آئيني آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
نانءُ:
محبت علي ٻرڙو
جنم تاريخ:
25- مارچ 1952ع.
پسند ڪندو آهيان:
ٻڌڻ، پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.
نفرت اٿم:
ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.
منهنجو ماضي:
ٺيڪ ٺاڪ.
پسند جو رنگ:
هر رنگ جي رونق پنهنجي.
پسند جي مند:
سرءُ جي مند مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.
پسند جو ليکڪ:
مختلف موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.
پسند جو ڪتاب:
مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.
پيارو دوست:
هن سوال جو جواب ”دوست” جو مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.
منهنجي خوبي:
وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.
ڪڪ ٿيندو آهيان:
بڪواس ۽ ڊاڙ ٻُڌي/پڙهي.
خوش ٿيندو آهيان:
ڪنهن چڱي شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري،
ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي، وغيره.
منهنجي آئيڊيل/پسند جي شخصيت:
ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار
کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...
منهنجي ڪمزوري:
هڪُ (منهنجي نظر ۾) سٺو ڪتاب.
آخري خواهش:
ڇو ڀلا؟
ڏس/پتو:
لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210، ضلعو لاڙڪاڻو.
(فيبروري
1997ع)
ڪهاڻيون
بهترين بوٽ
مان ڊيل ڪارينگي جا ڇهه ئي اصول ذهن ۾ دُهرائيندو
۽ ورجائيندو ٿي ويس، ڇو ته جيڪڏهن دهرايان ۽
ورجايان نه، ته منهنجي يادگيري جو حاضمو ڏاڍو خراب
آهي، هر هر ياد ڪيل ڳالهه به ڀلجي ويندو آهيان.
مون کي انهن اصولن جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پيش
آئي جو مون کي دڪاندار کان بوٽ خريد ڪرڻو هو.
اڄڪلهه سستائيءَ جي زماني ۾ مهانگو بوٽ خريد ڪرڻ
ته وڏو ڪارنامو، پر بوٽ ڳولي لهڻ ئي شاباس جوڳو
آهي، ڇو ته اسي رپئي خريد ڪيل بوٽ اسي ڏينهن به ڪو
نه ٿو هلي.
پهرين اصول هيو ”مُرڪڻ“. مان مرڪندي صاحب-دڪان
سامهون ويٺس، هو به مرڪڻ لڳو. مرڪڻ ڪري ٻي جي دل ۾
ڪتڪتايون نڪرنديون آهن، مون کي ڪتڪتايون ٿيڻ
لڳيون. خبر ناهي دڪاندار کي به نڪتيون يا هو
ڪتڪتايون پروف هو. بهرحال يڪدم ٻيو اصول ”نالو ياد
ڪري مٺي آواز ۾ سڏڻ“ ذهن ۾ آيو ۽ مون زبان مان
اوڳاريو. پڇيم، ”ادا ڀائو! توهان جو نالو؟“
دڪاندار ڪجھ دير لاءِ حيران ٿي ويو. ڪجھ دير لاءِ
پريشان ٿيو... ۽ پوءِ هٻڪندي چيائين، ”سا... سا...
