سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سدا گلاب

باب:

صفحو :2 

18. آءٌ نه اُتان اچڻو، نه وڃڻو

آءٌ نه اُتان اچڻو نه وڃڻو.

اوچتو اچي اُنهي ڏهاڙي سندن در وٽان لانگهائو ٿيس.

هيءَ گجر به ڪا ٻنڀي وٽ بيٺي هئي.

وار ڇڙيل، چيلهه سنهڙي ٽنگن ۾ ڪڇو؛ بت تي گهگهري، ناز منجهان مون ڏانهن نهاري مون کي وٺي کيڪاريائين؛ منهنجي دل کسي ورتائين.

اُڀ ۾ تتر کرڙي، اڃا سنجهو هو.

ڏين تي وٽ ئي ڪا نه چڙهي هئي.

هنجو منهن بيضوي، نڪ آمي ڦار، چوڏهينءَ ماهه چنڊ جون ٿي سڪون لاٿائين؛ منهنجي دل کسي ورتائين.

آءٌ هنئر ڏهاڙي، وراڪو ڏيئي به، اُتان ضرور لنگهان.

سڪ ٻڏنديون اکيون کنيو سندن در ۾ پيو نهاريان.

آءٌ ڇا ڪريان؟ پنهنجيءَ ناز ڀريءَ نهار سان مونکي نهوڙي نيائين؛ منهنجي دل کسي ورتائين.

 

19. مون سان پوءِ دل لڳايءِ ڇو؟

منهنجي گجر! تون هونئن پريانئي مونکي ڏسين، ته وڌي اچي مونکي کيڪارين.

پوءِ اڄ، مون خطا ڪهڙي ڪئي، جو اڳواڻي پر تو ڇڏي ڏني؟

منهنجي گجر! مون اڃا ڪالهوڻي ڪالهه، تنهنجا ويٺي ڳڻ ڳايا. چوان پيو: وري به شڪر، تون ته منهنجي هنياري وٺين ٿي!

پوءِ اڄ؛ مونکان هٿون ڪهڙي پئي، جو منهنجي تون بنهه پاڇي کان پئي ٽهين؟

منهنجي گجر! مون ڌاران توکي کڻي سري به؛ پر مون کي ته تو ٻاجهون ڏاڍي ڏکي نبرندي!

مون سان پوءِ اکه اڙايءِ ڇو؟

مون سان پوءِ دل لڳايءِ ڇو؟

 

20. هن رولاڪ کي پور ڪهڙو پيو؟

پرهه ڦٽي پرڀات ٿي، ته هن رولاڪ کي پور ڪهڙو پيو، جو اسانجي ٻنڀي وٽ لنگهي آيو؟

هنئر ته آءٌ اندر وڃان ڪي ٻاهر ٿيان، ته ڀيري ڀيري وٽانئس لنگهان اوس؛ ۽ منهنجون اکيون به وڃيو سندس منهن ۾ کپن.

پوءِ چوان: ڇا ڪريان؟ ساڻس بيهِي ڳالهايان، ڪين چپ کڻي ڀيڙيان؟

سانوڻيءَ ۾ رات جو اُڀ ۾ آگم؛ سهرو ۾ آسمان منجهه صاف صفائي؛ بهار ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڏاکڻي هوا؛

هي نت نئون، سج سنئون، نوان نوان سُرڪَڍيو، اُنهن منجهه پنهنجا راڳ پيو پونئي.

منهنجو ڌيان ڪم مان نڪريو، ڏانهس ڇڪجيو وڃي، ۽ نيڻن ۾ منهنجي جهڙ ٿيو پوي.

پر هن کي پور ڪهڙو پيو، جو اسان جي ٻنڀي وٽ لنگهي آيو؟

 

21. امڙ! اُڪنڊيو اچي لانگهائو ٿيو

امڙ! هو اُڪنڊيو اڄ به اسانجي در وٽان اچي لانگهائو ٿيو.

پوءِ سڪ ٻڏنديون اکيون کڻي، مون ڏانهن نهاريائين گهڻو ئي، پر تو جو مونکي جهلي ڇڏيو هو سو مون دوس ڏنومانس ئي ڪونه.

امڙ! هو اُڪنڊيو اڄ به اسان جي در وٽان اچي لانگهائو ٿيو.

پوءِ منهن سڪل جهڙي چوٿريِ، لال اکين سان مونکي واسطا گهڻئي وڌائين؛ پر تو جو مون کي جهلي ڇڏيو هو، سو مون ورجايو مانس ئي ڪونه.

امڙ! هو اُڪنڊيو اڄ به اسان جي در وٽان اچي لانگهائو ٿيو.

پوءِ هٿ ۾ جو هس هوس، سو مون کي آڇيائين گهڻوئي؛ پر تو جو مونکي جهلي ڇڏيو هو، سو مون ورتومانس ئي ڪونه.

امڙ! تون مون ڏانهن هئن ڇو پئي نهارين؟

هو اُڪنڊيو، سچ، اڄ به هتان اچي لانگهائو ٿيو؛ پر تو جو مون کي جهلي ڇڏيو هو، سو مون نه دوس ڏنومانس، نه ورجايومانس، نه هس ورتومانس.

پر ڳچيءَ ۾ منهنجي جي چونين جو هار پيو هو سو گم الاجي ڪئن ٿي ويو؟

امڙ! هو اُڪنڊيو، سچ، اڄ به اسان جي در وٽان اچي لانگهائو ٿيو.

 

22. چونريءَ جو ڇهاءُ

قدم تڪڙو تڪڙو، پاڻ منهنجي ڀر مان لنگهي ٿي ته چونِريءَ جو پلو ڪو سندس مونکي لڳي ويو.

دل جي اُنهي ٻيٽاريءَ مان، جنهنجي لکه ئي ڪانه اٿم، اوچتو ئي ڦڪُري بهاري هير اچي ڇٽڪي.

گل جي پنکڙي هوا ۾ اُڏامي وڃي، اُنهي جيان، پلو جو ڇهاءُ ئي هڪڙو، مونکي هئن ڇهي، اکه ڇنڀ ۾ گم ٿي ويو.

منهنجي دل تي اثر اهڙو وڌائين، ڀانءِ ته بت سندس سڏڪا پئي ڀريا، ۽ دل سندس ڀڻڪيو ٿي.

 

23. منهنجو تومان ويسهه تڏهانڪر ويو!

ڏجي ته ڏيکارجي نه. پر تو مونکي ڏنو، سو ڏيهه کي ڏيکاري.

پوءِ کر کي جا خبر پئي، تنهن هچاري هنڌ پٽ وڃي ڳالهه هُلائي.

تنهنجي ۽ منهنجي وچي۾ هي ويڇو تڏهانڪر پيو!

پريت ونڊجي ته لوڪان لڪائي. پر تو پريت ونڊي ڏونڪو وڄائي.

پوءِ کر کي خبر پئي، تنهن هچاري هنڌ پٽ وڃي ڳالهه هلائي.

تنهنجو مونسان هي ويڇان تڏهانڪر ٿيو!

روئجي ته رڙجي نه. پر تو آنسون وهايون مونکي اوساري.

پوءِ کر کي جا خبر پئي، تنهن هچاري هنڌ پٽ وڃي ڳالهه هلائي.

منهنجو هيڪاري به تو مان ويسهه تڏهانڪر ويو!

 

24. مونسان کڻي دل اندر جو راز سل

دل جو راز، ساهيڙي! دل اندر ۾ نه سانڍ.

ڪن سن ۾، مونسان ئي- ڇڙو مونسان ئي- ڇُلي پوَ.

تنهنجي مرڪ ههڙي حليم، تنهنجو ڀڻڪو ههڙو نرم، منهنجا ڪن نه، دل منهنجي اوس ٻڌندي.

 رات اونداهي، گهر ۾ چپ چپات، پکي پرندا آکيرن ۾ سُتا ننڊون پيا ڪن.

تون جا ڪڏهن پئي روئين ته ڪڏهن پئي هسين،

ڪڏهن لڄ ۾ پئي لڪين ته ڪڏهن درد ۾ پئي دانهين، مونسان کڻي دل اندر جو راز سل.

 

25. اڃا آهي

اڃا آهي.

مونکي ڊپ هو ته هتان جيڪس لڏي وئي!

ڪنهن ويل پيو ڀانيان جو پاڻ ماڳهين هئي ڪانه؛ ۽ هي رڳو منهنجو وهم هو!

پر نه، هنئر ڄاڻان ٿو ته آهي.

اڃا آهي.

مونکي خطرو هو ته وري شَتَ ڪانه ڏسبي!

ڪنهن ويل پيو ڀانيان جو هيءَ اپڇرا بنهه هئي ڪانه؛

۽ هي رڳو منهنجو وهم هو!

پر نه، هنئر ڄاڻان ٿو ته آهي.

اڃا آهي.

مونکي ڀوَ هو ته وري شايد ڪانه ملندي!

ڪنهن ويل پيو ڀانيان جو مونسان اکه اڙايائين ڪانه؛

۽ هي رڳو منهنجو وهم هو.

پر نه، هنئر ڄاڻان ٿو ته آهي.

منهنجي دل ٽُرڙ وڻ وانگر اڪيلي، اُنهي ۾ هيءَ دڪ دڪ ڇا جي پئي ٿئي؟

ڪهڙي انبرت جي اُتس بوند پئي، جو هئن باغ بهار پئي ٿئي؟

 

26. شرم! شرم!

ننڍڙا جوان! هيڏانهن اسان وٽ ته آءٌ؛ سچ چئجانءِ تنهنجن اکين ۾ هي خمار ڪٿان آيو؟

مونکي ڄاڻ ئي ڪونهي ته مون ڪهڙي سِه آتشي جو پٽ چاڙهيو، جو اکين ۾ خمار ٿي پيو اٿم!

شرم! شرم!

بس! ڪي سياڻا، ڪي اياڻا؛ ڪي ڏر تي ڏاها، ڪي الغرضا؛ ڪي اکيون ٽمڪايو وهسن پيا، ڪي منجهن آب آڻيو روئن پيا؛ منهنجن اکين ۾ اُهو ئي خمار!

ننڍڙا جوان! وڻن جي ڇانو ۾ هئن ماٺ ڪيو ڇو بيٺو آهين؟

دل جي بار ڪنان پير ڳورا ٿي پيا اٿم؛ ۽ آءٌ ماٺ ڪيو، ڇانو ۾ بيٺو آهيان.

شرم! شرم!

بس! ڪي پنڌ ڪندا هلندا وڃن، ڪي وچ واٽ تي ئي وهيو رهن؛ ڪي ڇڙواڳ، ڪي پابند؛ منهنجا پير، دل جي بار ڪنان چُرن ئي نٿا.

 

 

27. آءٌ اوسيڙي لڳه، اکيون پايو بيهان

منهنجا ساهڙا! آءٌ ڏهاڙي، تنهنجي اوسيڙي لڳه، در وٽ اکيون پايو بيهان. چوان: اجهو ٿو منهنجو ساهيڙو اسانجي ٻنڀي وٽون لنگهي، ۽ آءٌ به سندس مٺڙو منهن ڏسي، دل من پنهنجو سرهو ڪريان!

۽ مٺا! تون پٿر دل اهڙو، جو انڌ پنڌ اُتان لنگهين به، پر مون ڏانهن اکيون کڻي نهارين نه!

منهنجا ساهيڙا! اها ڪاسائڪي ڪار تون ڪٿان سکئين؟ توکي پنهنجا عهد پيمان شت وسري ويا؟ ڏس، هنرءَ تون پارئي اُبتا پيو هلين!

مونکي وساري، ليٽ متان ٻئي هنڌ پيو کائين؟

آءٌ چوان: ڏکيو ڏوراپو تو ڍول کي آءٌ ڪهڙو ڏيان!

تون منهنجو ساهيڙو، تنهنجي ڳالهه آءٌ ڪنهن سان ڪريان؟

 

28. هائو، تون لڄارو، گهڻو گهرين ڇا!

تنهنجن هٿن مان جيڪي مونکي سهج سڀاءُ ملي، آءٌ سوئي پيو ڳنهان؛ وڌيڪ واسطي وات آءٌ وجهانئي ڪونه.

هائو، هائو، پنڻا فقير! آءٌ توکي سڃاڻانٿي؛ تون لڄارو، گهڻو گهرين ڇا! رڳو جيڪي به تنهن شخص وٽ هجي، سو ٿو کانئس طلبين!

گل ڦل ئي ڪو مونکي مليو ته ڳري کڻي لائيندو سانس.

پر جي منجهس ڪنڊا هجن؟

آءٌ اُهي به پيو سهندس.

هائو، هائو، پنڻا فقير! آءٌ توکي سڃاڻا نٿي؛ تون لڄارو، گهڻو گهرين ڇا! رڳو جيڪي به تنهن شخص وٽ هجي، سو ٿو کائنس طلبين!

هڪوارئي، نينهن ڀريا نيڻ کڻي، منهن ڏي منهنجي نهارين، ته جيوت منهنجي جيڪر مئي پڄاڻا به مٺي ٿي پوي.

پر جي اُنهي ۾ رڳو جور جفا هجي؟

آءٌ، ته به، ساه سنئون سانڍي رکندوسانس، پوءِ ڀل ته دل ۾ منهنجي چڀ چڀ پئي ٿئي!

هائو، هائو، پنڻا فقير! آءٌ توکي سڃاڻا نٿي؛ تون لڄارو، گهڻو گهرين ڇا! رڳو جيڪي به تنهن شخص وٽ هجي، سو ٿو کانئس طلبين!

 

29. منهنجي ساهيڙي

منهنجي ساهيڙي، چوٽا ڀري ڪپور، جنهن ويل ناز منجهاران ٻاهر ٿي نڪري، تنهن ويل هنڌ پٽ اُنجي هٻڪار مان واسجيو وڃي!منهنجي ساهيڙي! چوڏهيءَ ماه چنڊ جيهي، جنهن ويل گهونگهٽ لاهي، نڪري نروار ٿي ٿئي، تنهن ويل ڪنڊ ڪڙڇ سندس سهائيءَ ۾ پئي ٻهڪي!

اُنهي هڳاو تي پوءِ ڪئين ته اچيو ڀونر ڀرن.

اُنهي هڳاوَ تي پوءِ ڪئين ته اچيو پئنگ مڙن.

باغ وارو گل ٽڙيو ٽڙيو ڪومائجيو وڃي.

اُڀ وارو چنڊ کڙيو کڙيو نيسائجيو وڃي.

هنجي ڪپور جي سرهاڻ سدا سالم؛

هنجي چهري جي چانڊاڻ سدا قائم.

 

30. ساهيڙا! تون هي پروليون ٿو ڏين

سڪ منجهان بلڪ درد اُپڄي، ته به اُتس ويسهه آڻ؛ دل جا طاق پُوري نه ڇڏ.

نه ساهيڙا! نه، تون هي پروليون ٿو ڏين، جي آءٌ سلي نٿي سگهان.

مٺي منٺار! دل آهيئي انهي ڪا تر ته لڙڪ سان ڇا مرڪ سان کيس پريتم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏجي.

نه ساهيڙا! نه، تون هي پروليون ٿو ڏين، جي آءٌ سلي نٿي سگهان.

ڀوڳ ولاس آهي ماڪ جي ڦڙي وانگر، جو مُرڪنديئي مريو وڃي.

درد ۾ دم ٿئي ٿو، ۽ جٽاءُ ٿو ڪري.

سو، تنهنجن اکين ۾ ڀل ته درد ڀري سڪ آتڻ اچي جوڙي.

نه ساهيڙا! نه، تون هي پروليون ٿو ڏين، جي آءٌ سلي نٿي سگهان.

ڪنول گل، سورج شاخون ڪڍي، ته ٽڙي پيو؛ پوءِ جيڪي وٽس هجي سو ڏيو وهي؛ سياري جي ماڪ ۾ بلڪ دائما به مکريءَ ۾ بند ٿيو رهندوئي ڪين.

نه ساهيڙا! نه، تون هي پروليون ٿو ڏين، جي آءٌ سلي نٿي سگهان.

 

31. ساهيڙا! تون ڏکڙو نه ڪڍجانءِ

ساهيڙا! تون ڏکڙو نه ڪڍجانءِ. آءٌ لاچار آهيان. اما ٿي مونکي پل وجهي. هونئن نه ته آءٌ مري نه وڃان، جو تو جهڙي سڄڻ ساهيڙي سان.......

