باب
چوٿون
منهنجي چوڻ تي مون کي آدمشماريءَ لاءِ ”نڪولڪسي“ گهٽيءَ ۽ ڪچي
جي زمين (River
Side Passags) وچ ۾، ”پروٽوني“ رستي تي، سمولنسڪ مارڪيٽ ڀرسان ، ”خموونڪي“
وارڊ وارو علائقو ڏنائون ؛ جنهن ۾ عام طور
”رزانوف“ نالي سان مشهور گهر آباد آهن ۽ جن کي
رزانوف جو قلعو پڻ چئبو آهي. اهي گهر اصل ۾ رزانوف
نالي هڪ واپاريءَ جا هئا، پر هينئر ”زمينس“ جي
ملڪيت آهن. مون گهڻي وقت کان ٻڌو هو ته اهو علائقو
سخت قسم جي غربت ۽ گناه جو گهر آهي ۽ تنهنڪري ئي
هن موقعي جو فائدو وٺي ، مون اختياريءَ وارن کي
انهيءَ علائقي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو.
ميونسپل اختياريءَ وارن کان هداتيون وٺي، مان ٻه چار ڏينهن اڳ ۾
ئي اهو علائقو پنهنجي نظر مان ڪڍڻ لاءِ ويس، ۽
مليل نقشي جي مدد سان رزانوف گهر لهڻ ۾ دير ڪان
ٿيم.
مان پاسي واريءَ نڪولسڪي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس. هيءَ گهٽي کٻي پاسي
هڪ اهڙي اداس ۽ غمگين گهر تي ڇيهه ڪري ٿي ، جنهن
کي ان پاسي کان ڪو به لنگهه نه آهي ، ٻاهران ڏسندي
ئي مون سمجهي ورتو ته هيءُ ”رزانوف گهر“ آهي.
نڪولسڪي گهٽيءَ جي لاهي لهندي ، مون کي ڏهن پندرهن سالن جا ڪي
ڇوڪرا مليا، جن کي صدريون يا سنها ڪوٽ پيا هئا ؛
هو برف تي ترڪڻ جي جتيءَ تي، برف سان ڍڪيل رستو
پار ڪري رهيا هئا. هي ڇوڪر سڀ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ هئا
۽ عام شهري ڇوڪرن وانگر ڪافي چست ۽ شوخ پئي نظر
آيا. مان اتي بيهي کين ڏسڻ لڳس. پريان ڪنڊ وٽان ،
هڪ ڦِڪن ۽ ڦيڦن ڳلن واري ٻڍي عورت نظر آئي، جا
سمولينسڪ مارڪيٽ ڏانهن پئي وئي، ۽ قدم قدم تي ٿڪل
گهوڙيءَ وانگر سهڪي رهي هئي. مون وٽ پهچي هوءَ
ڪجهه ترسي ۽ گُهٽيل ساه کڻڻ لڳي.ٻئي ڪنهن هنڌ ملي
ها ته ڪجهه ڏوڪڙ گهري ها، پر هت رڳو ڳالهائڻ لڳي.
”تون ئي ڏس نه! حرڪت کان سواءِ ٻيو ڪجهه سجهين به
ٿو؟ هي به پڪ پنهنجي پيئن جهڙا ’رزانوفي‘ ٿيندا“؛
ٻڍيءَ راند ڪندڙ ڇوڪرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
انهن ڇوڪرن مان هڪڙي – جنهن کي اوورڪوٽ ۽ ڪلنگي –
ٽوپي پيل هئي، ٻڍيءَ جا اهي لفظ ٻڌا ۽ بيهي رهيو –
”ڇا جو، ڙِي! شور مچايو اٿئي ؟ تون پاڻ رزانوفي
رولو ڪُتي آهين !“
ٻڍيءَ ڏانهن رڙ ڪري چيائين .
”تون هت رهندو آهين ڇا ؟ “ مون ڇوڪر کان پڇيو.
”هائو – هيءَ به هت رهندي آهي . اڃا تازو بوٽ جو پادر چورايو
اٿائين “. ڇوڪر وڏي آواز سان ٻڌايو ۽ هڪ پير ٻاهر
ڪڍي برف تي ترڪندو هليو ويو. ٻڍي اچي گارين ۾ ڇڙي
؛ جنهن کي پوءِ ، وقتي طور ، سندس کنگهه ئي روڪي
سگهي. اوڏيء مهل اڇي مٿي سان ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ هڪ
ٻڍو، جنهن جي هڪ هٿ ۾ مانيءَ ٽڪر ۽ نان کٽايون
هيون ، وچ رستي تان هَٿُ لوڏيندو، لاهي لهندو اچي
رهيو هو. ٻڍي جي هلڻ چلڻ مان ائين معلوم ٿي رهيو
هو ، ڄڻ ته هينئر جو هينئر پاڻ کي ووڊ ڪا
جي گلاس سان تازو توانو ڪيو هئائين. ٻڍيءَ مائيءَ ۽
ٻارن جي جهيڙي ۾، مائيءَ جو پاسو کڻندي ، ٻارن کي
رڙڪري چيائين ،”او شيطانو ! آءُ توهان کي ڏسي
رهندس،“ ۽ ائين چئي ، سڌو مون وٽ فوٽ پاٿ تي چڙهي
آيو.”اربات“
۾ هيءُ پير مرد پنهنجي عمر ، ڪمززريءَ ۾ مفلسيءَ سبب،
الاجي ڪيئن لڳي ها؛ پر هتي هيءُ هڪ خوش مزاج مزور
پئي معلوم ٿيو – جيڪو ڄڻ پنهنجي ڏينهن جي پورهئي
تان واپس اچي رهيوهو. مون ان ٻڍي جو پيِڇو ڪيو. هو
ڪنڊ لتاڙي کٻي پاسي کان ، ”پروتوني“ گهڻيءَ ۾ لڙي
ويو، ۽ رزانوف گهر جي سڄي ديوار ۽ ٻاهريان وڏا در
لنگهي، هڪ گتُي ۾ گم ٿي ويو.
روتوني گهٽيءَ ڏانهن ٻه وڏا دروازا ۽ ڪيترا ننڍا در کلن ٿا، هت
شراب خانا، بڪالين جا دڪان ۽ ڪي ٻيا دڪان آهن. اهو
ئي رزانوف قلعو آهي. هتي جي هر چيز – عمارت، اڱڻ،
اڱڻ ۾ رهندڙ شخص ۽ سندن رهڻي ڪهڻي. مطلب ته هر چيز
گندي، غليظ ۽ بدبودار آهي. مان جنهن شخص سان به
مليس، هو مون کي اڌ ڍڪيل ۽ ڦٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ نظر
آيو. ڪي گهمي رهيا هئا، ته ڪي هڪ در کان ٻئي در
ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. ٻه ڄڻا ڪنهن ڪپڙي ٽڪر جو
سودو ڪري رهيا. مان پروٽوني گهٽيءَ ۽ ڪچي جي زمين
کان ٿي، ساريءَ بلڊنگ جو چڪر هڻي آيس ۽ موٽندي هڪ
ڦاٽڪ وٽ بيهي رهيس. منهنجي مرضي هئي ته اندر وڃي
معلوم ڪري اچان ته اندر ڇا ٿو وهي واپري، پر ڊڄي
ويس، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مون کان پڇن ها ته مون کي ڇا
گهرجي يا مان ڪهڙي ڪم سان آيو هوس، ته مان ڪهڙو
جواب ڏيان ها؟ آخر هٻڪي هٻڪي، مان در لنگهي اندر
ٿيس. جئن ئي مون
پير اندر رکيو، هڪ قسم جي ڌڪار جهڙيءَ ڌپ منهنجو
نڪ ئي ساڙي ڇڏيو. اڱڻ ۾ گند جا ڍير لڳا پيا هئا.
مان ڪنڊ ٽپي اڳتي وڌيس، ته کٻي پاسي کان مٿي ڪاٺ
جي گئلريءَ تي، ڊوڙيندڙ پيرن جو آواز ٻڌم، جي
بالڪنيءَ جا تختا لتاڙي، هيٺ ڏاڪڻ تان لهي رهيا
هئا. پهريائين گلابي رنگ جي ڦاٽل لباس ۾، کنجيل
ٻانهن، جواربن کان سواءِ پيل بوٽ سان، هڪ سنهي سڪي
عورت ڊوڙندي ٻاهر آئي ۽ ان جي پوئتان ڳاڙهي قميص ۽
جهولدار پتلون سان جيڪا پتلون بدران پيٽي ڪوٽ پئي
معلوم ٿي، ۽ پيرن ۾ رٻڙ جي سنهن جوراب نما بوٽن
سان جهنڊولو مرد به آيو. هيٺ ڏاڪڻ جي تري وٽ
انهيءَ مرد ان عورت کي پڪڙي ورتو ۽ کلندي چيائين:
”مون کان ڀڄي ڪاڏي ويندينءَ؟“.
”ٻڌ! ٽيڏي شيطان کي،“ مرد جي پوئتان پوڻ تي خوش ٿي چوڻ لڳي. پر
مون تي نظر پئجي ويس، تنهنڪري ڪاوڙ ۾ رڙ ڪري، مون
کان پڇيائين ”توکي وري ڇا کپي؟“ پر جئن ته مون کي
ڪجهه به نه کپندو هو، مان منجهي پيس ۽ ٻاهر هليو
آيس. اها پنهنجيءَ جاءِ تي ڪا عجيب يا غير رواجي
ڳالهه نه هئي، پر ٻاهر گهٽيءَ ۾ مون جيڪي ڏٺو هو-
ڇوڪرن کي ڇنڊ ڪڍندڙ ٻڍي عورت ۽ خوش مزاج پير مرد،
برف تان ترڪندڙ ڇوڪرا- تنهن کان پوءِ هن واقعي مون
کي پنهنجي مهم جي هڪ نئين رخ کان واقف ڪيو. مان
هنن ماڻهن کي شاهوڪارن جي مدد سان ڪجهه ڏيڻ آيو
هوس، پر هت اچي پهريون دفعو معلوم ٿيم ته هنن
بدنصيب انسانن وٽ، جن جي مدد ڪرڻ ٿي چاهيم، بک ڏک
سهڻ ۽ مٿي لڪائڻ لاءِ هزار تڪليفن ۾ ڳهڻ کان پوءِ
به، فرصت جون طويل گهڙيون موجود آهن.
هت اڪثر حالتن ۾ هر روز، چو ويهه ئي ڪلاڪ بيڪار فرصت جا آهن؛
هنن کي سڄيون سڄيون زندگيون ائين گذارڻيون آهن.
تنهن جو مون ڪڏهن خيال به نه ڪيو هو. هينئر پهريون
دفعو مون کي خبر پئي ته هي به انسان آهن، ۽ اٽي ۽
اجهي کان سواءِ هنن کي به اسان وانگر روزانو
پنهنجي زندگيءَ جا چو ويهه ڪلاڪ گذارڻا آهن. هي به
ڪڏهن ڪاوڙبا هوندا، ڪڏهن موڳا ٿيندا هوندا، ڪڏهن
همت هاري ويهي رهندا هوندا ۽ ڪڏهن مڙس ٿي مصيبتن
کي منهن ڏيندا هوندا، ڪڏهن دکي ٿيندا هوندا ته
ڪڏهن خوش ٿيندا هوندا. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي، جو
اڄ پهريون دفعو مون کي چڱيءَ طرح خبر پئي ته
منهنجو اصل مقصد، هزار رڍن کي کارائي پياري واڙ ۾
بند ڪرڻ وانگر هزارين ماڻهن کي فقط اٽو لٽو ۽ اجهو
مهيّا ڪري ڏيڻ نه، پر کين ”انسان“ بڻائڻ به آهي؛
۽ جڏهن مون کي اهو معلوم ٿيو ته انهن مان به هر
شخص پنهنجو ماضي رکي ٿو، ۽ مون وانگر کيس به ڪي
امنگ ڪي آواز، ڪي حسرتون ڪي ارمان، ڪي خواب ڪي
خيال ۽ دماغ ۾ ڪي سوال جواب هوندا، تڏهن مون جيڪو
ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو هو، سو اهڙو ته مشڪل نظر اچڻ
لڳو، جو مان پاڻ کي بلڪل بيڪار سمجهڻ لڳس: پر
ڇاڪاڻ ته ڪم شروع ڪري ڏنو هوم، تنهنڪري ان سان
لڳوئي رهيس.
باب
پنجون
پهرئين مقرر ٿيل ڏينهن تي، آدمشماري ڪندڙ شاگردن، صبح سان ئي
پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو، پر مان جيڪو پاڻ کي ”سخي
مرد“ سڏائيندو آهيان، سو منجهند جو مس انهن سان
ملي سگهيس. مان ان کان اڳه اچي ئي نٿي سگهيس، ڇا
ڪاڻ ته ننڊ مان ئي ڏهين بجي اٿيو هوس، جنهن کان
پوءِ ڪافي پيتم ۽ هاضمي کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ تماڪ
به ڇڪڻو پيو. مان رزانوف گهر جي ٻاهرئين دروازي تي
ٻارهين بجي مس پهتس. هڪ پوليس واري مون کي ڪچي جي
زمين تي هڪ گهٽيءَ جو ڏس ڏنو، ڇاڪاڻ ته آدمشاري
ڪندڙ شاگردن کيس چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪو به سندن
نالي پڇي ته هو ان کي انهيءَ گهٽيءَ ڏانهن موڪلي
ڏئي. مان گتُي ۾ گهڙي ويس، جو نهايت اونداهو، غليظ
۽ بدبودار هو. منهنجي سامهون شرابخانو هو، ۽ کٻي
پاسي هڪ ننڍو ڪمرو هو، جنهن ۾ ميرن ڪپڙن سان ڍڪيل
ميزون پيل هيون، ۽ ساڄي پاسي ٿنڀن سان هڪ وڏو ڪمرو
هو، جنهن ۾ به درن ۽ ديوارن وٽ ساڳئي قسم جون
ميزون پيل هيون؛ ڪن ميزن تي معمولي ڪپڙن ۾ ڪي مرد
جي مزور يا ننڍا دڪاندار ٿي ڏسڻ ۾ آيا، ڪن عورتن
سان چانهه پي رهيا هئا. گتو نهايت گندو هو، پر
پهرينءَ نظر سان ئي هرڪو سمجهي ٿي سگهيو ته بازار
گرم هئي. شرابخاني ۾ دخل تي ويٺل ماڻهوءَ جي نظر
وهنواري قسم جي ماڻهوءَ جهڙي هئي، ۽ نوڪر چاڪر به
چست چالاڪ ۽ فرمانبدار ٿي ڏٺا. مان اڃا اندر گهڙيس
ئي مس، ته هڪ نوڪر مون کي او ورڪوٽ لاهڻ ۾ مدد
ڏني، ۽ آرڊر وٺڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو؛ انهيءَ
مان ظاهر هو ته ملازمن ۾ ترت ۽ سٺيءَ خذمت جون
عادتون پئجي چڪيون هيون. مون آدمشماري ڪندڙن جي
پڇا ڪئي.
