سيڪشن: ادب

ڪتاب: ايميلي عرف تعليم

باب:

صفحو:1

ايميلي عرف تعليم

محمد ابراهيم جويو

انتساب

پنهنجي حقير ذهن ۽ تصور جي هيءَ اڌاري ورتل پُونجي وابسته ٿو ڪريان انهيءَ معصوم محبوبه جي پاڪيزه ۽ دلنواز ياد سان، جيڪا منهنجي رفيق حيات  هئي، ۽ جنهن پنهنجو ثمر حيات منهنجي حوالي ڪري، مون سان حياتيءَ جي رفاقت جا ڌاڳا ڇنا، ۽ مون سان هميشه هميشه جون موڪلاڻيون ڪيون!

هڪڙي ڀيري، جڏهن مون کيس ”ايميليءَ“ جا پهريان ورق پڙهي پئي ٻڌايا ۽ سمجهايا، تڏهن پاڻ هڪ نفيس ۽ دلگداز آواز ۾ چيائين، ” هي جو هاڻي منهنجي ساهه سان گڏ ٻيو ساهه مون وٽ آهي، سو جڏهن منهنجي ساهه کان الڳ پنهنجي منهن ساهه کڻڻ جهڙو ٿيندو، تڏهن هن کي ڏسان ته تون ڪهڙو پختو ۽ قابل ڪار ٿو بنائين!... اڳي چوندي هيس ته شل منهنجي عمر به توکي ملي، پر هاڻي چوان ٿي ته شل تنهنجي حياتي به هن کي نصيب ٿئي: شل هيءُ اسان جو روشن تارو جو هاڻي اُڀرڻ وارو آهي، دنيا جي آسمان تي هميشه هميشه چمڪندو رهي!.... بس، اهي ئي سموريون آهن منهنجي دل جون باقي اُميدون!“

ڪٿي آهي اُهو سماج، ڪٿي آهي اُهو انصاف ۽ اُها آزادي، جن ۾ ههڙيءَ ساهه صدقي ڪندڙ، مهربان، مٺڙيءَ ماءُ جون اهي محبت ڀريون معصوم اُميدون پوريون ٿي سگهن؟

(م-ا-ج)

پيش لفظ

هيءُ ڪتاب ” ايميلي عرف تعليم – چونڊ ۽ اختصار“، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، چونڊيل آهي روسو جي ڪتاب ”ايميليءَ“ مان جو هڪ 450 صفحن جو ضخيم ڪتاب آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ روسي پنهنجو تعليم ڏيڻ جو طريقو نهايت  دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي. هن فرانسيسي فيلسوف جڏهن هيءُ ڪتاب پڌرو ڪيو، تڏهن مغربي ملڪن، خاص ڪري فرانس، ۾ ماتم مچي ويو: چي ” هيءُ انقلابي ڪتاب آهي“. انهي ڪري هن غريب کي ڪيتريون سختيون سهڻيون پيون.

ڀلا هيءُ ڪتاب تعليم اصولن ۽ طريقن ۾ انقلاب ڇو نه آڻي؟ سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ ۾ سڄي يورپ ۾ تعيلم ڏيڻ جو مروج نمونو گهڻو ڪري هڪ ئي هو، يعني  ساڳيا ئي ڪتاب ساڳئي نموني ۾ صدين جون صديون پڙهيا ويندا هئا. وڏن لاءِ به ساڳيو قاعدو ته ننڍن لاءِ به ساڳيو- رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون. عملي تعليم جو ته نام نشان به ڪو نه هو. ٻار ڇا آهي، من (ذهن) ڪيئن ٿو ڪم ڪري ۽ اُن جون گهرجون ڪهڙيون آهن، ۽ انهيءَ پٽاندر تعليم جي طريقي کي به ڦيرائبو وڃجي، انهن ۽ ٻين اهڙين نيڪ ڳالهين ڏي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويندو هو. مطلب ته اهو بنهه نظرانداز ڪيو ويو هو ته ٻار جي به تعليم جي دنيا ۾ ڪا هستي آهي. هيءَ فطرتي ڳالهه آهي ته عام پسند ۽ مروج طريقي ڪار ۾ جيڪڏهن ٿوري به تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي، پوءِ اها تبديلي ڪيتري قدر به ڪري مفيد هجي، ته عام ماڻهن کي پسند نه ايندي آهي. هتي ته روسي نه فقط تعليم جي طريقي ۾ پر خود تعليم جي مواد ۾ به، هڪ سري کان ٻئي سري تائين، هڪ بنيادي تبديلي آڻڻ ٿي گهري؛ سو جيڪڏهن هن کان ۽ سندس ڪتاب کان ماڻهو ڇرڪڻ لڳا ته عجب ڪونهي.

پيسٽالازي (1846ع ــــ 1827ع) پهريون تعليمي ماهر هو، جنهن علم النفس يا من وديا کي تعليم ڏيڻ جي فن ۾ ڪم آندو. کيس ”تعليمي نفسيات جو ابو“ ڪري ليکيو وڃي ٿو. اها هڪ حقيقت آهي ته پيسٽالازيءَ تعليم جا گهڻا اصول ”ايميليءَ“ تان ورتا. وڏو شرف روسي جو چئبو، جو سندس ڪتاب پيسٽالازيءَ جهڙي بلند پايه تعليمي ماهر جي پڻ رهنمائي ڪئي.

جديد تعليم جو مقصد آهي ته شاگرد کي ذهني ۽ جسماني تربيت اهڙيءَ طرح ڏجي، جو هو قوم ۽ سماج لاءِ هڪ ڪاريگر فرد ثابت ٿئي. روسي پنهنجي تعليمي تلقين ۾ اهي ٻيئي مقصد گڏوگڏ پيش نظر رکيا آهن.

روسي کي گذرئي اٽڪل 200 سال ٿي ويا آهن، ۽ انهيءَ عرصي ۾ ڪيترا تعليم جا ماهر پيدا ٿيا آهن، جن تعليمي نظريا ۽ طريقا پيش ڪيا آهن، پر ”ايميليءَ“ جي غور سان مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته انهن ماهرن ڪي نوان اصول ڪونه ڳولي ڪڍيا آهن. بنيادي اصول اهي ئي آهن، جي روسي بيان ڪيا آهن: انهن ماهرن فقط وڌيڪ تشريح يا تعميل ڪئي آهي.

روسي ٻار جي تعليم جو هر هڪ پهلو ٻار جي نفسياتي يا جبلي گهرجن جي بنياد تي رکيو آهي، ۽ انهيءَ تعليم کي مؤثر ڪرڻ لاءِ عملي قدم به ڏسيا اٿس.

