سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو : 6 

 

وڏي وڏي اسر، جڏهن ڪڪڙن پهريان دس ڏنا، تڏهن هي اسان جا ٽي ڀائر ٿڙي ٿڦڙي سجاڳ ٿيا. ۽ ڊگها ڊگها ساهه کڻي، ڪر ڀڃي، اکيون مهٽي اٿي ويهي رهيا.، وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاري کڻي جو پاڻ سنڀالين ته همراهن جا تاڪ لڳي ويا. چي، ”ڇا منجهان ڇا ٿي ويو؟ گهڙيءَ ۾ الهه تلهه وڃائي ويهي رهياسين! باقي پاڻ وٽ ڇا بچيو آهي... جنهن لاءِ اڳتي جيئڻ تي جيءُ وري!“ تنهن تي وڏي ڀاءُ چين ته ”پنهنجي الهه تلهه ڦرڻ وارو، هوڏانهن درياءَ جي ٻيءَ ڀر، جيئرو جاڳندو هينئر به محفلون مچايو ويٺو آهي، ٺڳجڻ ۾ ٿي اچي، ته ڏاهپ به ٻٽنگي ڦاسيو پوي. پاڻ جيڪڏهن ڦرجي سگهون ٿا ته ڦري به سگهون ٿا ايتري ۾ همت هاري، حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي رهڻ سان ڪنهن کي ڪهڙي شهه اچي ويندي؟ مڙسن جي هميشه پوئين ملهه ٿيندي آهي چاليهه راتيون چور جون آهن. ته ايڪيتاليهين ساڌ جي اوس اچڻي آهي. جي مرڻ ئي سڀني سورن جو علاج ٿي سگهي ٿو.  ته هيتري جگ ۾ هوند ڪو جيئي ئي ڇو؟ پاڻ کي جو ڪجهه هٿ آيو ۽ جهڙيءَ ريت اهو وري پنهنجي هٿان وڃائجي ويو. ٻيو نه ته هاڻي انهيءَ هڪڙي ڳالهه لاءِ ئي پاڻ کي زنده رهڻو آهي. اجائي افسوس مان نه هڙ نه حاصل. هاڻي اٿو ته مڙس ٿي، هلي ڪنهن ڳالهه جي ڳڻ ڪريون!“ پوءِ ٽيئي ڀائر اٿي پيرن ڀر ٿيا، ۽ سج اڀرئي کان اڳ ئي رڙهي وڃي سامهون شهر ۾ پنهنجي گهر رسيا، گهر پهچڻ سان وري به پنهنجن ٻن چئن حال ڀائين کي سڏي، وڏي ڀاءُ سڄيءَ روئداد کان واقف ڪيو، چي، ”بادشاهه جا ماڻهو آيا ڪي آيا. بهتر صلاح آهي ته اسان ٽن ڀائرن کي شهر ڇڏي، ڪيڏانهن ٽري وڃڻ گهرجي، جيسين حالتون وري وڃي سازگار ٿين. اوهين بي ڊپا ٿيا، جيئن آهيو تيئن ويٺا رهجو. مقابلي جي ڳالهه ڪانهي. ملڪ سڄو اڌ مئو ٿيو پيو آهي: هٿين خاليص ۽ ڇڙ مڙهيءَ سامهون ٿبو ته سڄو شهر نابود ٿي ويندو. ڪٿان به ڪا مدد ڪانه ملي سگهندي. هي ڀيرو هيٺانهين وٺي، دشمن جو وار گسائجي  ته چڱو. تنهن وچ ۾، اندران ئي اندر، هٿيار پنهوار هٿ ڪجن، ۽ اوري پري جي ماڻهن کي سجاڳ ڪبو رهجي.، ته وري به ويل ڳالهه ڪڏهن نه ڪڏهن ورائي وجهبي.“ ائين چئي، ٽيئي ڀائر، سڀڪجهه اتي ڇڏي، جيئن پهرين پنهنجي ڳوٺان نڪتا هئا، تيئن هاڻي به فقط پنهنجا تير ڪمان ڪلهن ۾ وجهي، سڌو بادشاهه جي راجڌاني جو رخ ڪري، همت جو سندرو ٻڌي، اٿي پنڌ پيا.

