هي سدا گلاب،
تنهنجيءَ ڦلواڙيءَ مان چونڊيل،
ارپيان به توکي ٿو.
مهاڳ
مون هي سدا گلاب، ٿورڙا بابو رويءَ جي ’باغبان‘
تان وٺي، ۽ ٿورڙا انهن جي اوٽ تي پنهنجي سر سرجي،
گهڻيءَ سڪ ۽ پيار سان سنڌي ساهت جي چمن ۾ هن لاءِ
لڳايا، جو مون کي پڪ هئي، ته سنڌي زبان جي زمين
هونئن جيتوڻيڪ ڪلراٺي، ته به نَرَ صوفين جي شعر جا
اُتس جو گجگاه ٻي
لا پيا جهولن، انهي ڪري هي سدا گلاب انهي چمن کي
رونق چڱي وٺائيندا.
آءٌ ڄاڻان نٿو ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب
نپٽ نوان آهن: پر سنڌين کي هڪواريءَ اها طرز اچي
ويئي، ته انهن جي سڳنڌ جو ساءُ ڪئن وٺجي، ته پوءِ
پڪ اٿم، جو پاڻهي پيا ڍڪ ڀريندا، ته هي سدا گلاب
برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُرِ آهن!
هاڻ سنڌين کي اها طرز اچي، انهي لاءِ آءٌ ڏَسُ رڳو
کين هي ٿو ڏيئي سگهان، ته ڪم کاند ۽ صبر کان وٺن؛
ڇو ته هن باري ۾ ٿورڙيا ئي ڪا اُٻهرا ئي ڪيائون،
ته نراس وري به پاڻ ٿيندا؛ آءٌ اڏول، مون کي جر
نڪو جوکو، لهر نڪو لوڏو.
لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
1. ڦلواڙيءَ مٿان باغبان ڪري رکينم!
راڻي راڄ ڌياڻي! هن پنهنجي ٻانهي تي مهر جي نظر
ڌر.
سڀا پوري ٿي، ۽ منهنجا ٻانها سڀ روانا ٿيا، تون
هيڏو اوير ڇو آئين؟
تون ٻين سان ڪم لاهي رهين، منهنجو وارو پوءِ اچي.
هاڻ ٻڌاءِ ته هن ٻانهي تي ڪهڙو ٿي ڪم رکين؟
اُهو ڪو ويچار ڪيُءِ ته هن ويل ڪم رهيو ڪهڙو
هوندو، جو چونديسانءِ ته ويهي ڪر!
ڦلواڙيءَ مٿان باغبان ڪري رکينم!
ماڻهو ڪير!
سچ، مون ٻي ڪرت ڪار سڀ ڇڏي- هي تلوارون ۽ نيزا ڏس،
اُڇلائي ڦٽا ٿو ڪريان. ايلچي ڪري ڪنهن راڄ درٻار ۾
نه موڪلينم، نوان نوان ملڪ نه چئينم، ته کٽي آءُ.
پر نالي نانءِ ڌڻيءَ جي، ڦلواڙيءَ مٿان باغبان ڪري
رکينم!
پوءِ اُتي ويٺو ڪندين ڇا؟
واندي ويٺي هوندينءَ ته آءٌ اڳيان پيو اُٿي ويٺي
ڪندوسانءِ؛ ڦلن ڇانئين واٽ، جنهن تان لاکي جي مهل
لنگهندي آهين، اُتي سائي گاهه کي پيو پاڻي
ڏيندوسانءِ؛ پوءِ قدم قدم تي، گل ڦل، موت جا
مشتاق، تنهنجا پيا پير چمندا.
ست پني جي ڏارن ۾ پينگهه ٽنگي، اُنهي ۾ پيو
لڏائيندو سانءِ؛ جتي سنجهي ۾ ئي، چندرما وڻن جي
پنن مان ليا پائي، پاڻ پيو پڇاڙيندو ته ڪٿي
تنهنجيءَ چنيءَ کان چمي وٺان.
مهاڙيءَ واريءَ ڏياٽيءَ ۾ سرهو تيل پيو
اوتيندوسانءِ.