روسي ٻار جي تعليم جو طريقو قدرت (Nature)  جي رهنمائيءَ تي ڇڏي ڏنو آهي. ”انهيءَ ۾ ڪن کي قدري اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر روسو پاڻ چوي ٿو ته : ”ممڪن آهي ته آءُ ڪٿي غلط به هجان، پر جيڪڏهن ڪو منهنجي غلطي خيال ۾ رکي، سوچ ويچار ڪري، اصلاح جو رستو ڳولي ڪڍندو ته آءُ پنهنجي محنت سجائي سمجهندس“

روسي جي تلقين ته ”سماج تعليم وسيلي اهڙا فرد پيدا ڪري،، جي پاڻ کي عالمگير برادريءَ جا فرد سمجهن ۽ ثابت ڪري ڏيکارين“ ــ سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهي. انهيءَ نصيحت تي جيڪڏهن قومون عمل ڪن، ته هوند هاڻوڪي متحده قومن جي منڊل جهڙين جماعتن ڏانهن دانهن کڻي وڃڻ جي ڪنهن کي ضرورت ئي ڪانه ٿئي. خالص ۽ صحيح اسلام جي به اها ئي تعليم ۽ اها ئي تلقين آهي. مگر افسوس جو اسان پاڻ کي مسلمان چوائڻ وارا انهيءَ تعليم کي سمجهڻ ۽ انهيءَ تلقين تي عمل پيرا ٿيڻ بدران اڄ محض خودپسنديءَ جي هوشرباين ۾ ئي محو ويٺا آهيو.

عزيزم مسٽر محمد ابراهيم محنت وٺي روسي جي ڪتاب جي عارفانه چونڊ ۽ ان جو عالمانه اختصار لکيو آهي. انهيءَ مبارڪ ڪم ۾ جيڪا خوش اسلوبي، علم دوست ۽ سليم راءِ هن صاحب ڏيکاري آهي، سا واقعي تحسين جوڳي آهي.

اميد ته هيءُ ننڍڙو ڪتاب استادن خواهه تعليم  سان دلچسپي رکندڙ اصحابن لاءِ مفيد ۽ ڪارگر ثابت ٿيندو.

ٽريننگ ڪاليج فار مين

حيدرآباد (سنڌ)

24-12-1949ع 

غلام حسين احمد خان سومرو

بي، اي، ايل ، ايل، بي، ٽي

“In Islam, Allah and Truth are used as identical terms. The same word ‘Haq’ has been used for both. Islam is also identified with Nature, within and without. Therefore Islam, in its true essence, is an urge to seek Truth in life and Nature.”

(Excerpt from the 73rd Convocation Address at Lahore University, Punjab, Delivered by Mr. Ghulam Mohammad, the then Finance Minister, Pakistan.)

*

”اسلام ۾ ’الله‘ ۽ ’سچ‘ ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن: ٻنهي  لاءِ هڪڙو ئي لفظ ’حق‘ استعمال ۾ آيل آهي. ساڳيءَ طرح اسلام  جي مشابهت ڪل عالم فطرت سان پڻ مسلم آهي. ثابت ٿيو ته اسلام حقيقت ۾ هڪ جذبو آهي عالم حيات توڙي ٻئي ڪل عالم فطرت ۾ سچ کي ڳولڻ جو.“

(پاڪستان جي سابق وزير ماليات، مسٽر غلام محمد، جي خطبي  جو اقتباس، جيڪو پاڻ لاهور يونيورسٽيءَ جي ٽيهترئين ساليانه اجتماع جي موقعي تي پڙهيائون).

 

”سمنڊ جي سيوِين، تنهين ماڻڪ ميڙيا،

چِلُرَ جي چوئين، تن سانکونٽا ۽ سُتيون“

 

تعارف

جين جئڪس روسو ((Jean- Jacques Rousseau انهن انسانن مان آهي جن تهذيب و تمدن جي دنيا تي پنهنجي طبعزاد فڪر و خيال جا اهي دل آويز ۽ لازوال نقش جَڙي ڇڏيا آهي جيڪي ڪنهن به حالت  ۾ ڪڏهن به مٽجڻ ۽ ميسارجڻ جا نه آهن. دنيا اهڙن ڪامل شخصن جا جيتري قدر به ڳڻ ڳائي ۽ احسان مڃي اوترو ٿورو.

”مٿي اُتي منهنجي، هوُا سِرَن سَوَ هزار،

ته تنهنجي ساڻ تنوار، هَر هَر وڍيم هيڪڙو.“

ارڙهينءَ صديءَ جي هن عظيم الشان مفڪر ۽ اديب پنهنجي وقت جي دنيا ۽ سماجي ماحول کي هڪ اڻ گُس پارکوءَ وانگر ڏٺو، جانچيو، اٿلايو پٿلايو، پرکيو ۽ پروڙيو، ۽ ان جي اوڻاين ۽ اڍنگاين جي نبض تي اهڙيءَ طرح ته وڃي پنهنجي  حڪيمانه آڱر رکي، جو ان جي ڪوڙهئي جسم ۾ هڪدم هڪ قسم جي عام بيچيني، هنگامه آرائي اٿل پٿل شروع ٿي ويئي. ۽ عام انسانن جي دل و دماغ ۾ اها سمجهه، اها خودشناسي، خود اعتمادي ۽ عمل پروري پيدا ٿي، جو هو قدامت پرست، دل شڪسته ۽ بيڪس غلامن مان ڦري قدامت شڪن، تعمير پسند ۽ حق و صداقت ۽ آزاديءَ جا شير دل سپاهي بنجي، پنهنجي مستقبل جا پاڻ معمار بنيا، ۽ تهذيب وتمدن ۽ علم و دانش جي موجوده جديد دور جا ڪامياب پيشور ثابت ٿيا.