مڙس هئا جامڙد، سو پنڌ ۾ جو اچي پيا ته ٿڪجن ئي نه، هلندي هلندي، ڏينهن پئجي وين، هوا جي پکين ۽ جهنگ جر جي ميون مڇين تي گذر بسر ڪندا، واٽ تي ننڍا وڏا ڳوٺڙا جيڪي منهن ۾ ٿي پين، تن جي ماڻهن سان حال احوال اوريندا، ۽ انهن کي ڳالهيون مهاڙيون سمجهائيندا ٻڌائيندا، نيٺ اچي راڄڌاني کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي پهتا، هڪڙي ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو جو سڄو ڏينهن گذري وين. پر ڪوبه شڪار هٿ ڪونه چڙهين، آخر سج اچي لهڻ تي بيٺو، ۽ بک بنهه اهڙو اچي حال ڪين، جو ڀانءُ ته آنڊا ٿي منهان آين، نيٺ اڳتي هلڻ کان بنهه عاجز ٿي، هڪڙي هنڌ ويهي رهيا، ايتري ۾ ڪونجن جو هڪڙو ولر پريان اڏامندو ايندو ڏٺائون، سو پنهنجا تير ڪمان کڻي، تيار ٿي بيهي رهيا: ۽ وجهه ۾ ايندي ئي شست ٻڌي، کڻي پنهنجا تير ڇوڙيائون، ننڍن ڀائر جا نشانا ٺيڪ لڳا، وڏي ڀاءُ جو تير گسي ويو ۽ ٻه ڪونجون گهڙيءَ ۾ اچي هيٺ ڪريون، ڪا مهل نه گذري ته وڏي ڀاءُ کي مٿي هڪڙو ٻيو پکي نظر چڙهي ويو. ۽ اتي جو اتي ڪمان مان تير ڪشي، ان کي ڪيرائي وڌائين، پوءِ انهيءَ ئي مهل ٽنهي ڀائرن ڪاٺيون ميڙي، گڏجي باهه ٻاري، ۽ پکين کي حلال ڪري، کلي صاف ڪري، پچائڻ ويهي رهيا، ننڍن ڀائرن ته ڪئي هم نه تم ٽانڊن تان پنهنجي پنهنجي ڪونج لاهي، ڦوڪي، ٺاري، ڪجهه هٿن سان، ڪجهه چڪن سان ڇني، پٽي، خوب مزي سان ويهي کائڻ لڳا، پر وڏي ڀاءُ خيال ڪيو ته پکي آهي نئين قسم جو: ڪٿي ڪا خرابي نه ڪري وجهي! سو ڊڄي ڊڄي، آخر ان جي هڪڙي تڙ پٽي، وات ۾ کڻي وڌائين... ٿورو چٻاڙيائينس ته سواد آيس جيئن وڌيڪ تيئن گهڻو... پر سواد به ڪهڙو! زندگيءَ ۾ پکي هن به ذات ذات جا کاڌا هئا، پر هن پکيءَ جهڙي سواد جي سانڀر گهٽ ۾ گهٽ اوڏيءَ مهل ته هن کي ڪانه پيئي سگهي، پوءِ ته سڀ دل جا آٺسٺا ڦٽي ڪري، گوڏو ڀڃي. پکيءُ کي کائڻ  ويهي رهيو. کائيندو وڃي، کائيندو وڃي، ۽ ڪيڏيءَ مهل منهن ڪجهه سر سر ۽ بار محسوس ڪيائين... پوءِ ٿيندي ٿيندي نيٺ ڇا ٿي ويو بس، ان جو بيان ڪيئن ڪجي! معاملو ئي اهڙو هو. مطلب ته نه ڳالهه نه مهاڙ، نه ٺهي نه جڙي، نه وجهه نه واسطو....ائين ئي کائيندي کائيندي همراهه جي نڪ اٿي وڌڻ شروع ڪيو! پر نڪ وڌي وڌي به آخر ڪيترو ٿي وڌي سگهيو؟ هڪ آڱر ٻه آڱر، گرانٺ ٻه گرانٺ، هٿ ٻه هٿ پر هتي ته ڪا حد ئي ڪانه هئي وڌي وڌي وڃي ملڪ کنيائين! ويچاري وڏي ڀاءُ جا ٻيئي هٿ نڪ ۾، ننڍن ڀائرن اٿي کڻي ڀاڪرن ۾ جهليس: پر نڪ چوي ته مون کي جو وڌڻو آهي، سو وڌندوئي ويندس! ڪنڊن مان ڪرڙن مان، کڏن مان کوٻن مان، ٻنين مان ٻيلن مان مطلب ته نڪ جيئن پوءِ تيئن وڌندو وڃي! اتي وڏو ته وڏو. پر ننڍا ڀائر اچي ششدر ٿيا ته نڪ ته ويو، پر نڪ سان گڏ مڙس به ٿو وڃي! خبر ئي نه پئي پوين ته هي ڇا ٿي ويو. ڇا کان ٿيو، ۽ هاڻ ڪرڻ ڇا گهرجي؟ گهڻوئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيا  ڊڪيا، پر ڳالهه جا وسان نڪتل هوندي، تنهن ۾ انسان ڪري به ڇا ٿو سگهي!

ايتري ۾ لنؤڻو ورائي، جو پٺيان نهارين، ته ڏسن  ته اهوئي سندن يار آڱر جيڏڙو ماڻهو، پنهنجي ٻليءَ جيڏي گهوڙي تي چڙهيو ٽاپ ٽاپ ڪندو، بنهه مينهن واچ وانگر، ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي! هن کي ائين ايندو ڏسي، ڀائرن جي دلين ۾ نئين سر ساهه پئجي ويا چي، ”ٿيڻو هوندو ته ڪو نه ڪو بلو هاڻ ٿي پوندو!“ هن عجوبڙي به اچڻ سان حال احوال کان واقف ٿي، پاسي ۾ بيٺل هڪڙي ٻوٽي جا ٻه چار پن پٽي، پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ انهن کي مهٽي سهٽي، کڻي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ وڌا ڄڻ ڪو ڀوڳ ٿي ڪيائين! پر، چوندا آهن ته ”ڪک ۾ ڪرامت ٿي ٿئي.“ سو جيئن ئي وڏي ڀاءُ جي وات ۾ پن پيا. ۽ انهن کي ٿوري هن چٻڙ ڏني، ۽ انهن جي نڪ وٺي سوس کائڻ شروع ڪئي! ڳالهه ته برابر ويسهه ۾ اچڻ جهڙي نه هئي. پر سڀني جي بنهه اکين اڳيان سڀڪجهه پئي ٿيو، سو مڃڻ يا نه مڃڻ جو ته هتي ڪو سوال ئي ڪونه هو، جيئن جيئن پئي وڌيڪ پن هن چٻاڙيا ۽ کاڌا، تيئن تيئن هن جو نڪ انگهيل رٻڙ وانگر، پوئتي هٽيو تان جو ٿيندي ٿيندي، وڏي ڀاءُ جي هن بلا جيڏي نڪ ڪيڏيءَ مهل خير سان اچي پنهنجي اصلوڪي جاءِ ورتي. پنهنجي هن پدمڙي يار جو هيءُ ڪرتب ڏسي، ٽيئي ڀائر بس عبرت ۾ پئجي ويا هوش ئي نه هجين، جو ڪو اکر ڪڇي سگهن. وڏي ڳالهه ته هن جو هيڏو هيءُ ٿورو مڃين ته ڪهڙن لفظن ۾ مڃين: اصل بت بنيا هن ۾ اکيون وجهيو بيٺا رهيا. آخر هن عبرتناڪ اڀامڙي چين ته ”ميان منڌا ڇو آهيو؟ ڳالهه آهي ته ڪي به ڪين! هن وڏي ڀاءُ جيڪو پکي کاڌو، تنهن جو نالو اٿو، ”پرمار“، ۽ هيءُ ٻوٽو جنهن جا پن مون هن کي کارايا، تنهن جو نالو اٿو ”شرم ٻوٽي“، پرمار پکيءَ جو ڪم آهي پرائي ماري کائڻ: ۽ جيڪي پرائي ماري کائين، تن کي بادشاهن وانگر، نه ٿئي ناس نه پتو نڪ ته بنهه ٿئين اٽي جو: سو جيسين هٿ ڏيو نڪ کي لڪايو ويٺا رهن ٿا، تيسين ته خير! پر جيئن ئي سندن وکا ٿا پڌرا ٿين ۽ ڳالهيون ٿيون کلن، تيئن ئي سندن نرلڄا نڪ بنهه بدڙڪ ڏيو اچيو ٻاهر ٺڪاءُ ڪن، ۽ دنيا جهان کي ويٺي ويٺي پتو پئجيو وڃي ته هنن حرام کائن جا نڪ اجهو هيڏا ٿا ٿين. هن اسان جي وڏي ڀاءُ به کاڌو ”پرمار“ سو ان جي ڇڪ ٿي ويس: پر ”شرم ٻوٽي“ کارائي هاڻ سندس نڪ کي مر لڳڻ وڍجڻ کان بچائي ورتو اٿئون. اوهين بنهه بي فڪر ٿي، جيڏانهن وڻيو تيڏانهن هليا وڃو!“ ائين چئي هي ننڍڙو همراهه ائين جو ائين ڀائرن کي ڇڏي، جيئن آيو هو، تيئن هليو ويو. رات به ذري گهٽ وهامڻ تي اچي بيٺي هئي: ننڍا ڀائر بنا ڪڇي پڇئي، اوجهراڻيون کائي کائي، ائين ئي پاسو ڏيئي سمهي رهيا: پر وڏو  ڀاءُ چپ چاپ ويٺو رهيو، ۽ ويٺي ويٺي اکين ۾ ئي رات گذاري ڏينهن ڪري ڇڏيائين.