سائين هتي مهراڻ بوٽ آهن، شڪارپور بوٽ آهن، انصاف
بوٽ آهن، لاين (شينهن) بوٽ آهن، پارا مائونٽ
بو...“
”بس... بس... بس...“ مون ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيو،
”مون توهان جو نالو پڇيو هو، ڀائو!“ هو وري ڪجھ
دير لاءِ وات ڦاڙي ڏسندو رهيو، مون آڱر اڀي ڪري
سندس زبان کي هڻي، ٻاهر ڪڍي ورتي. هن يڪدم وات بند
ڪيو ۽ چپ ڪري ويهي رهيو. مان پريشان ٿيس ته ڊيل
ڪارنيگي جو ٻيو اصول وڃي ٿو درياءَ ۾، وري چيم
”ادا، تنهنجو نالو؟“
”انجم.“ مون وائڙو ٿي هيڏي هوڏي ڏٺو (خبر نه آهي
ڇو وائڙو ٿي ويس!) بهرحال مون کي خلوص دل سان نالي
جي تعريف ڪرڻ هئي. چيم، ”آها... يار، انجم ته واهه
جو نالو آهي. جڏهن سياري جي ٿڌي رات ۾ ٻارهين بجي
آسمان تي ٽمڪندڙ چمڪندڙ ستارن کي ڏسندس تڏهن مون
کي تون ضرور ياد ايندين، ڇا ته شاعري سمايل آهي
انجم ۾... انجم!“
مان ڪارنيگي جو ٽيون اصول ”ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺو“
پورو ڪري چڪس، ته هاڻي چوٿين اصول تي ڪم ڪرڻو هو،
نه ته بوٽ وٺڻ ۾ سخت چوٽ کائڻ جو انديشو هو، ۽ اهو
اصول هو ”ماڻهن جون ڳالهيون توجھ سان ٻڌو ۽ کين
پنهنجي ذاتي ڳالين ڪرڻ تي اڀاريو“ ۽ ان سان گڏ
پنجون ۽ ڇهون اصول به ياد ڪيم ته ”انهن شين جي
باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪيو جن سان مخاطب کي دلچسپي
هجي“ ۽ ”خلوص دل سان سندس تعريف ڪيو.“ مون پڇيو،
”ڏي خبر! ٻار ٻچا خوش ٿي؟ زال اڃا وڙهندي اٿئي ڪ
نه، اڳي سينڊل تنهنجي ٽڪڻ تي هنيا هئائين، انهن جو
بدلو ورتوسين يا ائين ڏڏ آهين. يار! تون ئي بهادر
منهنجي نظر مان گذريو آهين، جو زال جا سينڊل هڪ
وقت، ٽڪڻ تي برداشت ڪيا اٿئي، نه ته اسان ڏي ته
زال جي ورنديءَ تي کيس ڪُهي ڇڏيندا آهن، ۽ هو...
او... او...“ مون کي حيرت جي وڻ-ويڙهي، ويڙهي وئي،
جڏهن ڏٺم ته سندس رنگ ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو، ڏند
ڪرٽيائين ٿي، مٺيون ڀڪوڙبيون ٿي ويس، ڀرسان رکيل
جوتي ڏانهن نظر ڦيرايائين. مون، چيو، ”يار! ٽي
مهينا اڳ هتان سوا سو رپئين بوٽ وٺي ويس، توهان
بوٽ ٺاهي ڄاڻو... واهه جو مظبوط هو! پندرهن ڏينهن
ته پاليش ئي خراب نه ٿيس، سورهين ڏينهن ترو هليو
ويس، ويهين رپئين ورائي ترو ۽ کڙي هڻايم ته سترهين
ڏينهن وري مٿان ڦاٽي پيو، ٽين رپئين ڳنڍرايم ته
اوڻويهين ڏينهن ڪَهيون ڇڄي پيون. اهي نيون
وجھرايم، نيٺ ته زماني سان هلڻو آهي. بوٽ پائيندو
رهيم. يار! ڇا تعريف ڪجي اهڙي بوٽ جي! پورو مهينو
کن هليو. جڏهن پوري ايڪٽيهين ڏينهن گھر پهتس،
تڏهن بوٽ جو ترو ۽ کڙي ڪٿي رستي ۾ ئي رسي ويا هئا،
اڄ ٻٽيهين ڏينهن تو وٽ آيو آهيان. توهان جا بوٽ
واهه واهه، سبحان الله، ٻيلي اڳين کان اڳرو ڪو
لاجواب بوٽ ڏي.“
ڏٺم ته سندس مک تي مرڪ وري آئي، چيم، ”پيارا انجم!
تون فلمن ڏسڻ جو شوقين پيو لڳين، مهانڊو ئي اهڙو
ٿي... پڪ ئي پڪ ’اي پگ ميري وير دي، خانزاده،
خطرناڪ، ٺاه، ڀُل نه جاوين‘ فلمون ڏٺيون هوندءِ.