انسانن جي برابريءَ، برادريءَ ۽ آزاديءَ جي معنيٰ خيز نعرن سان فرانس ۾ 1789ع ۾ هڪ اهڙو، دور رس نتيجن سان ڀريل، تاريخي انقلاب عمل ۾ آيو، جنهن دنيا کي پهريون ڀيرو جمهوريت جي تحريڪ جي بنيادي منطق ۽ عملي  شڪل و صورت سان روشناس ڪيو. يورپ جا جاگيردار ۽ مطلق العنان بادشاهه جيڪي عوام مٿان حڪومت ۽ فرمان روائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي خدا جا عيوضي ڪري سمجهندا ۽ سڏائيندا هئا، تن پنهنجي وجود کي اهڙيءَ طرح غير محفوظ ڏسي پنهنجي سموريءَ منظم ۽ متحد قوت سان ان انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ  پنهنجي ويهن ئي نَهن جا زور لڳايا، ۽ انقلاب  جي مرڪز يعني فرانس جي عوامي جمهوريت تي ديوانه وار حملن مٿان حملا ڪيا. انقلاب جي حفاظت ۽ علمبرداريءَ جو ڪم اتفاقن نيپولين بونا پارٽ جي حصي ۾ آيو، جنهن پنهنجي ڪمال بهادريءَ ۽ قابليت  سان انقلاب جي ايستائين حفاظت ۽ پرورش ڪئي جيستائين ان جي پيغام ۽ تعليم جون پاڙون مضبوط ۽ پختيون وڃي ٿيون. انقلاب جي هن محافظ، نيپولين، هڪ هنڌ تقرير ڪندي روسي جي تعريف ۾ هي الفاظ استعمال ڪيا آهن ته ”هن کانسواءِ فرانس ۾ اهڙو انقلاب اصل وجود ۾ ڪين اچي سگهي ها“

روسُو 28 جون، 1712ع ۾ سئٽزرلنڊ جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار شهر جينيوا  (Geneva) ۾ آئزڪ روسو – پيءُ - ۽ سوزن برنارڊ- ماءُ- منجهان پيدا ٿيو. سندس آبا و اجداد اصل فرانس جا ويٺل، عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا هئا، ۽ انهن پنهنجن مذهبي اعتقادن سبب ئي فرانس مان تڙجي جينيوا شهر ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا هئا. سندس پيءُ جو موروثي ڌنڌو گهڙي سازيءَ جو هو، ۽ سندس ماءُ هڪ وزير جي ڌيءُ هئي. پنهنجي والدين جي ننڍپڻ جي باهمي  سڪ ۽ پيار جو داستان ۽ عشق و محبت  جي شاديءَ جو احوال روسو پنهنجي ” اعتراف نامه“ (Confessions) جي پهرين صفحن ۾ نهايت دل آويز نموني ۾ بيان ٿو ڪري، ۽ ٻڌائي ٿو ته کيس جنم ڏيئي جڏهن سندس والده اوچتو ئي اوچتو وفات ڪري ويئي تڏهن باقي سموري عمر سندس پيءُ ڪيئن اُنهيءَ ناگهاني فراق جي صدمي  لاءِ کيس ئي جوابدار سمجهندو ايندو هو! ”ڪڏهن ڪڏهن والد محترم اچانڪ مون کي چوندو هو، ’جين! اچ ته توکي تنهنجي پياريءَ اَميءَ جون ڳالهيون ٻڌايان!‘ مان کيس وراڻيندو هوس، ’ها، پر ابا! توهان کي ته خبر آهي ته مون کان اڳي توهان ئي روئي وهندا !‘ تنهن تي والد محترم جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، محبت ڀريءَ هنج ۾ وهاريندو هو، ۽ نهايت ڀريل آواز ۾ چوندو هو، ’جين! ڇا ٿو سمجهين، جيڪڏهن تون منهنجي سُوزن جي نشاني نه هجين ها ته ايترو هوند توکي پيار ڪيان ها!“

روسي جي زندگيءَ جي هيءَ هڪ عجيب و غريب خصوصيت آهي ته 37 ورهين جي ڄمار تائين هو، بلڪل پنهنجي پيءُ وانگر، صرف هڪ محجوب، آسائش پسند، پورالو، ويسارو، ارادي جي قوت کان يڪسر محروم، رواجي، نازڪ مزاج، زود رنج، لاپرواهه، حد کان زياده جذباتي ۽ پاڻيهي پنهنجي مشڪلاتن پيدا ڪرڻ وارو بي ميار سوڍو بنيو هيڏانهن  هوڏانهن وتندو هو گهمندو ڦرندو ۽ سير ڪندو. منجهس جيڪي به پوشيده لياقتون ۽ صلاحيتون موجود هيون تن کان هو خود پاڻ به يڪسر غافل ۽ لا علم هو. منجهس هڪ خاصيت سا ضرور هوندي هئي ته هو ڪتابن جو بيحد شوقين هوندو هو ۽ ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هو ڪابه مهل ڪمهل ڪين ڏسندو هو. اها عادت به هن پنهنجي مشفق و مهربان پيءُ جي صحبت ۾ پرائي، ايتري قدر جو هو پاڻ ٻڌائي ٿو، ” مون کي ياد نه آهي ته آءُ ڪڏهن پڙهڻ سکيس، مگر پهريون دفعو جڏهن مان پنهنجي منهن چڱي خاصي انداز ۾ هڪڙو ڪتاب پڙهي ويس تڏهن منهنجي دل تي جيڪو اثر ٿيو سو مون کي چڱي طرح ياد آهي، تنهن وقت آءُ شايد ستن ورهين جو هوس. هر رات مانيءَ کانپوءِ آءُ ۽ منهنجو والد محترم گڏجي والده مرحوم جي جمع ڪيل ڪتابن مان هڪڙو نه ٻيو ڪتاب کڻي پڙهڻ ويهي رهندا هئاسون. والد محترم جو مقصد شروعات ۾ فقط هيءُ هوندو هو ته منهنجي پڙهڻ جي لياقت وڌي، پر اهڙيءَ طرح ڪتاب پڙهندي پڙهندي ٻنهي کي ايترو ته مزو اچي ويندو هو، ۽ ان جي دلچسپ ڳالهين ۾ ٻئي ايترو ته محو ٿي ويندا هئاسون، جو يا ته سمورو ڪتاب ختم ڪري پوءِ اٿندا هئاسون، يا ته وري  پڙهندي پڙهندي پرهه ڦٽي ويندي هئي ته صبح جو درين ۾ پکين جون ٻوليون ٻڌي والد محترم هڪ عجيب مونجهاري ۾ اچي ويندو هو ۽ وائڙن وانگر ککو وکو ٿي چوندو هو، جين! اچ ته هاڻي سمهون، آءُ ته تو کان ئي وڌيڪ ٻار ٿي پيو آهيان!“

37 ورهين جي عمر ۾ روسي جي زندگيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو هڪ اهڙو غير معمولي واقعو پيش آيو جو اُن کانپوءِ روسو روسو نه رهيو: سندس زندگيءَ ۾ اهڙي ته هڪ بنيادي ڪايا پلٽ اچي ويئي جو هو خود پاڻ به ان تي غور ڪندي ڪندي حيرت ۾ پئجي ويندو هو. باقي ساري حياتي، جڏهن به کيس اهو واقعو ياد ايندو هو، تڏهن هڪدم سندس بدن ۾ لرزش پيدا ٿي ويندي هئي، ۽ وار ڪانڊارجي ويندا هئس.

