سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: يادون ۽ سڪون

 باب:

صفحو :1

يادون ۽ سڪون

 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڇپرائيندڙ پاران

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي چوٿين ورسيءَ (8- اپريل 2001ع) تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر پارا سندس ڪهاڻين، بي تڪلف ڳالهين، طنز و مزاح ۽ ترجمو ڪيل ناول جو ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ پيش ڪندي اسان گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ان کان سواءِ اسان هيءُ ڪتاب پيش ڪري اها روايت پڻ برقرار رکي آهي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسيءَ تي سندس ڪو هڪ ڪتاب ضرور ڇپجي پڌرو ٿئي.

اسان سڄاڻ قلمڪارن ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان زندگيءَ ۾ ٿوريون يا گھڻيون گھڙيون گذاريندڙن کي گزارش ٿا ڪريون ته اهي ڊاڪٽر محبت جي شخصيت ۽ ڇپيل مواد بابت پنهنجون تحريرون ۽ يادگار فوٽو اسان ڏانهن ڏياري موڪلين، ته جيئن ڊاڪٽر محبت جي پنجين ورسيءَ تي (2002ع ۾) ”اڪيڊمي“ پاران ڊاڪٽر محبت جي شخصيت ۽ مواد بابت لکيل مضمونن ۽ تاثرن کي سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگھون.

                        مهرباني

                                      ستار هڪڙو

                                    جنرل سيڪريٽري

                        ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

 

پيش لفظ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سياسي-تنقيدي ادب، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيق بابت آهن، جھڙوڪ: ...جيڪو سچ چوي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌي مار سورما، اٽڪ قلعي کان (ترجمو)، انسائيلڪوپيڊيا سنڌيڪا، ماڻهو ۽ ماڻهپو، ۽ اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سياسي تنقيد نگار مضمون نويس ۽ محقق جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو، پر جڏهن سندس ڪهاڻين جو اڀياس ڪيون ٿا، ته پوءِ يقين سان چئي سگون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست جي وهڪري ۾ پنهنجون لهرون پيدا نه ڪري ها ۽ بعد ۾ مضمون نويسيءَ توڙي مقالا نگاريءَ ۾ پنهنجي ذهني ولوڙ سڦل ٿيندي نه ڏيکاري ها ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي ۽ امر جليل جي دورن کان پوءِ ”محبت جو دور“ ڏئي سگھي ها.

لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ايم بي بي ايس (ڊاڪٽري) پڙهڻ دوران (اندازاً 1972ع کان 1979ع تائين) ڊاڪٽر محبت ٻرڙي هي ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ هو اسان کي هڪ باشعور اديب ۽ سڄاڳ فرد طور اسرندي نظر اچي ٿو. شاگرديءَ وارو دور، خصوصاً هائر سيڪنڊري تعليم کان بيچلر تعليم تائين گھڻو اهم هوندو آهي جيڪو هڪ پورهيت ماڻهوءَ جو پٽ هوندي محنت ڪندو آهي ۽ ان محنت جي آڌار ڊاڪٽريءَ جي تعليم پرائڻ لاءِ چونڊجي هڪ ڏينهن مريضن کي تپاسي، سندن دردن جو دارون تجويز ڪندو آهي، پر جڏهن هڪ قوم مريض بڻجي پوي، ته پوءِ درد جو دارون ئي تجويز ناهي ڪرڻو پوندو، پر پاڻ به علاج جو حصو بڻجڻو پوندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به ائين ئي ڪيو، هو هڪ پورهيت شوڪت عليءَ جو پٽ هو ۽ گهر ٻاهران لڳل ٿنڀي ۾ ٻرندڙ بلب جي جھيڻي روشنيءَ ۾ پڙهندي پنهنجي اندر کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو هو. تان جو ناممڪن کي ممڪن ڪندي، هڪ غريب جو ٻار هوندي، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ايل ايم سي ۾ چونڊجي ويو. پر اها به يقين ڪرڻ جي ڳالهه آهي، ته انٽر پڙهڻ دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي لائبريريءَ مان ڏهاڙي ٽي چار مختلف ڪتاب ڪڍرائي پڙهندو هو: هڪڙو لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي قنبر جي ٽرين جي انتظار ۾، ٻيو گھر ۾ ۽ ٽيون سفر ۾. ڪتاب پڙهڻ جي اها روايت (يا عادت) هن ايل ايم سي ۾ اڃا وڌائي، جتي هو سنڌ جي شاندار شهر حيدرآباد جي ويجھو هو. هن جو ڪتابن سان پيار ايڏو ته گھڻو هو جو ڪيترا رسالا بڪ اسٽالن تي بعد ۾، پهرين وٽس پهچندا هئا. ائين پڙهندي پڙهندي هن لکڻ شروع ڪيو. هيءُ ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ ڊاڪٽر محبت جي ان شاگرديءَ واري دَور جي ذهني ڪيفيتن، احساسن ۽ سوچن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهي سوچون لکڻ دوران هو سنڌ جي عملي شاگرد سياست ۾ آيو ۽ تنظيمي ڪم ڪرڻ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي سوين ليڪچر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين، ائين هو ادبي دنيا کان ڪٽجي سياسي-تنقيدي ۽ علمي لٽريچر جي دنيا ۾ آيو، تان جو انسائيڪوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اصطلاحسازي تي ڪم ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۽ لفظن جي دنيا کي جاچيندڙ ۽ ڳوليندڙ ڦوليندڙ بڻجي ويو.