مان سمجھان ٿو ته سڌير جي پهلوانيءَ جو معترف
هوندين. ڇو ته تون به منهن مان بهادر ٿو لڳين. رنگ
ڪارو ٿي، ڄياڙيون نڪتل، ڳٽا کاڌل ۽ سلڇڻا اٺ ڏند
غائب... مان ڇا چوان... ها ادا! سينڊل ۽ بوٽ ۾ فرق
آهي. تون اهڙو ڪو بوٽ ڏي جو يا مان مران يا تون
مرين، پر بوٽ نه ڳري. هونئن به توهان جا بوٽ توهان
جهڙائي مضبوظ هوندا آهن.“
مان ڊيل ڪارنيگي جا ڇهه ئي اصول آزمائي چڪس. بوٽن
واري جي منهن تي مرڪ ڪوڏي ڪوڏي کيڏي رهي هئي. هو
ڏاڍي شوق مان اٿيو. مٿي مٿي رکيل بوٽ لاٿائين، بوٽ
جو پادر ٻاهر ڪڍي، سلوار سان اگھي، منهنجي پير ۾
پارائيندي چيائين، ”هي هڪ ئي داڻو ٽي سال اڳ ٺاهيو
هو، توهان جهڙن قدردانن لاءِ رکيو هو. ڀلا
سائين... ڪير ههڙو بوٽ خريد ڪندو... توهان ئي ڏاڍا
سٺا گراهڪ اسان جي دڪان تي آيا آهيو... هي اڳيون
بوٽ عمر ۾ هن جو پيءُ ۽ مضبوطيءَ ۾ هن جو ڏاڏو
آهي. توهان اکيون ٻوٽي کڻي وڃو... مان توهان جهڙي
بهترين ۽ کلمک انسان کان قيمت وڌيڪ وٺي ئي نٿو
سگھان. ائين سمجھو ڄڻڪ مفت ۾. هي ڏسو ڪيڏو نه فِٽ
اچي ويو. واهه جو توهان جو پير آهي... بس کڻي وڃو،
صرف ويهه رپيا هڪ سو ٻيو ڪجھ به نه... نج چمڙي جو،
ڊبل سلائي انتهائي مضبوط، آرامده، ٺينگ ڏيندي
هلندؤ، ڄڻڪ مور ٿو ٽلي، راڻا مور ٿو ٽلي. اها خبر
توهان کي ڏاڍي دير سان پوندي، ته هن بوٽ جهڙي
مضبوط شيءِ به ڪا ٿي سگھي ٿي. ٽن سالن کان ڏيڍ سَو
جي شيءِ سوا سَو ۾ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن
به ڪو نه ورتي. توهان عقلمند ۽ ڄاڻو آهيو، توهان
سان انتهائي رعايت صرف سو ويهه ڪاڳر، ٻيو ڪل خير.
اي ڇورا! هي بوٽ پيتي ۾ بند ڪري، سهڻي رنگين ڪاغذ
۾ ويڙهي، سائين کي ڪڇ ۾ ڏي، ته هلندو ڦرندو نظر
اچي.“
۽ جڏهن مان خوش خوش ڪڏندو ٽڙندو دڪان جي چائنٺ لهي
هيٺ ٿيم، تڏهن دڪاندار کلندي چيو، ”سائين! توهان
جهڙن قدردانن کي چانهن پياري خوشي ٿئي ها، پر
توهان مصروف ماڻهو آهيو. اسان توهان جو قيمتي وقت
سيڙائڻ نه ٿي چاهيو، توهان جي مهرباني. توهان جي
ڳالهائڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته توهان جو مطالعو
محدود، او هو، نه سائين معزور، نه يعني ڪ، ڏاڍو
وسيع آهي، توهين پڪ ئي پڪ ڊيل ڪارنيگي پڙهي آيا
هوندؤ. هن جو چوڻ آهي ”ٻي جي تعريف ڪيو، هو يڪدم
بيوقوف بڻجي ويندو. مون ان اصول تي هميشه عمل ڪيو
آهي. سدائين خوش رهندؤ. توهان ڏاڍو بهترين بوٽ
خريد ڪيو آهي.“
همدردي
”ادا، ٿوري جاءِ ته ڏجو، مان به بيهان.“
25
سالن جي ٺاهوڪي نوجوان آهستي چرندڙ بس جي در تي
بيٺل ٻن نوجوانن مان هڪ کي چيو.
”ڪاٿي ويندين؟“ ٻنهي مان هڪ پڇيو.
” او هن اڳين موڙ تي لهندس.“ هن آهستي آهستي ڊڪندي
چيو، ڇو ته بس ڪجھ تيز ٿي هئي.
”اهو موڙ ته ويجھو آهي ۽ بس ۾ جاءِ به ڪانهي. ڪاٿي
بيهندين؟“
جڏهن ته بس ۾ ڪافي جاءِ هئي. نوجوان جي منهن تي
مايوسي جو تهه چڙهڻ لڳو، جو هينئر بس ڪافي تيز ٿي
چڪي هئي ۽ هو بس کي نه ٿي پهچي سگھيو.