1749ع جي اونهاري جي موسم ۾ هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي دوست ڊڊرٽ (Didort) جي ملاقات لاءِ گهران روانو ٿيو. ڊڊرٽ ان وقت هڪ سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ سرڪاري حوالات ۾ بند هو. قيدخانو اٽڪل چار ميل پري هو. رستي تي ڪو خاص وڻ ٽڻ به ڪو نه هو، ۽ کيس پيرين پنڌ اهو سارو مفاصلو طئي ڪرڻو هو. هلندي هلندي دل کي وندرائڻ لاءِ هن هڪ ادبي رسالي جا ورق ورائڻ شروع ڪيا. اوچتو ئي اوچتو سندس نظر ڊجون جي درسگاهه  (Academy of Dijon) طرفان شايع ٿيل هڪ اشتهار تي وڃي پيئي جنهن ۾ هيٺئين موضوع تي بهترين مضمون لکڻ واري کي انعام جي آڇ ڪئي ويئي هئي.  ”علم ۽ فن جي ترقيءَ ڪري انسان جا اخلاق سڌريا آهن يا بگڙيا آهن؟“ هن پڌرائيءَ جي پڙهڻ سان هن ائين ڀانيو ڄڻ ”منهنجو دماغ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جبل سان ٽڪرجي پاش پاش ٿي ويو هجي. هزارها خيال ۽ فڪر منهنجي ذهن ۾ بجليءَ وانگر  چمڪڻ لڳا، ساهه گهٽجي ويم، بيان کان ٻاهر بيچيني ۽ ٻوساٽ محسوس ڪيم. هڪ بي جان بوتي  وانگر سامهون هڪ وڻ هيٺان کڻي پاڻ ڦٽو ڪيم. پگهر ۾ شل ٿي ويس. پنهنجي بدن کي ڀانيم ته ڄڻ ٽانڊن تي پيو پچي ۽ سيڪجي. دير دير سان جڏهن ان نيم غشيءَ جهڙيءَ حالت مان فراغت مليم تڏهن ڏٺم ته قميص جي دامن ڳوڙهن سان آلي ٿي ويئي هيم. اُنهيءَ ئي گهڙيءَ کان وٺي مون هڪ نئينءَ دنيا ۾ پير پاتو، ۽ پاڻ کي هڪ نئين انسان جي جامي ۾ ڏٺم.“ انهيءَ روءِ روسي کي نه فقط ڊجون درسگاهه جي پيش ڪيل سوال جو جواب ميسر آيو، پر ان سان گڏ حقيقي علم جي بحر جا دروازا به ڄڻ مٿس کلي پيا، جنهن الهامي علم جي بنياد تي گويا هن پنهنجا آئينده مڙيئي ڪتاب لکيا. هن واقعي سندس اصلي وجود کان کيس آگاهه ڪيو، ۽ کيس سندس پوشيده جوهرن ۽ صلاحيتن سان واقف ڪري پهريون ڀيرو خود شناسيءَ جا روحاني راز عطا ڪيا. هن واقعي کان پوءِ لڳاتار 15 سال روسي پنهنجي قلم سان پنهنجي همعصر دور جي ذهن ۽ خيال کي ايڏو ته وٺي لوڏيو، ڊاٺو ۽ ٺاهيو، جو ان کان پوءِ اهو دور وري ساڳيو دور نه رهيو – سياست، اخلاقيات، تعليم، نفسيات ۽ ادب جو نئون دور پهريائين يورپ ۾ ۽ يورپ کانپوءِ هڪدم ساريءَ دنيا ۾ پکڙجڻ ۽ ڦهلجڻ شروع ٿي ويو!

”مُر  ته  آئين  مڱڻا،  مام  پَروُڙي  مون،

جيڪا ڳالهه ڳالهين، سا سڀ سمجهيسون،

تنهن ۾ تسج تون، جيڪي پويئي پٽ ۾“

روسي جو دلي ذوق هميشه معلم جي ڌنڌي ڏانهن رهندو هو. 1730ع ۾ جڏهن 23 سالن جو هو تڏهن پنهنجي پيءُ ڏانهن هڪ خط لکيائين جنهن ۾ پنهنجي انهيءَ خواهش جو اظهار هو هيٺين لفظن ۾ ٿو ڪري: ” جيڪي به ڌنڌا آءُ هن وقت پنهنجي خيال ۾ آڻي سگهان ٿو تن سڀني مان فقط ماستريءَ جو ڌنڌوئي آهي جنهن لاءِ پاڻ کي طبعن شائق ۽ لائق ٿو سمجهان.“ تنهن کان سگهوئي پوءِ انهي شريف ڌنڌي کي هن عملن پڻ اختيار  ڪيو: هڪ دفعو1740ع کان 1741ع تائين ليان  (Lyon) شهر ۾، ۽ ٻيو دفعو 1743ع ۾ پئرس شهر ۾ - پر ان ابتدائي تجربي مان کيس ڪا نمايان ڪاميابي ڪانه پلئي پئي سگهي. تنهن هوندي به 1740ع ۾ ئي هن پنهنجا تعليمي اصول هڪ ’تجويز‘ جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جن ۾ پنهنجي ”ايميليءَ“ ۾ 20 سال پوءِ جيڪي  تعليمي اصول هن 50 ورهين جي ڄمار ۾ ويهي بيان ڪيا آهن تن جي مختصر جهلڪ صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙيءَ طرح ”ايميليءَ“ جي تيار ڪرڻ ۾ ، جيئن هو پاڻ ٻڌائي ٿو، کيس گويا لڳاتار 20 سالن جو فڪر ڪرڻو پيو. هن سموري عرصي ۾ جيڪي ڪجهه سندس مشاهدي ۾ آيو ۽ جيڪي ڪجهه هن زندگيءَ جي خالص مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيو تنهن جو نچوڙ ۽ مغز هن ٻن ڪتابن ”معاهده عمراني“ (The Social Contract) ۽ ”ايميلي عرف تعليم“ – جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان ٽن سالن جي لاڳيتيءَ محنت سان ساڳئي وقت لکي 1762ع ۾ پيش ڪيو.