”وانيا!“ جرمن فئشن جي لباس ۾ هڪ ننڍي قد واري شخص رڙ ڪئي. جو
شرابخاني پوئتان پيل ڪٻاٽ ۾ ڪجهه ٺيڪ ڪري رهيو هو؛
هيءُ هن گتي جو مالڪ، هڪ ڪالو گا علائقي جو ڪڙمي،
اوان فدوتيڪ نالي هو، جنهن زمينس گهرن (رزانوف
گهر) مان اڌ گهر مقاطعي تي وٺي، مسواڙ تي ڏيئي
ڇڏيا هئا. ارڙهن ورهين جو، سنهو، زرد رنگ ۽ طوطي
جي چهنب وانگر مڙيل نڪ وارو هڪ ڇوڪرو ڊوڙندو آيو.
”هن ميان سان آدمشماري ڪندڙن تائين گڏجي وڃ؛ هو
کوه مٿان وڏيءَ جاءِ ۾ بيٺا اٿيئي. شاباس، ڊوڙندو
وڃ!“ ڇوڪر پنهنجو ٽوال لاهي رکيو، اڇي قميص ۽ اڇي
پتلون مٿان اوورڪورٽ پائي، مٿي تي وڏيءَ ڇوٽيءَ
سان ٽوپي رکي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، مون کي
پٺئين دروازي کان وٺي هليو. هڪ بدبودار ۽ غليظ
بورچيخاني جي اڳيان دالان ۾ اسان کي هڪ ٻڍي مائي
ملي، جيڪا اڳڙيءَ ۾ هڪ ڪني اوجهري کڻي وڃي رهي
هئي. دالان مان اسان هيٺ ڪاٺيءَ واريءَ جاءِ جي
پڌر ۾ لٿاسين، جنهن جي هيٺين ماڙ سرن جي ٺهيل هئي.
هن پڌر ۾ لٿاسين، جنهن جي هيٺين ماڙ سرن جي ٺهيل
هئي. هن پڌر ۾ سخت بدبوءِ هئي. انهيءَ بدبوءِ جو
ڪارڻ هڪ ڪاڪوس هو، جنهن جي چوڌاري، جڏهن به مان
لنگهيس ٿي، ته هروقت ماڻهو پئي مڙِيا. خاص ڪاڪوس ۾
ماڻهن پنهنجي ضرورت حاجت پوري نه ٿي ڪئي، پر ڪاڪوس
جي ٻاهران ئي چوڌاري حاجت پوري ڪرڻ جي روش معلوم
ٿي رهي هئي. پڌر مان لنگهي، ان جڳهه کي نه ڏسڻ
ناممڪن هو. اتان ايندڙ بدبوءِ جي تيز ماحول ۾ ساه
گهٽجڻ لڳندو هو. ڇوڪري کي پنهنجي اڇن ڪپڙن ۽ تنهن
۾ به خاص ڪري پتلون جو ڏاڍو خيال هو، ۽ مون کي به
نهايت خبرداريءَ سان ان جڳهه وٽان ۽ ٿڌ ۾ ڄميل گند
مٿان وٺي هليو، ۽ سامهون وارين جاين مان هڪ ڏانهن
رخ رکيائين. پڌر مان لنگهندڙ ۽ گئلرين ۾ بيٺل سڀ
ماڻهو، مون کي ڏسڻ لاءِ بيهي رهيا. ظاهر آهي ته
اهڙي علائقي ۾ صاف ڪپڙن وارو شخص عجيب ۽ اجنبي پئي
لڳو.
ڇوڪري هڪ عورت کان آدمشماري ڪندڙن بابت پڇيو.
جيستائين اها عورت جواب ڏئي ئي ڏئي، تيستائين ٽن
چئن مردن ٺهه پهه جواب ڏيئي ڇڏيو. هڪڙن چيو ته ”هو
کوه مٿان هئا، پر هينئر اتي ڪونه آهن، ۽ نڪيتا
اوائلو وچ ڏانهن هليا ويا آهن“. هڪ پير مرد جنهن
کي قميص مٿان ڪجهه به پيل نه هو، ۽ ڪاڪوس ڀرسان
پنهنجا ڪپڙا ٺيڪ ڪري رهيو هو، تنهن خبر ڏني ته
اسان جا همراه هينئر ٽيهين نمبر ۾ هئا. ڇوڪري
فيصلو ڪيو ته اها خبر ئي صحيح هئي ۽ مون کي تهه
خاني ۾، پڌر واريءَ اونده ۽ بد بوءِ کان ٻئي قسم
جي اونده ۽ بدبوءِ واري ٽيهين نمبر جي ورانڊي ۾
وٺي آيو. اسان پهرين هيٺينءَ منزل تي لٿاسين، پوءِ
هڪ اونداهي دالان منجهان مٽيءَ واري فرش تان هلڻ
لڳاسين. اسان دالان مان وڃي رهيا هئاسين، ته اوچتو
هڪڙو در کليو ۽ هڪڙو ٻڍو نشئي ٻاهر نڪري آيو، جنهن
کي قميص مٿان ٻيو ڪجهه به پيل نه هو. صابڻ لڳل
اگهاڙين ٻانهن سان هڪ ڌوٻياڻي هن ٻڍي کي ڌڪي ٻاهر
ڪڍي رهي هئي، ۽ ساڳئي وقت سنهيون چيخون به پئي
ڪيائين. منهنجي رهبر ڇوڪري، وانيا، نشئي ٻڍي کي
ٿيلهو ڏئي پري ڪيو، ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهايائين:
”ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي، ۽ سو به تون ڪامورو ٿي
ڪري!“ ڇوڪري ٻڍي کي ڇينڀيندي چيو. اسان نيٺ ٽيهين
نمبر جي در تي پهتاسين. وانيا در کي ڇڪ ڏني؛ در
سولائيءَ سان ٺڪاءُ ڏيئي کلي پيو، ۽ ان سان گڏ
صابڻ جهڙي ٻاڦ جي بانس ۽ خراب کاڌي ۽ تماڪ جي تيز
بوءِ پڻ آئي. اسان جي سامهون مڪمل اونداهي هئي.
دريون ٻئي پاسي کان هيون، پر هتي کٻي ۽ سڄي پاسي
تختن لڳل دالان هئا، تن جا جدا جدا ڪنڊن کان ننڍڙا
در، پوچي ڪيل تختن سان رواجي طرح ٺهيل ڪمرن ڏانهن،
کلي رهيا هئا. اسان جي کاٻي پاسي واريءَ اونداهيءَ
ڪوٺيءَ ۾ هڪ عورت هوديءَ تي ڪپڙا پئي ڌوتا. ساڄي
پاسي کان هڪ ننڍڙي در منجهان، هڪ ٻڍي مائي نهاري
رهي هئي. ٻئي هڪ کليل در مان هڪ وڏن وارن ۽ ڳاڙهي
منهن وارو ڪڙمي ڀت ۾ کتل تختي تي ويٺو هو، جيڪو
رات جي وقت سمهڻ جو ڪم پڻ ڏيندو هوس. هن جا هٿ
گوڏن تي رکيل هئا، ۽ پنهنجي پيش جي جُتي ۾ پير به
پئي لوڏيائين ته انهن ڏانهن مايوسيءَ سان
نهاريائين به پئي. دالان جي ڇيڙي تي، هڪ ننڍڙي
ڪمري ڏانهن کلندڙ ننڍو در هو، جنهن ۾ آدمشماري
ڪندڙ موجود هئا. هيءُ ڪمرو ٽيهين نمبر جي
مالڪياڻيءَ جو آهي، جنهن اوان خدوتيڪ کان ٽيهين
نمبر واري سموري بئرڪ مسواڙ تي وٺي، ٻين ننڍن
مسواڙين ۽ رات گذاريندڙ مسافرن کي ڏني آهي. هن جي
انهيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ هڪ پني لڳل مورت هيٺان،
آدمشماري ڪندڙ شاگرد ويٺو هو، جنهن جي هٿ ۾ سرڪاري
ڪارڊ هئا، ۽ جاچ ڪندڙ مئجسٽريت وانگر قميص ۽ صدري
پاتل هڪ ڪڙميءَ کان ڪي سوال پڇي رهيو هو. هيءُ
ڪڙمي ان سيٺياڻيءَ جو دوست هو، ۽ ان جي پاران انهن
سوالن جا جواب پئي ڏنائين. مان جڏهن اندر گهڙيس،
ته ڪمري ۾ ڏاڍي ڀيڙ هئي. مان ميز ڏانهن وڌي ويس.
شاگرد پهريائين مون کي کيڪاريو، ۽ پوءِ وري سوالن
پڇڻ ۾ مشغول ٿي ويو؛ پر مان پنهنجي مطلب سان اتي
رهندڙن کي جاچڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ لڳس. مون کي
معلوم ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ هن پهرينءَ جاءِ ۾ رهندڙن
مان ڪنهن کي به منهنجي خذمت يا مهربانيءَ جي ضرورت
ڪانه هئي. سيٺياڻيءَ، کي خود پنهنجي جڳهه جي
سڃائيءَ، تنگيءَ ۽ گندگيءَ (ڇاڪاڻ ته مان پاڻ
عاليشان محلاتن ۾ رهندو آهيان) جي باوجود شهري
غريبن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪجهه هو؛ ۽ ٻهراڙيءَ جي غربت
کي ڏسجي ته هوءَ وڏي عيش ۾ هئي. هن وٽ هڪ کنڀن جو
بسترو، هڪ رضائي، هڪ سماوار، هڪ گرم ڪوٽ ۽ چينيءَ
جي ٿانون جو هڪ ڪٻاٽ، سڀ هئا. هن جو دوست پڻ
انهيءَ لحاظ کان خوش پوش انسان هو؛ کيس زنجيريءَ
سان هڪ واچ به هئي. مسواڙي برابر غريب هئا، پر
انهن مان ڪنهن هڪ کي به فوري مدد جي ضرورت نه هئي،
ٽن شخصن مون کان مالي مدد گهري. پهرين، هوديءَ تي
ڪپڙن ڌوئيندڙ عورت، جنهن کي سندس مڙس ٻارن سوڌو
گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو؛ ٻي هڪ ٻڍي رن زال جنهن ٻڌايو
ته کيس کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي؛ ۽ ٽيون هڪ
ڪڙمي، جنهن چيو ته هن اهو سارو ڏينهن ڪجهه به نه
کاڌو هو. پر جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته انهن کي به
ڪا خاص گهرج نه هئي. تنهنڪري، سندن صحيح مدد ڪرڻ
لاءِ، ضروري هو ته پهريائين کين چڱيءَ طرح سڃاڻجي.
مون جڏهن ان مڙس جي لوڌيل عورت کي چيو ته مان سندس ٻارن جو ڪنهن
يتيم خاني ۾ بندوبست ڪريان، ته عورت منجهي پئي ۽
ڪجهه سوچڻ کان پوءِ مهرباني ته مڃيائين، پر کيس
اها ڳالهه نه وڻي. هوءَ جيڪر ڪجهه ڏوڪڙ وٺڻ پسند
ڪري ها. سندس وڏي ڌيءَ ڪپڙا ڌوئي ڏيندس هيس، ۽
وچين سندس ننڍي پٽ جي نگهباني ڪندي هئي. ٻڍيءَ
مائيءَ وري پنڻ تي زور رکيو هو، ته جئن کيس
محتاجخاني ۾ مفت رهڻ ڏنو وڃي. پر مون جڏهن سندس
رهڻ وري جاءِ ڏٺي، ته هوءَ مون کي ڪنهن به صورت
محتاج نظر نه آئي. مون هن وٽ هڪ ننڍي پيتي جنهن ۾
ڪجهه سامان پيل هو، ٽين جي ٽوٽيءَ سان هڪ ڪيٽلي،
ٻه ڪوپ، ٻه مٺاين جا دٻا، جنهن ۾ هينئر چانهه ۽
کنڊ پيل هئي، ڏٺا. هوءَ جوراب ۽ دستانا به اڻندي
هئي، ۽ وڏي ڳالهه ته کيس هڪ خدا ترس عورت وٽان
ماهوار وظيفو پڻ ملندو هو. هينئر معلوم ٿيو ته
ڪڙمي به جو ڪجهه گهري رهيو هو، سو کاڌي لاءِ نه پر
شراب پئڻ لاءِ هو، ۽ جو ڪجهه به مليس ها، سو سڀ
شرابخاني جي نذر ڪري ها. ظاهر هو ته ان جاءِ ۾ ڪو
به اهڙو شخص نه هو، جنهن کي مان ڪجهه ڏوڪڙ ڏيئي
خوش ڪري سگهان. مون کي سچ پچ ائين نظر آيو ته هي
سڀ شڪي قسم جا غريب هئا، ۽ مون ٻارن واريءَ عورت،
ٻڍيءَ رن زال ۽ ان ڪڙميءَ جا نالا پاڻ وٽ لکي
رکيا۽ دل ۾ فيصلو ڪيم ته انهن جي خبر گيري ڪندس،
پر پهريائين مون کي رزانوف گهر جي حقيقي بدنصيب
غريبن جي سار لهڻ کپي. مون اهو به فيصلو ڪيو ته
اسان جيڪا مدد ڏيڻ وارا هئاسين، تنهن ۾ لازمي طور
هڪ قسم جو سلسلو ۽ ترتيب هجڻ گهرجي؛ پهريائين سڀ
کان غريب ۽ محتاج ۽ پوءِ مٿيان ماڻهو، پر ٻيءَ
جاءِ ۾‘ ٽينءَ جاءِ ۾ ۽ اهڙي طرح هر هنڌ ساڳي
ڳالهه نظر آئي. سڀ ساڳئي قسم جا ماڻهو هئا، ۽ هر
هڪ جي حالت ۾ جيڪر کين ڪجهه ڏيڻ کان اڳ سندن صحيح
معلومات حاصل ٿئي ته بهتر. مون کي هڪ به اهڙو بد
نصيب انسان نظر نه آيو، جنهن کي فقط ٻه چار ڏوڪڙ
ڏيئي ”خوش نصيب“ بڻائي سگهجي؛ مون کي ته سچ پچ اهو
اعتراف ڪندي لڄ ٿي اچي ته هنن گهرن ۾ ڪابه اهڙي
چيز نه ڏسي، جنهن جي مون کي اميد ئي، مان ڏاڍو نا
اميد ٿيس. مون جڏهن سڀ گهر گهمي ڏٺا، ته مون کي ڪو
به غير رواجي ڪردار ڏسڻ ۾ نه آيو، ۽ هي سڀ منهنجي
پنهنجي ماحول ۾ رهندڙ ۽ رواجي انسانن جهڙا انسان
معلوم ٿيڻ لڳا. هنن ۾ به اسان وانگر ڪي ڪجهه چڱا ۽
ڪجهه خراب، ته ڪي ڪجهه دکي هئا ۽ اسان وانگر انهن
جا دک به سندن ئي پيدا ڪيل هئا. جن جو علاج پئسي
ڏوڪڙ جي ذريعي نٿي ٿي سگهيو.
