ليئو نڪولائيوچ ٽالسٽاءِ
جنم: ياسنا پوليانا، تيولا
28 آگسٽ (پراڻي طرز) مطابق 9 سيپٽمبر (نئين طرز) 1828ع
وفات: استاپووو، ريازان 7 نومبر (پراڻي طرز) مطابق 20 نومبر
(نئين طرز) 1910ع
” نيٺ ڇا ڪجي“ ٽالسٽاءِ جي ڪتاب
“What Then Must We Do?”
جو سنڌي ترجمو آهي. اصل روسي
ٻوليءَ ۾ هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو 1886ع ۾ ڇپيو، ۽
ترت ئي پوءِ ان جا ٻين ٻولين ۾ ترجما شايع ٿيا.
هيءُ سنڌي ترجمو اصل ڪتاب تان ”اُلمرماڊ“ جي ڪيل
انگريزي ترجمي ( عالمي ڪلاسيڪي ادب جي سلسلي ماتحت
آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان 1950ع واري شايع ٿيل
ڇاپي) جو ترجمو آهي.
نيٺ ڇا ڪجي؟
۽ پوءِ عام ماڻهن کانئس پڇيو، ” نيٽ ڇا ڪجي؟ پاڻ وراڻيائين، ”
توهان مان جنهن وٽ ٻه ڪوٽ آهن، سو هڪ ڪوٽ انهيءَ
کي ڏئي جنهن وٽ هڪ به نه آهي، ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي،
سو به ائين ڪري“.
(انجيل، ليوڪ، 3، 10 ۽ 11)
جسم جو فانوس اک آهي، تنهنڪري جڏهن توهان جي اک پاڪ ۽ صاف
هوندي، ته توهان جي ساري وجود ۾ سوجهرو ئي سوجهرو
هوندو. پر جيڪڏهن توهان جي اک ئي خراب هوندي، ته
توهان جو سارو وجود اونداهو هوندو. تنهنڪري جيڪڏهن
توهان جو وجود اونداهو آهي، ته خيال ڪريو ته توهان
جي اونده ڪيڏي نه گهري هوندي.
(انجيل – مئٿيو 6،19-25)
اُٺ ته سئيءَ جي پاکڙي مان سولائيءَ سان لنگهي سگهي ٿو، پر هڪ
شاهوڪار شخص جو خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي.
(انجيل – مئٿيو 19، 24، مارڪ 10، 25، ليوڪ 18-25)
مترجم جو نوٽ
”نيٺ ڇا ڪجي“ ڪتاب لکجڻ کان پوءِ، گذريل سٺ ستر سالن ۾، ڪيترائي
سياسي ۽ سماجي سوال، جي ان وقت نهايت اهم سمجهيا
ويندا هئا، تاريخ جي خاموش فضا ۾ پنهنجي اهميت
وڃائي چڪا آهن. پر ٽالسٽاءِ جو بروقت چتاءُ ته ”
پئسي جي پوڄا، ۽ زندگيءَ جي ٻين سڀني ڳالهين کي
ڇڏي فقط پئسي جي پوئتان پوڻ سان ڪابه سچي ۽ دائمي
خوشي حاصل نه ٿي سگهندي.“ اڄ به اوتري ئي اهميت
رکي ٿو، جيتري ان وقت !
ٽالسٽاءِ اسان کي اهو پڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اسان جي مٿانهين
سماجي حيثيت توڙي ذهني صلاحيتون، اسان جي خود –
پسنديءَ ۽ تن آسانيءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ بدران،
پاڻ اسان کي پنهنجي ڪم نصيب ڀائرن – محنت مزوري
ڪندڙ عام ماڻهن – جي مدد ڪرڻ لاءِ سڏي رهيون آهن.
(پر شرط اهو آهي ته اسان جو ضمير بيدار هجي، ۽
اسان پنهنجي اندر جو آواز ٻڌي سگهون. يا، ٽالسٽاءِ
جي لفظن ۾، اسان پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي
گذاريون.)