هنن ٻنهي ڪتابن جو هڪٻئي سان نهايت گهرو تعلق ۽ واسطو آهي. ٻنهي ۾ جيڪي به اصول روسي ويهي بيان ڪيا ۽ پڙهايا آهن تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي: ٻنهي جي سموريءَ تبليغ جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انهن بنيادي اصولن جو تحفظ عام تعليم و تدريس جي وسيلي ڪيو وڃي، ۽ انهن جو استعمال سماج جي هر صحيح قانون جو روح هئڻ گهرجي: ٻيءَ حالت ۾ تعليم تعليم نه رهندي بلڪه ان کي محض گمراهي ۽ ذلالت سمجهيو ويندو، ۽ قانون قانون نه رهندو بلڪه ان کي محض ظلم و استبداد ۽ جبر و تشدد جو هڪ اوزار سمجهيو ويندو.

 هي ٻئي ڪتاب روسي جي قلم جا بهترين شاهڪار آهن.ارڙهينءَ صديءَ جي انقلابي دور جا هي ٻئي ڪتاب پيشرو ۽ پيغمبر هئا شايد انهيءَ ئي سبب ڪري، تنهن زماني جو سماج هنن ٻنهي ڪتابن کي ڪتب فروشن وٽ پهچڻ سان ئي باهه ۾ وجهي جلائي ڇڏڻ جي فتويٰ صادر ڪري ڇڏي. 1760ع ۾ ”ايميلي“ لکجي پورو ٿيو، ۽ 1762 ۾ ” معاهده عمرانيءَ“ سان گڏ، هالنڊ    (Holland) ۾، جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو. تڏهن فورن ان کي فرينچ پارليامينٽ طرفان خلاف قانون ٺهرائي ضبط ڪيو ويو، ۽ پئرس ۾، سرڪاري طور ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت گاهه  ( palais de Justice) جي ڏاڪڻ  هيٺان پڌري پٽ ساڙيو ويو: ساڳئي وقت هيءُ به اعلان ڪيو ويو ته ” فقط ڪتاب کي ساڙڻ ڪافي نه آهي، پر تنهن سان گڏ مصنف کي به جيئري جلائڻ گهرجي.“

فرينچ پارليامينٽ طرفان روسي کي آخر جلاوطن ڪيو ويو. فرانس کي خيرباد چئي، هيءُ مرد مجاهد سئٽزرلنڊ ۾ پهتو، پر عدل ۽ انصاف، حق ۽ نيڪيءَ جي ازلي دشمنن هتي به سندس پيڇو ڪين ڇڏيو: نائين ڏينهن کانپوءِ  هتي به ”ايميليءَ“ کي سرڪاري طور برسر عام جلايو ويو. هن زماني جي احوال لکندي روسو ٻڌائي ٿو، ”ساري يورپ ۾، منهنجي خلاف نفرت ۽ ملامت جو هڪ اهڙو دلخراش شور ۽ غوغا بلند ٿي ويو، جنهن جو مثال شايد مشڪل ملي. هر طرف کان مون کي ڪافر، دهريو، خونخوار، جانور، ڇتو بگهڙ، انسان دشمن درندو ۽ ٻين اهڙن ذلت آميز لقبن سان نوازيو ويو!“

اهڙيءَ طرح، جهالت ۽ تاريڪيءَ جي علمبردارن جي نفرت ۽ عداوت کان ڊڄندو، لڪندو ۽ ڀڄندو، هو آخر  پرشيا (Prussia) جي هڪ آزاد خيال ۽ نيڪ دل گورنر، لارڊ ڪيٿ (Keith)، وٽ اچي پناهه گزين ٿيو، جتي هن اڍائي سال ڪجهه قدر محفوظ ۽ سلامت گذاريا. اتفاقن لارڊ ڪيٿ کي ڪنهن ٻئي صوبي ڏانهن تبديل ٿي وڃڻو پيو: فورن ضلعي جي پادرين طرفان روسي تي ”عدو عيسيٰ (Antichrist) جي فتويٰ صادر ڪئي ويئي، مٿس ديولين جا دروازا بند ڪيا ويا، ۽ مختلف  طريقن سان سندس برخلاف جاهل ۽ معتقد عوام کي ڀڙڪايو ويو: ٻاهر نڪرندو هو ته مٿس زالون، مرد توڙي معصوم ٻارڙا ڀترن ۽ پٿرن جا وسڪارا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، هڪ دفعي  ته ماڳهين مٿس بندوق سامهين ڪئي ويئي. آخر ماهه سيپٽمبر 1765ع ۾، سندس مڪان تي رات جو حملو ڪرايو ويو، جنهن کيس اتان وري لڪي ڇپي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ هو ٻيهر سئٽزرلنڊ جي سر زمين ۾ داخل ٿيو، پر ڪٿان ٿو کيس ڪو آرام جا چار ڏينهن گهارڻ ڏئي! اُتان جي حڪومت طرفان ملڪ نيڪالي يا گرفتاريءَ جو حڪم ٻيهر ٻڌي، هو پنهنجو نالو نشان بدلائي، هڪ روپوش گنهگار وانگر، پئرس مان ٿيندو، مشهور انگريز تاريخ نويس ڊئوڊ هيوم (David Hume) وٽ انگلينڊ ۾ وڃي ڪجهه عرصو ٽڪيو. انگلنڊ ۾ به روسي کي چين ۽ آرام جون چار گهڙيون نصيب ڪين ٿيون. 1767ع جي مئي مهيني ۾، هو اتان موٽي فرانس ۾ آيو جتي هڪ شڪار ٿيندڙ بيوس ۽ ڪمزور جانور وانگر، هو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، ٻئي هنڌان ٽئين هنڌ لڪندو، ڀڄندو رهيو. هن زماني ۾، سندس ذهني ڪيفيت جو اندازو هن مان لڳائي ٿو سگهجي ته هو جيڪڏهن  ڪنهن دوست ڏانهن لڪ چوريءَ ۾ ڪو خط لکندو هو، ته پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي صحيح هيئن وجهندو هو: ”آءُ آهيان اوهان جو معصوم – روسو.“