وڏي ڀاءُ پوءِ ڌونڌاڙي ننڍن ڀائرن کي هشيار ڪيو ۽ سج سنوان. ٽيئي ڀائر اٿي پنڌ پيا. ويندي ويندي وڏي ڀاءُ چين ته ”مون پاڻ لاءِ هاڻ هڪڙو نئون ڌنڌو سوچيو آهي!“ پڇيائونس، ”ڪهڙو“؟ چي. ” پاڻ هلون ٿا بادشاهه جي راڄڌانيءَ ڏانهن، اتي پنهنجي يار پدمڙي جي چوڻ وانگر حرام کائو جيڪي سو گهڻا ٿا رهن، جن جو اٿندي ويهندي ڌنڌو ڦرمار جو ته آهي ئي، پر وات جي چسڪي سان مڙيوئي زياده چاهه اٿن! پاڻ به هلي ٿا هنن کي پڪلن پکين جي موج وٺايون، اوهين ٻيئي جوان مڙس آهيو تير اندازيءَ ۾ تيز، سو ڏيهاڙي پکي ماريو اچجو، ۽ آءٌ هلي ٿو دڪان لڳائي ويهان: پر خبردار ڪو پرمار پکي ماريو اٿو! پرمار هونئن به ملڪ ۾ ٿورا ٿا ٿين، سو جڏهن به ڪو نظر چڙهيو ته ان کي اک ۾ رکي، مون کي اچي ڄاڻ ڪجو! بس، پوءِ جيسين راڄڌانيءَ ۾ پهچن، تيسين اهو سارو ڏينهن ٽنهي ڀائرن هلندي هلندي، وٺي کڻي پکين جو شڪار شروع ڪيو، ۽ جيئن ئي ڏينهن لڙئي اچي راڄڌانيءَ جي ويجهو رسيا، تيئن وٽن پکين جا کوڙ لڳي ويا. پوءِ شهر ۾ اندر داخل ٿي، هڪڙو گوشائتو پاسو جهلي، باهه جو مچ کڻي ٻاريائون، ۽ پکين کي کلي ٺاهي، ويهي ٽانڊن تي پچائڻ لڳا. پکي به پچي اچي راس ٿيا ته ماڻهو به اچي مڙيا بس ويٺي ويٺي، سمورا پکي هٿن تي کڄي وين. ٿورا گهڻا ڏينهن ائين گذرين، ته پئسا به ڪجهه اچي وٽن جمع ٿيا سو شهر جي وچ چؤنڪ تي هڪڙو چڱو موچارو دڪان وٺي، ان کي سينگاري ٺاهي، شاهه نانوائي بنجي ويهي رهيا. پوءِ ته اچي سندن دڪان هليو: شام جي وقت ڏسو ته ماڻهن جي ايڏي پيهه لڳيو وڃي، جو وارو ملڻ ئي مشڪل، محنت سان هنن به ڪين گهٽايو هر قسم جا پکي وٽن موجود: تتر، ٻٽيهر، ڀاڙو، پٽ تتر، ڳيرا، پاريهر، وهيا، بدڪون، آڙيون، نيرگيون، تلوريون، هنجهه، ڪونجون. مطلب ته ذات ذات جا پکي ڪي پيا پچن ته ڪي پيا ترجن، ڪي پيا رڌجن ته ڪي پيا ٻاڦجن وڏي ڀاءُ کي به ڪي هنر ياد هئا پکين ٺاهڻ جا! هڪڙا پکي اچن تازا  ۽ قسمين قسمين، ٻيو انهن کي اچن گيهه جا مک ۽ ڏنگن مٿان ڏنگا ۽ سنڌ سنڌ ۾ پئجين ڀانت ڀانت جو سرهو سلوڻو مسالو، پوءِ ته تيار ٿي اچي اڳيان رکجن، ته ”جونه کائي سو پڇتائي ۽ جو کائي سو سڄي عمر ياد ڪري“ وارو معاملو بنجيو وڃي.

اتي ڀائرن جي دڪان جي هاڪ وڃي بادشاهه جي ڪنن تائين رسي، ۽ هڪ ٻن پکين کائڻ کان پوءِ، پکي اچي بادشاهه جي ڏاٺ لڳا ۽ اهڙو اچي بادشاهه والا جاه پکين تي هريو، جو جيسين پڪل پکي شام جو دسترخوان تي آڏو نه اچيس، تيسين ٻيون کڻي ڪيتريون  به ست رڇيون سامهون هجنس، ته به گرنهه نڙيءَ کان هيٺ نه لهيس. شاهي بورچين ۽ خانسامائن جا مان مٽيءَ ۾ ملي ويا. گهڻيئي پنهنجا هنر هلائين، پر بادشاهه چوي ته پڪل پکيءَ کان سواءِ سڀ بيڪار! ٿيندي ٿيندي بادشاهه جي اصل اها ٺڪ ٻڌجي ويئي ڏيهاڙي سج لهڻ سان ئي شاهي رڪابدار ڏسو ته ڍاڪئون جهليو، دڪان جو در وٺيو بيٺو آهي چي، ”بادشاهه سلامت جن کاڌو آڏو رکيو، هٿ روڪيو ويٺا آهن: ٻين کي ڇڏ، بادشاهه جو پکي تيار ڪر متان اچي نه وڃين ڪنهن ڪمهري ۾!“ هوڏانهن بادشاهه جو وزير باتدبير وري پنهنجي منهن ڀائرن جي پڪل پکيءَ لاءِ ٻاتاڙيو ويٺو رهندو هو. اهڙيءَ طرح ڏينهن جا ڏينهن پئي گذريا،  ۽ ڀائرن جي پڪل پکين جا هڳاءُ جيئن پوءِ تيئن زياده هر طرف پئي پکڙيا.

رکي رکي هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ ننڍن ڀائرن کان پڇيو ته ”هيترن ڏينهن ۾ ڪو ”پرمار“ به هن جوءِ ۾ اوهان کي نظر چڙهيو؟“ ننڍا ڀائر ته پنهنجي منهن هونئن ئي هنن بي پير پکين جي تاڙ ۾ هئا، سو ٻڌندي ئي جواب ڏنائون ته ”گهڻا ته نه، پر ٻه هڪڙا مڙيوئي ملڪ ۾ موجود آهن. صبح جي پهر ۾ شڪار تي نڪرن ٿا: جي صلاح هجي ته سڀاڻي ئي کڻي سيخ ڪجين!“ وڏي ڀاءُ هيءَ ڳالهه ٻڌي، کلي کڻي چپ ڪئي، پر ننڍا ڀائر سمجهي ويا ته ”پرمار“ جا ڏينهن هاڻ اچي پورا ٿيا آهن نتيجو هيءُ نڪتو جو ٻئي ڏينهن ٻئي پرمار پکي اٿندي ئي ڌڪجي پيا، ۽ سجهندي ئي وڏي ڀاءُ وٽ سيخ ٿيڻ لاءِ پهچي ويا، نيٺ سج لٿو، شام ٿي، ۽ وڏي ڀاءُ جي دڪان به اچي رونق ورتي: ماڻهو اچي مڙيا....بادشاهه ۽ وزير جي رڪابدارن جي اها تڪڙ ته ”ميان اسان کي پهرين هلاءِ! هتي آهن جو هٿ جهليو ويٺا آهن، ۽ تون آهين، جو ڊيگهه لائي ڏني اٿئي ڄڻ ڪنهن ڪوريءَ موچيءَ سان ڪم پيو اٿئي: ڪجهه سر جو به خير گهر جئي ڪين نه!“ وڏي ڀاءُ چين ته ”سائين منهنجا، غريبن تي گرم نه ٿيو: هي وٺو، پهري توهين! اسان مسڪينن جي ڪهڙي مجال، جو ملڪ جي مالڪن کي ناراض ڪيون؟“ ائين چئي ٻن خاص پڪل پکين کي کڻي، نئين سر انهن کي گيهه جو مک ڏيئي، ٽانڊن تي ٻيهر سيڪي گرم ڪري، ٺاهي جوڙي ڍاڪونئن ۾ نهايت شانائتي نموني ۾ رکي، کڻي هنن جي هٿن ۾ ڏنائين، ۽ پوءِ هو ٻين گراهڪن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي ويو. دڪان تي اهائي پيهه پيهان هڪڙا ٿي آيا ٻيا ٿي ويا مطلب ته روزمره وانگر رنگ متو پيو هو.

ائين ئي بيٺي بيٺي، مهل گذري، ته اوچتو اوچتو شهر ۾ رڙ پئجي ويئي... چي، ”بادشاهه جو نڪ وڌي ويو! وزير جو نڪ وڌي ويو!“ ماڻهو حيران، اعتبار ئي نه پيو اچين، چي، ”هيءَ به ڪا ڳالهه نڪ وڌي ويا آهن؟“ پر ايتري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا نڪ مبارڪ پنهنجي سر پاڻ بنهه محلاتن جون ڀتيون ڀڃي ۽ دروازا ٽوڙي اڳو پوءِ ٻاهر نڪري آيا. ۽ سڌو شاهي رستو ڏيئي ٻٽو بٽ اڳتي هليا جيسين شهر جو پڪو رستو وٺي وٺي ويا، تيسين ته خبر: پر جڏهن وڃي پڌر ۾ پيا ۽ کڏن کوٻن، ڪنڊن ڪرڙن ۽ دڙن دڪن جون لاهيون چاڙهيون ۽ رهڙون رهنڊون اڳيان آين. بس پوءِ ته الله ڏئي ٻانهو سهي... بادشاهه سلامت هڪڙي پاسي ۽ وزير باتدبير ٻئي پاسي، رڙو رڙ لائي ڏنائون، دانهن مٿان دانهون. اوناڙن مٿان اوناڙ ڪير ٻڌي، ڪير سهي! ڀائرن جي يار پدمڙي جي ڳالهه وانگر بادشاهن جا نڪ ته هونئن به ٿين اٽي جا ڦنڊڪ به نه سهن: سو اچتو جو اچي هنن عقوبتن ۾ پيا، ته بس محشر مچي ويا، وزير ويچاري جي نڪ کي ته پوءِ کڻي پنهنجي حال تي ڇڏيائون: پر بادشاهه سلامت جي نڪ نفيس لاءِ نرم نرم گاديلا وڇائجي ويا. گلم ۽ غاليچا پٿارجي ويا، پاسن کان طول ويهاڻن جون ٽيڪون اچي ويون، پر هيڏانهن هن نرلڄي نڪ جي نه هجي ڪا ڊيگهه ويڪر ۽ انڌي ڪنڌي، ته ڪٿي ڪو بلو ڀيڻي ٿي سگهيس! وري ماڻهن کي جو پئجي ويئي پڪي پختي خبر ته بادشاهه جي نڪ وڌي وڃي ملڪ کنيا آهن. سو ننڍا وڏا زالين مڙسين جتي ڪٿي ميڙا ڪري ٻاهر نڪري آيا، ۽ جيڪي ٿي پڳن سو ٿي غريب نڪ سان ڪري گذريا. اوري پري ملڪ ۾ هل مچي ويو، ويندي ٽن ڀائرن جي شهر تائين به پيغام پهچي ويا چي، ”بادشاهه جو نڪ اچي ويو آهي وجهه ۾ وڍڻو اٿو ته وقت هيءُ اٿو!“ بس، پوءِ ته بادشاهه جي نڪ وڍڻ سان ماڻهن هائيون ڪري ڇڏيون: جنهن کي ڏسو سو ڇا ڪاتي، ڇا ڪوڏر، ڇا ڪهاڙي  بادشاهه جي نڪ جا سنڌا لاهيو، رسي ۾ ٻڌيو، گهليندو کنيو پيو وڃي... ”ڇا آهي؟“ چي، ”بادشاهه جو نڪ وڍيو ٿو وڃان!“ گاديلن ۽ طول ويهاڻن جي ڳالهه کان ته معاملو هونئن ئي مٿي چڙهي ويو هو. پر هاڻي ڳالهه اچي هن تي بيٺي ته بادشاهه جي نڪ جو بچاءُ ڪيئن ٿئي! سو، سائينءَ کي چوان، ٻنهي پاسي هٿيارن پنوهارن سان لشڪرن جا لشڪر بيهي ويا ڏينهن رات پهرا پيا اچن پر نڪ ڏسو ته اهو ئي درياءَ جي ٻوڏ وانگر اٿلون کائيندو جيئن پوءِ تيئن اڳتي ڪاهيندو وڃي ڪنهن ڪنٽرول ۾ ئي نه اچي.

آخر صلاح اچي اتي بيٺي ته بادشاهه جي نڪ نامراد کي ٽڪو ڏيئي ورائي جبل ۾ کڻي منهن ڏجيس، نه ته سامهون اٿس سنڌو درياءَ ڪٿي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ نه وڃي ٻڏي مري! آخر اها اٽڪل به اختيار ڪئي ويئي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو، جو جبل سان مٿو هڻندي وٽ وڪڙ کائيندي، دڙو ٿي، بادشاهه جو ناشناس نڪ، سٽجي ساڻو ٿي، ڍير بنجي، هڪ هنڌ پئجي رهيو.

تنهن وچ ۾ پڙها گهمي ويا ۽ شاهي اعلان ٿي ويا ته جيڪو بادشاهه سلامت جو نڪ بچائيندو، تنهن کي بادشاهه سلامت جي وڏهر ڌيءُ جو سڱ ۽ اڌ بادشاهيءَ جو انعام ۾ ملندو. بادشاهه جي نڪ بچائڻ لاءَ شاهي حڪيمن طبيبن پنهنجي علم ۽ عقل جا جيڪي ڪرتب ۽ ڪمال ڏيکاريا، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڦڪيون، لپريون ڪک، ڪاڙها، سيڪ ۽ مالشون مطلب ته طبابت جي طريقن ۽ حڪمت جي حيلن هلائڻ سان ڪنهين ڪين گهٽايو: پر هيڏانهن هي نڪ نؤد هجي، جنهن تي ڪنهن ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه ٿئي. ڇپ هنيو، ڍير بڻيو، جتي هو اتي پيو رهيو. اوسي پاسي، ديس پر ديس جا ويڄ ڪويڄ، حڪيم نيم حڪيم به بادشاهه جي وڏهر ڌيءَ ۽ اڌ بادشاهيءَ جي انعام جا اعلان ٻڌي اچي گڏ ٿيا هئا هر ڪو پنهنجي پيو هلائي، ڪو چوي ته ”ڏنڀيوس“، ڪو چوي ته ”وڍيوس!“ مطلب ته بادشاهه جا ڏسو ته رانڀاٽن مٿان رانڀاٽ پيا پون چي، ”انهيءَ کان ته هن نڪ نالائق کي مرڳوئي وڍي ڇڏيو ته جند ڇٽيم!“ ڳالهه ته هونئن ئي وسان ويئي پيئي هئي، پر ويتر جو تتا ڪاڙها ۽ مٿان پيا مينهن، سو ڪهڄر ۽ ڪسمري ۾ بادشاهه ۽ وزير جا هي نامدار نڪ اچي ڪنا ٿيڻ شروع ٿيا، ڪير، جو هنن جي ويجهو وڃي! وٺي جو بدبوءَ نڪتي ته ماڻهن جا ساهه مٺ ۾ اچي ويا. سون ڪوهن تان سرڻيون ۽ ڳجهون ڍونڍ جي ڌپ تي ڍري پيون، ۽ لامارا ڏيئي، لاڳاپا لاهي، مچرڪا ڪري ويهي رهيون،. حڪيم طبيب سڀ هٿ ڪڍي پري ٿي بيهي رهيا چي، ”حاڪمن جا هي نڪ ڪجهه وڍيا آهن، باقي به بنهه پاڙان پٽجي وڃڻ کپن. ٻيو ڪو انهن جو علاج آهي ئي ڪونه: پر ڇا ڪجي. اها به پڪ ڪانه ٿي پوي ته وڍجڻ کان پوءِ بس ڪري اتي بيهي رهندا يا وري نئين سئين اٿي وڌڻ شروع ڪندا: وڏي ڳالهه ته هن معاملي جو ترت ڪو تدارڪ نه ٿيو، ته ويٺي ويٺي سڄو ملڪ وڏيءَ ڪنهن وبا ۾ وٺجي ويندو!“

جڏهن صورتحال بنهه اچي اتي بيٺي، تڏهن وڏي ڀاءُ ويچار ڪيو ته بادشاهه ۽ وزير جي هن نحوست ڀرين نڪن جو ڍونڍ مرڳو ملڪ ئي ٿو نهوڙي نئي. سو وڌيڪ سستي ڪرڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي جي مهل آهي ته هيءَ آهي، هٿان ويئي ته هميشه لاءِ افسوس جا هٿ ملڻا پوندا. اهو ويچار ڪري، پرمار پکين جون چهنبون چنبا ۽ هڏيون جيڪي وٽس بچيون هيون، تن کي ڪڻڇيءَ ۾ اڙي سوڪ ڪري، ڪٽي، پيهين، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان مان پڙيون جوڙيائين، ۽ شرم ٻوٽيءَ جي ڏانڊين ۽ پنن کي ڇانو ۾ سڪائي، ساڳيءَ طرح پيهين، ڇاڻي انهن مان ڪک ٺاهيائين: ۽ پوءِ ننڍن ڀائرن کي ڪن ۾ ڪا ڳالهه ٻڌائي، ڪيڏانهن انهن کي اماڻي ڇڏيائين، ۽ پاڻ وهنجي سهنجي، سٺا صاف ڪپڙا پائي، سهي سنبري، سڌو وڃي بادشاهه جي روڳي نڪ جي مٿان بيٺو چي، ”هن جو علاج آءٌ ڪندس! عالي سرڪار جو نامدار نڪ هاڻ ليڪا لنگهي، بنهه پري وڃي پيو آهي آئنده جيئن وڍبو، تيئن وڌندو ۽ ڪنو ٿيندو، ۽ هن جي هٻس مرڳو سڄي ملڪ جو ساهه قبض ڪندي، آءٌ نه بادشاهه جي وڏهر ڌيءَ جو گهوريو آهيان، نه سندس اڌ بادشاهيءَ جو منهنجو شرط بس هيءُ آهي ته بادشاهه سلامت مون سان ٻه گهڙيون خلاصيون ڳالهائي...پوءِ جي هن جو نڪ موٽي پنهنجيءَ اصلوڪي جاءِ تي نه اچي بيهي، ته منهنجي سزا ڦاسي!“

هيءُ ڳالهه ٻڌي، بادشاهه سلامت، اٻڙڪو کائي، وات ڦاڙي جيئن ئي ڪو شاهي اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو، تيئن وڏي ڀاءُ چپڙي ڪري، شرم ٻوٽيءَ جو ڪک، چپٽيءَ ۾ جهلي، کڻي هن جي نڙيءَ ۾ اڇلايو! شرم ٻوٽيءَ جو بادشاهه جي نڙيءَ سان لڳڻ، ۽ هن جي نڪ جو، منهن ويڙهي، پوئين پير ڀڄڻ پٽا ڏيئي وٺي پوئتي لوهه ڪيائين...لڪڻ جي جاءِ نه لڀيس، ڀانئي ته زمين ڪٿي ڪا جاءِ ڏئي، ته پورجي وڃان! اتي وڏي ڀاءُ کي وري ڪا ٻي ڳالهه سجهي آئي، سو ڇا ڪيائين، جو انهيءَ ئي مهل ورائي کڻي پرمار واري پڙي ڪڍيائين، ۽ پڪو منهن ڪري اتي جو اتي بادشاهه جي اڌ کلئي وات ۾ ان کي ڇنڊي  ڇڏيائين، بس پوءِ ته پرمار جي پڙي بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اڃا پوري پئي ئي ڪانه، ته هن جو نڪ نامراد اها ئي وٺي کڻي الهه توهار ڪئي گهڙيءَ ۾ وڃي ساڳيا پٽ جهليائين! معاملي جي هيءَ صورت ڏسي، وٺي جو حضور بادشاهه نئين سر اوناڙ ڪيو، ته حال ته پڪيءَ اٻاسي ۾ پئجي ويو، ۽ جيئن ئي ساهه ڪجهه موٽ کاڌيس، تيئن جهلي جو ٻي رڙ ڪيائين، ته ڀانءِ ته ڇت ٿي ڦاٽي چي، ”اڃا بيٺا آهيو! منهنجو نڪ جي بچائڻو اٿو، ته ڀڄي پري ٿيو آءٌ هن حڪيم سان خلاصو ڳالهائيندس!“

بس حڪيم جي دير هئي امير، وزير، ماڻهو ڇيڻهو نوڪر چاڪر هٽي پري ٿي بيهي رهيا، ۽ تخليو ٿي ويو. تنهن تي وڏي ڀاءُ جهڪي، جوهه وجهي بادشاهه جي منهن ۾ نهاريو....۽ ڪو وقت ته هن جي منهن ۾ ائين ئي نهاريندو رهيو....۽ائين هن ۾ نهاريندي نهاريندي، جڏهن بادشاهه جي اکين جا دوڏا ڊپ ۾ بنهه ٺڪاءُ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ تي اچي بيٺا، تڏهن ڪڙو آواز ڪري، بادشاهه کي چيائين ته ”بادشاهه سلامت، سڃاڻين ٿو، آءٌ ڪير آهيان؟ آءٌ هتان جو ئي هڪڙو، جهڙو تهڙو، انسان آهيان اهو جنهن کان تو ڪجهه کسي ورتو آهي....مون کان ۽ منهنجن ڀائرن کان تو ڇا کسيو آهي. تنهن جو ڪو ويچار ڪر!“ هيءُ گفتو بادشاهه جي ڪنن تي اڃا پيو ئي مس، ته بادشاهه جي وائي تم... نه ساهه هيٺ نه ساهه مٿي، سڪرات ۾ اچي ويو، هلو پيو لڳيس! هوڏانهن وڏي ڀاءُ ويچار ۾ پئجي ويو ۽ سمجهيائين ته بس شيءِ وڃي ڌڻين کي پهتي! سو ڏاڍو ارمان ٿيس ۽ اهڙو اچي ڊنو، جو بنهه ساهه سڪي ويس، ۽ ماٺڙي ڪري، هٽي، پري ٿي بيهي رهيو.

پر چوندا آهن ته بادشاهن جا ساهه ڏاڍا ڏکيا ويندا آهن ستن دريائن ستن جبلن ۽ ستن سمنڊن کان به پري ديو آهن، جي سندن ساهه سنڀاليو ويٺا آهن، ۽ اتان جڏهن ڪو ڪنهن بادشاهه جو ساهه کڻي، آڻي بنهه هن جي سامهون نپوڙي، تڏهن وڃي سچ پچ هنن جو ساهه نڪري! سو هي بادشاهه به، دير دير کان پوءِ، رڦي رڦي، نيٺ سامت ۾ آيو، ۽ اکيون کولي، وڏي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين، ۽ چوڻ لڳو ته ”ميان ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ... منهنجو حال ڪونهي... منهنجي نڪ جو ڪو بلو ڪر!“ اتي وڏي ڀاءُ به ڪجهه بود ۾ آيو ۽ مڇن کي تاءُ ڏيئي ۽ ڪنڌ ۾ ور وجهي، چوڻ لڳو ته ”بادشاهه سلامت تنهنجي نڪ جو بلو هاڻ ڳالهين سان ٿيندو جي ٻڌڻيون اٿيئي ته ڌيان ڏيئي ٻڌ!.

اتي هن جا ننڍا ڀائر جيڪي هن کان موڪلائي راتو واهه، ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا، سي به اوري پري جا ماڻهو ساڻ ڪري، اچي بادشاهه جي محلات جي چوڌاري گهيرو وجهي، بيهي رهيا چي ”پهرين اسان جون ملڪيتون موٽن، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي، بس هشام ماڻهن جا اچي مڙيا گڏجي وٺي جو دنبهو هنيائون ته سندن آواز وڃي عرشين لڳو.

بادشاهه جا سپاهي ۽ پهريدار، جيڪي بادشاهه جي نڪ جي رکوالي لاءِ ملڪ ۾ چونڪيون جهليو بيٺا هئا، تن کي جو اصل ڳالهه جو پتو پيو، ته انهن به ڪن ڪيا چي، ”ڳالهه ته برابر آهي: ملڪ جو پورهيو، ملڪ جي دولت ۽ ملڪ جو سک ته سڀ اول کان اسان جا آهن، بادشاهه ۽ بادشاهه جا امير وزير اهي سڀ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺا آهن، پهرين اهي آزاد ٿين، پوءِ بادشاهه جي نڪ جو علاج ٿئي!“

مطلب ته بادشاهه ويچاري لاءِ هاڻي ٻي ڪا واهه ڪانه رهي، لاچار منهن ڪڙو ڪري، زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيس، ۽ هڪ هڪ ڪري ڌڻين جون شيون ڌڻين کي موٽائي ڏنائين...پوءِ بازن کان بچيل کٿل ڳيري وانگر هن جون اکيون پورجي ويون ۽ ٻيئي هٿ پنهنجي نڪ ۾ وجهي چپڙي ڪري، ڪنڊ جهلي ويهي رهيو چي، ”هاڻ ڀلا منهنجي هن نڪ جو ڪو علاج ٿيندو...! ۽ جي ٿي سگهي ته منهنجي وزير جي نڪ جو به علاج ٿئي...!“

نڪن جي علاج جي ته هاڻ ڪا خاص مشڪل ڪانه هئي: وڏو ڀاءُ شرم ٻوٽيءَ جي چپٽي ڀري بادشاهه جي وات ۾ ۽ چپٽي ڀري وزير جي وات ۾ وجهڻ ويهي رهيو....۽ ٿيندي ٿيندي، ٿوري گهڻي ڏينهن بادشاهه والا جاهه ۽ وزير باتدبير جا نسي ويل نڪ نيٺ خير سان موٽي اچي، پنهنجين ساڳين جاين تي سهڙيا: وڏي ڀاءُ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ته هي عالي نسب نڪ ڪنهن طرح پنهنجي بڻائتي شڪل شبيهه وٺي بيهن ۽ منجهن ڪا آڏائي ابتائي رهجي نه وڃي، سو ڏاڍيون انهن جون، بنهه وار کان به سنهيون، ماپون ورڇون ڪيائين ۽ ان لاءِ هن کي ڪيترا ڀيرا پرمار جي پڙين جو به استعمال ڪرڻو پيو، ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ان ۾ هو آخر سورهن آنن جا پورا سورهن آنا ڪامياب به ٿيو، ۽ انهن کي ٺپي ٺاهي، گهڙي جوڙي نيٺ اهڙو بيهاريائين، جو ڏسڻ وارا هڪ کان ويهن اکين سان انهن کي ويهي ڏسن، ته به سهي نه ڪري سگهن ته اهي ڪڏهن ڪنهن پاسي بطال ٿي ويا هئا: پر افسوس جو بادشاهه سلامت ۽ وزير نيڪ تدبير کي ويندي پڇاڙيءَ تائين اها ڳالهه ويسهه ۾ ڪانه ويٺي ته سندن نامدار نڪ ايڏي رولڙي کان پوءِ، وري اچي پنهنجين پورين جاين تي براجمان ٿيا هوندا، سو ان ڏينهن کان پوءِ هو پنهنجن نڪن جو ڏاڍو خيال ڪرڻ لڳا...اهي ته اهي، پر کانئن پوءِ سڀ بادشاهه ۽ سڀ وزير، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن ۽ ڪٿان جا به هجن، پنهنجن نڪن جي ڏاڍي سنڀال ڪندا آهن ڪو وڍ يا ڪا رهڙ رهنڊ ته پري رهي، پر انهن تي ڪو ڪک به ڪونه سهن: هميشه هنن کي اها ڳڻتي ۽ ڳڻ لڳل هوندي آهي ته پاڻ کڻي سڄا گند ۾ لبجي وڃن، پر ڪنهن طرح سندن نڪن کي ڪا مر نه لڳي: ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ سندن نڪ سلامت آهن، هو هميشه اهڙا اعلان ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا آهن ته سندن نڪ امانت سلامت وٽن موجود آهن باقي پرائي ماريءَ کان پرهيز هي بادشاهه ۽ وزير نه سکيا سو نه سکيا....البت هو پنهنجي ڪڙم جا ويري نه آهن، سو پرمار پکي کي حرام ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڊني ڊپ کان ان کي ڪونه کائين!

خير، اها ته ٿي بادشاهن ۽ بادشاهن جي وزيرن جي نڪن جي هڪڙي عام ڳالهه، پر خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا هي ٽي ڀائر بادشاهه ۽ وزير جي هنن نابڪار نڪ جي هيڏيءَ ساري مروڙ ۽ مرامت کان نيٺ واندا ٿيا...۽ ڪم از ڪم هيءُ ڀيرو ته هنن هائن کان ڪنهن طرح پنهنجي پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري ۽ خوشي ۽ ڏاهپ جي اڏاند چادر هڻي ڌڻي وڃي هٿ ڪيائون ۽ سچ ڪري پڇو ته هيترين ڳالهين ۾ هنن جو اهو هڪڙو انصاف ئي بس آهي!

پوءِ سڀ ماڻهو جيڪي اتي گڏ ٿيا هئا، تن سان گڏجي، اسان جا هي ٽيئي ڀائر، کلندا ٽهڪ ڏيندا، نچندا ڳائيندا، وڏي شان شوڪت سان اٿي اتان روانا ٿيا، ۽ سڄي واٽ اوسي پاسي جي ماڻهن سان ملندا، حالي احوالي ٿيندا، انهن کي خير خوشيءَ جون خبرون ڏيندا، منزلون ڪندا، نيٺ هڪڙي ڏينهن اچي درياءَ جي ڪپ سان پنهنجي ٻڌايل شهر ۾ پهتا.

اتي جو پهتا، ته بس نئين سر عيدون ٿي ويون، ماڻهو اچي مڙيا، پڙ کڻي ڪڍيائون، دهلن جا ٽاهو ۽ شرنائين جا واڄٽ وڄي ويا، ديڳيون چڙهي ويون، خير خيراتن جي هونگ لڳي ويئي ڏونڪا جهمريون، راڳ روپ، ملاکڙا ۽ قسمين قسمين رانديون مطلب ته چوڌاري سانگ رچي ويا ۽ هر هنڌ مجرا مچي ويا، ۽ ڪي ڏينهن خدا جا ته ماڻهن کي کيل تماش ۽ خوشيءَ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد ئي ڪانه هئي.

نيٺ هڪڙي ڏينهن وڏي ڀاءُ سڀني کي سڏي، سامهون ويهاري چيو ته ”ادا، خوشيون به آهن پورهئي سان پهرين پورهيو پوءِ خوشيون هاڻ وٺو ته ڪم کي وٺون! هيڏا ٽڪر ٽاڪي ۽ ڪشالا ڪڍي جو هي چيزون نيٺ وڃي هٿ ڪيون اٿئون، سو رڳو ويهي ٺينگ ٺپي ۾ وقت وڃائڻ لاءَ نه، پر پنهنجي آئيندي جي آڏڻ ۽ ڪنهن سکئي ساهه کڻڻ لاءِ وهندڙ اڏ به چڱي ۽ بيٺل سمنڊ به گهوريو سو اچو ته بسم الله ڪري ڪم ۾ هٿ ڳنڍيون، هاڻ ته ٻئي ڪنهن لاءِ پاڻ کي ڪمائڻو ڪونهي، جيڪي ڪنداسون سو پنهنجي لاءِ ويٺي شينهن به بک مرن سو ويهڻو پاڻ کي ڪونهي، بس، هاڻي جو جتان جو آهي، سو اتي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي، جيڪو جيترو ڪمائيندو، اوترو اهو کڻندو سست ۽ ڪم چور جي پاڻ وٽ هاڻي جاءَ ڪانهي، جو کيڙي سو ميڙي، جو پوکي سو کائي هوءَ زمين ۽ هي اوهين وڃي خدا کي سنڀاري وجهوس برڪت جو هٿ، ياد رکو، جيسين زمين اوهان جي آهي، تيسين سڀڪجهه اوهان جو آهي: زمين اوهان جي نه رهي، اوهان جو ڪجهه نه رهيو.“

وڏي ڀاءُ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، انهيءَ ئي مهل سڀ اٿي کڙا ٿيا، ۽ هڪ هڪ ٿي، جيڪو جتان آيو هو، اهو اوڏانهن هليو ويو، ۽ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، هڪ منو ٿي هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳو، ڀائرن جون هي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون، سڄي ملڪ جا ماڻهو، ڪر موڙي، سجاڳ ٿي، اٿي ويهي رهيا، پنهنجو پاڻ سڃاڻي ڳالهيون ڳڻي، جيترو جنهن کان پنهنجي وس پنيو ٿي. ٿي سگهيو، ان کان به سوايو ڪم هرڪو پنهنجي بلي ڪري بيهي رهيو.

هڪڙو پورهيو آزاد، ٻي زمين پنهنجي ۽ ٽيون وري ڪم جو هيج بس پوءِ ته ڏسندي ڏسندي، ملڪ جي ائين ڪايا پلٽجي ويئي، ڄڻ ڪا ڳالهه ٿي ڪيئي! ڌرتيءَ ڀٽاريءَ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ساڳيا پنهنجا ساوڪ ۽ سرهاڻ جا ويس کڻي ڍڪيا، ۽ چوڌاري ڀرين فصلن ۽ گاهن جون گلزاريون ان پاڻي، ڪپڙو لٽو گهر گهاٽ، کير مکڻ مطلب هر شيءِ جا انڇر لڳي ويا، ڪيڏانهن ويئي بک ته ڪيڏانهن ويئي بيماري، ڪيڏانهن ويو ڏڪار ته ڪيڏانهن ويا ڏک. ڏولاوا! ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سک ۽ سُڪار جو وارو وري ويو. سڪل منهن سرها ٿي ويا، ۽ دلين جا ڪوماڻل گل ٻيهر ٽڙي، اکيون کولي ۽ مرڪندڙ منهن مٿي کڻي بيهي رهيا، ۽ بهار ڀريل زندگيءَ هڪ ڀيرو وري پنهنجي امرت رس سان ملڪ کي نئين سر جياري ڇڏيو.

... پوءِ چون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي ماڻهن وٽ جيسين ان پيار جي پدمڙي کان مليل اهي ٽي سوکڙيون يعني پورهئي جي بينسري، ناڻي جي ڳوٿري، ۽ خوشي ۽ ڏاهپ جي اڏند چادر، سلامت رهيون، تيسين سندن ملڪ ۾ سڪار ئي سڪار رهيو، ۽ وري ڪڏهن به ڏک ۽ ڏڪار پيٽ بکي ۽ ڏندن وهاٽيل ڏائڻ موٽي وٽن ڪانه آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org