باب ڇهون
ماسڪو جي هيٺين طبقي جي شهري آباديءَ جو، جنهن جو شمار تقريباً
هڪ لک کن آهي، غريب ۾ غريب حصو هنن گهرن ۾ رهي ٿو.
هن خاص گهر ۾ وري انهيءَ غريب ترين حصي جي سڀني
قسمڻ جا ماڻهو رهندا آهن: ننڍا مالڪ ۽ مزدور،
موچي، سوچي، ڊکڻ، درزي، لوهار، گاڏين وارا،
گهورڙيا، دڪاندار زالون، ڌوٻياڻيون، پراڻن ڪپڙن جا
واپاري، ننڍا سود خور ۽ ڪي اهڙا شخص به جن جو ڪو
خاص مقرر ڌنڌو نه هوندو آهي،- فقير ۽ بدڪار عورتون
تنهن کان سواءِ.
هتي ڪيترا اُهي شخص به هئا، جن کي مون لياپن هائوس جي لنگهه وٽ
ڏٺو هو، پر هتي هو مختلف ڪمن ۾ مشغول هئا؛ ٻيو ته
تڏهن مون هنن کي نهايت تنگ حالت ۾ ڏٺو هو، جڏهن
هنن سڀ ڪجهه کائي کپائي ڀنگ ڀڳڙو ڪري ڇڏيو هو؛
جڏهن هو سخت ٿڌ ۾ لڱين اگهاڙا هوٽلن ۽ گُتن مان
ڌڪجي، مفت ۾ رات ڪاٽڻ لاءِ لياپن هائوس جي
مسافرخاني ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڄڻ
ته کين بهشتي ميوو ”من وسلويٰ“ ملي رهيو هو. ڪي ته
پوليس هٿان پڪڙجي جيلن ۾ وڃڻ جا منتظر هئا، ڇاڪاڻ
ته اتان کين پوليس جي پهري هيٺ پنهنجي پنهنجي
اباڻي ملڪ ڏانهن وڃڻ جو آسرو هو. پر هتي مون کين
محنتي مزدورن جي حيثيت ۾ ڏٺو، هنن ڪنهن نه ڪنهن
طرح ٻه چار ڪو پيڪ ميڙي رات ڪاٽڻ لاءِ جاءِ جي
مسواڙ طور رکيا هئا؛ ڪن وٽ کاڌي پيتي جي خرچ لاءِ
روبيل پڻ هئا.
توهان کي هن ڳالهه تي عجب لڳندو ته لياپن هائوس وٽ منهنجي دل ۾
جيڪي احساس جا ڳيا هئا، سي هينئر مون بنهه ڪونه
محسوس ڪيا؛ پاڻ ان جي ابتڙ پهرئين چڪر بعد مان ۽
آدمشماري وٺندڙ شاگرد هڪ قسم جي خوشي محسوس ڪري
رهيا هئاسين.
اسان جي پهرين تاثر اهو هو ته هتان جا سڀيئي رهاڪو محنتي ۽ خوش
طبع آهن. اسان گهڻو ڪري سڀني کي پورهيو ڪندي ڏٺو.
حوض تي ڌوٻياڻون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون، ڊکڻ پنهنجي
ڪاٺ جي ڪم ۾ رڌل هئا، ۽ موچي پنهنجيءَ ڪرت ۾.
سوڙهيون جايون ماڻهن سان سٿيون پيون هيون، ۽ کل
خوشيءَ ۾ هر ڪم تڪڙو تڪڙو ٿي رهيو هو. هتي اڪثر
ڪنهن نه ڪنهن کي ڳائيندو ٻڌوسين، يا وري مضبوط
اگهاڙين ٻانهن کي نهايت ڦڙتائيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان
حسب معمول ڪم ڪندي ڏٺوسين. هن هنڌ اسان کي
مهربانيءَ، مروت ۽ محبت سان کيڪاريو ويو. گهڻو ڪري
هر هنڌ هنن ماڻهن پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان
جي بيجا مداخلت کي برداشت ٿي ڪيو. ٻين شاهوڪار
ڪٽنبن جي ابتڙ، جيڪي اڪثر وڏائي خور هوندا آهن، ۽
سرڪاري سوالن جا جواب آڪڙ ۽ کهرائيءَ سان ڏيندا
آهن، هي ماڻهو اسان جي سوالن جا جواب سڌا سنوان
ڏيئي رهيا هئا. اسان جي سوالن ته پاڻ کين دلچسپين
۽ ڀوڳ چرچي جا موقعا پيدا ڪري ٿي ڏنا.
اسان ڪيترن کي ماني کائيندي ۽ چانهه پيئندي ڏٺو، ۽ اسان جي
کيڪارڻ تي اسان کي گرمجوشيءَ سان پاڻ سان گڏ کائڻ
پيڻ جي صلاح ٿي ڪيائون. اسان سمجهيو هو ته هتان جا
مسواڙي ٿور- وقتا ۽ ڏينهن ٻن جا مسافر هوندا، پر
معلوم ائين ٿيو ته هن بلڊنگ ۾ ڪيترا اهڙا گهر به
هئا، جن ۾ گهڻي وقت کان ساڳيا ماڻهو رهندا پئي
آيا. هڪ ڊکڻ ۽ سندس همراه ۽ هڪ موچي ۽ ان جا ساٿي
ڏهن ورهين کان اتي رهندڙ هئا. موچيءَ وٽ ڏاڍو گند
۽ گوڙ لڳو پيو هو، پر ڪم ڪندڙ سڀ کلمک ۽ خوش هئا.
مون هڪ مزور سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اميد هيم
ته هو پنهنجي دکن ڀري زندگي ۽ مالڪ جي قرض بابت
ڪجهه ٻڌائيندو. پر هن شايد منهنجو مطلب نه سمجهيو،
۽ پنهنجي زندگيءَ جي لطف توڙي مالڪ جي مهربانين جا
ڳڻ ڳائيندو رهيو.
ٻئي هڪ گهر ۾ ٻه ٻڍا زال مڙس رهندا هئا. هو صوف وڪڻي، گذارن
ڪندا هئا. سندن ڪوٺي گرم، صاف، ۽ سامان سان سٿي
پئي هئي؛ فرش تي تونئري وڇائي پئي هئي، جا هنن
ميوي مارڪيٽ مان، صوفن جي ٻڌن واپارين وٽان ورتي
هئي. هنن وٽ ٽرنڪون، ڪٻاٽ، هڪ سماوار ۽ ڪجهه
چينيءَ جو سامان پڻ هو. ڪنڊ ۾ ڪي ننڍا مجسما رکيل
هئا، جن جي اڳيان ٻه ننڍيون موم بتيون ٻري رهيون
هيون، ۽ ڀتين جي چادرن سان ڍڪيل اوورڪوٽ ٽنگيل
هئا. گهنجيل منهن واري ٻڍي، ڏاڍي کلمک، خوش گفتار
۽ پنهنجي ٺهيل ٺڪيل آرام واريءَ زندگيءَ مان خوش
نظر اچي رهي هئي.
انهن گهرن ۾ گُتي جو مالڪ اوان فدو تيڪ پنهنجي گتي مان نڪري
آيو، ۽ وڌي اسان سان گڏ هليو. هو ڏاڍو خوش طبع
انسان هو، ۽ رستي تي مسواڙين سان ڏاڍا چرچا گهٻا
پئي ڪيائين. سڀني کي سندن ذاتي نالن ۽ خانداني
لقبن سان پئي سڏيائين، ۽ اسان کي سندن مختصر حالات پڻ ٻڌائيندو ٿي هليو. هو سڀ
رواجي قسم جا ماڻهو هئا، جيڪي پاڻ کي نڀاڳا نه پر
ٻين عام انسانن جهڙائي سمجهندا هئا.
اسان ته هت خوف ۽ هراس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ نه آيا
هئاسين، پر اسان کي خوف ۽ هراس بدران ڪجهه چڱيون
ڳالهيون نظر آيون، جن خود بخود اسان جي دلين ۾ هنن
ماڻهن لاءِ عزت جاڳائي. اهڙن سکين ستابن انسانن جي
بستيءَ ۾ جيڪڏهن ڪي بيڪار، بد فضيلتا ۽ بڇڙا به
هئا، ته چڱمڙسيءَ جي مجموعي تاثر کي ڪوبه ڌڪ ڪونه
ٿي لڳو.
منهنجا همراه انهن ڳالهين کان ايترو متاٽر نه ٿيا، جيترو آءُ.
هو ته صرف پنهنجو ڪم ڪرڻ آيا هئا، جنهن کي ئي خالص
اهميت وارو سمجهي، ٻين سڀني ڳالهين کي اڇاترو ٿي
ڏٺائون، پر مان ”سخي مرد“ ته هتان جي سڀني ماڻهن
کي بد نصيب، مجبور، محتاج ۽ نڌڪڻو سمجهي، سندن مدد
ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ هت ڇا ڏٺم؟ بدنصيب، مجبور، محتاج ۽
نڌڻڪن انسانن بدران گهڻائي امن، آرام ۽ اطمينان
وارا کلمک، خوش طبع، محنتي ۽ مهربان شخص.
مون اها ڳالهه ان وقت چڱيءَ طرح محسوس ڪئي، جڏهن انهن گهرن ۾ سچ
پچ ڪن شخصن کي اهڙيءَ مدد جو ضرورتمند ڏٺم، جنهن
جي لاءِ مان ٺهي سنڀري گهران نڪتو هوس.
مون جڏهن به اهڙيءَ مدد جي ضرورت ڏٺي، ۽ ان جي پورائيءَ لاءِ
اڳتي وڌيس، ته مون کي اها ضرورت، منهنجي مدد ڏيڻ
کان اڳ ۾ ئي پري ٿيل ڏسڻ ۾ آئي. آءٌ حيران هوس ته
اهو ڪم آخر ڪنهن ٿي ڪيو؟ انهن ساڳين ”بدنصيب“ ۽
بگڙيل انسانن، جن کي بچائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ مان گهران
ٺهي سنڀري تيار ٿي نڪتو هوس!
هڪ تهه خاني ۾ هڪ ٻڍو مدي جي بخار ۾ ورتو پيو هو. هن کي ڪوبه مٽ
مائٽ نه هو، ۽ هڪ رن زال پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءُ سان
سندس سنڀال ڪري رهي هئي. هن بيوه عورت جو پير مرد
سان ڪوبه قريبي تعلق نه هو، پر ساڳئي ئي ڪمري جي
ٻيءَ ڪنڊ ۾ رهندڙ سندس پاڙيسرڻ هئي. هن غريب زال
پنهنجي بيمار پاڙيسريءَ لاءِ پنهنجي هڙان دوائون
ورتيون هيون، ۽ کيس چانهه پاڻي به پئي ڏنائين. هڪ
ٻئي ڪمري ۾ هڪ عورت پير لڌ هئا ۽ هينئر ويم جي تپ
سان پئي هئي. هڪ ٻيءَ عورت ٻن ڏينهن کان پنهنجو ڪم
ڪار سيڙائي، هن جي ٻار جو پينگهو پئي لوڏيو ۽ ٻار
جي لاءِ پنهنجن هٿن سان هڪ چوسڻي پڻ ٺاهي هئائين.
هڪ ننڍي يتيم ڇوڪري هڪ درزيءَ پالڻ لاءِ کنئي هئي،
جنهن کي اڳ ۾ ئي پنهنجا ٽي ٻار هئا.
انهيءَ حساب سان مون هتي رڳو اهي بد نصيب ۽ بيڪار انسان-موقوف
ٿيل ڪامورا، عريضي نويس، رولو سپاهي، فقير، نشئي،
رنڊيون ۽ نڌڻڪا ٻار- ڏٺا، جن جي ترت مدد کين پئسن
جي صورت ۾ نه، پر کين سوچڻ، سمجهڻ، پاڻ سڃاڻڻ ۽
پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ڪنهن مناسب جاءِ جي حاصل
ڪرڻ تي آماده ڪرڻ جي صورت ۾ ئي ٿي ٿي سگهي. مان ته
اهڙن شخصن جي تلاش ۾ هوس جي محض مفلسيءَ سبب تنگ
حالت ۾ هئا، ۽ جن کي اسين پنهنجي بچت ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ڪري، سندن مدد ڪري ٿي سگهياسين، پر اتفاق
سان (گهٽ ۾ گهٽ مون کي ائين پئي نظر آيو) مون اتي
هڪ به اهڙو شخص نه ڏٺو،- ۽ جيڪي به محتاج ۽ مفلس
اسان جي نظر چڙهيا، اهي اهڙا هئا جن جي مدد ڪرڻ
لاءِ گهڻي احتياط ۽ صبر جي ضرورت هئي.!
باب
ستون
مون هت جيڪي بدنصيب انسان ڏٺا، سي مون کي قدرتي طور ٽن حصن ۾
ورهايل نظر آيا : (1) اهي شخص، جي پنهنجون سٺيون ۽
پئسي واريون حيثيتون وڃائي، هينئر انهن کي وري
حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ ويٺا هئا؛ (2) اهي بدڪار
عورتون، جي هت عام هيون؛ ۽ (3) نڌڻڪا ٻار. پهرئين
قسم جا ماڻهو هت تمام گهڻا هئا. اسين جتي به سيٺ
اوان فيد وتيڪ سان گڏ وياسين، اسان کي سيٺ ٻڌايو
ته ”هتي جي رهندڙن جا نالا فهرست ۾ درج ڪرڻ کان
اوهان ڇٽي پيا؛ هت هر گهر ۾ هڪ اهڙو شخص رهي ٿو،
جو اهو سڀ ڪم اوهان کي پاڻ ڪري ڏيندو، بشرطيڪ هو
پيتل نه هجي!“
سيٺ اوان فيد و تيڪ هر گهر مان هڪ اهڙي شخص کي
سندس نالو کڻي سڏيندو هليو، ۽ هر گهر جي ڪنهن
اونداهيءَ ڪنڊ مان هڪ اڌ- اگهاڙو، سابق شاهوڪار
سکر ماڻهو يا سرڪاري آفيسر، نشي جي حالت ۾، ٻاهر
نڪري ٿي آيو؛ پر جڏهن به ڪو اهڙو شخص نشي ۾ نه هو،
ته هن پنهنجو ڪم هڪدم سنڀالي ٿي ورتو، هڪ قسم جي
اهميت جي احساس سان، ڀرون تاڻي، پنهنجي گفتگو ۾
علمي زبان کان ڪم وٺي، ۽ نهايت نزاڪت سان، صاف،
ڇپيل ڳاڙها ڪارڊ پنهنجي ميرن، ڏڪندڙ هٿن ۾ جهلي،
هن پنهنجي ساٿين ڏانهن هٺ ۽ حقارت جي نگاهن سان ٿي
ڏٺو، ڄڻ ته هينئر جو هينئر پنهنجي اعليٰ تعليمي
لياقت سبب انهن سڀني شخصي تي سوڀ پاتي هئائين، جن
هميشه کيس ذليل ۽ خوار ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو هو. ظاهر
آهي ته اهڙيءَ طرح هو هڪ دفعو وري پنهنجي پراڻيءَ
دنيا سان روشناس ٿي، ڏاڍو خوش ٿي ٿيو. گهڻو ڪري هر
هنڌ ، سندس زندگيءَ بابت منهنجي سوالن پڇڻ تي هن
قسم جي شخص، نه رڳو ترت پر گرمجوشيءَ سان پڻ، بر
زبان ياد ڪيل دعا وانگر، پنهنجي ڦٽل ڀاڳ ۽ سور
سختيءَ جا داستان ٻڌائڻ شروع ڪري پئي ڏنا،- خاص
ڪري پنهنجي ان اڳوڻيءَ حيثيت جا، جنهن کي پنهنجي
اعليٰ تعليم سبب هن هميشه پنهنجو حق سمجهڻ ٿي
گهريو.