”ڏسو ته ڪيڏي نه سستي ۽ ڪاهلي اسان جي قوم ۾ گھر
ڪري وئي آهي.“ ٻنهي مان اڳيان بيٺل چيو، ”ڇا، اڌ
فرلانگ کن پنڌ جو به نه ٿيندو ۽ اهو به بس ۾ سفر
ٿو ڪجي!“
”اهڙي بي همتي به اسان نه ڏٺي، ۽ نه ٻڌي.“ پٺيان
بيٺل جوان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
”ڪهڙو نه ڳڀرو جوان هو، هي سٽ کن پنڌ جيڪر ٻن منٽن
۾ ڪري وڃي،“ پهرين چوڻ شروع ڪيو، ”اها ئي آهي
سستي، جا اسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. هاڻي انهن
حالن تي اسان ڪيئن ترقي ڪري سگھنداسون؟“
پنهنجي قوم جي پٺتي هجڻ جو ڏاڍو خيال هوس، شايد
ڪاليج جي ليڊر ٽائيپ شاگردن مان هو، ”ڏس، هنن
نوجوانن جو حال ڏس! ڇا ته پنڌ جو ٽڪرو هيو ۽ ڇا
پُٽ بس تي چڙهي هلندو. اي ڪاش! هن کي اهو احساس
پيدا ٿئي، ته اها سستي سمنڊ جي گھراين ۾ طوفان کان
به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڪاش! هي بيدار ٿين، ڪاش همت
کان ڪم وٺن، ڪاش محنت ڪن، ڪاش...“
گاڏي موڙ مڙڻ لڳي ۽ ٻئي ٽپو ڏئي لهي ويا.
ڪتو
هُل ٿي ويو ته شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي ۽
پنهنجي مالڪ شاهوءَ کي کائي وڌائين! سڄي ڳوٺ لٺين،
ڪهاڙين ۽ ڪِن ته بندوقن سان سهڪندي ڳوٺ جي اترئين
پاسي، رانجھن جي ٻنين طرف ويل ڪتي جو ڀڄندي پيڇو
ڪيو. سَو سالن جي جھوني بڙ هيٺان ويٺل سٺ سالن جي
ٻڍڙي ڏاڏي رجب پنهنجي اڳيان رکيل ٺڪر جي چلم ۾
ڦهڪايل نڙ مان گڙگاٽ ڪڍندي، زماني جي هيٺ مٿاهين ۽
انقلابن کان مانوس اکين کي چنهجائيندي، ڀر ۾ نبي
بخش کي چيو، ”نبو! خبر اٿئي! شاهوءَ وارو ڪتو ڇتو
ٿي پيئه!؟ ۽ بي شناس پنهنجي مالڪ کي کائي ماريو...
هَئي... هَئي! مون کي ته اهو وقت ٿو ياد پوي...
ڦوهه سياري جي ان ولهائتي رات وارو... جڏهن پارو
پئي پيو... شاهو ۽ مان باغي ديري مان ڏاندن جي ميل
ڏسي موٽندي ڳوٺ پهتا هئاسين... ته اهو ڪتو... ڪاني
لڳيس، جنهن مالڪ جي شناس نه رکي... نمڪ حرام...
تڏهن گلرڙو هيو ۽ وڏيءَ ڪسيءَ مان پئي ڪوڪون
ڪيائين. لک جھليو هيم شاهوءَ کي، ڇو ٿو گندگيءَ ۾
هٿ وجھين گلر لاءِ؟ پر چيائين، ”بي زبانو آهي...
مري ٿو ڪسيءَ ۾، ڪهل ٿي اچيم، ٻيلي پناهه
ڏيندومانس!“ نيٺ هن رحمدلي ڪري، ان ڪتي کي تڏهن
ڪسيءَ مان ڪڍي گھر نِيُس. هري ٺاهي، پلال وجھي،
ڪکائون ۽ نرم اجھو ٺاهي پناهه ڏنائين مردود کي...