اڄ اسان جي سماج جون حالتون گهڻي قدر بدلجي چڪيون آهن، زار شاهي
روس ۾ اناج جي کوٽ هوندي هئي، پر اسان جي ڪن ترقي
يافته صنعتي ملڪن ۾ زائد پيداوار نازڪ صورت اختيار
ڪئي آهي. اڳ، گهڻيءَ محنت سبب، مزورن جون چيلهيون
چٻيون ٿي پونديون هيون، اڄ بي روزگاري عام آهي. پر
حقيقت اها آهي ته اميريءَ غريبيءَ وارو بنيادي
مسئلو اڄ به اهوئي ساڳيو موجود آهي، ۽ ٽالسٽاءِ جو
هيءُ چوڻ اڄ به اُهائي معنيٰ رکي ٿو ته:
”سڃائي انسان کان سمجهه ڪانه ٿي کسي وٺي، ۽ عام ماڻهن اها ڳالهه
ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪڏهن قبول به ئي
ڪندا ته هڪڙا سدائين سکيا، ستابا، عيدون ملهائيندا
رهن، ۽ ٻيا ڏکيا بکيا محنت مزوريءَ ۾ عمر جو قيد
ڪاٽين . . . . !
”دنيا ۾ جيڪڏهن هڪڙو شخص به محنت نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته هُو چئن ٻين
کان سولائيءَ سان ڪم وٺي سگهي ٿو، ته چئبو ته
غلامي اڃا موجود آهي.....!
”اڄ اسان جي ڏينهن ۾، زندگيءَ جو مکيه مقصد محنت مزوريءَ ۽ پگهر
جي پورهئي سان پيٽ پالڻ نه، پر ٿڌيءَ ڇانو ۾ آرام
ڪرسيءَ تي ويهي، قارون جو خزانو گڏ ڪرڻ ٿي پيو
آهي.......!“
ڪائونٽ ليو ٽالسٽاءِ جڏهن پهريون دفعو ماسڪو شهر جي گهٽين مان
لنگهيو، ته کيس شهري غربت ڏسي، پهريائين ڏاڍو عجب
لڳو، ۽ پوءِ ان جي تفصيل ۾ وڃڻ سان دلي صدمو رسيس.
هن، ماسڪو شهر جي غريب آباد ۾ جيڪا بک، بيماري ۽
محتاجي ڏٺي، تنهن سندس ننڊ حرام ڪري ڇڏي، ۽ کيس ان
ڳالهه تي مجبور ڪيو ته هو انهن سڀني سماجي مرضن جي
جاچ ڪري، کين دور ڪرڻ جا اُپاءَ ڳولي لهي.
غريبيءَ خلاف جهاد ۾، ٽالسٽاءِ کان بار بار اهو سوال پئي پڇيو
ويو: ” پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ڪريون؟“
”اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”نيٺ
ڇا ڪجي؟“
ٽالسٽاءِ چوي ٿو ته هن سوال ۾ انهيءَ اعتراف سان گڏ ته اسان جي
زندگيءَ جو طور طريقو غلط ۽ خراب آهي، ائين پڻ
گويا چيو وڃي ٿو ته زندگيءَ جي انهيءَ طور طريقي
کي بدلائڻ جوڪو طريقو ئي نه آهي. اهو سوال کانئس
سڀني طرفن کان پڇيو ويو، ۽ انهيءَ ڪري، هن پنهنجي
ڪتاب جو عنوان به اهو ئي چونڊيو.