رزانوف هائوس ۾ ان قسم جا ڪيترائي پڙهيل لکيل بدنصيب بيڪار شخص
ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هڪ گهر ته خلاصو انهن مردن ۽
عورتن جي حوالي هو. اسان جڏهن سندن ويجهو پهتاسين،
ته سيٺ اوان فيدوتيڪ رڙ ڪري چيو، ”اجهو، هي اَٿَو
اهي شريف انسان!“ گهر سمورو ڀريو پيو هو؛ تقريبا
سڀ چاليهه ڄڻا هئا. سڄي گهر ۾ ٻن چئن سڙيل سڪل
پوڙهن ۽ وقت کان اڳ ڪمزور ٿيل هيڊن منهن سان نٻل
نوجوانن کان وڌيڪ دکي ۽ دلگير ٻيو ڪو به نه هو.
مون انهن مان ڪن ٿورن سان ڳالهايو. آکاڻي مڙيئي
ساڳي هئي، البت ڪٿي ڪٿي ٿورو فرق هو. انهن مان هر
هڪ ڪنهن نه ڪنهن وقت شاهوڪار هو يا سندس پيءُ،
ڀاءُ، چاچو، مامو، مڙئي ڪو نه ڪو امير ماڻهو هو، ۽
يا وري سندس پيءُ يا پاڻ ڪنهن وقت وڏي عهدي تي هو؛
پر پوءِ ڪنهن ڪار- زباني حرف پٺيا، الاجي ڪنهن
حاسد نه سٺو يا ڪنهن منحوس شخص نظر هنئين، يا سندس
پنهنجي حد کان وڌيڪ ۽ موقعي بي موقعي نيڪي هئي،
جنهن سندس سڀڪجهه کسي ورتو، ۽ هينئر هن کي هنن
حقارت جهڙين ۽ اڻ وڻندڙ حالتن- جونئن سان ڀريل،
ميرن ۽ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾، نشئي ۽ بدڪار ماڻهن سان
گڏ رهڻ، ڍڳي جي اوجهريءَ ۽ پاروٿن جيرن سان سڪل
ڊبل روٽي کائڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر ڪنهن جي
اڳيان هٿ ڊگهي ڪرڻ-۾ تباه ۽ برباد پئي ٿيڻو پيو.
هنن شخصن جا سڀ خيال، خواهشون ۽ ارمان هينئر فقط ماضيءَ ڏانهن
ئي مڙيل هئا، ڇاڪاڻ ته ”حال“ ته هنن جي لاءِ غير
قدرتي، چيڙائيندڙ، خسيس ۽ غير اهم هو. هنن لاءِ ته
ڄڻ ”حال“ هو ئي ڪونه! هنن وٽ رڳو ماضيءَ جون ڪجهه
ياد گيريون ۽ مستقبل جا ڪي خواب رهجي ويا هئا، جي
سندن خيال موجب ڪنهن به وقت شايد شرمندهء تعبير ٿي
سگهن؛ ۽ انهن خوابن جي شرمندهء تعبير ٿيڻ ۾ ڪنهن
خاص چيز جي ضرورت به ڪا نه هئي، پر اها ”ڪنهن خاص
چيز جي ضرورت نه هجڻ“ جي ذهني ڪيفيت به هنن جي پهچ
کان هميشه پري رهي هئي. اهڙيءَ طرح سندن حياتي
بنهه بيڪار، ڪرو مرو ۽ خواه مخواه جو زيان ٿيندي
پئي رهي. ڪو هڪ سال کان، ڪو پنجن کان ۽ ڪو وري
ڀرين ٽيهن سالن کان اهڙيءَ حياتيءَ جو قيد ڪاٽي
رهيو هو. ڪنهن کي پنهنجي پهرڻ لاءِ عمدي پوشاڪ
کپندي هئي، ته جيئن پنهنجي هڪ مشهور همدرد سان
ملاقات ڪري اچي؛ ڪنهن کي رواجي پوشاڪ، قرض لاهڻ
لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ ۽ ”اوريل“ شهر ڏانهن وڃڻ جو خرچ
کپندو هو؛ ۽ ڪنهن کي وري گروي رکيل شين ڇڏائڻ ۽ هڪ
ديواني مقدمي جي پيرويءَ لاءِ پئسا کپندا هئا،
جنهن جي کيس پڪ هئي ته کٽندو، ۽ پوءِ هڪ دفعو وري
سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندس. سڀني ائين ئي پئي چيو ته
کين رڳو ڪنهن ٻاهرينءَ چيز جي ضرورت هئي، جيئن هو
پنهجي انهيءَ اڳوڻيءَ حيثيت کي پهچي سگهن، جنهن کي
هنن پنهنجي لاءِ بلڪل فطري ۽ خوشي بخشيندڙ سمجهيو
ٿي.
مون کي جيڪڏهن پنهنجي سخي هجڻ تي ايترو ناز نه هجي ها، ته مون
کي انهيءَ ڳالهه سمجهڻ لاءِ – ته مٿي ذڪر ڪيل بد
نيصيب شخصن جا دک ڪنهن به ٻاهرئين طريقي سان دور
ٿيڻ جا نه هئا ۽ جيستائين هنن زندگيءَ بابت پنهنجو
نقطه نگاه نه بدلايو هو، تيستائين هو ڪنهن به حالت
۾ خوش نه ٿي ٿي سگهيا – مون کي فقط انهن نوجوان ۽
ٻڍن شخصن جي اکين ۾ نهارڻو پوي ها، جي عام طور
ڪمزور ۽ جذباتي هجڻ سان گڏ سٺي سڀاءَ وارا پڻ
هوندا آهن، ۽ جي ڪنهن خاص بدنصيب ماحول سبب ڪنهن
خاص قسم جا غير رواجي انسان به نه هوندا آهن،- پر
رڳو سنئون سڌو اسان ۽ اسان جهڙن ٻين عام رواجي
انسانن جهڙا ئي انسان هوندا آهن. مون کي ياد آهي
ته مون پهريون دفعو جڏهن انهن بدنصيب محتاجن سان
ملاقات ڪئي هئي، ته مان ڏاڍو پريشان ٿيو هوس، ۽ اڄ
مان سمجهي سگهان ٿو ته انهيءَ پريشانيءَ جو ڪهڙو
سبب هو. اهي محتاج ۽ مسڪين شخص منهنجي لاءِ آرسيءَ
مثل هئا، ۽ انهن ۾ مون پنهنجوئي عڪس پئي ڏٺو. مان
جيڪڏهن خود پنهنجي۽ پنهنجي سنگتين ساٿين جي
زندگيءَ تي ٿورو ويجار ڪريان ها، ته مون کي انهن
بدنصيب شخصن ۽ اسان جي پنهنجي وچ ۾ ڪو خاص فرق
معلوم ته ٿئي ها.
مون
سان گڏ ۽ منهنجي آس پاس رهندڙ مون جهڙا انسان
جيڪڏهن رزانوف هائوس ۾ نه ٿا رهن، پر وڏين کليل
جاين ۾ رهن ٿا يا کين وڏن ڪشادن رستن تي پنهنجا
خلاصا بنگلا آهن ۽ ڍڳي جي رڌل اوجهريءَ سان سڪل
مانيءَ کائڻ بدران هو ست رڇيون واپرائين ٿا، ته
اهو ڪو کين انهيءَ ساڳيءَ سبيل جي بد نصيبن سان
مشابهه هجڻ کان روڪي نٿو. هي شخص به ظاهري طور سڀ
ڪجهه هوندي سوندي، پنهنجي موجوده زندگيءَ مان خوش
نه آهن؛ گذريل وقت جو گهڻو افسوس اٿن ۽ زندگيءَ ۾
ڪنهن بهتر تبديليءَ جا خواهان آهن؛ ۽ هي شخص به
جنهن بهتر زندگيءَ جي خواهش رکن ٿا، سا رزانوف
هائوس ۾ رهندڙن جي خواب ۽ خيال واريءَ زندگيءَ کان
ٻئي قسم جي نه آهي – يعني هڪ اهڙي قسم جي سولي،
سهنجي ۽ سکي زندگي، جنهن ۾ هو پاڻ گهٽ ۾ گهٽ
پورهيو ڪن، پر ٻين کان وڌ ۾ وڌ محنت وٺن! فرق رڳو
اوڻيهن ۽ ويهن جو آهي. مان جيڪڏهن ان وقت ئي ويچار
ڪريان ها، ته اصل حقيقت جي خبر پئجي وڃيم ها؛ خير،
ان وقت مون اهڙو ويچار نه ڪيو، ۽ انهن ماڻهن کان
فقط ڪجهه سوال پڇيم، ۽ اها نيت ڪري ته سندن حالتن
۽ ضرورتن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي پوءِ کين مناسب
مدد ڏيندس، في الحال احوال درج ڪندو ويس. ان وقت
برابر مون ڪونه سمجهيو ته اهڙن شخصن کي فقط اهائي
مدد ڏيئي سگهجي ٿي ته زندگيءَ بابت سندن نقطه نگاه
۾ تبديلي آڻجي؛ ۽ ٻئي ڪنهن شخص جي نقطه نگاه ۾
تبديلي آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين انسان پاڻ
بهتر نقطه نگاه رکي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ان مطابق
هلائي. پر اها حقيقت آهي ته مان پاڻ زندگيءَ جي
اهڙي طريقي تي هلي رهيو هوس، جو هنن بدنصيب محتاجن
جي زندگيءَ کي سنوارڻ لاءِ پهريان مون کي پنهنجو
اهو طريقو بدلائڻ کپندو هو. حقيقت ۾، جيڪڏهن
تمثيلي طور ڏسجي، ته هي شخص کاڌي خوراڪ جي کوٽ سبب
دکي ڪو نه ٿيا هئا، پر سندن هاضمن ۾ خرابي هئي؛
يا، ٻين لفظن ۾، هنن سٺي کاڌ خوراڪ ڪونه ٿي طلبي،
پر کين بک ڏياريندڙ کاڌو کپندو هو، يا اڃا به ائين
کڻي چئجي ته کين ڪنهن کاڌ خوراڪ بدران پنهنجي
بگڙيل هاضمن جي علاج جي ضرورت هئي. اهو جيتو ڻيڪ
قبل از وقت ٿيندو، پر تڏهن به مان ايترو ضرور
چوندس ته مون جن به شخصن جا، کين مدد ڏيڻ لاءِ،
نالا لکي رکيا هئا، تن منجهان هڪ کي به سڄي ۽
صحيح مدد نه ڏيئي سگهيس. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن
جو ڪجهه گهريو، ۽ جو ڪجهه اسان مناسب سمجهو ته کين
سندن پنهنجي پيرن تي بيهڻ لائق بڻائيندو، سو اسان
کين برابر ڏنو. انهن مان ٽي شخص ته مون کي چڱيءَ
طرح ياد آهن، جن کي ڪيترائي دفعا مالي مدد ڏيئي،
سندن فوري گهرجون پوريون ڪيونسين، پر هو اڄ ٽن
سالن کان پوءِ ساڳيءَ حالت ۾ اهڙائي دربدر آهن.
باب
اٺون
ٻئي قسم جي بد نصيب انسانن ۾ اهي بدڪار عورتون هيون، جن جو
رزانوف گهر ۾ ڪاٿوئي ڪونه هو- چڱين خاصين خوبصورت
عورتن کان وٺي، ويندي ڀوائتن ڀپن تائين، جي گهڻي
وقت کان انساني شڪل شبيه وڃائي ويٺيون هيون- هت هر
قسم جون عورتون آباد هيون. اهڙين عورتن کي مدد
ڏيئي سگهڻ جي اميد منهنجي دل ۾ هيٺئين واقعي وقت
پيدا ٿي.
اسان جو گشت اڃان پورو ڪونه ٿيو هو. اسان اڳ ۾ ئي پنهنجي ڪم جي
باقاعدي رٿ ٺاهي ڇڏي هئي. هر گهر ۾ گهڙڻ سان
پهريائين گهر جي مالڪ جو ٿي پڇيون سين، پوءِ هڪڙو
هيٺ لکڻ ٿي ويٺو، ۽ ٻئي ڪنڊ ڪنڊ مان انگ اکر گڏ
ڪري لکڻ واري کي ٿي آڻي ڏنا.
هڪ زير زمين جاءِ ۾ گهڙي، اسان مان هڪ ڄڻو گهر جي مالڪ کي ڳولڻ
ويو، ته مان باقي ڀاتين کان ڪجهه سوال پڇڻ لڳس.
انهيءَ گهر جو نقشو هن ريت هو: هڪ چوڏهن فوٽ چورس
هال جي بنهه وچ ۾ سرن جي چلهه هئي، جتان ستاري جي
شعاعن وانگر چار ڀتيون کنيل هيون. جنهنڪري ٽڪنڊن
جي شڪل جون چار ڪوٺيون ٺهي پيون هيون. پهرين ڪوٺي،
جنهن ۾ سمهڻ جا چار تختا لڳل هئا، تنهن ۾ اسان کي
ڪل ٻه ڄڻا- هڪ ٻڍو مرد ۽ ٻي ٻڍي عورت- نظر آيا. هن
ڪوٺيءَ جي سڌ ۾ هڪ ٻيو وڏو ٽڪنڊو هو، جنهن ۾ مڪان
جو مالڪ-ڦڪي ناسي رنگ جي ڪوٽ سان، تمام هيڊي منهن
وارو نوجوان- رهيو پيو هو. پهرئين ٽڪنڊي جي کٻي
پاسي واري ٽڪنڊي ۾ هڪ سُتل شخص (شايد پيتل هو) ۽
هڪ عورت تي نظر پئي، جنهن کي اڳيان ڍلي ۽ پوئتان
ڇڪي ٻڌل، هڪ گلابي رنگ جي چولي پئي هئي. چوٿون
ٽڪنڊو، ڏيڍيءَ کان ڪجهه پر ڀرو هو، جنهن جو لنگهه
مالڪ مڪان جي ٽڪنڊي مان هو.