۽ پوءِ شاهوءَ ويچاري ان نڀاڳي جي پر گھور به گھڻي
پئي لڌي!“ ڏاڏي رجب نڙ وات ۾ وجھي ٻه ٽي تڪڙا تڪڙا
گڙگاٽ ڪڍيا ۽ پوءِ ساهي پٽي پنهنجو ڪلام جاري ڪندي
چيو، ”روز گوشت ۽ ڇڇڙا آڻي ڏيس... کائي کائي سڪمو
ٿي پيو! بي شناسي مان ڪهڙي غذا، اڄ ڇتو ٿيو... نيٺ
ظاهر ٿيو ته هيو برابر ’ڪتو‘ ئي! بي شناسو، جو
مالڪ کي کائيندي انڌو ٿيو ته محسن اٿس... جنهن
رذيل حالت ۾ آندو هيس ڪسيءَ مان ڪڍي، جو مري پيو
ولهه ۽ سيءَ ۾، اجھو ٺاهي پناهه ڏنائينس، پاڻ رُکي
سُکي کائي به، هن کي جام کارائي ڏنڊو ڪيائين...
چوندو هيو: ’ڪتو وفادار جانور آهي، ۽ گگدامن تي
خدا ترسي چڱي ڳالهه آ.‘“ ڏاڏي رجب کنگهندي هڪ دفعو
چلم مان ڦوڪون ڪڍيون. اترئين پاسي ويل ماڻهن جي
ڊنبلي طرف هڪ مَنو بندوق جا ٻه ٽي ٺڪاءَ ٿيا. ڪجھ
دير بعد اوڏانهن ايندڙ چند ماڻهن ٻڌايو، ”شاهوءَ
واري ڇتي ڪتي کي ماريوسين... پر ذليل ٻه ٻارڙا به
کائي وڌا!“ ڏاڏي حقارت وچان پنهنجي جھوني ڪنڌ کي
ڌوڻيندي چيو، ”نيٺ ته بي شناسو هيو نه! پنهنجي
مالڪ جو ويري، مردود بي گوندرو ڪتو.“
ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا
مان ارڙهن سالن جو لَئي جي چهبڪ جيان سنهڙو سيپڪڙو
ماڻهو آهيان، تنهنڪري ٿلهي ٿيڻ جا خيالي پلاءَ
پچائي... کائي... پوءِ هي گيت ڳائيندو آهيان:
سنهڙا ماڻهو سهڻا، جي لڪڻ جيان لچڪن، پير تن جا
پتڪڙا، جي جتيءَ ۾ جرڪن. جڏهن ڏٺم ته ٿلهي ٿيڻ جا
خيالي پلاءَ پچائي... کائڻ جي باوجود متارو ڪونه
ٿو ٿيان، تڏهن سوچيم ته شهر جي سڻڀن ستابن ماڻهن
کان سندن ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇان، سو ڊوڙندي وڃي شهر
جي ڊاڪٽر جي در جي گھنٽي وڄايم: ٽون... ٽر... ٽون.
ڪجھ دير کان پوءِ در مجھان هڪ سٻر پيٽ ظاهر ٿيو ۽
هيترڙي ننڍڙي منڍي. ”سائين سلام عليڪم.“ تڪڙ ۾
سلوٽ واري انداز ۾ هٿ نراڙ تائين مٿي ڪري، حسرت
وچان سندس سٻر پيٽ ڏسندي، ان تي هٿ رکيم. ڊاڪٽر
اها اڇل کاڌي ڄڻ اوچتو سندس پير ڪنهن نانگ تي پئجي
ويو هجي. منهنجا تارا حيرت کان ڦاٽي ويا ۽ ڊاڪٽر
جون اکيون ڪاوڙ کان ڳاڙهيون جهڙو اڱر. ”سائين...
سائين، توهان ڏسو ٿا، هي منهنجو پنهنجي ٻانهن جهڙو
بدن سائين... سائين توهان ٿلها ڪيئن ٿيا آهيو؟“
مون پنهنجي حيرت هڪ ڳيت سان ڳڙڪائي ڊاڪٽر کان
پڇيو.
”بدتميز، لچ، لوفر، ڀڄي وڃ منهنجي نظرن سامهون، چڪ
هڻي ڪيانءِ نه پورو.“ ڊاڪٽر ڪاوڙ وچان ڏند ڪرٽيندي
چيو.
”اڙي مان ڄاڻان ٿو ته موسو ڪاسائي توکي روز ٻه سير
ڇيلي جو گوشت موڪلي پاڻ بيمار رڍون وڪڻندو آهي.
تون پاڻي جي سُئي هڻڻ جا چار رپيا ۽ مٺائي جي
رنگين مڪسچر جا ٽي رپيا وٺندو آهين. مون کي خبر
آهي ته تنهنجو پيٽ حرام جي ڪمائي جو قبرستان آهي.