آخرڪار کيس پئرس ۾ موٽي اچڻ جي رخصت ملي، جتي هن هڪ مسواڙي غريباڻي گهر ۾ پنهنجي لاثاني زندگي جا آخري لمحا گذارڻ شروع ڪيا. اڃا آرام ۽ اطمينان جون ٻه گهڙيون ئي ڪين گذريس، ته مٿس سماجي جلادن ۽ جاسوسن وري اچي وارو وار شروع ڪئي. هڪ ٿڪل ٽٽل، بيڪس ۽ بيوس پکيءَ وانگر پاڻ کي محبوس ۽ مجبور سمجهي، هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو نالو رکيائين ”روسي جي جين جئڪس کان آڏي پڇا“. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي شخصيت جي، نهايت نازڪ ۽ لطيف پيرايي ۾، هڪ بي خوف تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ڪتاب لکي پورو ڪيائين، تڏهن انسانن جي اڳيان ان کي پيش ڪرڻ بدران، هن ارادو ڪيو ته عيسائي مذهب جي پئرس ۾ وڏي ۾ وڏيءَ ديول ناٽرڊم  (Notre Dame) جي منبر تي وڃي، خدا جي سامهون عرض رکان. سندس انهيءَ عمل مان فقط ٻه نتيجا ٿي نڪري سگهيا – يا ته هو انسانن جي هٿان انصاف پلئي پوڻ کان بنهه نااميد ٿي چڪو هو، يا ته وري سندن ڌيان پنهنجي  بيڪسيءَ ۽ مظلوميت ڏانهن انهيءَ صورت ۾ ڇڪائڻ ٿي گهريائين. بهرحال ناٽرڊم جا دروازا به مٿس بند ڪيا ويا، ۽ پنهنجي ان معصوم ترين ارادي تي به هو عمل ڪري ڪين سگهيو.

هن واقعي کانپوءِ، کيس ويتر يقين ٿي ويو ته دنيا ۽ سماج کيس فقط چيڀاٽڻ ۽ چيچلائڻ ٿي گهريو. انهيءَ يقين جي ماتحت هو لکي ٿو، ”فرانس ۾ شايد آءُ ئي هڪڙو شخص آهيان، جنهن جو ايمان خدا ۾ آهي، هن زمين تي آءُ تن تنها آهيان: نه منهنجو ڪو ڀاءُ آهي، نه وري ڪو دوست نه منهنجو ڪو پاڙيسري آهي، نه وري ڪو سنگتي ساٿي، انسانن مون کي اڪيلو پري اڇلائي کڻي ڦٽو ڪيو آهي: منهنجي دل ۾ انسان لاءِ ايتري خير خواهي، ايتري همدردي، ايتري محبت!....اُهي ئي ساڳيا مون جهڙا انسان وري مون کان ايترو متنفر، ايترو ٽهندڙ ۽ احتراز ڪندڙ!.... ازل کان وٺي آءُ اڪيلو آهيان. منهنجي  پيرن هيٺان زمين ڪانهي، ۽ آءُ هيٺ جهڪندو ٿو وڃان..... هڪ  بدنصيب ۽ بيوس فاني انسان وانگر: پر ساڳئي وقت منهنجو آواز نيڪيءَ ۽ صداقت جو آواز آهي... آءُ خود خدا وانگر خاموش ۽  بي خوف، حق ۽ انصاف تي اڄ به پهاڙ وانگر قائم آهيان!“

20 مئي 1778ع ۾، جڏهن روسي کي زندگيءَ جا ڪي چند هفتا باقي هن فاني دنيا ۾ گذارڻا هئا، تڏهن کيس هڪ نيڪدل دولتمند شخص ايم- ڊي. جروڊن  (M. de Girardin) نالي، پئرس جي غريباڻي جهوپڙيءَ مان وٺي، اتان ٿورو ئي پري ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي هڪ عاليشان ۽ بهترين بنگلي ۾ وڃي رهايو، جتي هن حياتيءَ جون باقي گهڙيون نهايت مسرت ۽ اطمينان واريون گذاريون، ايتري قدر جو سندس صحت ۾ هڪ نمايان اصلاح ۽ بهتري نظر اچڻ لڳي پر:

”مرا در منزل جانان چه امن و عيش چون هر دم

جرس فرياد مي دارد که بربنديد محملها!“

خميس ڏينهن صبح جو، 2 جولاءِ 1778ع تي، اجل جي داعيءَ آخرڪار اوچتو ئي اوچتو پنهنجي زماني جي هن دريڪتا کي سميٽڻ لاءِ سندس زندگيءَ جي دروازي تي اچي دستڪ ڏني، ۽ هن تارڪ الدنيا ۽ مصلح عالم، مجاهد مرد، سڏ تي خنده پيشانيءَ سان لبيڪ چئي، پنهنجو ساهه سندس سپرد ڪيو..

”اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ تي،

مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون!“

فڪر و دانش جي اها پونجي، جنهن جي بنياد تي موجوده زماني جو هڪ تعليم يافته شخص پنهنجي سموري علم ۽ عقل جي عمارت جي تنظيم ۽ تعمير  ڪري ٿو، سا ههڙيءَ طرح سندس ورثي ۾ اچڻ کان صدها سال اڳ اُن زماني جي چند باغي انسانن جي ئي عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ جي پيداوار آهي، ۽ جنهن کي پيدا ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ ۾ انهن باغي انسانن کي نه معلوم پنهنجي پنهنجي سماج سان پنهنجي جسم ۽ جان جون ڪيتريون دلگداز بازيون لڳائڻيون پيون هونديون!