        تصوير جو هي خاڪو مون ان ڪري چٽيو آهي ته جيئن اندازو ڪري سگھجي ته ڪيئن هڪ ماڻهو سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو ۽ ڪارج ادا ڪري ٿو. ڊاڪٽر محبت جي تصوير جي ان خاڪي ۾ وڌيڪ رنگ ڀري ان کي چٽو ڪرڻ جي گھرج آهي ته ڄاڻي سگھجي ته ڪيئن ڊاڪٽر محبت جي پيار ۽ ذهانت ڀري شخصيت جُڙي، پر جيئن ته ڪهاڻين جو هي ڪتاب اهڙي اجازت نه ٿو ڏئي، ان ڪري بهتر آهي ته پاڻ هن ڪتاب کي پڙهون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي بي تڪلف ڳالهين، ڪهاڻين، طنز و مزاح وارين لکڻين ۽ ”اينيمل فارم“ جي ننڍايل ترجمي تي مشتمل آهي. انهن ڪهاڻين ۽ ٻي مواد بابت ڊاڪٽر محبت جو خيال هئو ته ان کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کان پوءِ شايع ڪرائجي، پر ائين نه ٿي سگھيو. مان اميد ٿو ڪريان ته ڊاڪٽر محبت جو هي ڪتاب مانائتن پڙهندڙن کي ضرور وڻندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي شاگرديءَ واري دور جي ڪجھ عڪاسي آهي.

                                مهرباني                                                                      رياضت ٻرڙو

محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون

س: نالو سڄو؟

ج: محبت علي ٻرڙو.

س: سڃاڻپ؟

ج: 1. بنيادي موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ، 2. مختلف موضوعن تي لکڻيون/ترجما، 3. علمي گفتگو ڌيان سان ٻڌڻ.

س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟

ج: 25 مارچ 1952ع، قنبر.

س: تعليم؟

ج: ايم بي بي ايس.

س: پيشو؟

ج: ڊاڪٽر (ميڊيڪل پرئڪٽشنر).

س: پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟

ج: سندس سڄاڻ ۽ سڀاءُ جو.

س: توهان جي روزاني زندگي جو بنيادي اصول؟

ج: 1. جو ئي آهيان سو ئي آهيان، 2. عزت ڏبي علم کي، فضيلت کي، خلوص کي.

س: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

ج: 1. اداس ٿيندو آهيان، 2. ڇنڊڇاڻ ڪري ڏک کي سهڻ، ڪارڻن کي حل ڪرڻ ۽ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ.

س: خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟

ج: 1. دل و جان سان خوش ٿيندو آهيان، 2. سڌ هوندي اٿم ته ڪاش! ڏک جيان سک جي پَتي به سڀ کي ملي.

س: ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟

ج: ڪا هڪ ناهي: 1. بي غرض مرڪ جا چپڙن تي ٽڙي، 2. پيار جيڪو من ۾ هجي ۽ اکڙين مان ڦٽي.

س: ڪهڙي ڳالهه تي چڙ ايندي اٿو؟

ج: گھڻيون ئي آهن، غداريءَ تي، ڪوڙ تي، ڌوڪي تي ... قول ۽ فعل ۾ تضاد تي.

س: ڪهڙين ڳالهن تي روئڻ ايندو اٿوَ؟

ج: 1. خلوص ۾ شڪ تي، 2. پيار ۾ غلط فهمي، ڦيٽاري ۽ وڇوڙي تي، 3. حياتيءَ ۾ ناجائز ڏک تي، 4. ڪنهن جو حق کاڄي وڃڻ تي، 5. بي پناهه خوشيءَ تي (ڪنهن جي به هجي).

س: توهان جي عادت، جنهن مان گھر وارا بيزار هجن؟

ج: هوڏ! (ڀلي تعميري ڪم ۾ هجي).

س: سپنا جيڪي ساڀيا ٿيا؟

ج: 1. پنهنجي پورهئي تي جيئڻ (ڀلي ڏک ڀريو هجي)، 2. پڙهي لکي ڳالهائي سگھڻ، 3. هڪ زال جيڪا پياري هجي، 4. هڪ پٽ جيڪو سوال پڇي ۽ هر موضوع تي سوچي.