مان هي ٿو وڃان.“ ۽ جيڪڏهن ٽپو ڏئي کڙيءَ تي زور
نه ڏيان ها ته سندس لپاٽ گھٽ ۾ گھٽ ڪلواڙا ضرور
ڦيري ڇڏي ها.
ڊڪندي ڊڪندي ڪپڙي جي وڏي واپاريءَ سيٺ گرمکداس جي
هٽ تي چڙهي ويس. سوا ست منٽ کن سهڪندو رهيس ۽ پوءِ
عجب وچان تارا ڦاڙي ڏسندڙ سيٺ جي چٻري جهڙين اکين
ڏانهن آڱر وڌايندي چيم، ”تارا ته نه ڦوٽار، ماڻهو
آهيان، گڏهه گھوڙي جو پڇ ڪونه آهيان، تو کان ٿلهي
ٿيڻ جو راز پڇڻ آيو آهيان. ٻيو مڙئي خير آهي، ڀولو
پهلوان جا پٽ.“ ڀَــوَ ۾ سيٺ اکيون بند ڪري جهڙوئي
منڍي پوئتي ڪئي، تهڙو ٺڪاءَ ٿي وئي سندس لوٽ
سيمينٽ جي ڀت سان (جنهن کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو). کار
وچان ٻئي هٿ فرش تي رکي اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين. مان
ٽپ ڏئي وڃي در جي ڀرسان بيٺس. ٻئي هٿ چيلهه تي
رکي، ڪنڌ چِٻو ۽ اکيون ٽيڏيون ڪري سيٺ کي ڏٺم.
”سيٺ! ڄاڻان ٿو ته تنهنجي پيٽ ۾ اهي رپيا پوريل
آهن جيڪي غريبن هڏ هڻي، خون سڪائي، پيٽ کي پٿر ڏئي
گڏ ڪيا ۽ تون ٽين رپئين وال وارو ڪپڙو پنجين وڪڻي
هٿ ڪيا. جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته پڪڙ کڻي پٽيان
تنهنجو گوشت، لعنت آهي تنهنجي ٿولهه تي، ٿلها!“ ۽
جيڪڏهن ائين چوڻ سان ٽپو نه ڏيان ها، ته هن جيڪو
سوتلي جو ڍيرو مون طرف ڦٽو ڪيو هو، ضرور منهنجي
ڪنهن نه ڪنهن مضبوط پاسري کي سڌو ڪري ڇڏي ها. نسخو
ته نسخي جي ماڳ، رهندو موچڙا ٿي مليا. منجھي پيس
ته آخر ڪنهن جي گھر وڃان. نيٺ هڻي ماري سيٺ نصير
ڏي وڃڻ جي سوچيم. هن شخص جي پهرين خاصيت اها آهي
ته سندس پيٽ سان گڏ رانون، ٻانهون ۽ منڍي پڻ ٿلهي
آهي ۽ ٻي اها ته سندس آواز تمام سنهو آهي، صفا ٻلي
جي وات ۾ ڦاٿل ڪوئي واريون چيٽون. کُلي پڌر ۾ کٽ
تي ويهي چرس وڪڻندو آهي، پر پاڻ نه ڇڪيندو. هن جا
چمچا ٻارنهن آهن ۽ ڇريون ٽي. ”وڏيرا صاحب!
سلاماليڪم.“
”ماليڪم سلام، ماليڪم سلام. ڏي خبر، پيءُ لاءِ چرس
وٺڻ آيو آهين ڇا؟“ ٿلهي وڏيري پنهنجي سڪيلڌي سنهي
آواز ۾ پڇيو. مون کي اصل چوچڙي وچڙي وئي. ”چرس!؟
چرس ڇڪي تنهنجو پيءُ، تنهنجو ڏاڏو، تنهنجو تڙ
ڏاڏو، ٿلها ڀوڪ بصر، مان ته تو کان ٿلهي ٿيڻ جو
نسخو پڇڻ آيو هيس.“ اوچتو کنڀڙاٽي ۾ عقاب وارو
چنبو کتل پاتم. وڏيري جي چمچي پڪڙيو هو. منهنجون
وايون بتال ٿي ويون. ٻه ٽي ٺينگ ڏنم، پر اڇل سان
گڏ وڃي وڏيري آڏو ڪريس. وڏيري ڄنگھ ورائي منهنجن
ڪلهن تي رکي ڇڏي.