منهنجو همراه مالڪ مڪان جي ٽڪنڊي ۾ لنگهي ويو، ۽ مان پهرئين
ٽڪنڊي ۾ ٻن ٻڍن کان سوالن پڇڻ ۾ لڳي ويس، ٻڍو اصل
هڪ پرنٽر (ڇپائي ڪرڻ وارو) هو، پر هينئر بي روزگار
ويٺو هو، ۽ ٻڍي، ڪنهن وقت هڪ بورچيءَ جي زال هئي.
هنن وٽان ٿي، مان ٽئين ٽڪنڊي ۾ ويس، ۽ گلابي
چوليءَ واريءَ عورت کان سندس ڪمري ۾ ستل مرد بابت
پڇيم. چيائين ته ” منهنجو مهمان آهي“ ؛ وري کانئس
سندس باري ۾ پڇا ڪيم. چي ”مان ماسڪو جي هڪ هارياڻي
آهيان“.
”تنهنجو ڌنڌو؟“
هن کلي کڻي چپ ڪئي، جواب نه ڏنائين.
”تون ڀلا کائين ڪٿان؟“ اهو خيال ڪري ته هن شايد منهنجو سوال
برابر نه سمجهيو آهي، مون پنهنجي سوال کي کولي
سمجهايو.
”مان هوٽل ۾ ويهندي آهيان،“ هينئر ذرا گنڀير ٿي وراڻيائين. مان
وري به سندس مطلب نه سمجهيو، ۽ پڇيومانس:
”پر به تون گذران ڇا تي ڪرين؟“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو، ۽ رڳو کلندي رهي؛ چوٿين ٽڪنڊي مان پڻ،
جنهن ۾ اسين اڃا ڪونه گهڙيا هئاسين، عورتن جي کلڻ
جو آواز آيو. مڪان جو مالڪ به پنهنجي ٽڪنڊي مان
ٻاهر نڪري آيو، ۽ اسان سان اچي بيٺو. هن منهنجا
سوال ٻڌا هئا، ۽ انهن جا جواب پڻ. هن شخص ان عورت
ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏٺو، ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين:
”هيءَ رنڊي اَٿَو!“ اهي لفظ اچاريندي، هن جي منهن مان معتبريءَ
جو گهمنڊ بکڻ لڳو، ۽ پوءِ انهيءَ عورت ڏانهن رخ
ڪيائين، پر انهيءَ عورت ڏانهن پوري نهارڻ کانسواءِ
ئي؛ هڪ خاص قسم جي ڌڪار سان کيس تڪڙو تڪڙو ڇينڀڻ
لڳو:
”بڪواس ڇو ٿي ڪرين؟ مان هوٽل ۾ ويهندي آهيان! ٺيڪ! جيڪڏهن هوٽل
۾ ويهندي آهين، ته پوءِ سنئو سڌو ڇو نه ٿي چوين ته
تون رنڊي آهين؟“ هن هڪ دفعو وري به انهيءَ ساڳئي
لفظ (رنڊيءَ) تي زور ڏنو ۽ وڌيڪ چيائين: ”ڄڻ ته
کيس خبر ئي ڪانهي ته پاڻ کي ڇا سڏي!“ هن جي
ڳالهائڻ جي انداز مون کي ڏاڍو ڪاوڙائي ڇڏيو:
”اسان کي ڪهڙو حق آهي، جو هن کي شرمسار ڪريون؟ اسان پاڻ جيڪڏهن
خدائي صفتون اختيار ڪريون، ۽ خدا ۽ خدا جي پيغمبر
(يسوع مسيح) جي چوڻ تي هلون، ته پوءِ ته جيڪر ان
قسم جون عورتون هجن ئي ڪونه،“ مون چيو.
” ها، اهوئي ته هڪڙو علاج آهي!“ مڪان جي مالڪ ڦڪائيءَ سان کلي
جواب ڏنو.
”ته پوءِ اسان کين گهٽ وڌ ڇو ڳالهايون؟ اسان کي ته پاڻ انهن تي
رحم اچڻ گهرجي. هنن ويچارين جو ڪهڙو ڏوه؟“ هينئر
مون کي ياد ڪونه آهي ته ان وقت مان ڇا ڇا چئي ويس،
پر ايترو سو ياد اٿم ته عورتن سان ڀريل بلڊنگ جي
نوجوان مالڪ جنهن ڌڪار سان کين ”رنڊيون“ ٿي سڏيو،
تنهن منهنجي دل ۾ بغاوت جي باه جاڳائي ڇڏي؛ مون کي
ان عورت تي پڻ ڏاڍو قياس آيو ۽ پنهنجي دل جي بار
کي هلڪي ڪرڻ لاءِ مون انهن ٻنهي احساسن کي ظاهر
ڪيو. مون اڃا مس ڳالهائي بس ڪيو ته چوٿين ٽڪنڊي ۾
سمهڻ وارا تختا چيچاٽ ڪرڻ لڳا، ۽ وچ واريءَ ڀت مان
مٿان، (جا ڇت تائين ڪانه ٿي پهتي) ڇڙيل گهنڊيدار
وارن، ننڍين سڄيل اکين ۽ چمڪندڙ ڳاڙهي منهن سان
پهريائين هڪ عورت ظاهر ٿي، ۽ پوءِ ٻيءَ ۽ ٽينءَ
عورت به منهن ڪڍيو. هو پنهنجي سمهڻ وارن تختن تي
اٿي ويٺيون هيون، ۽ پنهنجون ڳچيون ڊگهيون ڪري ۽
ڪنڌ مٿي کڻي، ٿڪل ساه، پريشان ڌيان ۽ خاموش نگاهن
سان اسان ڏانهن پئي نهاريائون.
اسان سڀني تي هڪ قسم جي اڻ وڻندڙ خاموش ڇانئجي وئي، آدمشماري
وٺندڙ شاگرد، جو مرڪي رهيو هو، سو هڪدم گنڀير ٿي
ويو، ۽ مڪان جي مالڪ به لڄ وچان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو.
عورتن ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو، ۽ مون ڏانهن نهارڻ بيهي
رهيون. مان پاڻ سڀني کان وڌيڪ شرمسار هوس، مون نه
ٿي سمجهيو ته منهنجي اندر مان اوچتو نڪتل لفظ ڪو
اهڙو اثر پيدا ڪندا؛ ڄڻ ته عزرائيل واري موت جي
ماٿريءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل هڏا، ”مسيح“ جي ڇهڻ تي هڪدم
جاڳي پيا هئا. مون اتفاق سان محبت ۽ مهربانيءَ جو
هڪ اڌ لفظ چيو هو، ۽ ان هڪ اڌ لفظ سڀني تي اهڙو
اثر ڪيو، جو ڀانءِ ته هو رڳو انهيءَ هڪ اڌ لفظ
لاءِ ترسيا ويٺا هئا – ته جئن ٻڌڻ سان هڪ دفعو وري
پاڻ کي لاشا سمجهڻ ڇڏي ڏين، ۽ اٿي نئين حياتي
ماڻين. هنن سڀني لاشن جون اکيون مون منجهه هيون، ۽
هو ايندڙ واقعن جو انتظار ڪري رهيا هئا؛ هنن چاهيو
پئي ته مان ڪجهه چوان ۽ ڪجهه ڪريان، جئن سندن هڏا
هڪ ٻئي جي ويجهو اچن، ۽ هڪ وار وري زنده ٿيڻ لاءِ
گوشت ۽ چمڙيءَ سان ڍڪجي وڃن. پر مون محسوس ڪيو ته
مون وٽ اهڙي قسم جو ڪوبه علم يا عمل ڪونه هو، جنهن
سان پنهنجي هن فروعي مهم کي جاري رکي سگهان.
مون کي پنهنجي اندر جي اونهائيءَ ۾ احساس ٿيو ته مون ڪوڙ
ڳالهايو هو؛ مان پاڻ به انهن جهڙو هوس؛ ۽ مون وٽ
وڌيڪ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو؛ مان سرڪاري رڪارڊ تي
انهيءَ گهر ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جا نالا سندن ڌنڌن
سميت لکي ڇڏيا. هي واقعو مون کي هڪ نئين غلطيءَ
ڏانهن گهلي وٺي ويو. مان سمجهڻ لڳس ته انهن
بدنصيبن لاءِ به ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ان وقت انهيءَ
خوش فهميءَ ۾ مون کي اهو ڪم ڏاڍو آسان پئي معلوم
ٿيو. مون چيو:
”اچو ته هنن عورتن جا نالا به پاڻ وٽ لکي رکون، ۽ پوءِ جڏهن
سڀني جا نالا لکي پورا ڪنداسين، ته اسان (اهي
”اسان“ ڪير هئا، تنهن تي ويچار ڪرڻ لاءِ مان تريس
ئي ڪونه) انهن جي سار سنڀال به لهي وٺنداسين. مون
خيال ڪيو ته اسان ( اهي ساڳيا شخص، جيڪي ڪيترن
نسلن کان انهن عورتن کي انهيءَ حالت ۾ رکندا آيا
آهيون) ڪنهن سڳوري ڏينهن ڪا سٺي رٿ رٿي، انهن سڀني
غلطين جي تلافي ڪري ڇڏينداسين. انهيءَ هوندي به،
مون جيڪڏهن هڪ ٻيءَ اهڙيءَ ” ڇڙواڳ“ عورت سان (
جيڪا هڪڙيءَ ٻيءَ بيمار ماءُ جي ٻار جو پينگهو
لوڏي رهي هئي) پنهنجي گفتگو سامهون هجي ها، ته مان
چڱيءَ طرح سمجهي وڃان ها ته منهنجي اها نئين ذمي
داري ڪهڙي نه بيڪار ۽ عقل کان عاري هئي.
اسان جڏهن ان عورت کي ٻار سان ڏٺو، ته ان ٻار کي سندس پنهنجو
ٻار سمجهيوسين. اسان جي هن سوال جي جواب ۾ ته تون
ڪير آهين؟ هن رڳو ايترو ٻڌايو ته هوءَ هڪ بدڪار
عورت هئي. هن ائين ڪو نه چيو ته ”مان رنڊي آهيان“
– مالڪ مڪان ئي اهڙو مڪروه ۽ ڀيانڪ لفظ اچاري ٿي
سگهيو. مون سمجهيو ته اهو سندس پنهنجو ٻار هوندو،
تنهنڪري منهنجي دل ۾ اچي ويچار ويٺو ته کيس انهيءَ
خراب حالت مان آزاد ڪريان.
”اهو تنهنجو ٻار آهي؟“ مون پڇيو مانس.
”نه، هي هن عورت جو آهي“
”پوءِ تون ڇو ٿي پينگهو لوڏين؟“
”مون کي ماڻس چيو، هوءَ پوين پساهن ۾ آهي“.
هاڻي جيتوڻيڪ منهنجو مفروضو غلط ثابت ٿي چڪو هو، تڏهن به مون ان
سان ساڳئي انداز ۾ گفتگو جاري رکي، ۽ چيومانس ته
هوءَ ڪير هئي ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪيئن آئي. هن مون کي
پنهنجو داستان رضا خوشيءَ سان ۽ سنئين سڌي نموني
ٻڌايو. هوءَ اصل ماسڪو ۾، هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ
مزور جي گهر ڄائي هئي. هوءَ جڏهن يتيم ٿي پئي،
تڏهن سندس چاچيءَ (جيڪا هينئر مري چُڪي هئي)
پرگهور لڌس. چاچيءَ جي وقت کان وٺي، هوءَ هوٽلن تي
وهندي هئي. مون جڏهن کانئس سندس زندگيءَ جي طور
طريقي بدلائڻ بابت پنهنجو رايو پڇيو، ته منهنجي
سوال ۾ هن ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه ڏيکاري. ڪنهن
به نه ٿيڻ جهڙي ڪم ۾ ڀلا ڪنهن کي ڪهڙي دلچسپي ٿي
سگهي ٿي؟
هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چوڻ لڳي:
”مون کي هن ”هيڊي ڪارڊ“ سان ڪير کڻندو؟“
”چڱو ڀلا! تون ڪٿي بورچياڻي ٿي ڪم ڪندينءَ؟“
مون کي اهو خيال ان ڪري آيو، جو هوءَ مضبوط جسم، سونهري وارن ۽
گول منهن واري هڪ ٻاجهاري پئي ڏسڻ ۾ آئي. منهنجي
لفظن تي هوءَ راضي ڪانه ٿي، ۽ چيائين:
”بور چياڻي! پر مان ته پچائي ڪونه ڄاڻان!“ ائين چئي هوءَ کلڻ
لڳي. هن چيو ته هوءَ اهو ڪم نٿي ڪري سگهي؛ پر سندس
منهن مان ظاهر هو ته هن بورچياڻي ٿيڻ نه پئي
چاهيو، ۽ اهڙي پورهئي کي ڌڪاريائين ٿي.
هن عورت به، جنهن انجيل ۾ آيل رن زال وانگر، هڪ هڪ بيمار
پاڙيسرڻ واسطي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو،
پنهنجي هم پيشي عورتن سان گڏ ائين ئي پئي سوچيو ته پورهيو ڪو وڏو مهڻو آهي، ۽ انڪري
ئي پورهئي کي ڌڪاريائين ٿي. هوءَ پورهئي ڪرڻ بنا
زنده رهڻ ۽ زندگيءَ جا سڀ سک ماڻڻ لاءِ ئي پلي
نپني ۽ وڏي ٿي هئي؛ ۽ انهيءَ طريقي کي ئي هوءَ ۽
سندس سڀ واسطيدار عين فطري سمجهي رهيا هئا. حقيقت
۾ سندس سموري بدنصيبي به ان ۾ لڪل هئي، جنهن کيس
هن حالت ۾ آڻي وهاريو هو، ۽ هوٽلن ۾ وهڻ به ان
ڳالهه ئي سيکاريو هو. هاڻي اسان مان ڪير سندس
زندگيءَ جي انهيءَ غلط نظريي جو علاج ٿي ڪري
سگهيو؟ ڪٿي آهن اسان ۾ اهي انسان، جيڪي هڪ محنت
مزوري ڪندڙ ۽ مفيد وجود کي، هڪ سست، بيڪار ۽ نقصان
پهچائيندڙ هستيءَ جي ڀيٽ ۾، هميشه وڌيڪ عزت ۽
احترام وارو سمجهن؛ ۽ نه رڳو ذهني طور ان ڳالهه جا
قائل هجن، پر ان تي باقائدي عمل به ڪندا رهن، ۽
ٻين کي پڻ انهيءَ معيار تي تورين تڪين ۽ انهن جو
قدر ۽ قيمت ڪن. مان جيڪڏهن ان ڳالهه تي ٿوروئي
ويچار ڪريان ها ته مون کي انهيءَ حقيقت جي خبر پوي
ها ته هن مرض جو علاج اسان جي وس کان ٻاهر هو.
مون کي اها خبر به پوي ها ته وچ واريءَ ڀت مٿان
حيرت ۽ حسرت وچان ليئا پائي نهاريندڙ عورتون،
منهنجي واتان، پنهنجي متعلق، همدرديءَ جا ٻه اکر
ٻڌي رڳو عجب کائي رهيون هيون، ۽ در حقيقت کين
پنهنجي. بد اخلاقيءَ ۽ بڇڙائيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي
اميد ڪانه هئي. حقيقت ۾ هنن کي پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪنهن به قسم جي برائي نظر ئي نٿي اچي؛ هنن کي اها
به خبر آهي ته کين نفرت جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو،
پر هو اها ڳالهه سمجهي نه ٿيون سگهن ته ساڻن ائين
ڇو ٿو ٿئي. هو ننڍي هوندي کان ئي اهڙي قسم جي
عورتن سا گڏ رهيون آهن، جن جي کين چڱيءَ طرح سڌ
آهي ته هميشه کان ائين رهنديون آيون آهن ۽ اڄ به
رهن ٿيون، ۽ وڏي ڳالهه ته سندن وجود اسان جي سماج
لاءِ ايتري قدر ضروري آهي، جو سندن سنڀال لاءِ
سرڪاري آفيسر به مقرر ٿيل آهن. انهن عورتن کي اها
به خبر آهي ته مردن تي سندن گهڻي هلندي آهي، ۽ ٻين
گهرو عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن تي گهڻو ڪري وڌيڪ اثر
هلائي سگهن ٿيون. هو ڏسن ٿيون ته کين جيتوڻيڪ
هميشه بڇڙو ۽ بد اخلاق سمجهيو وڃي ٿو، تڏهن به
سماج ۾ سندن حيثيت کي مرد توڙي عورتون، ۽ وڏي
ڳالهه ته خود سرڪار به تسليم ڪري ٿي؛ ۽ تنهن ڪري
به هو سمجهي نٿيون سگهن ته پنهنجي ڪهڙيءَ ڳالهه تي
پڇتائين ۽ پنهنجي ڪهڙيءَ چال کي سڌارين. انهيءَ
ساڳئي موقعي تي، هڪ دفعي اسان جي همراه اچي خبر
ٻڌائي ته انهن گهرن مان هڪڙي ۾ هڪ عورت پنهنجي
تيرهن سالن جي ڌيءُ کان ڪسب ڪرائي رهي هئي.
ڇوڪريءَ کي بچائڻ جي نيت سان، مان پاڻ ان گهر ۾
لنگهي ويس، ماءُ ۽ ڌيءُ نهايت مفلسيءَ ۾ زندگي
ڪاٽي رهيون هيون، ماءُ ڪاري رنگ جي، بندري، چاليهن
ورهين جي رنڊي، حد کان وڌيڪ ڪوجهي هئي. ڌيڻس به ان
جهڙي ئي اڻ وڻندڙ هئي. سندن زندگيءَ بابت منهنجي
سڀني اڻ سڌن سوالن جي موٽ ۾، مون کي پنهنجو دشمن
سمجهي، ڇوڪريءَ جي ماءُ نهايت کهرائيءَ، ۽ هڪ قسم
جي بي اعتباريءَ جي جذبي سان، جواب پئي ڏنا.
ڇوڪريءَ، پنهنجي ماءُ ڏانهن نهارڻ کانسواءِ،
منهنجي هڪڙي سوال جو جواب به ڪونه ٿي ڏنو. انهيءَ
ڳالهه مان ظاهر آهي ته ڇوڪريءَ جو پنهنجي ماءُ ۾
پورو پورو ڀروسو هو. هنن- ماءُ ۽ ڌيءُ- جي اهڙيءَ
هلت، منهنجي اندر ۾ ڪنهن به قسم جي دلي همدردي ته
پيدا نه ڪئي، پر پاڻ منهنجي دل ۾ انهن لاءِ ڌڪار
جو جذبو جاڳي پيو. پر تنهن هوندي به مون فيصلو ڪيو
ته ڇوڪريءَ کي بچائڻ ضروري هو، ۽ ان سلسلي ۾ شهر
جي ڪن شريف عورتن کي هيڏانهن موڪلڻ جو بندوبست
ڪندس ته جئن هو هنن عورتن جي رحم جوڳيءَ حالت ۾
ڪجهه دلچسپي وٺن ۽ کين سنئين رستي تي آڻين. پر مان
جيڪڏهن ان ڇوڪريءَ جي ماءُ جي گذريل حياتيءَ تي
ٿوروئي ويچار ڪريان ها ته هن ڪيئن ٻين جي ڪنهن مدد
کان سواءِ ۽ پنهنجي ڳرين ڳرين قربانين سان، انهيءَ
ڌيءُ کي ڄڻيو ۽ پالي تاتي وڏو ڪيو هو، ۽ مان
جيڪڏهن ان ڇوڪريءَ جي ماءُ جي ذهن ۾ اهڙين حالتن
هيٺ ٺهيل نقطه نظر تي به ٿورو ويچارر ڪريان ها، ته
مون کي پنهنجو پاڻ خبر پئجي وڃي ها ته سندس انهيءَ
هلت ۾ ڪنهن به قسم جي بڇڙائي يا بداخلاقي ڪانه
هئي، ۽ هوءَ پنهنجي ڌيءُ لاءِ جو ڪجهه ڪري ٿي
سگهي، سو ڪيو هئائين ۽ ان وقت به ڪري رهي هئي، يا
ائين کڻي چئجي ته هوءَ، سندس پنهنجي خيال موجب،
پنهنجي ڌيءُ جي بهترين پروش ڪري رهي هئي. ان ماءُ
کان زور زبردستيءَ سان ته سندس ڌيءُ کسي سگهجي ها،
پر ڪوئي شخص به کيس ان ڳالهه جو قائل نه ڪري سگهي
ها ته هوءَ پنهنجي ڌيءُ کان ڪسب ڪرائي، ڪو غلط ڪم
ڪري رهي هئي.انهيءَ ڇوڪريءَ کي بچائڻ لاءِ، سڀ کان
پهريائين سندس ماءُ کي بچائڻ کپندو هو؛ کيس
زندگيءَ جي انهيءَ گمراه ڪندڙ نظريي کان بچائڻ
کپندو هو، جنهن کي هر شخص قبوليو آهي، جيڪو هڪ
عورت کي شادي ڪرڻ کان سواءِ زندگي گذارڻ- يعني نه
ٻار ڄڻڻ ۽ نه محنت مزوري ڪرڻ، پر رڳو ٻين جي
نفسياتي خواهشن کي پوري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. مان
جيڪڏهن ان ڳالهه جو خيال ڪريان ها، ته مون کي ان
وقت ئي معلوم ٿي وڃي ها ته مون جن شريف عورتن کي
هن ڇوڪريءَ جي بچاءَ لاءِ هيڏانهن موڪلڻ ٿي چاهيو،
انهن مان گهڻيون ته پاڻ ٻارن ڄڻڻ ۽ محنت ڪرڻ کان
سواءِ، رڳو نفساني خواهشن کي خوش ڪرڻ لاءِ زنده
آهن، ۽ پنهنجن ڌيئن کي به ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جي
زندگي گذارڻ جي تعليم ڏين ٿيون. هڪڙي ماءُ جيڪڏهن
پنهنجي ڌيءُ کي هوٽل تي ويهاري ٿي، ته ٻي پنهنجي
ڌيءُ کي ڪلب يا ناچ- گهر ڏانهن موڪلي ٿي؛ پر زندگي
جو نظريو ٻنهي جو ساڳيو آهي- يعني عورت کي مرد جون
نفساني خواهشون پوريون ڪرڻ گهرجن، ۽ موٽ ۾ مرد کي
سندس ڪپڙي لٽي، کاڌ خوراڪ ۽ سار سنڀال جو بندوبست
ڪرڻو آهي. انهيءَ حساب سان، اسان جون هي شريف
عورتون ان بدڪار عورت يا سندس ڌيءُ کي ڪيئن ٿيون
بچائي سگهن؟
باب نائون
ٻارن ڏانهن ته منهنجو اڃا به وڌيڪ عجيب رويو هو. مون پنهنجي
”سخي“ هجڻ جي حيثيت ۾ انهن کي به نه وساريو.
منهنجي مرضي هئي ته انهن معصومن کي بڇڙائيءَ جي
بستيءَ ۾ تباه ٿيڻ کان بچايان، ۽ اهو ارادو ڪري
ته ”پوءِ“ (پوءِ الائي ڪڏهن؟) سندن سار سنڀال
لهندس، في الحال سندن نالا پاڻ وٽ لکي رکيم.
انهن سڀني مان، ”شيراز“ نالي هڪ ٻار مون کي گهڻو متاثر ڪيو. هو
تمام تيز ۽ هوشيار ڇوڪر هو؛ پهريائين هڪ موچيءَ وٽ
رهندو هو، پر پوءِ پنهنجي استاد جي جهلجي وڃڻ سبب
هو بي-گهر ٿي پيو. مون کي ان ڇوڪري جو ڏاڍو خيال
ٿيو، ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس ڪم اچڻ ٿي چاهيم.
پر مان هينئر توهان کي ٻڌائيندس ته ڪيئن منهنجي سموري مدد بيڪار
ويئي، ۽ توهان پاڻ انهيءَ آکاڻيءَ مان چٽيءَ طرح
ڏسندا ته منهنجي سخي هجڻ جي حيثيت ڪيتري نه ڪوڙي ۽
ڪمزور هئي. مان ان ڇوڪري کي پنهنجي گهر وٺي ويس، ۽
رڌڻي جي ڪم ۾ لڳايو مانس. ڀلا، اهو ممڪن آهي ته
بڇڙائيءَ جي بستيءَ مان کنيل هڪ ميري ۽ گدلي ڇوڪر
کي پنهنجي ٻارن سان گڏ رکجي! هن ڇوڪر کي کارائڻ
پيارڻ ( سو به بورچيءَ هٿان) ۽ پهرڻ لاءِ ٻه چار
لٿل ڪپڙا ڏيئي، پاڻ کي ڏاڍو رحم دل ۽ سٺو ماڻهو
پئي سمجهيم. اهو ڇوڪر هفتو کن اسان وٽ رهيو.
انهيءَ عرصي ۾ مون هن سان ٻه دفعا کن ڳالهايو، ۽
هڪ دفعي گهمندي ڦرندي هڪ واقف ڪار موچيءَ سان سندس
ذڪر پڻ ڪيم. مون وٽ لٿل هڪ ڪڙميءَ کيس پاڻ سان ڳوٺ
۾ رهڻ ۽ مزوريءَ ڪرڻ لاءِ چيو. ان وقت ته ڇوڪر نه
مڃيو، پر هفتي کان پوءِ اسان وٽان گم ٿي ويو. مان
رزانوف هائوس ۾ کيس ڳولڻ ويس؛ هو اتي برابر رهيل
هو، پر مان جڏهن ڏسڻ ويومانس، ته گهر ۾ ڪونه هو.
ان ڏينهن ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ هو جانورن جي باغ
ڏانهن ويو هو، جتي ڪنهن ناٽڪ جي. سلسلي ۾، جهنگلين
جي پوشاڪ پائي، هاٿيءَ جي ناٽڪي سرگس ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ کيس هڪ ڏينهن لاءِ ٽيهه ڪوپيڪ مليا هئا. مان
ٻئي ڏينهن به کيس رزانوف هائوس ۾ ڏسڻ ويس، پر هو
اهڙو ته احسان فراموش نڪتو، جو مون کي ڏسي لنوائي
هليو ويو. حقيقت ۾ پورهئي تي نه هرڻ، ۽ پورهئي
بنان عيش آرام واري زندگي گذارڻ جي احساس ئي کيس
کاري خراب ڪيو هو؛ ۽ مان وري کيس سڌارڻ لاءِ
پنهنجي گهر وٺي آيو هوس، جتي هن پاڻ جيڏا، پاڻ کان
وڏا ۽ پاڻ کان ننڍا ٻار ڏٺا، جن ڪڏهن به ڪو ڪم
ڪونه ڪيو هو، بلڪه هر قسم جو پنهنجو ذاتي ڪم به
هميشه ٻين کان ڪرائيندا هئا! ڀڃڻ، ڊاهڻ، گهڙيءَ
گهڙيءَ ڪپڙا ميرا ڪرڻ، گندگي پکيڙڻ، وڙهڻ جهڙڻ،
ٽپڙ هيٺ مٿي ڪرڻ، لذيذ ۽ مقوي طعام گهرج کان وڌيڪ
کائڻ ۽ پنهنجن ڪتن کي به سڻڀا ۽ سوادي کاڌا ڏيڻ-
جيڪي هن غريب جي ٻار ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺا هوندا-
اسان جي گهر جو عام دستور هو. مان جيڪڏهن هن ڇوڪر
کي ” اوڙاهه“ مان ڪڍي ”عرش معليٰ“ تي آندو هو، ته
انهيءَ ”عرش معليٰ“ جي زندگيءَ جا طور طريقا سکڻ ۾
هو به حق بجانب هو! ان قسم جي زندگيءَ مان ئي هن
سمجهيو هو ته انسان کي هميشه خوش وخرم، ۽ محنت
مزوريءَ کان سواءِ، سٺي کاڌي، سٺي ڪپڙي ۽ عيش آرام
سان رهڻ گهرجي. ائين برابر آهي ته هن ڇوڪر کي اها
خبر ڪانه هئي ته منهنجا ٻار لاطيني زبان جي گردانن
۽ يوناني ٻوليءَ جي گرامر سکڻ تي ڪيڏي محنت ۽
مٿاڪٽ ڪندا هئا ۽ نه وري انهيءَ محنت جي اصل مقصد
کي هو سمجهي ٿي سگهيو! پر اها به حقيقت آهي ته هو
جيڪڏهن منهنجي ٻارن جي محنت جو اصل مقصد سجهي ها،
ته اڃا به وڌيڪ متاثر ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته پوءِ هو
سمجهي وڃي ها ته منهنجا ٻار هڪ اهڙي قسم جي تعليم
وٺي رهيا آهن، جو اڄ ته کين ڪو به پورهيو ڪرڻو نٿو
پوي؛ پر سڀاڻي به، پنهنجين سندن ((Diplomas
جي مدد سان، جيترو ٿي سگهندن اوترو ٿورو پورهيو
ڪندا ۽ زندگيءَ لاءِ گهربل سٺي ۾ سٺين شين تي ۽
گهڻي ۾ گهڻو قبضو ڄمائيندا. پر ڀانئجي ٿو ته هن
ڇوڪر اها ڳالهه تاڙي ورتي هئي ۽ انڪري ئي منهنجي
مهمان ڪڙميءَ سان مال چارڻ، مزوري ڪرڻ ۽ بصر پٽاٽن
تي گذر ڪرڻ لاءِ ڪونه ويو، پر اٺين آني روز جي
حساب سان، جهنگلين جي پوشاڪ پائي، جانورن جي سرگس
ڪڍڻ لاءِ چڙيا گهر ڏانهن هليو ويو.
