس پنهنجي غلط ۽ غليظ خيالن ۽ عقيدن ۾ ئي مضمر
آهن!
ايميلي انهن سڀني ڳالهين کي سمجهندو، پروڙيندو ۽
پنهنجي دل سان هنڊائيندو. هو ائين سمجهندو ته سندس
پهريون حق ۽ سندس پهريون فرض آهي ته هو پنهنجي مدد
۽ صحيح خير خواهي پاڻ ڪري، اهڙو ڪو به ڪم نه ڪري
جنهن کي هو پاڻ مفيد ۽ چڱو نه سمجهي ۽جو سندس منهن
تي نه پوي، پنهنجي حاصل ڪيل تجربي ۽ علم تي ڪامل
ڀروسو رکي پر ان تي اجايو اڀمان ۽ فخر هر گز نه
ڪري، پاڻان وڏن جي مناسب عزت ۽ احترام ڪري، سواءِ
مناسب سبب ۽ ضرورت جي ڪنهن به حالت ۾ زبان ڪشائي
نه ڪري، ۽ جڏهن کيس ڳالهائڻو پوي تڏهن سوچي ۽
ويچاري پوءِ پنهنجا خيال پيش ڪري، بيهودين ۽ بي
سود ڳالهين کان پاسو ڪري، نيڪو ڪاريءَ ۽ حق گوئيءَ
۾ همت ۽ بي ڊپائي ڏيکاري، ۽ عدل و انصاف ۽ خوش
اخلاقيءَ کي، بذات خود صحيح ۽ دلپسند سمجهي، ۽
سواءِ ڪنهن شخصي مفاد يا لالچ جي، پنهنجي طاقت ۽
وس آهر، هر حالت ۾ اُنهن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو
رهي.
ايميليءَ کي نه فقط انسانن جي وچ ۾ پر خود حيوانن
۾ به گوڙ ۽ شور، جهيڙو جهڳڙو ۽ وڙهڻ گرڻ ڪين ٿو
وڻي، سندس سٻاجهي طبيعت صلح ڪل جي شائق ۽ شيدا
آهي، اها سندس سانتيڪي ۽ صلح پسند طبيعت انهيءَ
تعليم ۽ تربيت جو نتيجو آهي، جنهن مان سندس دل ۾
ڪي به خود پسنديءَ ۽ خود پرستيءَ جا وهم ۽ اڀمان
پيدا ڪين ٿيا آهن، ۽ نڪي سندس من ۾ ٻين جي مٿان
طاقت آزمائيءَ ۽ فرمانروائيءَ جون ئي ڪي خواهشون
پيدا ٿيون آهن: هو ٻين کي ڪنهن تڪليف ۽ عذاب ۾
ڏسي، پاڻ ڪڏهن به خوش ڪين ٿو ٿئي، ٻين کي مصيبت ۽
ايذاءَ ۾ مبتلا ڏسندي پاڻ سندس دل کي ازخود ڏک ۽
ايذاءُ ٿو محسوس ٿئي: فطرت جي تقاضا به هوبهو
اهائي آهي.
جڏهن
آءُ ايميليءَ کي هڪ اهڙي انسان بنجڻ جي تربيت ڏيڻ
ٿو چاهيان، جو عين فطرت جي منشا مطابق هجي، تڏهن
منهنجي هر گز اها مرضي ڪانهي ته آءُ کيس محض هڪ
وحشي بنائي موٽائي هڪ جهنگلي زندگي گذارڻ لاءِ
آماده ڪريان، برعڪس ان جي منهنجو مقصد ته فقط هيءُ
آهي ته هو سماج ۾ رهي ڪري ۽ سماجي زندگيءَ جي هر
شعبي ۾ ضرورت آهر بهرو وٺندي به ٻين ماڻهن جي
شخصي حرص هوس ۽ پاروٿن خيالن ۽ عقيدن جي شڪار
بنجڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهي: پنهنجا
ڪن ۽ اکيون کولي هلي، ۽ جيڪي ڪي ڏسي وائسي تنهن کي
ضروري غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ ئي قبول ڪري، پنهنجي
دل کي هڪ احساس رکندڙ دل بنائي، ۽ دل خالص عقل کان
سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جو قبضو ۽ غلبو پنهنجي
دماغ مٿان قائم ۽ مسلط ٿيڻ نه ڏئي.
آءَ
سمجهان ٿو ته ايميلي هاڻي ڪافي سمجهدار آهي، ۽
جنهن عمر ۾ هو هاڻي آهي تنهن ۾ کيس اها شديد ضرورت
محسوس ٿي آهي ته جنس ۽ جنسيت متعلق سندس مناسب ۽
مفيد رهبري ڪئي وڃي. هن ڳالهه ۾ آءُ سمجهان ٿو ته
خالص وعظ ۽ نصيحت کان ئي اسان کي ڪم وٺڻو پوندو ۽
ان مان مفيد نتيجي ۽ اثر پيدا ٿيڻ جي مون کي تسلي
بخش اميد پڻ آهي.
هي
عمر جو اهو ڏاڪو آهي، جنهن ۾ ايميليءَ کي ٻاراڻيءَ
اوستا مان نڪري هڪ مڙس ماڻهوءَ جي عمر ۾ پير پائڻو
آهي؛ سندس عمر جي هيءَ نازڪ ۽ اهم ڪڙي سندس آئنده
ساريءَ حياتيءَ تي پنهنجا اثر ۽ نشان ثبت ڪرڻ
واري آهي. جسماني توڙي نفسياتي نقطي نظر کان
جيڪڏهن ڏسبو ته ايميليءَ ۾ ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب
تبديليون، هن وهي ۾ پير پائڻ سان ئي، پيدا ٿيڻ
شروع ٿيون آهن. ايترين تڪڙين تبديلين کي پنهنجو
پاڻ ۾ پيدا ٿيندي ڏسي، هو پاڻ حيران ۽ پريشان ٿي
وڃي ٿو ۽ انهن کي پاڻ مرادو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي به
هو انهيءَ فطرت جي ڪرشمي کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ بيچين
رهي ٿو: سندس عمر جو هي اهو زمانو آهي، جنهن ۾
جيترو ساڻس همدردي، محبت ۽ نرمائيءَ ۽
گهڻگهرائيءَ سان پيش اچجي اوترو ٿورو.
مون
هميشه ڏٺو آهي ته اهي نوجوان جيڪي جواني ۾ پير
پائڻ سان ئي جنس پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ کي وڃي ٿا
چهٽن، تن جي طبيت هڪدم انسانيت ناآشنا، ۽ ظلم
ڏانهن مائل ٿي پوي ٿي؛ سندن حريص مزاج محض حسي
لذتن کي چنبڙي پوي ٿو، ۽ هو بيحد بي صبر، ڏنگڻا ۽
چيڙاڪ ٿي پون ٿا؛ سندن خيال فقط هڪڙي شئي تائين
محدود رهڻ ڪري ٻئي ڪنهن به طرف نهارڻ لاءِ تيار
ناهي: هو رحم ۽ قياس جي جذبن کان مطلقاَ محروم
آهن؛ هو پنهنجي ادنيٰ ۾ ادنيٰ خواهش ۽ خوشيءَ لاءِ
پنهنجي پيءُ، ماءُ بلڪه سڄي دنيا کي قربان ڪري ڇڏڻ
لاءِ هر دم تيار رهن ٿا.
برخلاف انهيءَ جي، اهو نوجوان جنهن جي جوانيءَ جي
بهار خوشين ڀريل معصوميت ۾ گذري ٿي، تنهن کي جنسيت
جون اوائلي مفرح ۽ لطيف هيرون هڪ قسم جي نئين
تازگي ۽ نئين زندگيءَ سان روشناس ٿيون ڪن، هن جي
پيار ڀريءَ ۽ سٻاجهي دل جون نازڪ تارون پاڻ جهڙن
انسانن جو دک درد ڏسي، خير خواهيءَ ۽ همدرديءَ جي
دلربا آوازن سان هڪدم ڀرجي اٿن ٿيون؛ پنهنجي دل
واري دوست تي ڪڏهن ڪا نظر ٿي پويس ته سندس من
خوشيءَ وچان اٿلون کائي موج ۾ اچي وڃي ٿو؛ هن جون
ٻانهون سڪ ۽ سوز وچان محبت ڀريل ۽ معصوم ڳراٽڙيون
پائڻ ڄاڻن ٿيون؛ هن جون ٻاجهاريون اکيون قرب ۽
قياس وچان گرم گرم ڳوڙها ڳاڙهي سگهن ٿيون: جيڪڏهن
سندس جي هٿان ٿوري ۾ ٿوري ڪنهن ٻئي جي دل آزاري
ٿي ٿئي ته ندامت ۽ پشيمانيءَ وچان سندس دل فوراَ
دک سان ڀرجي ٿي اُٿي؛ سندس جواني جو گرم رت جيڪڏهن
اوچتو ئي اوچتو سندس طبيعت جي ميزان کي لوڏي ٿو، ۽
هو بي صبر، چڙ چڙيو ۽ خشڪرُو ٿي ٿو پوي ته گهڙي
کان پوءِ هڪدم وري هو پاڻ کي سنڀالي وٺي ٿو، ۽
سندس سنجيده طبيعت ۾ اها ئي ساڳي بردباري، اها ئي
ساڳي خنده روئي ۽ اها ئي ساڳي صلح جو ئي هڪدم وري
پيدا ٿيو وڃي؛ جيڪڏهن سندس دل کي ڪوئي ٻيو ڏکوئي
ٿو وجهي، پوءِ کيس کڻي ڪيتري به خار لڳي ويئي هجي،
ته ڏوهي جي زبان مان ٻه لفظ ارمان ۽ پشيمانيءَ جا
ٻڌندي ئي سندس سموري شڪايت دور ٿي وڃي ٿي. هن کي
هڪ دم معاف ڪري ٿو ڇڏي: ٻين جي اوڻاين ۽ غلطين کي
اهڙيءَ ئي خنده پيشانيءَ ۽ فراخدليءَ سان در گذر
ڪري ٿو ڇڏي جنهن سان هو پنهنجين غلطين ۽ اوڻاين کي
سڌاري ۽ درست ٿو ڪري. بلوغت جو زمانو نفرت، حرص،
هوس، خود پرستي انتقام جو زمانو نه آهي: بلوغت جو
زمانو محبت، پاڪيزه خواهشن، خود قربانيءَ ۽ لطف و
ڪرم جو زمانو آهي. آءُ يقين سان ٿو چوان ته جيڪو
نوجوان ويهن ورهن تائين صالح ۽ پاڪيزه تربيت پائي،
پنهنجي فطري معصوميت کي محفوظ ۽ برقرار رکڻ ۾
ڪامياب رهي ٿو، اهو نوجوان ان وهي ۾ هڪ سهڻي ۾
سهڻي، بهترين دل رکڻ واري، ۽ سڀ کان وڌيڪ سلڇڻي،
خوش اخلاق ۽ سنجيده طبيعت انسان جو هڪ دل آويز ۽
درخشان مثال آهي: هو زندگي ۾ درياءَ دليءَ سان
محبت ڏيئي ڄاڻي ٿو، ۽ مقناطيسي دل کان محبت وٺي
ڄاڻي ٿو. |