س: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي جيان چڀندو هجي؟

ج: هڪ ناهي ...

س: اها گھڙي جنهن حياتي بدلائي ڇڏي؟

ج: زندگيءَ ۽ شعور جي بڻ بنياد جو ادراڪ.

س: آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿوَ؟

ج: مختلف وقتن تي مختلف: 1. ڪاش رسمي معيارن موجب سهڻو هجان ها، 2. سچ نيٺ سوڀارو ٿيندو ”... ڇا واقعي؟“ 3. سلڇڻو ٿي رهه، ”... ڇو نه ٿو رهين؟“ ...

س: توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟

ج: سادا، سچا سٺا ۽ بيپرواهه (جيتوڻيڪ خوشيءَ گاڏڙ ڏک ڀوريا).

س: ڪاش! زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي اچن؟

ج: اهڙن وهمن ۾ رهڻ پسند ناهي.

س: شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هو؟

ج: سڀ سٺا، اڃا سوڌو.

س: وڻندڙ شعر؟

ج: گھڻائي آهن:

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،

تن جو صــرافــن، اڻـتــوريو اگـــھائـيو.

س: وڻندڙ اديب؟

ج: گھڻائي آهن، سوفوڪليز کان وٺي سراج تائين.

س: وڻندڙ سياستدان؟

ج: رسول بخش پليجو ـــــــــ وطن، قوم، نظريي، تنظيم ۽ عوام سان غداري ڪندي ظاهر ٿيڻ کان اڳ (شهيد فاضل جي شهادت) تائين.

س: وڻندڙ شهر؟

ج: ” مدينة العِلم“... ڄام شورو، سپر هاءِ وي جي اولهندي پاسي واري ايراضي.

س: وڻندڙ رنگ؟

ج: ڇا ۾؟ قدرت ۾، جسم ۾ يا ڪپڙن ۾؟ مناسب شيڊ ۾ سڀ.

س: وڻندڙ ٽي وي پروگرام؟

ج: ڪارٽون ۽ مختلف وقتن تي مختلف سلسلا، جيئن نيچرل ورلڊ، سائنس فڪشن، ايڊوينچرس، عجائبات وغيره.

س: وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟

ج: ريڊيو ٻڌڻ جو مناسب وقت نه ٿو ملي.

س: 24 ڪلاڪن مان وڻندڙ ڪلاڪ؟

ج: جنهن ۾ ذهني اطمينان ميسر هجي، اڪثر ڪري پرهه ڦٽي مهل.

س: وڻندڙ ڏينهن/مهينو؟

ج: جنهن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ٿئي.

س: وڻندڙ لباس؟

ج: مختلف حالتن ۾ مختلف، سلوار قميص، فل سوٽ، قدرتي ...

س: وڻندڙ راند؟

ج: 1. کليل ميدان ۾ پولو ۽ ڏُڪلو ڏَڪر، 2. ننڍي ميدان ۾ ٽينس، 3. ڪمري ۾ ٽيبل ٽينس، 4. ننڍي ڪمري ۾ شطرنج، 5. اخبار ۾ ڪراس ورڊ، 6. پاڻيءَ ۾ ترڻ، 7. هوا ۾ پيراشوٽ جمپ... باقي، 8. پيار جي راند ڪير به ڪري ڪٿي به کيڏي (مثال طور گُلرن ۽ پلونگڙن جي پاڻ ۾ کيچل به).

س: وڻندڙ رانديگر؟

ج: مختلف وقتن تي مختلف.

س: وڻندڙ سواري؟

ج: جيپ (روڊ تي).

س: وڻندڙ خوشبوءِ؟

ج: 1. قدرتي ... رابيل جي، 2. هٿرادو ... ”چارلي“.

س: وڻندڙ گل؟

ج: سڀ ... گلاب.

س: وڻندڙ شاعر؟

ج: گھڻائي آهن... هومر، بلائيٽس، (حضرت) علي ۽ خيام کان وٺي سعيد ميمڻ تائين، باقي لطيف سان مون کي عقيدت آهي.

س: وڻندڙ ڪتاب؟

ج: گھڻائي آهن، خصوصاً هر شعبي جا بنيادي ڪتاب ۽ انهن تي بحث ڪندڙ تحقيقي ڪتاب.

س: وڻندڙ اخبار؟

ج: 1. ”هلال پاڪستان“ (1970ع کان 1980ع) 2. ”جاڳو“، 3. ”عوامي آواز“، ۽ ”ڪاوش“ کي ملائي ”هڪ اخبار“ سمجھي پڙهڻ.

س: وڻندڙ صحافي؟

ج: غلام نبي (جي اين) مغل (سنڌي ۾) ۽ ڪجھ ٻيا.