”وڏيرا! او هو، وڏيرا، اڙي هيءَ ڇپ ته لاهه، اڙي
مري ويس، اي لي ڙي! ابا ڙي!“ وٺي جو رڙيون ڪيم ته
وڏيري سمجھيو ته شايد ڇورو ٿو مري، تڪڙ ۾ ڄنگھ کڻي
مٿي ڪيائين. مان ٺينگ ڏئي وڃي پري بيٺس. ”هينٺ ٿي،
مان تو کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، تون ديهان، هارين
جي رت جي ڪمائي شراب ۽ رنڊين تي وڃائيندو آهين.
خدا ڪندو تنهنجو پيٽ ڦاٽندو ۽ شهر جا ڪتا شراب
پيندا.“ زور مان جو ڀڳس، ته وڃي مُلي جي در تي
بيٺس. هي ملان اسان جي شهر جو متارو ماڻهو آهي،
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ اندر ويٺو هوندو آهي. تعويذ به
اتي ئي لکندو ته ٽوڻا ڦيڻا به اتي. ٻڌو هيم ته
ستاويهن سالن جي اڻ پرڻيل عورت جڏهن جنن جي سبب
رڙيون ڪوڪون ڪري رهي هئي ته تڏهن هن ئي سندس جن
ڀڄائي دنيا مان غائب ڪري ڇڏيو. پر جن به دنيا ۾
ساڳي عورت ڳولي لڌي، پندرهين ويهين ڏينهن وٺ پڪڙ
ڪندو رهيو، هن جي تعويذن ۾ اهو اثر هو جو بي اولاد
عورت کي اولاد ٿيو، جيڪو ننڍي لاءِ ئي پينگهي ۾
اونڌو سمهندو هو. در کي ڌڪو ڏئي اندر گھڙي ويس،
ملان سامهون ويٺل عورت جي منهن ۾ وات سان هوا جون
ڦوڪون هڻي رهيو هو. مون کي ڏسي ڇرڪ ڀري پوئتي ٿي
ويو. عورت ويچاري هيسيل، هٿ ٻڌي، اکيون بند ڪيون
ويٺي هئي. مون کي ڏاڍي باهه وٺي وئي. رڙيون ڪري
ملان کي چيم، ”ملان! تون حرام جون ٽڪيون ۽ مفت جا
حلوا کائي ٿلهو ٿيو آهين. ٽوڻن ڦيڻن مان خوب پيسو
ڪمايو اٿئي. جيڪر منهنجو وس پڄي ته تو کي جيئري
ڪتي جي پيت ۾ وجھي ڇڏيان.“ عورت رومڙ پائي مون طرف
ڊوڙي، مان سٽ ڏئي ٻاهر نڪري آيس. سوچيم: ”هي
عورتون پاڻ ئي حرامزاديون آهن، نه ته ملن جو ڪهڙو
وس، ۽ پوءِ گھٽي ۾ ڊڪندو، گھٽيءَ مٿان گھٽي
لتاڙيندو ويس ۽ پوءِ هڪڙي گھٽيءَ مان مڙندي...
ايندڙ واٽهڙو سان ٽڪر ٿي ويو! هو ۽ مان ٻئي هيٺ.
تڪڙ ۾ اٿي ڏٺم. ”اڙي کٻڙ موالي، صفا مان جهڙو
سنهڙو همراهه، نشي ۾ ڌت، ڪرندي ئي مون کي ڏٺائين،
”اڙي قاسو جا پٽ، نه ويندين. مون کي ڏيڍ رپيو ڏي،
منهنجو نشو ٽوڙي ڇڏيئه.“ آءٌ ٿو وٺي ڀڄان. اڳيان
مان، پويان کٻڙ، وڪڙ مٿان وڪڙ، آخر گوهي ڪري کٻڙ
کان ڀڄي وڃي شهر نڪتس... ۽ اوچتو بيهجي ويس.
منهنجا تارا حيرت مان ڦاٽي ويا، ننڍڙي گاڏي ۾ ويٺل
منڊي فقيرياڻي! اٺ مهينا اڳ ان فقيرياڻي کي ڏٺو
هيم، صفا سنهڙي جهڙو مان، پر هينئر ته هوءَ ڏاڍي
ٿلهي ٿي لڳي، ڄڻڪ سڄي جسم تي ڏينڀن ڏنگيو هجيس، ۽
ساڳيو ئي پوڙهو فقير رسي سان گاڏڙي کي گهليو ٿي
ويو. واهه، واهه، منهنجا ته مزا ٿي ويا. هوءَ به
سچي، مان به سچو، هاڻي ان کان نسخو پڇڻو آهي.