منهنجي اها ڪيڏي نه بيوقوفي هئي، جو پنهنجي ٻارن کي ته مڪمل
سستيءَ ۽ تن آسانيءَ جي تعليم ڏيئي رهيو هوس، پر
ٻين ماڻهن ۽ سندن اولاد کي رزانوف هائوس ۾ سستيءَ
۽ بيڪاريءَ ۾ برباد ٿيندو سمجهي، کين سڌارڻ جي
اميد رکي ويٺو هوس، حالانڪ انهن ساڳين شخصن لاءِ
محنت مزوري ڪندا هئا. پر افسوس! ان وقت مون انهن
سڀني ڳالهين مان هڪ ڳالهه به نه سمجهي.
رزانوف هائوس ۾ مون ڪيترائي ٻار تمام خراب ۽ تباه حالتن ۾ ڏٺا؛
انهن مان ڪي رنڊين جا ٻار هئا، ڪي صفا يتيم، ته ڪي
وري گهٽين ۾ پن مڱ لاءِ فقيرن آندا هئا. مطلب ته
مڙني جي قياس جوڳي حالت هئي. پر ”شيرازا“ سان
منهنجي ذاتي تجربي مون کي اهو ئي سيکاريو ته مان
پنهنجي موجوده طرز زندگيءَ سان سندن ڪابه مدد ڪري
نٿو سگهان. شيرازا جڏهن مون وٽ هو، تڏهن مون
پنهنجي اند هڪ عجيب قسم جي خواهش اڀرندي ڏٺي؛ مان
شيرازا کان پنهنجي ۽ خاص طرح پنهنجي ٻارن جي زندگي
لڪائڻ ٿي چاهي!
مون ان وقت ئي محسوس ڪيو ته اسان ۽ اسان جي ٻارن جي زندگيءَ جي
طور طريقي، شيرازا کي هڪ سٺي ۽ ڪارائتي زندگي مهيا
ڪرڻ لاءِ منهنجي سڀني ڪوشش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.
واقعي ڪنهن رنڊيءَ يا در در ڀٽڪندڙ فقير وٽان هڪ
ٻار محض کڻي اچڻ ڏاڍو سولو آهي. کيسي ۾ چار ڏوڪڙ
هجن، ته غريب جي ٻار کي آسانيءَ سان وهنجاري، سٺا
ڪپڙا پارائي، کارائي پياري، هڪ اڌ علم به سيکاري
سگهجي ٿو؛ پر اسان جيڪي پاڻ پنهنجي پگهر جي پورهئي
سان پنهنجو پيٽ ڪونه ٿا پاليون، تن لاءِ هن معصوم
کي پورهيو ڪري پنهنجي پيٽ پالڻ جي تعليم ڏيڻ نه
رڳو مشڪل پر ناممڪن پڻ آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي
زندگيءَ جي مثال سان، توڙي سندس زندگيءَ کي ڪجهه
”بهتر“ بنائڻ سان، کيس ان جي ابتڙ ئي سيکاريون ٿا.
ڪُتي جي گُلر کي پالي تاتي، وڏو ڪري، کيڏائي،
کينهونءَ جهٽڻ يا پريان کڻي آڻي ڏيڻ جو هنر
سيکاري، برابر خوش ٿي سگهجي ٿو؛ پر انسان کي محض
کاڌو ڪپڙو ڏيئي هڪ اڌ علم سيکارڻ ته ڪافي نه آهي!
انسان کي ته زنده رهڻ جي اهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي،
جنهن موجب هُو ٻين کان گهٽ ۾ گهٽ وٺي ۽ ساڳئي وقت
پاڻ ٻين کي وڌ ۾ وڌ ڏئي. پر اسان کيس پاڻ وٽ
رهايون يا ڪنهن سرڪاري محتاج خاني ۾، بهر حال کيس
زندگيءَ جي اصل مقصد جي ابتڙ سبقن سکڻ کان روڪي
نٿا سگهون.
باب ڏهون
هينئر منهنجي اندر ۾، ٻين ماڻهن لاءِ محبت ۽ پاڻ کان نفرت جو
جذبو، جيڪو پهريائين مون لياپن هائوس وٽ محسوس
ڪيو، سو ڪونه رهيو هو. مون کي فقط هن ڳالهه جو فڪر
هو ته مون جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي، سو ڪيئن به ڪري
پورو ڪريان؛ يعني هت جن شخصن سان به ملان، تن جي
ٿوري گهڻي مدد ضروري ڪريان. پر عجب ان ڳالهه تي ٿو
اچي ته ظاهر ۾ ته ٻين سان چڱائي ڪرڻ هڪ تمام سٺو
ڪم آهي ۽ انڪري هر چڱي شخص جي دل ۾ عام انسانن
لاءِ محبت پيدا ڪرڻ گهرجي؛ پر منهنجيءَ حالت ۾
ڳالهه ئي ابتي ٿي، ۽ اندر ۾ عام ماڻهن کان هڪ قسم
جي نفرت ۽ ڌڪار جا جذبا پيدا ٿيڻ لڳا. پهرئين چڪر
وقت شام جو، لياپن هائوس وٽ ٿيل واقعي جهڙو هڪ
ٻيو واقعو به ڏٺم؛ هن واقعي منهنجي دل ۾ ساڳيو
تاثر پيدا نه ڪيو، پر پاڻ ابتو اثر ويهاريائين.
ڳالهه اصل هيئن شروع ٿي، جو هڪ گهر ۾ مون سچ پچ هڪ اهڙو بد نصيب
انسان ڏٺو، جنهن کي منهنجي مدد جي فوري ضرورت هئي،
هيءَ هڪ بکايل عورت هئي، جنهن ٻن ڏينهن کان ان جو
ڪڻو ڪونه کاڌو هو.
هڪ تمام وڏي ۽ ذري گهٽ خالي گهر ۾، مون هڪ ٻڍيءَ کان ڪنهن اهڙي
انتهائي غريب شخص بابت پڇيو، جنهن کي کائڻ لاءِ
ڪجهه به نه هجي. ٻڍيءَ، ٿوري دير سوچي، ٻن ڄڻن جا
نالا ٻڌايا، پر پوءِ وري ڪجهه ياد ڪري ، چوڻ لڳي:
”ها! منهنجي خيال ۾ هتي ئي پئي آهي،“ ۽ والاريل
تختن مان هڪ ڏانهن نهاريندي چيائين، ”اجهو! هن
ڇوڪريءَ سمجهان ٿي ته گره ڪونه چکيو آهي“.
”سچ ! پر هيءَ آهي ڪير؟“
”طوائف هئي، پر هينئر ڪوئي ڪو نه ٿو پڇيس، تنهنڪري مليس به ڪجهه
نٿو. جڳهه جي مالڪياڻيءَ به گهڻو ترس کاڌس، پر
هاڻي ته اها به ٽپڙ ٿي کڻائيس- اگئفيا! او
اگئفيا!“ ٻڍيءَ رڙ ڪئي.
اسين ويجها وياسين، ته انهيءَ تختي تي ڪا چيز اٿڻ لڳي. اها هڪ
ميري رنگ جي، گدلي، ڇڙيل وارن سان، هڏائين پڃري
جهڙي هلڪي، گندي ۽ ڦاٽل ڪڙتي سان ڍڪيل، غير معمولي
طور چمڪدار ۽ هڪ هنڌ کتل اکين واري عورت هئي.
پهريائين ته اسان کي انهن ميخ وانگر هڪ هنڌ کتل
اکين سان ڏسي ويئي، پر پوءِ گندي، ڦاٽل ڪڙتي مان
ظاهر ٿيندڙ پنهنجي سڪل ڇاتيءَ کي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي
سنهڙن هٿن سان پٺيان رکيل جئڪيٽ کنيائين، ۽ وائڙن
وانگر پڇڻ لڳي: ”ڇا؟ ڇا“ مون کانئس سندس احوال
پڇيو؛ ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه سمجهه ۾ ويٺس؛
وراڻيائين: ”مون کي خبر ڪانه آهي؛ مون کي گهر مان
ٻاهر ٿا ڪڍن.“
”ڇا ائين برابر آهي ته تو کي ٻن ڏينهن کان کائڻ لاءِ ڪجهه به نه
مليو آهي؟“ مون پڇيو مانس. (اڄ اهي اکر لکندي بيحد
شرم ٿو اچيم). مون ڏانهن اڃا به نه نهاريائين، ۽
بيمارن وانگر انتهائي تڪليف سان جواب ڏنائين: ”مون
ڪالهه ڪجهه به ڪونه کاڌو، اڄ به ڪونه کاڌو اٿم.“
هن عورت کي ڏسڻ سان مان ڏاڍو متاثر ٿيس، پر اهڙو نه، جهڙو لياپن
هائوس وٽ هڙا ساڳيا واقعا ڏسي متاثر ٿيو هوس.
لياپن هائوس جي رهاڪن لاءِ منهنجي دل ۾ پيدا ٿيل
همدرديءَ مون کي فوراً پاڻ کان پشيمان ڪري ڇڏيو
هو، پر هت پنهنجي دل جي مراد پنهنجي اکين آڏو پوري
ٿيندي ڏسي، مان ڏاڍو خوش ٿيس.
مون هن بکيءَ ۽ بيحال عورت کي هڪ روبل ڪڍي ڏنو، ۽ اڄ ڏينهن
تائين ياد اٿم ته ٻين ماڻهن جي روبرو اها خيرات
ڏيندي مان ڪيترو نه خوش ٿيو هوس. هن عورت کي سڄو
سارو هڪ روبل ملندي ڏسي، ٻڍيءَ به ڪجهه پئسا
گهريا. ٻين کي ڏوڪڙ خيرات ڏيڻ ۾ مون کي ايتري ته
گهڻي خوشي ٿي، جو انهيءَ سوچڻ کان سواءِ ته ٻڍيءَ
کي به ڪجهه ڏيڻ ضروري هو يا نه، مون کيس به ٻه چار
ڪوپيڪ ڪڍي ڏنا. اها ٻڍي پوءِ مون کي ٻاهر رستي
تائين اماڻڻ آئي ۽ ورانڊي ۾ بيٺل ڪن شخصن کيس
منهنجي مهرباني مڃيندي ٻڌي ورتو. مون عام ماڻهن جي
مفلسيءَ ۽ محتاجيءَ بابت جيڪي سوال پڇيا هئا، تن
شايد ڪن ماڻهن جي دلين ۾ ڪي اميدون پيدا ڪيون
هيون، ۽ ڇاڪاڻ ته هو اسان جي پٺ ورتيون پئي آيا،
ورانڊي ۾ وري انهن به مون کان ڪجهه پئسا گهرڻ شروع
ڪيا. انهن شخصن ۾ ڪي ته شرابي ڪبابي به هئا، جن
منهنجي دل ۾ هڪ قسم جو اڻ وڻندڙ احساس پيدا ڪيو،
پر ٻڍيءَ کي ڪجهه ڏيڻ کان پوءِ، هنن کي انڪار ڪرڻ
جو مون کي ڪو حق نه هو ۽ تنهنڪري لاچار مون انهن ۾
به پئسا ورهائڻ شروع ڪيا. مان ورهائيندو رهيس ۽
ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان ايندا رهيا. سڀني گهرن ۾ ڄڻ ته
هلچل مچي ويئي؛ گئلرين ۾ توڙي ڏاڪڻين تي، ماڻهو
مون ڏانهن نهاريندا رهيا. مان اڱڻ ۾ اڃا پهتس مس،
ته هڪ ڇوڪرو ماڻهن جي انبوه کي چيريندو، ڏاڪڻ تان
تڪڙو تڪڙو هيٺ لهڻ لڳو. هن مون کي ڪونه ڏٺو ۽ رڙ
ڪري چيائين: ” هن اگئفيا کي هڪ روبل ڏنو!“ ڏاڪڻ
تان هيٺ لهي، هي ڇوڪر به منهنجي پوئتان ايندڙ
انبوه سان ملي ويو. اتان ٿي، مان گهٽيءَ ۾ آيس؛
گهڻن ئي ماڻهن منهنجي پٺ ورتي ۽ مون کان پئسا
گهريا. مون وٽ جيڪي کليل پئسا هئا، سي سڀ ڏيئي
ڇڏيم، ۽ ڏهه روبل ٻيا به مٽائڻ
لاءِ هڪ ويجهي دڪان تي ويس. اتي به اهائي حالت ڏٺيم، جا لياپن
هائوس وٽ ڏٺي هيم. منهنجي ذهن ۾ هڪ خطرناڪ
مونجهارو پيدا ٿيو. ٻڍيون عورتون، تباه حال سفيد
پوش، ڳوٺاڻا ۽ انهن جا معصوم ٻار- سڀيئي دڪان تي
چڙهي آيا، ۽ هٿ وڌائي مون کان گهرڻ لڳا. مون کين
پئسا ڏنا، ۽ ڪن کان سندن حياتيءَ جو احوال پڇي،
پنهنجي نوٽبڪ ۾ درج ڪري ڇڏيم. دڪان جو مالڪ پنهنجي
گرم اوورڪوٽ جي پشمي ڪالرن ۾ منهن لڪائي بت نڻيو
ويٺو هو، ۽ رکي رکي ماڻهن جي انبوه ڏانهن به ٿي
ڏٺائين، ته اسان ڏانهن به اڏامندڙ نظر ٿي
اڇلايائين. هو به شايد، ٻين وانگر، اسان جي سر
گرمين کي فضول ۽ بيڪار سمجهي رهيو هو، پر چئي نه
پئي سگهيو.
مان، لياپن هائوس ۾ عام ماڻهن جي بد حالي ڏسي، ڏاڍو ڏڪي ويو
هوس، ۽ پاڻ کي مجرم سمجهي، پنهنجي اندر ۾، بهتر
انسان ٿيڻ جي خواهش ۽ امڪان جو خيال ڪيو هوم. پر
هينئر ساڳئي قسم جي هڪ ٻئي نظاري مون تي ابتو اثر
ڪيو، پهريائين ته مون پنهنجي چوڌاري بيٺل شخصن مان
گهڻن کان ناراضپي جو جذبو محسوس ڪيو، ۽ ٻيو ته مون
کي اهو خيال به ٿي بيٺو ته هي دڪاندار ۽ ڪمي ڪاسبي
منهنجي باري ۾ الاجي ڇا پيا سوچين!
ان ڏينهن گهر موٽڻ تي مان ڏاڍو بيچين هوس. مون محسوس ڪيو ته مان
جو ڪجهه ڪري رهيو هوس، سو سڀ بڪواس ۽ بد اخلاقي
هئي، ۽ جئن هميشه اندر جي مونجهاري وقت ٿيندو آهي،
مان پنهنجي شروع ڪيل مهم بابت جتي ڪٿي گهڻو
ڳالهائڻ لڳس، ڄڻ ته مون کي ان جي ڪاميابيءَ ۾
رتيءَ برابر به شڪ نه هو.