صندليءَ تي چندن ۽ ڪنگُو پيو ڇٽاريندوسانءِ.
اُن جو اُجورو؟
ٻيو نه، موڪل ڏجانم، ته تنهنجون ڪنول جي مکڙين
جهڙيون مُٺيون پنهنجن هٿن ۾ جهلي، ڪراين ۾ گلن جا
هار پيو پايانءِ؛ ٻيو نه، موڪل ڏجانم ته پيرن جي
ترين کي ميندي مکي، خوش نصيبا اُتن ڪا پڻي چنبڙي
پوي، ته چميءَ سان اُها چٽي پيو کڻانءِ.
چڱو، تنهنجي درخواست منظور ٿي ڪجي.
تون منهنجيءَ ڦلواڙيءَ منجهه باغبان ٿي رهه.
2. ادا باغبان! ههڙا سدا گلاب تو ڪٿان آندا؟
ادا باغبان! ههڙا سدا گلاب تو ڪٿان آندا؟ مونکي ته
ٻڌاءِ ته هي تون ڏيندين ڪنهن کي وڃي؟
ادا باغبان! آءٌ به هڪڙو سڪ وارو سيڪڙو آهيانءِ.
ڏسين ڪين ٿو، ته سج اڃا ڪنِي ڪا نه ڪڍي، ته آءٌ نت
نئون، چَوواٽي وٽ، تنهنجو اچيو دڳه جهليو بيهان؟
ادا باغبان! پوءِ هيترن گلابن مان مون هڪ به نه
لهڻو؟
ادا باغبان! هيڏا سدا گلاب تو باغ ڪهڙي ۾ هنيا؟
هي چون سچ ٿا، ته اهي گلاب ڪڏهن ڪومائجن ئي ڪين؟
ادا باغبان! انهن کي تو اجاميل جوته پاڻي ڪونه
پياريو؟
هونئن نه ته، سدا سبز هي ڪئن رهن!
ادا باغبان! هيڏيون ٿو آءٌ توکي ليءَ ئون وجهان.
ڏسين ڪين ٿو ته آءٌ ڏهاڙي، نيرانائي نيڻ آڻيو،
انهن سدا گلابن کي آڇيان؟
ادا باغبان! پوءِ مون به انهن مان من هڪڙو سدا
گلاب لهڻو!
3. ڪاڪُل جي ڪنڍي
ساهيڙا! تنهنجي ڪاڪل جي ڪنڍي، منهنجي دل جي ڪرڙي
کي بنهه گهٽ اندر گهڙي ويئي.
هاڻ، لالن! ٻجوئي ٻجو منجڻ تي ڪوڪ پچائينس، يا
ٻيڙا ٻيڙا ڪري تئيءَ منجهه ترينس، سو سڀ تنهنجي
اختيار؛ هن ويچاريءَ جو وجود ڇا، جو اَمر کي آڏو
ڦري!
پر مٺا! الله لڳه، ٿُوڪاري نپٽ ڦٽو نه ڪري
ڇڏيجانس. ڇو ته پاڻيءَ کان ته ٻاهر پنهنجي اڳئي
ڪڍيو اٿئينس؛ باقي به تون ساڻس اها ڪار ڪندين، ته
پوءِ هيءَ ويڳاڻي، وَهِ ڪهڙي ويندي؟
4. هي ڪهڙو عدل! هي ڪهڙو انصاف !
چقمق لوه کي از خود پاڻ گڏ ڇڪيو وهاري: پوءِ هن
ويچاري جو وس ڪهڙو، جو اُتس بي ادبيءَ جو ڏوه ٿو
مڙهجي؟
ڪنول، ڀونر کي از خود پاڻ منجهه گهليو وٺي؛ پوءِ
هن ويچاري جو وس ڪهڙو، جو اُتس گستاخيءَ جو ٺڪر ٿو
ڀڄي؟
شمع پتنگ کي از خود پاڻ ڏي تاڻيو نئي: پوءِ هن
ويچاري جو وس ڪهڙو، جو اُتس هرائيءَ جو الزام ٿو
ڌرجي؟
هي ڪهڙو عدل! هي ڪهڙو انصاف!