ڪراڙي فقير کي ڪيئن پاسيرو ڪيان جو ڇوريءَ کان
نسخو پڇان؟ پوءِ منهنجي کوپڙيءِ ۾ هڪ ڳالهه سُجھي
آئي، ڊڪ ڀريم گھر ڏانهن.
”امڙ، مٺڙي امڙ، مون کي ڏهين جو نوٽ ڏي، صرف چار
آنا کپائيندس، باقي پيسا موٽي ملندءِ.“ امڙ کي
ٻانهن ۾ چمبڙي چيم، ”وارو ڪر، نه ته منهنجو ٻيڙو
ٻڏو.“ امڙ تڪڙ ۽ بدحواسيءَ ۾ ڀڳل چاڏي مان اٽي ۾
پوريل ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مان اهو ٿو وڃان.
سج لهي چڪو هو. منجھند لاڪون ڊڪ ڊوڙ ڪئي هيم. مون
فقير جو سندس جھوپڙي تي اڳ جھلڻ مناسب سمجھيو ۽
وڃي اتي بيٺس. فقير جي جھوپڙي ڳاڙهي بازار جي هڪ
گھٽيءَ اوريان هئي. خوف پئي ٿيو ته ڪٿي هن طرف
”ڀُل“ ۾ آيل ڪو ”شريف“ ماڻهو ڏسي نه وٺي، ۽ ڪري نه
شهر ۾ شهرت، اڙي قاسو جو پٽ چڪلي ۾. ٿوريءَ دير ۾
فقير گاڏي گهليندو اچي جھوپڙيءَ جي در تي بيٺو.
مون وڌي وڃي سندس هٿ ۾ ڏهين جو نوٽ ڏنو ۽ چيم،
”فقير چار آنا کڻ خيرات جا، باقي پيسا موٽائي ڏي.“
فقير ۽ ڇوڪري ٻنهي ڇرڪ ڀريو. فقير نوٽ کي مٺ ۾
ڀڪوڙي مون کي دوڏا ڦاڙي گھورڻ لڳو. سندس منهن مان
حسرت ۽ حوس صاف جھلڪي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي ٻوٿ تي
وائڙپ ۽ قَرب پکڙجي ويو. فقير نوٽ اٿل پٿل ڪندو،
تڪڙو تڪڙو اڳتي گهٽي ۾ مڙي ويو. سوچيم ته ان کان
اڳ جو فقير پيسا مٽائي موٽي اچي، ڇوڪريءَ کان نسخو
پڇي وٺان. گوڏن ڀر وڃي ڇوڪري جي اکين ۾ ڏٺم. سندس
اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. مان ڪجھ دير لاءِ وائڙو
ٿي ويس. تڪڙ ۾ چيم، ”تنهنجو گوشت لاهي کائي ڪونه
ويندس. تنهنجي ٿولهه توکي نبيهه هجي. مون کي رڳو
اهو ٻڌاءِ ته تون اٺن مهينن ۾ ايتري ٿلهي ڪيئن ٿي
وئي آهين؟“
ڇوڪري ٻئي ٻانهون اکين تي رکي اچي سڏڪن ۾ پئي.
منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. ٻئي هٿ گاڏڙي جي ڪنڊن تي
رکي چيم، ”مون کي سمجھ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته تون
روئين ڇو پئي؟ فقير اجھو ڪي اجھو پيسا مٽائي آيو.
مون کي پنهنجي متاري ٿيڻ جي مام پروڙي ٻڌاءِ، ڏسين
ٿي ته مان ڪنگلي جا ڪهڙا حال آهن.“
ڇوڪريءَ ڏانور جيڏا تارا ڦاڙي مون کي گھوريو ۽
پوءِ سڏڪا ڀريندي چيائين، ”ڇا چيئه، پيسا... مٽائي
ايندو؟ فقير ته ... ويو وڏيري وٽ چرس ڇڪڻ، رات اتي
رهندو. هو ته ... هو ته توکي منهنجو گراهڪ سمجھي
هليو ويو. مان ... مان ٿلهي ناهيان، مون کي ستن
مهينن جو پيٽ آهي.“ |