ٻئي ڏينهن، مان اڪيلي سر انهن شخصن کي ڏسڻ ويس، جن جا نالا پاڻ
وٽ لکي رکيا هئم ۽ جن تي وڌ ۾ وڌ رحم کائيندي،
کين مدد ڏيڻ سڀ کان وڌيڪ آسان ٿي سمجهيم. مان جئن
مٿي چئي آيو آهيان، انهن مان هڪڙي کي به سچي ۽
صحيح مدد ڏيئي نه سگهيس. حقيقت ۾ کين مدد ڏيڻ
منهنجي اميدن کان گهڻو ڏکيو ثابت ٿيو؛ ۽ خبر نه
آهي ته پنهنجي نالائقيءَ سببان يا مسئلي جي ناممڪن
الحل هجڻ ڪري، پر حقيقتًا مان کين ڪنهن به قسم جي
ڪارائتي مدد نه ڏيئي سگهيس، ۽ پاڻ اڳي کان وڌيڪ
پريشان ڪيومان. آدمشماريءَ جي آخر ڦيري کان اڳ ۾
مان ڪيترائي دفعا رزانوف هائوس مان ٿي آيس، ۽ هر
دفعي ساڳي ڳالهه آڏو آيم.عرضدارن جي انبوه ۾ بلڪل
وڪوڙجي ٿي ويس اهڙيءَ حالت ۾ مون ڪجهه به مقصد يا
نتيجو حاصل ڪرڻ ناممڪن محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته عرضدار
ڏاڍا گهڻا هئا، ۽ مان مٿن انهيءَ ڪري به ڏمربل هوس
ته هو ايترا گهڻا ڇو هئا؛ پر اڄ هو انفرادي طور به
مون کي ڪو نه پئي وڻيا. مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته
هو سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهائين يا وڌ ۾ وڌ اڌ ڪوڙ ملائي ٿا
ٻڌائين ۽ مون ۾ پئسن جي ڀريل ٻٽونئين کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو اٿائون. مون اڪثر اهو ئي ڏٺو
ته جنهن به شخص مون کان پئسا ٿي ورتا، تنهن کي
فائدي بدران نقصان ٿي پهتو. مان ان جڳهه ڏانهن
جيترو گهڻو ويس، ۽ اتي جي ماڻهن متعلق جيترو گهڻو
معلوم ڪيم، مون کي ڪنهن مفيد نتيجي نڪرڻ جو امڪان
اوتروئي گهٽ پئي نظر آيو، پر آدمشماريءَ جي ويندي
پوئتنءَ رات تائين به پنهنجي مهم کي ڪين ڇڏيم.
مان انهيءَ پوئينءَ رات کي ياد ڪري، ڏاڍو شرمندو ٿيندو آهيان.
اڳ مان اڪيلو ويو هوس، پر هينئر پاڻ ويهارو کن ڄڻا
گڏجي وياسين. هن آخري رات جي ڦيري ۾ شريڪ ٿيڻ وارا
سڀيئي، صبح جو ستين بجي، منهنجي جاءِ تي اچي ڪٺا
ٿيا. گهڻو ڪري هي سڀ شخص منهنجا واقف نه هئا: ڪجهه
شاگرد، هڪ آفيسر ۽ ٻه وڏ گهراڻا واقفڪار- عام
رواجي انداز ۾ کيڪار ڪري چوڻ لڳا ته مان کين به
آدمشماري وٺندڙ ڪار ڪنن ۾ شريڪ ڪريان.
منهنجي واقفڪارن خاص شڪاري لباس- جئڪيٽ ۽ وڏا سفري
بوٽ- پاتا هئا، جي اڄوڪي ڏينهن لاءِ پڻ موزون
سمجهيا هئائون. هنن پاڻ سان عجيب و غريب نوٽبڪ ۽
غير معمولي وڏيون، ٿلهيون ۽ رنگا رنگي پينسلون پڻ
کنيون هون. هو سڀ هڪ خاص قسم جي جوش ۽ جذباتي رنگ
۾ نظر اچي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪنهن غير رواجي شڪار،
ملاکڙي يا لڙائيءَ جي تياري ڪئي هئائون. انهن شخصن
جي انهيءَ صورتحال مان ته سندن غلطي ۽ گهمراهي صاف
نظر اچي رهي هئي، پر اسان پاڻ باقي شخص به ته
انهيءَ ساڳيءَ غلطيءَ ۽ گهمراهيءَ ۾ گرفتار
هئاسين! پنهنجي ڪم کي باقاعدي شروع ڪرڻ کان اڳ،
اسان پاڻ ۾، هڪ جنگي ڪائونسل وانگر، گڏجي صلاح
مشورو ڪيو ته پنهنجي ڪارڪنن کي ڪيئن ورهائجي، ڪم
ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي، وغيره. اسان جي اها صلاح
مصلحت، هُوبهُو ڪائونسلن، قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين
۽ سرڪاري ڪاميٽين ۾ ٿيندڙ ڪج بحثيءَ جهڙي هئي، ۽
هر شخص انهيءَ لاءِ نه پئي ڳالهايو ته سندس تقرير
جي ڪا قوم کي خاص ضرورت هئي يا هن پاڻ ڪجهه پرائڻ
ٿي چاهيو، پر فقط ان لاءِ هتان هُتان جون ڳالهيون
گهڙي پئي ٻڌايائين ته جئن ڳالهائڻ ۽ چيتر زبانيءَ
۾ ٻين کان پوئتي نه رهجي وڃي. عجب وري اهو، جو
انهيءَ سموريءَ ڪٿا ۾ ڪنهن هڪ ”اشراف“ به ”خيرات“
جو لفظ نه اچاريو، حالانڪ منهنجي سڄيءَ جا کوڙ جو
مقصد ”خيرات“ هو، ۽ انهن سڀني کي به باربار اها
ڳالهه ٻڌائي ڇڏي هيم! مان ڏاڍو شرمسار ٿيس، ۽ دل ۾
ويچار ڪيم ته هيڪر وري به سندن ڌيان ”خيرات“ ڏانهن
ڇڪايان- يعني آدمشماريءَ وقت، غريبيءَ ۾ غرق ٿيل
ماڻهن جي نالن درج ڪرڻ جو مقصد کين ياد ڏيا ريان.
مان هميشه شرم ۽ حجاب کان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر نه
ڪري سگهندو هوس، پر هينئر پنهنجي مهم جي جوشيلن
تيارين وقت، مون انهيءَ مشڪل تي قابو پائي پنهنجا
چپ چوريا. سڀني مون کي ڪن ڏيئي ٻڌو، پر لاچار کان
؛ ۽ ساڳئي وقت زباني طور مون سان يڪراءِ به ٿيا.
پر مون ڏٺو ته هنن سڀني ان ڳالهه کي بيڪار ۽ فضول
پئي سمجهيو؛ ڇاڪاڻ ته هر شخص موضوع بدلائي ڪنهن
ٻئي مسئلي تي ڳالهائڻ شروع ڪري پئي ڏنو. ائين
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهيا، تان جو
رواني ٿيڻ جو وقت اچي ويو ۽ اسان سڀ هلڻ لڳاسين.
اونداهي هوٽل وٽ پهتاسين، ۽ نوڪرن کي هوشيار ڪري، پنهنجا ڪاغذ
پَٽ ٺيڪ ڪرڻ لڳاسين. اسان کي جڏهن ٻڌايو ويو ته
ماڻهن کي اسان جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي هئي ۽ هو
ڀَوَ کان گهر ڇڏي وڃي رهيا هئا، تڏهن اسان بلڊنگ
جي مالڪ کي ٻاهرين درن بند ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ پنهنجي
سر اڱڻ ۾ وڃي، ٻاهر ويندڙن کي خاطري به ڏنيسين ته
کانئن ڪوبه پاسپورٽ نه پڇندو. مون کي اڄ به اهو
عجيب ۽ اڻ وڻندڙ تاثر ياد آهي، جيڪو ان وقت، انهن
پريشان حال ”رات جي مسافرن“ منهنجي ذهن تي ڇڏيو-
ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ اڌ اگهاڙا، اڌ ڍڪيل انسان،
اونداهي اڱڻ ۾ رکيل بتيءَ جي روشنيءَ ۾، مون کي سڀ
غير معمولي طور ڊگها نظر اچي رهيا هئا، ڊپ کان ڊنل
۽ حيران پريشان، هو سڀ بد بودار ڪاڪوس اڳيان ميڙ
ڪري بيٺا ۽ اسان جون خاطريون ٻڌي رهيا هئا، پر
انهن تي اعتبار ڪو نه ٿي آين. ظاهر هو ته شڪار ٿيل
جانورن وانگر، اسان کان ڀڄي وڃڻ خاطر، هو سڀ ڪجهه
ڪرڻ لاءِ تيار هئا. تاريخ شاهد آهي ته شريفزادن
کين ساري عمر، شهرن توڙي ڳوٺن، رستن توڙي گهٽين، ۽
هوٽلن توڙي محتاجخانن ۾، طرح طرح جا ويس بدلائي-
پوليس عملدارن جي پوشاڪ پائي يا پاڻ کي جاچ ڪندڙ
مئجسٽريٽ ۽ منصف سڏائي- ستايو هو ۽ هينئر وري
اوچتو هي نوان شهري شريفزادا اچي پر گهٽ ٿيا هئا،
۽، سندن چوڻ مطابق، محض انهن جي ڳڻپ لاءِ در روازا
بند ڪرايا هئائون! هنن غريبن لاءِ ان ڳالهه تي
اعتبار ڪرڻ ائين هو، جئن سيهڙ ان ڳالهه تي اعتبار
ڪن ته شڪاري ڪتا کين پڪڙي کائڻ لاءِ نه، پر محض
سندن ڳڻپ لاءِ ايندا آهن. پر در دروازا بند ٿي چڪا
هئا، ۽ هيسيل ۽ هراسيل هي ” رات جا مسافر“ پنهنجي
پنهنجي ڪوٺين ڏانهن پوئين پير موٽي ويا، ۽ اسان به
پاڻ کي ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائي پنهنجو ڪم باقاعدي
شروع ڪري ڏنو. مون سان ٻه شاگرد ۽ ٻه واقفڪار گڏ
هليا. اسان جي اڳيان اڇي پتلون ۽ اوورڪوٽ ۾ ڍڪيل،
”وانيا“، اونده ۾ بتي کنيو پئي ويو، ۽ اسان سندس
پوئتان وڃي رهيا هئاسون.
اسان ڪيترن گهرن ۾ گهڙي وياسين. اهي سڀ گهر منهنجا
اڳ ۾ ئي ڏٺل هئا، ۽ مان انهن گهرن ۾ رهندڙن مان
ڪيترن کي سڃاڻندو به هوس؛ پر هينئر گهڻا مسواڙي
نوان هئا ۽ نظارو به نئون ۽ ڀيانڪ- لياپن هائوس
واري نظاري کان به وڌيڪ ڀيانڪ- معلوم ٿي رهيو هو.
گهر سڀ ڀريا پيا هئا، ۽ تختا به سڀ والاريل
ڏٺاسين. ڪٿي ڪٿي ته هڪڙي تختي تي ٻه ڄڻا به ستا
پيا هئا. جڳهه جي تنگي، ماڻهن جي گهڻائي، ۽ سڀ کان
وڏي ڳالهه تي مڙدن ۽ عورتن جو پاڻ ۾ ڳاهٽ ٿي رهڻ
اسان کي ڏاڍو برو لڳو. جيڪي به عورتون نشي ۾ چور
نه هيون، سي مردن سان ستل ڏٺيونسين. ڪيتريون
عورتون ته ٻارن سوڌيون، ڌارين مردن سان، سوڙهن
تختن تي سمهيون پيو هيون. هنن ماڻهن جي محتاجي، بي
سرو ساماني، گندگي ۽ ڀيانڪ صورت ڏسي، اسان جي ته
دل ئي دهلجي ويئي. سڀ کان وڌيڪ ڏڪائيندڙ ڳالهه
انهيءَ گندگيءَ ۾ رهندڙ انسانن جي بي پناه ڪثرت
هئي. هڪ ڪوٺي، ان کان پوءِ ٻي، ٽين... ويهين... ۽
انهن جو ته آنت ئي ڪونه هو. هر هنڌ ساڳي بدبوءِ،
ساڳيو ٻوساٽيندڙ ماحول،ساڳيو گوڙ گهمسان، مختلف
جنسن جو ساڳيو ، شراب پي بيهوش ٿيڻ جو ساڳيو منظر؛
۽ سڀني جي منهن تي ڊپ، بيوسيءَ ۽ بدڪاريءَ جا
ساڳيا آثار ڏٺاسين. مان هڪ دفعو وري به درد کي
پنهنجي دل ۾ هيٺ لهندي محسوس ڪيو، ۽ لياپن هائوس
وٽ شرمسار ٿيڻ وانگر هتي به پنهنجي اندر ۾ شرم
محسوس ڪرڻ لڳس، ۽ سمجهيم ته مان، جو ڪجهه ڪري رهيو
هوس، سو نه رڳو نهايت واهيات ۽ ڪراهت ڏيندڙ پر هڪ
اڻ ٿيڻ جهڙو ڪم پڻ هو. ان کان پوءِ مون ڪنهن کان
به ڪو سوال نه پڇيو، ۽ ڪنهن شخص بابت پنهنجي
نوٽبوڪ ۾ ڪجهه نه لکيم، ڇاڪاڻ ته مون سمجهي ورتو
ته انهيءَ مهم مان ڪو کڙ تيل نه نڪرندو.
مان نهايت گهڻو بيچين ٿيس. لياپن هائوس وٽ مان هڪ
ان شخص وانگر هوس، جو ڪنهن ٻئي شخص جي بدن تي ڦٽ
ڏسي، ان تي رحم کائي ۽ اندر ۾ پيو ڪڙهي، ته هن وٽ
ايترو وقت به ڪونه هو جو ان شخص سان پوري زباني
همدردي ئي ڪري سگهي،- کيس مدد ڏيڻ جي بهرحال اميد
اڃا دل ۾ هجيس. پر هينئر مون پاڻ کي هڪ ڊاڪٽر
وانگر محسوس ڪيو، جو مريض ڏانهن دوا درمل کڻي آيو
هجي ۽ هن جي ڦٽن کي کولي صاف ڪري، ناسور سڃاڻي
ورتا هجنس؛ پر آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو هجي ته
سندس سڀ ڪوششون اجايون هيون، ۽ پڻ سموريون دوائون
بيڪار.
روس
۾ عام طرح ائين ٿيندو آهي، پر ان مان ظاهر ٿو
ٿئي ته هڪ مالڪ کي پنهنجي مسواڙين سان ڪيترو
نه قرب ۽ پنهنجائب هئي.
|