5. سندن لُڙڪ سدائين مُرڪَ گاڏڙ.
سڪ وارا سڪايل، تنکي اٺ ئي پهر ڪڪر منجهه ڪپار، ۽
جهڙنيڻن مان لهيئي ڪين.
مينهن مندائتو وسي؛ هنن جون اکيون، اونهاري سياري،
چيٽ ڪتيءَ، آگميو اچن.
پر سندن لڙڪ سدائين مُرڪ گاڏڙ؛ ۽ مشڪ جو هڳاءُ به
منجهائن اچيئي پيو.
6. آءٌ ٻار سان ٻار، ٻڍي سان ٻڍو
ابا شاعر! سج ٿو لهي. مٿي جا وار تنهنجا اڇا ٿيندا
وڃن.
تون ته پنهنجي منهن ڌُن لڳايو ويٺو آهين. پوءِ
پرلوڪ جو ڪو پرياڻ ڪن پويئي ٿو ڪين نه؟
چارئي مهلون گڏ برابر اچي ٿيون آهن. پر آءٌ ڪنڙو
ڏيو ويٺو آهيان ته واهڻ مان ڪو سڏ ته ڪونه ٿو
ڪريم؛ جيتوڻي دير ٿي وئي آهي.
آءٌ اکيون پايو ويٺو آهيان ته متان ڪي رولاڪ دليون
نه اچي پاڻ ۾ ملن، ۽ نينهن ڀريا نيڻ کڻي مونکي
نيزاري ڪن، ته اسانجي دل جو راز سرود ۽ ساز ۾ بيان
ڪر.
هاڻ، آءٌ جيوت جي هِن ڀر ويهي، اجل ۽ آخرت جا ويٺو
واساما ڳايان، ته پوءِ هننجي دلين ۾ جي اُڌمانڌ
پيا اُٿن، اُنهنجو ذوق شوق وارو ذڪر راڳه مالها ۾
جيڪر ڪير پونئي؟
تارو جهڪو ٿيندو وڃي.
نديءَ جي ڪپ تي هوءَ جا چکيا پيئي ٻري، اُها به
ڄاڻ ٺري.
چنڊ به هڻي هڻي، باقي ڪا ليڪ وڃي رهيو آهي؛ اُنهي
جي سهائيءَ ۾، هن اڪيلي آسٿان جي آڳنڌ منجهان، گدڙ
پيا ڪوڪون ڪن.
هاڻ، سمجهه ته ڪو رولاڪ، گهر ٻار ڇڏي، هتي اچي رات
سان رهاڻ ٿو ڪري؛ ۽ ڪنڌ اونڌو جهلي، دل ۾ چوي ٿو،
ته ٻڌان ته اونده ڪن ۾ منهنجي ڀڻڪي ڇا ٿي؛ اُنويل
آءٌ به جي گهر اندر ويهي، انهيءَ ئي ڪوششن ۾ لڳو
وتندس، ته ڪٿي هي ٻنڌڻ ٽوڙي، پاڻ آجو ڪريان، ته
پوءِ هن ويچاري کي حياتيءَ جو راز ڪير سلي
ٻڌائيندو؟
ڪي ڏس ته سدا بهار، واڙيءَ ڦل جئن پيا وهسن. ڪي ڏس
ته اٺ ئي پهر اکيون پيا ٽمڪائين.
ڪن کي لڙڪ اندر اونده ۾ ئي لڪا رهن.
هاڻ، مون کي وار ڪٿان ملي، جو آءٌ آخرت جو خيال
ڪريان؛ آءٌ هنن جي ڪارخذمت ۾ ئي پورو آهيان.
وار منهنجا اڇا ٿيندا وڃن، انهيءَ جو ڏوکن ڪهڙو؟
آءٌ ٻار سان ٻار، ٻڍي سان ٻڍو.
7. واه اُميد واه!
واه اُميد واه! نت نئون روپ، نت نئون ورن، تنهنجو
ويندو ئي ڪونه.
هڪ ڪري، تنهنجي اُسترڳي ڏڍ ڏاڍو ٿي ڏئي. تنهنجي
سهاري ته جڳ ۾ هيڏا رنگ ٿين ٿا!
تون نه هجين، ته انسان جيڪر پاڻ ڳاري، پنهنجو اڌ
ماس ڇاڻي ڇڏي.
تنهنجي سکڻي برڪت ئي بس!
هيڪاري جي تو سندي سربراهي ٿي وڃي، ته پوءِ ته تون
رکه لهين!
پر، مٺڙي! توکي نقاشن انڌو ڇو چٽيو؟
تون جيڪس، دنيوي رڪاوٽن ۽ ٻين اٽڪن ڏانهن نهارينئي
ڪانه!
اُنهن جي بنسبت اکين تي بنهه پٽي کڻي ٻڌي اٿيئي!
ٻيو ته مونکي ڪارڻ سجهيئي نٿو!
نه ته، تون ههڙي مومل، تنهنجو سون ورنو ويس سَوَن
کي ڌُتاري، توکي معزور ڪئن چٽين؟
8. امين! راڄڪمار ٿو اسانجي در وٽان لنگهي.
امين! راڄڪمار ٿو اڄ اسان جي در وٽان لنگهي.
پوءِ صبوح جي پهر ۾، ڪم مون کان ڪٿان پڄندو؟
سينڌ ته ڏيکارينم ڪئن ڪڍان! وڳو ته ٻڌائجانم ڪهڙو
ڍڪيان!
ڇو امين! هئن وائڙن وانگر، مون ڏي ڇا لاءِ پئي
نهارين؟
ڄاڻا نٿي ته منهنجيءَ دريءَ ڏانهن اکه کڻي ڪانه
نهاريندو؛ اکه ڇينڀيندي، نظر منهنجيءَ کان غائب ٿي
ويندو؛ رڳو مرليءَ جي ڪا جهيڻي مرڪ پريان پريان
سڏڪا ڀريندي، مون تائين اچي سهڙندي.
پر راڄڪمار، هتان اسانجي در وٽان لنگهندو اوس؛ آءٌ
به اُها کن اُچي ۾ اُچو وڳو پهري وهنديس.
امين! راڄڪمار اسانجي در وٽان لنگهي ويو، ۽ سندس
رٿ مان سُورج پئي چلڪاٽ ڇڏيا.
مون، پنهنجي منهن تان رئي جو پلو کڻي، ڳچيءَ ۾ جو
چونين جو هار پيو هوم، سو لاهي ڪري سندس پيرن ۾
اُڇلايو.
ڇو امين! هئن وائڙن وانگر مون ڏانهن ڇو پئي
نهارين؟
ڄاڻانٿي ته هار پاڻ کنيائين ڪونه؛ سڄو سندس رٿ جي
ڦيٿن هيٺان چيڀاٽجي پٿون پٿون ٿي پيو، جو اُها
ٽِڪري ڳاڙهي لال پئي ڏٺي؛ ۽ ڄاڻ ڪنهن کي ڪونه رهيو
ته شَي ڪهڙي هئي، ۽ اُڇلائي ڪنهنجي لاءِ هيم.
پر راڄڪمار، سچ، اسانجي در وٽان لنگهي ويو، ۽ مون
به پنهنجو هس سندس پيرن ۾ کڻي ڦٽو ڪيو.
9. چيائون ٿي:
چيائون ٿي: ڏاڍو قهار آهين، ڏاڍو جبار آهين!
مون سان ته ڏاڍو ٺهي پيو هلين.
چيائون ٿي: ڏاڍو نڪار آهين، ڏاڍو بدڪار آهين!
مون سان ته ڏاڍو سنئون پيو هلين.
چيائون ٿي: ڏاڍو چنڊو آهين، ڏاڍو مندو آهين!
مون سان ته نت ٿورا پيو ڪرين.
هي تنهنجا غمزا ڪوڙين، لکه، هزار، تنکي هنن جيڪس
ڄاتو سڃاتو ئي ڪونه. منهنجي لاءِ ته آهي جيءَ جو
جياپو آهن. انهن ٻاجهون منهنجي نه ته ڏاڍي ڏُکي
نبري!
منهنجا ساهيڙا! تون شل خوش هجين، آباد هجين!