س: وڻندڙ ايڊيٽر؟

ج: محمد ابراهيم جويو (1955ع کان 60ع)، غلام محمد گرامي (60ع کان 70ع)، طارق اشرف (67ع کان 92ع).

س: وڻندڙ فلم؟

ج: هر اهو فلم جنهن ۾ ذهن، سماج، زندگيءَ ۽ سنسار جو ڪو به پهلو سٺي نموني نروار ٿيل هجي.

س: وڻندڙ اداڪار/اداڪاره؟

ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ ادا ڪيل ڪردار تي ڌيان.

س: وڻندڙ گلوڪار/گلوڪاره؟

ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ آواز، موسيقيءَ ۽ شاعريءَ تي ڌيان.

س: وڻندڙلوڪ فنڪار/فنڪاره؟

ج: ”ٽلي” ۽ ”گھڙي“ کان وٺي، ”بوڙينڊي“ ۽ ”چنگ“ تائين هر شعبي ۾ مختلف ــــــــــــ  علڻ فقير، شازيا خشڪ. (حقيقت ۾ توهان جا سوال، ”اديب“ کان ”فنڪار“ تائين، سڀ منجھيل آهن. مثال طور: اديب عام طور فڪشن ليکڪ کي سمجھو ويندو آهي، جڏهن ته منهنجي لاءِ ائين ناهي. حياتي، سفر، مضمون وغيره جو ليکڪ ڇا اديب ناهي؟ اديب ڪٿان جو، ڪهڙي دور جو ۽ ڪهڙي شعبي جو؟ برٽرانڊرسل کي، مثال طور: ڪهڙي شعبي جو ماڻهو چوندؤ: فلاسفر، رياضيدان، سياستدان، ليکڪ؟ هن جون امن لاءِ ڪوششون ۽ سامراجي قوتن تي ٽريبونل وهارڻ کي ڇا چوندؤ؟ اهڙيون ٻيون به گھڻيون ئي ڳالهيون اوهان جي ڪيل سوالن ۾ منجھائيندڙ آهن.)

س: وڻندڙ گيت؟                                           

ج: گھڻائي آهن: ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي...“ (عمر ميمڻ جي آواز ۾، بنا موسيقي جي، بدين کان هڪ ڳوٺ ويندي، ڪسيءَ جي ڪڙ تي، ٻنين جي وچ ۾).

س: وڻندڙ کاڌو؟

ج: سڀ (دال ۽ واڱڻن کان سواءِ).

س: وڻندڙ مشروب؟

ج: گھڻا ئي آهن: ٿاڌل (چانهه، جيڪڏهن مشروب سڏيو ته).

س: وڻندڙ ميوو؟

ج: قدرت جي نعمت تي آءٌ ڪو ارهو!؟

س: وڻندڙ ڏڻ؟

ج: ”ويا ويچارن وسري.“

س: وڻندڙ موضوع؟

ج: هر هڪ، جيڪڏهن موضوع هجي.

س: ڪهڙي جانور/پکي/جيت کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟

ج: مناسب اپائن هوندي ڪنهن کان به نه (ڳجھ کان ڪرڀ ايندي آهي).

س: ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟

ج: ڪو به اهڙو ناهي.

س: موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟

ج: هر قسم، جي رڳو هارمونڪ هجي.

س: توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟

ج: هزارين آهن... هن وقت ڪمپيوٽرائيزڊ روبوٽ.

س: هڪ وهم، جيڪو توهان کي پريشان ڪندو هجي؟

ج:         ”الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

           ”هئي سنـــــــــڌ ۽ سنـــــــڌ وارن جي ٻــولـي“.

س: هڪ شخصيت جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿو؟

ج: هوچي منهه/ فاضل راهو.

س: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟

ج: سنجيده، ... کِلمُک ۽ فضيلت ڀريا ماڻهو وڻندا اٿم.

س: هڪ غلطي جنهن تي پشيمان ٿيا هجو؟

ج: مون سمجھو ته هن کي پيار آهي، ”گڏهه” (ڪم عقل) ناهي.

س: هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿـــوَ؟

ج: انسان دوستيءَ کي بنيادي موضوع بنائي لکڻ جو ڪم.

س: توهان جو مشن ڇا آهي؟

ج: 1. قدرتي، سماجي، ذهني غلاميءَ خلاف جنگ،

2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جا بنياد رکڻ.

س: زندگيءَ جي خوهش جنهن لاءِ جيئو ٿا؟

ج: 1. علمي واڌارو، 2. سچائيءَ جي پرچار.

س: توهان کي جيڪڏهن خط لکجي ته ڪهڙي ايڊريس تي؟

ج: لطيف ڪلينڪ، قنبر - 77210.

                                        (نومبر 1992ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: