سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ماڻهوءَ جو ڀاڳ

باب: --

صفحو : 11

 

انمول وچن

ٻوليءَ جا ۽ فڪر جا انمول وچن، جي سنڌي هفته وار، ”هدايت“

(جون، نومبر 1984ع) ۾ آيا، جي ڪنهن جا ڪينهن، جي سڀني جا آهن.

”جڏهن به تون مايوس ٿين، تڏهن پاڻ کان فقط هڪڙو سوال پڇندو ڪر: ڇا، تنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو به دخل رهيو آهي، جنهن جي رهڻيءَ ڪرڻيءَ جو طريقو تو لاءِ مثال بنيو هجي، مثال تنهنجي جريت ۽ همت وڌائڻ لاءِ، مثال تنهنجي پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ لاءِ، ۽ جنهن جي ڪردار ۽ عالمي نظر تولاءِ جذبي جو ۽ اتساهه جو ڪم ڏنو، ۽ جنهن جي عقيدن توکي ماڻهن لاءِ عزت جو ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو سبق سيکاريو؟“

”هن دنيا ۾ ڪابه شيءِ ايڏي قيمتي ڪانهي، جيڏو ڪو هڪ نيڪ ڪم، پوءِ اهو ڪيترو به کڻي ننڍو هجي ڪنهن کي همٿائڻ جو هڪ اکر. ڪنهن جي ڳري هانءُ کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪو خوشيءَ جو هڪ ٻول. ڪا هڪ پنهنجائپ جي ڳالهه. ڪا دوستاڻي مرڪ.“

”گوئٽي چوندو هو ته ڪوبه اثر جيڪو هڪڙو ماڻهو ٻئي تي وجهي ٿو، سو پنهنجي شخصيت معرفت وجهي ٿو. ان جي معنيٰ ته جيڪا ڪا نيڪي اسان جي اندر ۾ آهي، اها اسان کي ماڻهن کان ملي آهي. بهترين خيال هوا ۾ ڪونه ٿا وجود رکن، اهي سدائين هن يا هن ماڻهوءَ جي مثالن سان ئي اسان تائين پهچن ٿا، ۽ انهن کي اسين ڏسي ۽ محسوس به ائين ٿا ڪري سگهون.“

”ماڻهوءَ جي سچي وزن جي ثابت ڪرڻ لاءِ دعوائن جي ضرورت ڪانهي. خاص حالات جي ضرورت ڪانهي. ۽ نه بهانن جي ضرورت آهي. اهو هر حالت ۾ اڏول رهي ٿو. مجموعي طور، ماڻهوءَ جو وزن ثابت ٿئي ٿو ۽ ماڻهو ملهائتو بنجي ٿو پنهنجي اخلاقي ذميداريءَ سان - ان سلسلي ۾ ڪي وڏا سوال يا ننڍا سوال به ڪونه هوندا آهن. ڇو ته سڀ سوال وڏا سوال هجن ٿا.“

”ڪنهن به خيال، رٿا يا نقشي جي جائزگيءَ جو اظهار ان جي عملي صورت، يعني ان جي افاديت يا محدم افاديت، مان ٿئي ٿو. پوءِ اهو خيال، رٿا يا نقشو زمان، مڪان ۽ اوڪاشي دنيا سان واسطيدار هجي يا ان کان ٻاهر جي دنيا سان جيڪا انهن وسعتن کان خالي يا بالاتر هجي يا مڃي وڃي.“

”اسان مائٽن، استادن ۽ وڏن کي سدا اها سوچ هجڻ گهرجي ته اسين ڪهڙي قسم جا ماڻهو پالي ۽ اڀاري رهيا آهيون؟ برابر ڪڏهن ان ۾ اسين سڦل ٿينداسين. ڪڏهن ان ۾ اسان کان اوڻايون رهجي وينديون. پر اسان کي وري به ماڻهو ئي اڀارڻا آهن، جيڪي پيار ڪري سگهن. جيڪي ڏک جهيلي سگهن، جيڪي سرجڻهار ٿي سگهن ۽ جيڪي سور ونڊي سگهن، ۽ اهي جيڪي زندگيءَ جي هڪ چڱي رچناتمڪ ۽ نياءَ ڀرئي جوڙجڪ لاءِ وڙهي سگهن. انهن سان جيڪي روحاني طور خالي ۽ سڃا آهن پر آپي ۽ ايمان ۾ ڀريل آهن ۽ متل مانگر مڇن وانگر ٿونهيندا ۽ هر شيءِ کي ڳڙڪائيندا وتن ٿا. ۽ پاڻ کي ماڻهن کان برتر ماڻهو سمجهن ٿا ۽ سڏائين ٿا. اسان کي اهي ماڻهو پالڻا ۽ سپاري وڏا ڪرڻا آهن. جيڪي ماڻهن جي حق ۾ انهن منڪرن کي، ابليسن، قارونن ۽ فرعونن کي اٿي منهن ڏين ۽ انهن جي سڄي مانڊاڻ کي مات ڪن.“

”انسان هميشه مستقبل جا خواب لڌا آهن. انهيءَ ئي ڪري سماجي مسئلا ۽ سياسي تضاد جيڪي حل نه ٿيا آهن، ۽ علم، تهذيب ۽ اقتصادي عمل جي سلسلن جا وڌندڙ دائرا ۽ انهيءَ آهر انهن تي قابض پوڻ جون وڌندڙ مشڪلاتون ۽ صنعتي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقيءَ جا اڀرندڙ ناپسنديده نتيجا ماڻهن کي مستقبل جي امڪانن تي سوچڻ لاءِ آماده ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙن نون نون ۽ بنيادي قسم جي طريقن کي دريافت ڪرڻ لاءِ اتساهيندا رهن ٿا، جن سان موجود توڙي اڀرندڙ مشڪلاتن کي جيتي سگهجي ٿو ۽ اهائي حال جي اٽل تقاضا آهي. جيڪا وري وري ۽ سدائين اسان کي پنهنجو توجهه مستقبل ڏانهن نيڻ تي مجبور ڪري ٿي.“

”انسان جيڪو انسان ڏانهن ذميدار آهي، تنهن جو آدرش، اٽل مقصد ۽ سدا جيئري اون اڄ هيءَ آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ امن، دوستي ۽ قومن جي وچ ۾ برابري ۽ سهڪار هجي.“

”انسان سائنس ۽ صنعتڪاريءَ کي وڌائي ٿو، پر ادب ۽ فن خود انسان کي سڌاري ٿو. ٻي ڪابه شيءِ ڪانهي، جا انهن جي جاءِ وٺي سگهي، ۽ ان ۾ ئي ادب ۽ فن جي اڻ گهٽجندڙ اهميت موجود رهي ٿي ۽ اها ڳالهه انهن تي هڪ وڏي ذميداري پڻ عائد ڪري ٿي.“

”اي جوان، تون جو پنهنجي نوخيز وهيءَ مان نڪري، کهريءَ، تڪليفن ڀريءَ جوانيءَ ۾ قدم رکي رهيو آهين. سفر ۾ پاڻ سان ڪجهه کڻ: تون سڀ انساني اتساهه ۽ امنگ کڻي نڪر، رستي ۾ انهن کي ڇڏي نه ڏي. ڇو ته پوءِ اهي تون ڪڏهن ميڙي نه سگهندين.“

”اخلاق جو، اخلاقيت جو، اخلاقيات جو ويجهي کان ويجهو سٻنڌ ۽ وڌ کان وڌ تعلق وقت جي سڀ کان وڌ صالح ۽ ترقي پسند خيالن سان آهي.“

”عزيز دوست، هن دنيا ۾ اسين آندا ويا آهيون انهيءَ لاءِ نه ته تباهه ڪريون، ناس ڪريون: پر انهيءَ لاءِ ته هر شيءِ کي چڱائيءَ ڏانهن وٺي وڃون. خود ان شيءِ کي به جيڪا ماڻهن برائيءَ ۾ بدلائي نابود ڪري ڇڏي آهي.“

”روح جي قرابت خون جي قرابت کان وڌيڪ اهم آهي ۽ دک جي آواز ۽ پيار جي سڏ جو جواب سڀني انساني وصفن ۾ هڪ اعليٰ ترين وصف آهي.“

”پڪيءَ وهيءَ جي ڏاڪي تي رسيل ڪو جوان مرد ائين ڏسجي ڄڻ هو سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي - مائٽ، دوست، زندگيءَ جو ذوق ۽ چاهه ۽ هن جي اکين مان  هن جي فقط بي خيالي ۽ بيزاري بکي رهي هجي. پنهنجي جسماني سالميت ۾ ئي هن کي ڪو ڀروسو نه رهيو هجي ۽ هن جي وجود مان اندروني هڪ بي وقتي ٿڪاوٽ پئي ڏسجي. ڄڻ پرانهين ڪنهن دس تان ايندي روح جي ڪنهن سفيد پيريءَ ۾ هو داخل ٿي ويو هجي ڪا تازگي، ڪا پختگي هن ڄڻ ڏٺي ئي نه هئي. ائين ۽ اهو سڀ هن سان خاص ٻئي ڪنهن سبب ٿيو هجي يا نه، پر هن جي پنهنجي اخلاقي زوال ۽ من جي سچائيءَ سبب ته پڪ ئي پڪ هن سان ائين ٿيل هوندو آهي.“

”ماڻهوءَ جي اندر جي دنيا جي کوکلائپ ۽ خسيس پڻي کان وڌيڪ زندگيءَ جي سانحن ۾ ٻيو ڪو سانحو ڪونهي.“

”ماڻهوءَ جي عظيم سگهه آهي سڪي ٺوٺ ٿيڻ کان هن جو انڪار، يا ڦري هن جو ڪو بيجان قالب يا سانچو نه ٿي وڃڻ، ته جيئن دنيا جي حماقتن ۽ سکڻاين جي پتلن ٺاهڻ تي ئي پاڻ کي وڃائيندو نه رهي. هر انسان ڄمندي خالق آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ميدان ۾ تخليقي طور ڪم ڪرڻ کپي، ته جيئن جو ڪجهه بهترين هن ۾ هو، اهو هن جي وڃڻ کان پوءِ به باقي رهي.“

”ڇا، انسان ئي سياست جو موضوع ۽ مقصد نه آهي؟ جڏهن اسين نوجوانن کي اتساهيون ٿا ته زندگيءَ ڏانهن هو تعميري رويو رکن. ته اهوئي ته اعليٰ سياست جو سچو موضوع آهي، انهن کي سياسي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي اهائي ته هڪ ڪوشش آهي.“

”جيڪو شخص ماضيءَ کي ياد نٿو رکي، اهو نه فقط ذهن کان محروم پر احسان جي شعور کان پڻ خالي آهي.“

”اسين نه ته ٻيو ڀلا ڪير سياسي مسئلا کولي نوجوانن جي آڏو رکندو انهيءَ لاءِ ته هو ڪره ارض جي ۽ پنهنجي ديس جي تقدير تي ڪجهه سوچين.“

”اسين پڙهندڙن کي سڀ کان اول، ڇا ٿا ڏيڻ گهرون؟

سڀ کان اول ڄاڻ، معلومات، سچي ڄاڻ، رکندڙ ماڻهو وڌيڪ ٻوڙو ۽ نابين نٿو رهي. هن جو ميڄالو ڪم ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ئي اسين سندن ۽ دستاويزن جي تلاش کي ايتري اهميت ڏيون ٿا.“

”اسين پڙهندڙن سان احوال ڪرڻ گهرون ٿا خاص طرح نوجوانن سان: ڇو ته هو سٻاجها آهن. ذهين آهن. پنهنجي ڳالهه ڄاڻن ٿا. خوش مزاج آهن. انساني عيب ثواب جي ڪمين بيشين کي تسليم ڪن ٿا: ويساهه گهاتي، بزدلي، بي ايماني ۽ دولاب جهڙين بڇڙائين کان پري ڀڄن ٿا، اسين سندن انهن خصلتن جو قدر ڪريون ٿا. ڇاڪاڻ ته دنيا کي، اسان جي سماج کي، فضليت ۽ سٻاجهائپ جي ضرورت آهي. انهن خصلتن سان هٿياربند ٿي، اسان جا نوجوان بديءَ جي خلاف جنگ ۾ پهرينءَ صف ۾ بيهي وڙهن ٿا، ههڙا نيڪيءَ، اعتماد ۽ سچائيءَ جا پتلا ئي اسان جي ماڻهن کي شيهي جيئن ملائي هڪ ڪري بيهاريندا - ۽ جي ائين ٿيو، ته اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ڄڻ ساب پيئي ۽ ڪامياب ٿي.“

”سچ کان مٿي ڪابه شيءِ ڪانهي. ۽ ماڻهوءَ ۾ چڱائيءَ جي ايڏي وڏي جا طاقت آهي، هر ٻيءَ طاقت کان وڏي طاقت. انهيءَ ڪري سچ وڌي ٿو ۽ پچي راس ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جي بريءَ دل ۾ به. بشرطيڪ ان جي ڇار ۾ سچ جي چڻنگ اجهامي نه ويئي هجي.“

”آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته اسان جي دور ۾ سياسي جدوجهد کان هٽي پري ٿي بيهڻ هڪ وڏو انساني ڏوهه آهي.“

”ادب جو اعصابي مرڪز ماڻهوءَ جي اخلاقي اصولن جي تلاش آهي. هن جي آجيت روح جي تلاش، اندر جي تنگيءَ خلاف هن جي بغاوت جي تلاش، چڱائيءَ جي اٽل ڪاميابيءَ ۾ هن جي ايمان جي تلاش.“

”جڏهن سڀ اخلاقي قوتون ماڻهوءَ ۾ جاڳن ٿيون، تڏهن هن جو ذهن اڳتي وڌي ٿو، ۽ پيار ۽ ڪهل وڌي هن جون سڀ کان املهه انساني صلاحيتون بنجي پون ٿيون.“

”انساني زندگيءَ ۾ پيار کان اوچي ڪا شيءِ ڪانهي. ”پيار“ جو لفظ سنڀي ٻولين ۾ سڀ کان زياده سڳورو، سڀ کان زياده دلپسند لفظ سمجهيو وڃي ٿو. پيار انساني لاڳاپن جو نچوڙ آهي، سنگ آهي، روح آهي. اهو ماڻهوءَ کي جادوءَ جهڙو اتساهه ڏئي ٿو. سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اڳ، اهو نئين زندگيءَ کي ابتدا بخشي ٿو.“

”انسانن جو هڪ نسل گذري ٿو وڃي ۽ ٻيو نسل اچي ٿو. پر پيار هڪ سدا جيئرو سٻنڌ آهي، ۽ اهو انسان ذات جي مڙني نسلن کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏي ٿو.“

”هر شيءِ ۾ ۽ هر هنڌ اسان کي صاف گوئيءَ ۽ پوريءَ ديانتداريءَ سان پنهنجي جوان نسل کي هڪ خيال سان، هڪ خبر کان، واقف رکڻو آهي: اوهان جي آڏو وڏي هڪ جاکوڙ، وڏو هڪ ڪشالو موجود آهي.“

”روشنيءَ جي مشعل، جيڪا اڄ اسان جي هٿ ۾ آهي. اسان کي انقلابين، عالمن ۽ سائنسدانن ۽ شاعرن وڌي هٿ  ۾ ڏني آهي. جيڪي ڏاها ماڻهو هئا ۽ چڱا ماڻهو هئا ۽ هو انهيءَ ڪري کاهوڙي بڻيا هئا، جو کين عقل جا ۽ نيڪيءَ جا آدرش بچائڻا هئا. هو ٺلها کاهوڙي نه هئا: پر هو ماڻهوءَ جي سک ۽ ماڻهوءَ جي خوشيءَ ۽ خبر جا جاکوڙي ۽ جهونجهار هئا.“

”نرملتا، ڪهل ۽ چيتنتا (حسيت) کي ڪڏهن ارادي جي هيڻائي نٿو چئي سگهجي. اڄ جي گهڻ روپي ۽ چنچل دنيا ۾، جيڪا سدا بدلجندي رهي ٿي. اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي سٺا، کرا ۽ سپهتا اسريل هجن - جن ۾ خيال جي پختگي ۽ اخلاقي جرئت هجي، ۽ جن جون دليون دک ڄاڻندڙ ۽ سڏ اونائيندڙ هجن اهڙيون دردمند ۽ ڀڄي پوندڙ جهڙيون انساني دليون شايد اڳ ڪڏهن نه هيون.“

”اسان جو زمانو دنيا جي هڪ سچيءَ پچيءَ ۽ سڀ تي محيط انقلابي ڪايا پلٽ جو زمانو آهي اهو هڪ زمانو جڏهن ماڻهو هڪ اصلي ۽ لازمي نئين عالمي نظريي ۽ زندگيءَ جي هڪ نئين فهم ۽ نئين ادارڪ جو اعلان ڪري رهيو آهي.“

”انعام ڪمن لاءِ آهن، پر ڪم انعامن لاءِ نه آهن. سڀ سنجيده ڪم، جن سان يا جن جي ڪري دنيا هلندي رهي ٿي، انهيءَ لاءِ ڪونه ٿا ڪيا وڃن ته وڏائي ٿئي، واکاڻ ٿئي يا پوڄا ٿئي، وڏائي پوءِ ٿي ٿئي ۽ تسليميءَ ۽ احسانمنديءَ جي موٽ به پوءِ ٿي اچي - انهيءَ لاءِ جيڪو حوصلي ۽ همت ڀريءَ انسانيت جو مثال قائم ٿو ڪري.“

”ڪي ماڻهو چوندا آهن: مون کي ڪو ڀانئين يا نه ڀانئين، پر مون کان هنن کي ڊڄڻ گهرجي - بس!“

”جيڪي ماڻهو انهيءَ سادي ۽ ٺوٺ نسخي ۾ اعتقاد رکن ٿا تن کان تحقيق ماڻهو ڊڄن به ٿا، پر اهي سڀ ڌڪاريا به وڃن ٿا. ڪٺورتا جي جواب ۾ ڪڏهن به عزت يا پريم ڪونه ٿو ملي. ۽ ڊپ جيڪو ڪٺورتا جاڳائي ٿي سو به سدائين نٿو رهي، اهو گذريو وڃي: ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڊپ ڪندي ڪندي ٿڪجي پون ٿا. پر ڪنهن جي مڃتا کان، ڪنهن کي ڀانئڻ کان، ڪنهن جي عزت ڪرڻ کان ڪوبه ڪڏهن ڪونه ٿو ٿڪجي.“

”هڪ سچو استاد، ڪاريگر يا ماهر پنهنجي برتريءَ سان ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ ڪونه ٿو ڪري. ان جي بدران هو ٻين ۾ کانئس گوءِ کڻڻ جي خواهش اڀاري ٿو. رواجي سطح کان مٿي اڀرڻ جي، پاڻ ۾ نون ممڪنات جي دريافت ڪرڻ جي.“

”دنيا ۾ خودپسنديءَ جهڙي، خودخوابيءَ جهڙي هولناڪ شيءِ ٻي ڪانهي. سنجيده زندگيءَ، حيرتناڪ زندگيءَ جو سڄو جوهر انهن لفظن ۾ چڪيل آهي. پنهنجي پاڻ کان ناراضگي ئي اڪيلي شيءِ آهي، جا روحن کي ڌونڌاڙي ٿي جيڪي فطرت جا با ڪمال عطيا آهن. ۽ انسان جي ترقيءَ ۾ روح جون ڪي حدون ۽ ڪي ڇيهه ئي ڪونه آهن.“

”ڪنهن ماڻهوءَ جي اصل وٿ ان مان ڪانه ٿي مقرر ٿئي ته هن ۾ ڪيترو انگ چڱن گڻن جو آهي پر هن جي ڪم مان مقرر ٿئي ٿي: ان ۾ هن جي مهارت مان، ان ۾ هو ڪيترو اتساهه وٺي ٿو تنهن مان، آءٌ سمجهان ٿو ته هر زبان ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت ڀريا جيڪي لفظ آهن تن مان هڪڙو لفظ آهي ”استاد“ ، ”ڪاريگر“ ، ”ماهر“ جيڪو ئي عزت ۽ قدر جي علامت به ليکجي ٿو.“

”ڊپ جي بنياد تي ڪوبه اختيار يا ڪابه حاڪمي قائم نٿي ٿئي. ماڻهن جي وچ ۾ ڊپ جو تعلق سڀ کان وڌيڪ غير فطري شيءِ آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ مشڪل به. ٻن استادن جي وچ ۾ جن مان هڪ کان شاگرد  رڳو ڊڄن ٿا ۽ ٻئي کان ڊڄن ٿا ته ناراض نه ٿي پوي. ٻئي نمبر وارو استاد بهتر ماڻهو ليکي سگهبو.“

”جيئن خيال ماڻهن کان ٻاهر وجود نٿا رکن تيئن ماڻهو به خيالن جي ٻاهر وجود ڪونه ٿا رکن.“

”ماڻهوءَ لاءِ لازمي آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ هن جي آڏو ڪو آدرش هجي. ڪو اعلي مقصد هجي يعني هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو هوا جي رخ سان ڌڪبو اڳتي ٿو وڃي. پر شعوري طور پنهنجي وجود  کي وس ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دراصل ڪو به وجود ثابت قدميءَ کان سواءِ ناممڪن آهي، ۽ ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏي ثابت قدمي ڪنهن اعلي مثال جي قوت سان ئي هجي سگهي ٿي، جنهن جي پيروي هو پوري يقين سان ڪري ۽ نه محض ڪنهن حڪم يا فرمان هيٺ.“

”منهنجو عقيدو آهي ته  نراسائي، بي همتي ۽ البيلائي ماڻهوءَ تي حاوي تڏهن ٿين ٿيون، جڏهن اخلاقي مثال هن جي ذهن مان اوجهل ٿين ٿا. ڪو فڪري جهلو هن وٽ نٿو رهي. جڏهن ڪنهن ۾ هن جو ايمان نٿو رهي: ۽ پنهنجي عملن جي هو ٻين جي عملن سان تورتڪ نٿو ڪري.“

”اوچو سڪون، جيڪو خوشيءَ جي بدل آهي، اهو شعور آهي، اهو احساس آهي، ته تون اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل آهين جن جي عملن ۽ راين مان تون زندگيءَ جي جدوجد لاءِ سرت ۽ سگهه حاصل ڪري سگهين ٿو.“

”اسان جا امنگ ۽ اڌما ۽ اسان جي سڄي جاکوڙ اسان کي اسان جي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن.“

 

او سنڌ...!

او سنڌ،

منهنجي پنهنجي سنڌ!

اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان_

ٻڌاءِ!

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

آءُ ڪير آهيان؟

تون ٿي مون کان پڇين‘

....ماءُ!

آءٌ....تنهنجو اولاد!

تنهنجي مامتا جي گهراين،

تنهنجي شادابين، سبزين،

تنهنجي مٽيءَ، تنهنجي پاڻيءَ تنهنجيءَ هوا،

۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!

تنهنجو اولاد....!

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾ مون توکي ڏٺو:

تنهنجو سدا حيات سنڌو، درياهه،

تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

تنهنجون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت -

منهنجا ڀائر،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

هي تنهنجن تلائن، ڍنڍن ڍورن ۾

ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:

هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون،

....تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

....هي سڀيئي!

هي ۽ آءٌ.....اسين سڀيئي تنهنجو ئي ته اولاد آهيون!

اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي!

اسان مان هرڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾، تو سان ئي ڳالهائي ٿو،

... توکان ئي ڪجهه گهري ٿو، توکان ئي ڪجهه طلبي ٿو:

۽ تون،

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

سو سڀ اسان سڀني کي،

اڻ گهريو، ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشہ ڏين!

۽ آءٌ...

انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

- ۽ ڪجهه ڏيندس -

اهو ڪجهه! جو توکان،

تنهنجي وسعتن مان،

تنهنجي شادابين مان،

چورائجي ويو...

پڌري پٽ، ۽ ڏٺو وائٺو!

۽ تون هڪ سوال بڻجي وئين،

منهنجي لاءِ، منهنجن ڀائرن لاءِ،

ڪمين، ڪا سبين ۽ پورهيتن لاءِ!

جيجل...!

اهو ئي سوال...

تڏهن اڄ ٿو آءٌ تو کان پڇان!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ...

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

(”مهراڻ“ بهار، 1955ع)

                 

خالي آهي جهول، آهي ڪو جو دان ڏئي!

ٻيجل جو آ ٻول، آهي ڪو جو مان ڏئي!

 

پيءُ پهرين پوءِ جيءُ، مرڻ جيئڻ جو مام اهو،

موکيءَ جو آ قول آهي ڪو جو جان ڏئي!

 

تن من ڌن جي راند، جيتي سو جو پاڻ ڇڏي،

آهي ڪو ڏاتار، جيڪو ههڙو ڏان ڏئي!

 

حق ناحق جي ڳالهه، ڳالهين سان حل ڪيئن ٿئي!

ناحق کي آ زور، حق لئي ڪو ٻلدان ڏئي!

 

اُٿ اُٿ اکيون کول، ستلن کي ٿو ساٿ سڏي!

اچ اچ مرد آموٽ، منزل پئي اعلان ڏئي!

 

سر سان ئي سٽ جوڙ، سر ري ڪونهي ڪو به بلو!

آزادي انمول، توکي ڪو ايمان ڏئي!

 

(اپريل، 1967ع)

 

 

پرستش جنهن کي پنهنجي آهه، سو انسان ئي ناهي،

وطن جي حب جنهن کي ناهي، سو انسان ئي ناهي.

 

پراون جي اڳيان پوڇ لوڏ، هر هر ۽ تکي تڪڙي،

۽ پنهنجن تي ئي باهو باهه، سو انسان ئي ناهي.

 

رکي روزا، نمارون ٿو پڙهي، ۽ حج پڻ هر هر،

بندن سان ناهه جنهن جو ٺاهه، سو انسان ئي ناهي.

 

ڪري منهن تي خوشامد ۽ اٿس پرپٺ گلا غيبت،

تنهين بزدل سان ڪنهن جو ڇاهه؟ سو انسان ئي ناهي.

 

ڏسي، پنهنجي مخالف جو ڪو سهڻو شعر، هو ان ۾،

ڪري ٿو طنز سان ڀڃ ڊاهه، سو انسان ئي ناهي.

 

اديبن تي اٿي ويٺي، هڻي جو ڪوڙ ۽ چغليون،

انهيءَ ڊوهيءَ جو ڍينگو ڊاهه، سو انسان ئي ناهي.

 

ٿيڻ چاهي ٿو جو سمنک، وطن دشمن سان اي همدم،

سگهو ان جي تون پڳڙي لاهه، سوانسان ئي ناهي.

 

سجاڳيءَ جي علمبردار جي سڏ تي ٿو چڙ کائي،

ٿو روڪي رهنما جي راهه، سو انسان ئي ناهي.

 

هٿين پيرين ڪري ٿو پاڻ ڏاڍن جي غلامي، پر

اٿس هيڻن تي ڪاهو ڪاهه، سو انسان ئي ناهي.

 

ڏٽا ڏيئي ڦري ٿو ۽ ڦري ٿو پنهنجي ساٿين کان،

ڪري ٿو گهات جو ويساهه، سو انسان ئي ناهي.

 

سڀاڳيءَ سنڌ جي ئي آب داڻي تي پيو پلجي،

نه ڏئي تنهن ماءُ تي ٿو ساهه، سو انسان ئي ناهي.

 

ٻري هت باهه نمرودي، وٽم گلزار ”ابراهيم“،

چوي گلزار کي جو باهه، سو انسان ئي ناهي.

 

(”روح رهاڻ“ ، آگسٽ 1967ع)

 

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!

پورهئي ۾ هن عجب اسرار!

 

”پورهيو“ ، ”ناڻو“ ، ”سک“ ٿيا ڀائر،

”سرت ۽ ڏاهپ“ تن سينگار.

 

”جيڪو پوکي سوئي کائي“،

حق جي، حق هيءَ آ للڪار.

 

نياز ۽ نيڪي، امن ۽ راحت،

پيار جا هي سڀ ٿيا اپڪار.

 

پورهيو، پيار ۽ عدل جي گڏجن،

ٿين سڀن جا ٻيڙا پار.

 

اچو ته سڀئي گڏجي ڳايون،

”پورهئي جي جئه جئه جئڪار!“

 

پورهيو ڪر تون پورهيو يار!

پورهئي ۾ هن عجب اسرار!

م. ا . ج.

 

(”مهراڻ“  1959ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org