مرڻ وقت روسي کي شايد هي محسوس ڪري دک ٿيو هجي ته هڪ فراموش شده انسان وانگر ايڏيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو هن دنيا کي الوداع چئي رهيو هو، پر اها خبر ئي کيس ڪانه هئس ته هو نه فقط پنهنجي همعصر دور تي بلڪه، تهان ئي وڌيڪ، مستقبل تي هڪ لازوال فتح پائي چڪو هو.1770ع کان 1778ع تائين خود سندس حياتيءَ ۾ ئي سندس جملي تصنيفات جا ڇهه ڇاپا ظاهر ٿي چڪا هئا.1780ع کان وٺي فرانس جي ماڻهن، پنهنجي بادشاهن، راڻين ۽ شهزادن سميت، هن ”مجذوب مفڪر“ جي قبر جون زيارتون ڪرڻ شروع ڪيون. اهي سڀئي نوجوان عالم ۽ مجاهد، جي اڳتي هلي، 1789ع ۾ ۽ تنهن کانپوءِ ، فرينچ انقلاب جا رهنما بنجڻا هئا، هڪٻئي سان هزارن اختلافن هوندي به، روسي جا ساڳيائي گرمجوش معتقد ۽ مريد هئا. 7 مئي، 1794ع تي، فرينچ انقلابين طرفان فرينچ پارليامينٽ ۾ روسي کي ”بني نوع انسان جو استاد“ ۽ انقلاب جو پهريون داعي سڏيو ويو. جرمن فيلسوف ’ڪئنٽ‘ جڏهن ”ايميلي“ پڙهيو تڏهن  سندس زبان  مان بي ساخته هي  لفظ نڪتا: ”ڪو وقت هو جڏهن آءُ فخر سان ائين چوندو ڦرندو هوس ته انسان جو امتياز ۽ احترام سندس علم انسانن ڏانهن نفرت سان ڏسندو رهندو هوس. روسو ئي هو، جنهن منهنجي اکين تان اونداهيءَ جي هيءَ پٽي کولي، علم  تي ئي منحصر آهي، ۽ ائين چئي آءُ بي علم جي نمائش برتريءَ کي هڪ پاسي رکي، هڪ انسان جي، سندس خالص انسان هئڻ جي بنا تي، عزت ڪرڻ آءُ فقط روسي کان ئي سکيس.“ 100 سال پوءِ روس جو مشهور فيلسوف ٽالسٽاءِ (1910 -1828: Tolstoy) جنهن جو مريد پاڻ کي چوائي مهاتما گانڌي (1869-1948ع) خوشي ۽ فخر  محسوس ڪندو هو، تنهن تي روسي جي تعليم ايترو ته اثر وڌو، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ روسي جو لاڪيٽ تائٿ طور پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهيو پيو گهمندو هو، ۽ هميشه سندس زبان تي هي لفظ هوندا هئا ته ” روسي جا ڪتاب ايترو ته منهنجي دل کي وڻن ٿا، جو جڏهن انهن کي پڙهڻ ٿو وهان تڏهن ايئن ٿو محسوس ڪيان، ڄڻ اُهي مون پاڻ ويهي لکيا آهن.“ حقيقت به اها آهي ۽ ٽالسٽاءِ جا سمورا ڪتاب ته ائين آهن، ڄڻ اُهي روسي جي ڪتابن جا نوان ۽ تازا نسخا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي ٽالسٽاءِ کي جديد زماني جو روسو سڏيو ويو آهي. موجوده  زماني  جي جديد تعليم جا سمورا نظريا ۽ اصول، روسي جي ”ايميليءَ“ مان ئي اخذ ٿيل آهن. سندس جنم ڀومي جينيوا شهر ۾، جيڪو نئين تعليم جو مشهور معروف ادارو آهي، سو روسي جي ئي نالي سان منسوب آهي.

”ايميليءَ“ جي باري ۾ لارڊ مارلي (Morley) جو هيءُ رايو آهي: ”علم ادب جي تاريخ ۾، هي ڪتاب تاقيامت زنده رهندو. اهڙن ڪتابن جي اهميت ۽ وقعت نه فقط سندن هر هڪ صفحي ۽ هر هڪ باب ۾ موجود آهي، پر سندن اصلي قيمت ۽ قدر صحيح طور فقط تڏهن ڪٿي سگهجي ٿو جڏهن انهن کي اول تا آخر پڙهجي، سمجهجي ۽ پروڙجي. هن ڪتاب انساني اخلاق جي بنيادن کي مضبوط ڪيو، مائٽن کي سندن فرض ادائيءَ ۽ ان جي اهميت سان روشنائي  ڪيو، رسوماتي ۽ مروج غلط خيالن جي بنيادن کي ڪاري ضرب لڳائي، معصوم ٻارڙن جي زندگيءَ ۾، گهرو چؤديواريءَ اندر توڙي اسڪولن جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾، تازين هوائن جون هيرون ۽ روشنيءَ جا سيلاب آندا، تعليمي عمل ۾ غلاميءَ، بندش ۽ هٺ ڌرميءَ عيوض آزاديءَ، هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين نيڪيءَ، سادگيءَ خودداريءَ ۽ انسانيت جون لهرين مٿان لهريون پيدا ڪيون ۽ ڦهلايون، ۽ والدين جي سڪ ۽ ٻاجهه جي جذبن کي لوڏيو، جاڳايو ۽ جنبش ۾ آندو، ته جيئن هو پنهنجي گلن جهڙن معصومن جي نازڪ زندگين کي جيئن پوءِ تيئن زياده خوشيءَ، زياده تازگيءَ ۽ زياده محبت جا پاڻي ڏيندا رهن. هيءُ ڪتاب معصوم ٻارڙن لاءِ گويا آزاديءَ ۽ شادمانيءَ جو هڪ صحيفو يا فرمان هو.“

ٻئي هڪ تعليمي ماهر، بيگم فريڊريڪا مئڪڊونالڊ (Mrs Frederika Macdonald)جو چوڻ آهي ته ” روسي هن ڪتاب جي وسيلي ٻار جي حقن جو اعلان ڪيو، ۽ انهن قديم تعليمي سرشتن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن ۾ ايئن سمجهيو ويندو هو ته ٻار فطرتن هڪ شرارتي جيوُ آهي. پيسٽالازي توڙي فروبيل کان به اڳ روسي اسان جي جديد تعليم جا بنياد وڌا، ۽ سڌريل دنيا کي ان غلط رويي ۽ عمل تي ننديو ۽ پشيمان ٿيڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ماتحت انسان جي زندگيءَ جي ابتدائي زماني جون سموريون خوشيون ختم ڪيون وينديون هيون، معصوميت جا مڙيئي امنگ ۽ جذبا گهٽيا ۽ چيڀاٽيا ويندا هئا، ۽ ٻارڙن جي نازڪ ۽ صغير اُميدن ۽ خواهشن جون مکڙيون کلي گل ٿيڻ کان اڳ ئي پٽجي ۽ مروڙ جي واو کر ٿي وينديون هيون.“

روسي ” ايميليءَ“ کي پنهنجو ”آخرين ۽ بهترين“ شاهڪار ڪري سڏيو آهي. هڪ اهڙو شاهڪار، جنهن جي پيش ڪرڻ سان ” مون اهي سڀ ٿورا لاٿا ۽ احسان چڪايا آهن، جيڪي انساني برادريءَ، مون کي جنم ڏيئي، منهنجي پرورش ڪري، ۽ هيتري وقت تائين منهنجي زندگيءَ جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ مون کي مدد ڏيئي، مون تي پئي ڪيا آهن.“