ساهيڙا! مونکي ڏينهن رات تنهنجي وائي وات، آءٌ رڌيان پچايان، ڀريان سبيان، تنهنجي مورت منهنجن اکين اڳيان پئي ڦري. پر آءٌ ادورِي، توکي دوس ڏيانئي ڪانه، جو اما ٿي مونکي پل وجهي.

هونئن نه ته آءٌ مري نه وڃان، جو تو جهڙي سڄڻ ساهيڙي سان....

ساهيڙا! آءٌ توکي در جي چورٺ مان ڏهاڙي ٿي ڏسان. تون مٺا! پٺيروئي پيو سونهين. منهن سامهون ٿينم ته رڳ رڳ منهنجي رچي پئي. پر آءٌ ندوري، توکي کيڪاريانئي ڪانه، جو اما ٿي مونکي پل وجهي. هونئن نه ته آءٌ مري نه وڃان، جو تو جهڙي سڄڻ ساهيڙي سان.........

ساهيڙا! تون منهنجو آڌر، تون منهنجو آڳانڍو، تون کن ويرم لائين ته من پيو منهنجو ماندو ٿئي، اکين اڳيان پيون انڌيون اچنم. چوان: شال جڙيو جيئرو هجين! شال ڏِس پئي وسيئي! پر کلايو آءٌ تنهنجو نالو وٺانئي ڪانه، جو اما ٿي مونکي پل وجهي. هونئن نه ته آءٌ مري نه وڃان، جو تو جهڙي سڄڻ ساهيڙي سان.........

 

32. تون منهنجو، تون منهنجو

تون پوڃاڙين جو ڪڪر، منهنجن سپنن جو آسمان، تنهن ۾ ترين پيو.

پنهنجيءَ پريم ڀريءَ اُڪنڊ سان آءٌ توکي نِت چٽيان پئي، آءٌ توکي نت ڏِکيان پئيِ.

منهنجا سپنا، جنکي انت ئي ڪونهي، تن ۾ سدا تون وسندا! تون منهنجو، تون منهنجو.

منهنجا سر ڪلياڻ جا راڳ، تنجا تون لاهيارا!

پير تنهنجا لال رتا، منهنجي دلي شوق جي جلوي ڪيا.

چپ تنهنجا ڪڙ- مٺا، منهنجي درد واري دارونءَ جي ذائقي ڪيا.

منهنجا اڪيلا سپنا، تن ۾ سدا تون وسندا! تون منهنجو، تون منهنجو.

منهنجيءَ نهار جي گِهرائيءَ جا رهواسي! تنهنجون اکيون هئن ڪاريون منهنجي جذبي جي پاڇي ڪيون.

منهنجا پريتم! پنهنجي ساز سرود جي ڄار ۾ توکي کڻي پڪڙيو اٿم، منجهس توکي کڻي واڻيو اٿم.

منهنجا سپنا، جنکي ماٺ اچيئي ڪانه، تن ۾ سدا تون وسندا! تون منهنجو، تون منهنجو.

 

33. دل ويرانيءَ جو پکيئڙو

ساهيڙي! منهنجي دل ويرانيءَ جو پکيئڙو، تنهن پنهنجي لاءِ آسمان تنهنجن اکين ۾ ئي لڌو آهي.

منهنجي لاءِ منجهند ٽاڻي هندورو به اهي، ته رات وير چنڊ تارا به اهي! منهنجا راڳ به انهنجي اوڙاه ۾ ئي غرق آهن.

بس! آءٌ شال انهي آسمان تي، سندس نويڪلائيءَ واريءَ ڪشادگيءَ ۾ ئي پيو اُڏامان!

بس! آءٌ شال سندس ڪڪرن کي چيري، سندس سورج جي ساکيا ۾ پيوپپکيڙيان!

 

34. ڏکن ڏڌي دل مڃيئي ڪانه

ڪئين لڱا سنبريو آهيان ته بس ساڻس ڇني ڦاڙي ٿو ڇڏيان؛ روز روز جا ڏٺا ڏنڀ مونکان هي سٺا نٿا ٿين. ساهيڙين سان بيٺي کلي ڳالهائي، آءٌ سڪ ٻڏنديون اکيون کڻي ڏانهنس نهاريان، ته ڇايا پئجيو وڃيس. پر ڏکن ڏڌي دل منهنجي مڃيئي ڪانه.

پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن اڻ اُڀرئي، ڪڏهن ڪڏهن ڌرتتيءَ جو، ڪڏهن ڪڏهن ٽپهريءَ ٽاڻي، ڪڏهن ڪڏهن پوڃاڙين جو، چپ مشڪڻا، نيڻ خماري، مونسان جو اچيو مٺو ڳالهائي، ته منهنجي ڇاتيءَ وارا ڪارا ڪڪر ٽڙيو پکڙيو وڃن.

تڏهن چوان! آءٌ ڪهڙو نه ڳهيلو چئبس، جو ههڙيءَ گجر سان سنگ ٻه ڦاڪون ڪري ٿي ڇڏينم!

 

35. ساهيڙي! آءٌ سچ ٿو چوان

ساهيڙي! آءٌ سچ ٿو چوان، انهن اکين مان کنوڻ جڏهن چلڪاٽ ڏيو نڪري، تڏهن منهنجيءَ ڇاتيءَ وارا ڪارا ڪڪر وٺيو رعد واري رڙڪار لائين.

ساهيڙي! آءٌ سچ ٿو چوان، محبت جي مکري جئن پهريات ٽڙي بهي، تنهنجا چپ به انهي وانگر مٺا ٿا ٿين.

بنست بهار نبريو وڃي، ته به تنهنجن انگن مان، سچ، سندس واس پيو اچي!

تون پنهنجا قدم پدم اُتس گهمائين، ته ڀونءِ، سچ، تنبوري وانگر پئي وڄي!

آءٌ سچ ٿو چوان ته رات جي اکين مان ماڪ ڦڙا به تنهنجي ڏٺي ئي ٿا ڪرن.

آءٌ سچ ٿو چوان ته پره جو باکون گدگد به تڏهن ٿيون ٿين، جو توکي ٿيون جُهارين.

ساهيڙي! آءٌ سچ پچ، پريم وس ٿي، جڳان جڳ هنڌين ماڳين، اڪيلي سر تنهنجي لاءِ ئي پئي ڦريو آهيان.

ساهيڙي! آءٌ سچ پچ، هيءَ پنهنجي ڪهني سڪ، تنهنجي مڌر واڻي ٻڌي، ۽ تنهنجا نيڻ، چپ ۽ زلف ڏسي، پوءِ پوري ڪري سگهيو آهيان.

آءٌ سچ ٿو چوان، تنهنجيءَ انهيءَ هيڏڙيءَ پيشانيءَ تي ڳجهاندر جو ڳاه پيو ڏسجي!

آءٌ سچ ٿو چوان، تنهنجي انهي ننڍڙي وات مان قدرت جو راز پيو سلجي!

 

36. امڙ! توکي جيڪا وڻي.....

امڙ! توکي جيڪا وڻي، سا ويٺي مونسان جٺ ڪر. آءٌ پنهنجي ساهيڙي سان بي مهابي پٽيءَ ڪانه ٿينديس. اڄ اسانجي در وٽان لنگهي سهين، پوءِ ڏس ته آءٌ ڪئن نه وڃي ٿي کيس کيڪاريان!

امڙ! توکي جيڪا وڻي، سا پئي مون تي مار وجهه. آءٌ پنهنجي ساهيڙي سان هڏ ڪا نه ڦٽائينديس. پاڻ تنهنجي سورنءُ مون ڏانهن نه ئي نهاريائين، ته به آءٌ ڏس ته ڪئن نه وڃي ٿي کيس پرچايان!

امڙ! توکي جيڪي وڻي، سو ويٺي مونکي چؤ. آءٌ تنهنجو چيو مُور ڪانه مڃينديس. منهنجو ساهيڙو، سمن پورو، اجهو هتان لنگهي؛ آءٌ ڏس ته پوءِ ڪئن نه وڃي سندس ڳچيءَ ۾ هار ٿي وجهان!

 

37. پاڻ موٽي ڇو نٿو اچي؟

ڀڻ ڀڻ لائي ڏنائين. چي پياري! اکيون ته مٿي کڻ. مون ڏاڍي ڇنڊ ڪڍي مانس. چيومانس: هليو وڃ. پر منهنجي هُو ٻڌي ڇو ٿو؟

اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺو؛ هٿن کان کڻي مونکي پڪڙيائين. چيومانس: جند نٿو ڇڏينم؟ پر منهنجي هو ٻڌي ڇو ٿو؟

مُنهن ڪري منهنجي ڪن ويجهو آندائيم. مون وٺي ڏانهنس نهاريو. چيومانس: لڄ ليهه آهي، ڪين آهيئي ڪانه؟ پر ڪن هنجا ٻوڙا ئي ٻوڙا.

پوءِ ته هنجا چپ ۽ منهنجا ڳل. آءٌ پئي ڏڪان؛

چيومانس: ليڪو ٿو لنگهي وڃين! پر هنکي نڪ ناس ڪٿي؟

وارن ۾ کڻي چوٽيءَ ڦل وڌائينم. مون ته چيومانس:

اجايو پيو پاڻي ولوڙين. پر هنکي هرک نڪو سوڳ.

پوءِ ته ڳچيءَ مان منهنجي هار لاهي هليو ويو.

آءٌ رويو پئي پڇان: پاڻ موٽي ڇو نٿو اچي؟

 

38. هڪڙيائي نُور ڀري نهار

منهنجي گجر! تنهنجي هڪڙيائي نور ڀري نهار مونکي اهو کنيو نشو چاڙهي، جو آءٌ پاڻکي ڪا شيءِ پيو سمجهان.

پوءِ جي سج جي هر هڪ تروري ۾ آءٌ تنهنجي اها نهار ٿو ڏسان؛ ۽ جي راڳ جي هر هڪ مرڪ ۾ تنهنجي للڪار ٿو سڻان؛ ته انهي تان توکي اچرج ڇو ٿو لڳي؟

سچ پچ، منهنجي لاءِ بلڪ وڻ ٽڻ، گل ڦل، نديون نارا، چنڊ تارا، سهڻا انهي ڪارڻ ٿا ڀاسن، جو منجهائن مونکي تنهنجو پرچو ٿو ٿئي.

ڪم لاءِ تحريص، هونئن جيڪر مانکي ٿئيئي ڪانه. پر آءٌ جو ڄاڻان نٿو ته تون مٺي، ٻين مڙنئي کان مونکي گهڻو ٿي گهرين، تڏهن منهنجي به ڪم تي پئي دل وري!

39. اهو تازن ڦلن وارو هار

حسن واري! اهو پنهنجو تازن ڦلن وارو هار ته مونکي ڳچيءَ ۾ پاءِ.

اهو هار، سچ ٻڌاءِ، تو ڪنهن ٻئي لاءِ ته ڪونه ٿي پوتو؟

اُهي جيو، جنجو درسن وڏ ڀاڳين کي به، ورهئين ڪري مس پر اپت ٿئي، جي رهن اُتي ٿا جتي پير نه پکيئان، جي شاعر جي شعر ۾ پيا وسن، آءٌ ڄاڻان ٿو، اول دعويٰ انهي تي اُنهنجي لڳي.

پر مون به، ٻيو نه، ته مٺي! پنهنجي دل ته توکي ارپي ڇڏي! آءٌ لڏڻ! توکان انهي جي موٽ ڪانه ٿو گهران.

ڇو ته دل، پياري! هئي تنهنجي لاءِ؛ سا جي مون تو مٺيءَ کي آئي پائي ڏني، ته ٿيو ڇا؟

پر تون گجر! پنهنجو کڻي مونسان ايڇپو ڪر.

حسن واري! پنهنجو تازن ڦلن وارو هار مونکي ڪري ڳچيءَ ۾ پاءِ.

 

40. سچ پچ منهنجي ساهيڙي هئي

مونکي نه خواب هو نه خيال هو. آءٌ پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوس. اوچتو منهنجي آڳنڌ ۾ اُهاءُ ٿيو.

مونکي چيائين: مٺڙا ڪئن آهين؟

مون ڀانيو آءٌ سپنا پيو لهان. پر نه، سچ پچ منهنجي ساهيڙي هُئي؛ منهنجي ساهيڙي پاڻهي مون وٽ لنگهي آئي.

ڪم هاج ٻيو مون کان وسري ويو. دل منهنجيءَ وٺي اُڇانگ ماريا. رڳ رڳ ٿي منهنجي رچي.

مونکي ڇيائين: پيارا! خوش آهين؟

مون ڀانيو آءٌ پور پيو پچايان. پر نه، سچ پچ منهنجي ساهيڙي هئي؛ منهنجي ساهيڙي پاڻهي مون وٽ لنگهي آئي.

مون پنهنجو گهر به ڪونه ٻهاريو هو. شي شڪل سڀ ڪُٿانئين پَئي هئي. مون وٽ سڄو ٺڪر ڪونه هو.

مونکي چيائين: ساهيڙا ڇا پيو ڪرين؟

مون ڀانيو آءٌ گهرٽ پيو کان. پر نه، سچ پچ منهنجي ساهيڙي هئي؛ منهنجي ساهيڙي پاڻهي مون وٽ لنگهي آئي.

 

41. اهو نقصان ڀري مونکي تون ڏين

منهنجي گجر! هڪ لڱا هن تنهنجي ڪلاونت دل ۾ هڪڙو وڏو تاريخي شعر رچيو هو.

افسوس! جو آءٌ ويسلو ويٺو هوس، ۽ شعر اچي تنهنجن ڇم ڇم ڪندن نورن سان لڳو، ۽ سارو منجهي لولا ٿي پيو.

سندس پرزا پرزا، راڳن جا روپ ڌاري، تنهنجن پيرن ۾ پيا رهيا.

آڳاٽين لڙاين جي ڪهاڻين جو سارو منهنجو بار دانو، ٽهه ٽهه ڪندين لهرن ۾، توائي ٿي ويو؛ ۽ لڙڪن ۾ پُسي سرن درياه ٿي پيو.

منهنجي گجر! جڳائي ته ائين جو اهو نقصان ڀري مونکي تون ڏين.

هتي پڄاڻا آءٌ ڀانيو ويٺو هوس ته منهنجو اَمر جس پيو ڳائبو.

اُهي آسون اُميدون منهنجون اُڏامي ويون؛ هنئر جئريئي تون کڻي مونکي اَمر ڪر.

پوءِ هن ڇيهي ڪاتر، آءٌ نه ارمان ئي کان، نه ڏکڙو ئي ڪڍان.

42. آءٌ ڪهڙو پير فقير پڇايان؟

مون دريءَ مان بيٺي هيٺ نهاريو. منهنجي ساهيڙي ڊوڙندي مون ڏانهن پئي آئي. پر منهن ۾ کيس الاجي ڪير گڏيو” جو ماڳوئي ڦيرائي هلي ويئي.

مون دريءَ مان بيٺي هيٺ نهاريو. منهنجي ساهيڙي بنهه در تائين به آئي هئي. پر الاجي ڇو؟ مونکي اشارو ڪيائين ته هنئر آءٌ ڪانه ٿي اچان؛ ۽ بيٺي پير گم ٿي ويئي.

آءٌ ڏهاڙي ٿو دريءَ مان هيٺ نهاريان؛ پر پتو سندس پويئي ڪونه ٿو.

نت نئون، آءٌ سندس اوسيڙي لڳ، اُتي بيٺو رهان؛ پر ڏس مونکي سندس مليئي ڪونه ٿو.

آءٌ ڪهڙو پير فقير پڇايان؟

ڪهڙي نجوميءَ کان فال وجهايان؟

 

43. ڀيرو آءٌ ڀڃان ئي ڪانه

ساهيڙا! آءٌ سڪون پائي تو وٽ اچان، ۽ تون هجين ڪونه.

آءٌ پوءِ نراس ٿيو موٽيو وڃان.

ساهيڙا! تو چيو: آءٌ هتان اُٿانئي ڪونه؛ سنئين ڪنڊي ويٺو رهان.

پر آءٌ اچان ته تون هجين ڪونه.

پوءِ آءٌ ٻڌاءِ ڇا ڪريان؟

توتي پَتِ ته مٺا! ٿي ڪانه.

تڏهن چوان: ٺهيو آءٌ کڻي آسرو پليان!

پر وري به تنهنجي ڇڪ اهڙي، جو ڀيرو آءٌ ڀڃان ئي ڪانه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org