شل ڏِس پئي وسيئي!
جئين پيو، تڏهن ته جاڙون ڪرين ٿو.
جئين پيو، تڏهن ته ڪارون ڪرين ٿو.
10. آءٌ تنهنجا پوءِ به پئي ڳڻ ڳائينديس.
منهنجا لال! پوءِ مون کي نيٺ پنهنجو انت ڏينديئي
ڪونه، ته دل ۾ سٽي ڪهڙي اٿيئي؟
هي تنهنجا لاڏ ۽ لٽڪا، هي تنهنجا ماڻا ۽ ٽاڻا،
هيءَ تنهنجي ڪڏهن ڪڏهن اَپهتي خاطرداري، هيءَ
تنهنجي ڪڏهن ڪڏهن از حد بي پرواهي، آءٌ تنهنجو ناز
نظر ڪهڙو ياد ڪري ڪهڙو ڪريان؟
پر آءٌ هر حال ۾ توسان ڪانه ڦٽائينديس؛
آءٌ تنهنجا پوءِ به پئي ڳڻ ڳائينديس.
رتو راس هجيئي، پوءِ به ڀڳو اُڇلايو منهن ۾ هڻيم؛
شَي پئي اندر ڪني ٿئيئي، ته به موٽايو ڪڍينم؛
منهنجا دلبند!هيءَ چترائي تون ڪٿان سکئين؟
پر آءٌ توسان ڦٽائينديس مور ڪانه؛
آءٌ تنهنجا پوءِ به پئي ڳڻ ڳائينديس.
هي ڪهڙو اسرار! آءٌ آسرو نپٽ پلي وهان، تڏهن تون
اُڇلون ڏيو اچيو درياه وانگر پلٽجين.
هي ڪهڙو اسرار! آءٌ آس نپٽ لاهي وهان، تڏهن تون
سانوڻيءَ جي مينهن جئن وٺيو اوڙڪ وسائين.
پر هر حال ۾ آءٌ توسان ڪانه ڦٽائينديس؛
آءٌ تنهنجا پوءِ به پئي ڳڻ ڳائينديس.
درياه جي ڪپ تي ويهي، واڳن سان وير اُهو وجهي، جو
پاڻ ۾ ايڏي سمرٿي ساري!
تنهن ۾ به تو جهڙي ڏاڍي نال شراڪت ڪير ڪري؟ جتي
ڪٿي تنهنجي ڊوهي.
پوءِ مون ۾ وت ڪهڙو، جو آءٌ توسان سينو ساهيان؟
پر ڏاڍو جي ڏارو، ڏاهو ٿو ٿين ته به آترويلا مون
کي ٿوري ڪانهي.
ڏنگو جي ونگو، سنئون ٿو هلين ته به ڊومائون آءٌ
ٿوريون ڪين ٿي کان.
پر ڦٽا ئينديس آءٌ توسان مور ڪانه؛
آءٌ تنهنجا پوءِ به پئي ڳڻ ڳائينديس.
11. منهنجي من جي مراد:
جئن کٿوري به سندس ناڀ ۾، پوءِ به سڳنڌ تي مست
ٿيو، هرڻ بيابان جي پاڇوڙن ۾ ڇالون پيو ماري، آءٌ
به اُنهي وانگر ڊوڙون پائيندو وتان.
رُت بسنت جي، وقت رات جو؛ ڏکڻ کان ٿڌي ٿڌي هير
پيئي لڳي.
آءٌ رستو وڃايو وهان، ۽ ڦيريون پيو پايان.
وَلَ اُنهيءَ لاءِ پيو وليان، جا مليم ئي ڪانه ٿي،
۽ جنهن لاءِ ڪکه ڀڃي نه ٻه اڌ ڪريان، سا پاڻهي مون
وٽ ڊوڙندي اچي.
منهنجي من جي مراد، هُوبهوُ، منجهائنس ٻاهر
نڪريو، منهنجن اکين اڳيان پئي ڦري. پر اهو نُور
ڀريو نظارو ٿر پائيئي ڪونه.
آءُ پاڻ پتوڙيان گهڻو ئي ته هٿن ۾ کڻي پڪڙيانس، پر
اکين اڳيان ترڪيو وڃيم، ۽ مونکي گمراه ڪيو ڇڏي.
ول اُنهيءَ لاءِ پيو وليان، جا مليم ئي ڪانه ٿي، ۽
جنهن لاءِ ڪکه ڀڇي نه ٻه اڌ ڪريان، سا پاڻهي مون
وٽ ڊوڙندي اچي.
12. دل جو پکيئڙو دام ۾ ڪئن ڦاٿو؟
ٻڌايانءِ؛
منهنجي دل جو پکيئڙو تنهنجي دام ۾
ڪئن ڦاٿو؟
ڪم ٽياڪر جو آءٌ سکه سانگي ساڻس رڳو گڏجي آيو هوس؛
پوءِ تنهنجن ابرن منجهان جو هڪڙو تير ڇٽڪيو، اُهو
اڃا منجهانئس نٿو نڪري.
ٻڌايانءِ، منهنجي دل جو پکيئڙو تنهنجي دام ۾ ڪئن
ڦاٿو؟
ڪم سوداگر جو، آءٌ سکه سانگي ساڻس رڳو گڏجي آيو
هوس؛ پوءِ تنهنجن چپن جي چاش منجهان هڪڙو ڇنڊو جو
اُنس پيو، انهي جو سواد کائنس اڃا نٿو وسري.
ٻڌايانءِ، منهجي دل جو پکيئڙو تنهنجي دام ۾ ڪئن
ڦاٿو؟
اِهي سر جا وار چمڪيدار، لسا ۽ زيبدار، اُنهنکي جو
تو ڇنڊڪو ڏنو، ته هڪڙي دل ڪانه هئي، جا اچي پٽ تي
پيئي!
پوءِ پنهنجين ذات وارين سان هيءَ به ريس ڪئن نه
ڪري؟
ٻڌايانءِ، منهنجي دل جو پکيئڙو تنهنجي دام ۾ ڪئن
ڦاٿو؟
مون پنهنجي مُنهن پئي ڪاڳر چٽيا. حساب ڪتاب ٻين جو
هو. مونکي واٽ تان جهلي کڻي توتائين آندو هئائون.
اُن ٽاڻي تو پاڻ اچي ڇيڙ ڇيڙي.
پوءِ هن ويچاريءَ جو وس ڪهڙو؟
13. مون ڏي تو ليو ڇو پاتو؟
چيلهه تي پاڻيءَ سان ٽمٽار چَونري، تون ساهيڙي،
اچي کوه واريءَ سڙڪ تان لنگهينءَ
پوءِ تڪڙو تڪڙو منهن ورائي- تنهنجي رئي جي ڪنڊ هوا
۾ پئي ڦر ڦر ڪئي، انهي منجهان- مون ڏي تو ليو ڇو
پاتو؟
اها تنهنجي نُور ڀري نهار اونداهيءَ مان مون تي
هير وانگر اچي پيئي، جا وهندڙ پاڻيءَ ۾ ٿڙڪو وجهي،
کيس ڪنٺي ڏي گهليو وڃي.
اها تنهنجي نُور ڀري نهار مون ڏي چمڙي وانگر
اُڏامندي آئي، جو اونداهيءَ ڪوٺيءَ جي آرون پار،
هڪڙيءَ ڳڙکيءَ کان ٻيءَ ڳڙکيءَ ڏي تڪرا تڪڙا
والارا ڏئي، رات جي ڪاريءَ ٻاٽ ۾ گم ٿيو وڃي.
منهنجي لُڏڻ! تون تارو، ڏونگر پٺيان لڪيو ڀڻين؛ ۽
آءٌ واٽهڙو، سڙڪ تي بيٺو آهيان.
پر منهنجي گجر! تو کن پير جهلي، پنهنجي گهونگهٽ
مان منهنجي منهن ڏانهن نهاريو ڇو، جنهن ويل چيلهه
تي پاڻيءَ سان ٽمٽار چونري، تون اچي کوه واريءَ
سڙڪ تان لنگهينءَ؟
14. دل جو پکيئڙو دام ۾ ڪئن ڦاٿو؟
ٻه ڏهاڙا، سج اُڀرڻ سان، دل وڏيءَ داتا، آسمان جي
ڪشادي ميدان ۾، رپو سون ڪئن نه پارون ڪري پلٽيو
هو!
پر اسان ڳهيلا جيوَ، ناڻي پٺيان حيران، اُنهي رپي
سون جو اسان ڪو قدر ڪيو؟
البت، ڪنهن نقاش يا شاعر اُنهي ڌن کي خوب لُٽيو
هوندو؛ ٻين ته جيڪس ڏانهنس نهاريو به نه هجي!
15. ڏهاڙي اچيو، وڃي هليو
ڏهاڙي اچيو، وڃي هليو.
ساهيڙيم! هي منهنجو تون چوٽيءَ ڦل ته وڃي ڏينس.
پڇيئي ڪري ته هي ڪنهن مُڪو؟ ته الله لڳه، منهنجو
نالو نه ٻڌائجانس؛ ڇو ته پاڻ اچيو، وڃي هليو.
وڻ جي هيٺان پٽ تي ئي وهيو رهي.
ساهيڙيم! تون گل ڦل يا ڪکه پن وڇائي، آسڻ ته ٺاهي
ڇڏ.
اکيون سندس اُداس، دل اُداس منهنجي به پيون ڪن.
پاڻ ٻڙڪ نه ڪري ٻاهر ڪڍي، ته دل ۾ اٿم ڇا. رڳو
اچيو ۽ وڃي هليو.
16. پساري ۽ نقاش، ڳوٺاڻا ۽ شاعر
رنگن جا دٻا پسارين وٽ به ٿا ٿين:
پر نقاش کين پسائي، منجهائن ٻوڙا ڀري، جيڪي چٽ گل
۽ نقش ڪڍندو، تنهنجي هٽاين کي ڪهڙي پروڙ؟
ڳالهين جو ڳوٿڙو ڳوٺاڻا به ٿا ٿين:
پر شاعر کين شعر ۾ مڙهي، سندن هٿون جيڪي اُڏاوَ
اُڏامندو، تنهنجي هنن کي ڪهڙي پروڙ؟
رنگن کي نقاش، اکرن کي شاعر، اُهو کنيو ٿا شرف
ڏين، جو سندن جس لوڪن ۾ صدين تائين پيو ڳائجي.
پساري ته رنگ وڪيو وڪيو مريو وڃن، ڳوٺاڻا به
ڳالهيون کنيو رمندا رهن.
پر اُنهنجو نالو ڪنهنکي خواب؟ ڪنهنکي خيال؟
17. صبوح وارو آسمان جو نظارو
اڄ صبوح وارو آسمان جو نظارو ڇا ته بي نظير هو!
اوڀر طرف، اکين ۾ ڄڻ لالن جي ڪري لالي اٽڪائي
هئائين.
هوڏانهن اولهه ڏي، اُفق کان ٿورڙو ئي مٿي، تتر
کرڙيءَ پئي رونق وٺائي.
مُٺ اڃا به مٿڀرو، اُنهيءَ دُٻ دُٻ رنگ تنهانئي
روح رچندو کڻي لڳايو هو.
گهڙي پلڪ، لالاڻ جهلڪا اهڙا پي ڏنا، ڀانءِ ته
بزازيءَ کنهنبيءَ مخمل جو ڪري تاڪيو کوليو هو.
اُتيئي، ڀانءِ ته، وري ڪو پور پيس، سو اُنهي کي
ويڙهي- اولهه ۾ تتر کرڙي اُئين جو اُئين قائم هئي-
وٺي ٿڌي رنگ واري اطلس جو تاڪيو اُکيليائين.
پر سمجهيائين ته اُنهي مان به جيڪس ڏسندڙن کي اکين
جو ڍوَ ڪونه ٿيو، تڏهن وري کيرولي رنگ جي مخمل ڪڍي
ويٺو.
پوءِ ته سورج نڪري نروار ٿيو؛ ڪڪر ٽڙي پکڙي ويا؛ ۽
بزازي جبڪا ويڙهي رمندو رهيو. |