ان زماني جي ماڻهن جا ”ايميليءَ“ جي باري ۾ ڪهڙا رايا هئا، سي روسو هيٺينءَ ريت بيان ٿو ڪري: ” مون کي ڪو به ٻيو اهڙو ڪتاب ڪونه سجهي، جنهن کي ماڻهن پنهنجي منهن مخفي طرح ايترو ساراهيو هجي، پر نه معلوم ڪهڙي ڳالهه آهي جو جڏهن ” ايميليءَ“ جي باري ۾ راءِ زني ڪرڻ جي ظاهر ظهور ٻين جي اڳيان ڪنهن کي موقعو ٿو ملي، ته يا ته سندس زبان تي مهرون لڳي ٿيون وڃن، يا ته ان جي گلا ۾ سندن زبان مرڳو آپي کان ئي ٻاهر نڪريو وڃي! ڏسڻا وائسڻا ماڻهو هن عجيب منافقيءَ ۾ مون گرفتار ڏٺا. مئڊيم ڊي بفلرس  (Madam de Boufflers) مون ڏانهن خط ۾ لکيو، ’ايميليءَ جي مصنف جو مجسمو تعمير ڪرڻ گهرجي، هو بني نوع انسان طرفان حقيقي عزت ۽ احترام جو حقدار آهي – هيءُ خط مون ڏانهن ورندڙ ٽپال ۾ موٽائي موڪلي ڇڏيندا!..... ڇو؟ ان جو جواب مون کان نه پڇندا !‘ ڊي آليمبرٽ  (D. Alembert) خط ۾ لکيم، ’”ايميلي“ اوهان جي واقعي بهترين ۽ اعليٰ تصنيف آهي، ۽ هيءُ ڪتاب اوهان کي واقعي دنيا جي اديبن جو سرتاج ثابت ٿو ڪري‘ – پر مون کي هي ڏسي عجب وٺي ويو ته هن صاحب ان خط تي پنهنجي رڳو صحيح به ڪانه وڌي هئي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي هر هڪ خط ۾ هميشه صحيح وجهڻ  جو عادي هو! ايم- ڊي بليئر  (M. D Blaire) کي جڏهن ”ايميليءَ“ پڙهي ٻڌايو ويو، تڏهن هن صاحب عجيب جوش ۽ جذبي ماتحت هڪدم وراڻيو، ”هيءُ هڪ بهترين ۽ بي مثال ڪتاب آهي، پر افسوس جو هن مان جلدئي اهي ڳالهيون  پيدا ٿينديون جيڪي سندس مصنف لاءِ هر گز چڱيون ثابت نه ٿينديون.“

انساني تاريخ هميشه هيءَ ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته جڏهن ڪوڙ، تخت تاج جو وارث ۽ طاقت ۽ اقتدار جو مالڪ بنجي، سماج ۾ ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن سچ ويچارو پنهنجي وجود کي مخفي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ورنه ته کيس يا ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪڻو پوندو آهي يا قيد و بند جي اونداهين چوديوارين اندر پنهنجي زندگيءَ جا آخري لمحا ڪاٽڻا پوندا آهن. ان حالت ۾ ميدان خالي ڏسي، ڪوڙ پاڻ کي سچ ڪري مشهور ڪرائڻ ۽ مڃارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته ڪوڙ کي ذاتي طرح زنده رهڻ ۽ مقبول عام ٿيڻ جي ڪا صلاحيت نه آهي،  تنهن ڪري هو پنهنجي وجود  کي محض جبر ۽ تشدد جي وسيلي ئي محفوظ رکڻ ممڪن ڄاڻندو آهي. انهيءَ صورت حال ۾، ڪوڙ جي هٿان هيسايل ۽ آزاريل انسان، عام طرح  ظاهري طور، ڪوڙ جي بيعت ۽ فرمانبرداريءَ جو دم ڀريندا رهندا آهن، پرڇاڪاڻ ته انسان جي فطرت کان هيءَ ڳالهه بعيد آهي ته ڪوڙ کي سچ تسليم ڪري، سواءِ انهن جي جيڪي ڪوڙ جي نفعي تي تڳن ٿا، تنهنڪري عام انسان پنهنجي منهن ۽ مخفي طرح ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ سمجهندا، محسوس ڪندا ۽ظاهر ڪندا ايندا آهن. ظاهريءَ طرح ڪوڙ جي مدح گوئي ۽ مخفي طرح سچ جو اعتراف. هيءَ آهي اها عام منافقي جيڪا جڏهن ڪنهن سماج ۾ چوڌاري  پکڙجي ۽ ڦهلجي ويندي آهي، تڏهن ايئن سمجهجي ته اهو سماج هڪ نئين انقلاب لاءِ تيار ۽ منتظر آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جي تخت تاج جو تاراج ۽ برباد ٿيڻ ۽ طاقت و اقتدار  جو ملياميٽ ٿي وڃڻ هڪ يقيني اَمر آهي. روسي جي زماني ۾ پڻ هڪ اهڙي ئي قسم جو سماج وجود ۾ هو، جنهن جي عنقريب تخريب جو چتاءُ ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئين ۽ بهتر سماج جي تعمير جي خوشخبري هن پنهنجي ڪتاب ”ايميليءَ“ ۾ پنهنجي همعصر انسانن جي گوشگذار ڪئي. روسي جي مرڻ کان فقط يارهن ورهين کان پوءِ سندس  انهيءَ چتاءَ ۽ سندس انهيءَ خوشخبريءَ جي عملي صورت جو مشاهدو فرانس جي ماڻهن پنهنجي اکئين پاڻ ڪيو ۽ روسي جي روح کي دعائون موڪليون!

”ايميليءَ“ جي مهاڳ ۾ روسو ٻڌائي ٿو ته ” ڪنهن به خاص طريقي ڪار کي سمجهڻ لاءِ  ٻن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. پهريون ته اهو طريقو بذات خود صحيح آهي يا نه، ۽ ٻيو ته ان تي عمل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ پهرينءَ ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته ڏسجي ته اهو طريقو فطرت جي عين مطابق آهي يا ان جي برعڪس فطرت جي قانونن ۽ تقاضائن جي  بغاوت ۽خلاف ورزيءَ تي مبني آهي؟ ٻيءَ ڳالهه جو فيصلو حالتن تي مدار ٿو رکي، مثلن هڪ قسم جو طريقو فرانس ۾ ڪامياب ٿيندو پر سئزرلنڊ ۾ شايد نه به ٿئي، هاڻ ڪامياب ٿيندو پر 100 سالن کانپوءِ شايد نه به ٿئي، وغيره وغيره. مون جيڪو تعليم جو طريقو ’ايميلي‘ ۾ بيان  ڪيو ۽ سمجهايو آهي، تنهن ۾ مون اهڙين مختلف حالتن کي خيال ۾ نه رکيو آهي. مون فقط عام انساني فطرت جي قانون ۽ تقاضا کي خيال ۾ رکي، پنهنجو طريقو مرتب ڪيو آهي، ۽ منهنجي  دعويٰ به اها آهي ته  ان ۾، ڪنهن به وقتي ۽ ملڪي مصلحتن ۽ ضرورتن کي خيال ۾ نه آڻي، مون فقط اهي اصول ٻڌايا آهن، جيڪي عام انسانن لاءِ هر هنڌ ۽ هر حالت ۾ يڪسان مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org