مون ” نيٺ ڇا ڪجي؟“ ۾ پنهنجا دک درد، پنهنجي جاچ جوچ ۽ انهيءَ
سوال جو معقول حل، سڀئي بيان ڪيا آهن. مان به ٻين
عام ماڻهن جهڙو رواجي انسان آهيان، ۽ جيڪڏهن
پنهنجي طبقي وارن کان ڪنهن به ريت مختلف نه آهيان،
ته اهو هن طرح ته مون، ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾، دنيا
جي غلط تعليم جي خذمت به گهڻي ڪئي آهي، ۽ ان کي
لنوايو به گهڻو اٿم، پڙهيل لکيل ۽ مروجهه مڪتبه
فڪر جي ماڻهن منهنجي گهڻي ساراهه ڪئي آهي، خوار
خراب ۽ گمراهه به ٻين کان گهڻو ٿيو آهيان“. اهڙيءَ
ريت گهڻيءَ جدوجهد ۽ جيءَ سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ،
ٽالسٽاءِ ” نيٺ ڇا ڪجي؟“ سوال جو هيٺيون پاڻ جواب
معلوم ڪيو:
(الف) ”پاڻ سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڪريان، ۽ سچ کان ڪڏهن به نه ڊڄان
- پوءِ چاهي ڪوڙ جي واٽ تي ڪيترو به پري ڇونه
نڪري ويو هجان.“
(ب) ”پنهنجي نام نهاد پاڪائيءَ ۽ عام ماڻهن کان مٿڀرو
بيهاريندڙ سماجي حيثيت توڙي خاص رعايتن ۾ رکيل
اعتماد کي رد ڪري، پنهنجي هر تڪليف جو باعث پاڻ کي
ئي سمجهان.“
(ت) ”انسان ذات جي ازلي ۽ ڪنهن به شڪ شبهي کان پاڪ و صاف
جسماني پورهئي ڪرڻ واري قاعدي جي پوري پوري پيروي
ڪريان، ۽ خود پنهنجي توڙي ٻين عام انسانن جي
زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ بيروني قدرت سان جدوجهد
۾ هميشه سرگرم رهان.“
مٿاهين حيثيت رکندڙ ماڻهن جي تن آسانيءَ ۽ مفت خوريءَ خلاف،
ٽالسسٽاءِ جي قلمي جهاد گهڻن کي بيچين ڪري ڇڏيو، ۽
جن شخصن جي ضمير کي ٿوري به چوٽ ٿي رسي، سي سنئين
سڌيءَ ڳالهه کي سمجهڻ سمجهائڻ بدران، ٽالسٽاءِ جي
ايمانداريءَ ۾ شڪ ٿي وجهڻ لڳا. ٽالسٽاءِ پاڻ به
اها ڳالهه محسوس ڪئي هئي ته زندگيءَ بابت ٻين جي
نقطه نظر ۾ ڦيري آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان اڳ
پنهنجو نقطه نظر بهتر هجڻ گهرجي ۽ پوءِ پنهنجي
زندگي به ان مطابق ئي گذارجي، ۽ اها ئي ڳالهه هئي
جنهن کي بهانو بڻائي، ٽالسٽاءِ جي مخالفن سندس
نظرين جي تنقيد پئي ڪئي.
” نيٺ ڇا ڪجي؟“ لکي پوري ڪرڻ کان پوءِ، ٽالسٽاءِ جو خيال هو ته
پنهنجي سموري ملڪيت ڪڙمين ۾ ورهائي، پاڻ جسماني
پورهئي تي گذران ڪندو. جن شخصن کي ٽالسٽاءِ جي
ناول ”ائنا ڪرينيا“ (جو ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ کان اٺ سال
اڳ لکيو ويو هو) جا لاباري وارا نظّارا ياد آهن،
سي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا، ته
هي شخص برابر ائين ڪري سگهيو ٿي. پر جيئن ته هر
شخص جتي بيٺل هوندو، اتان ئي هلڻ شروع ڪري سگهي
ٿو. تيئن ٽالسٽاءِ کي به پنهنجي زال جي مطالبن کي
منهن ڏيڻو هو، جا کيس پنهنجي ارادن تي عمل ڪرڻ کان
روڪڻ لاءِ زار تائين وڃڻ لاءِ به تيار هئي.
ٽالسٽاءِ هونئن به پنهنجي زال جو گهڻو خيال رکندو
هو، ۽ وس پڄندي کيس ناراض نه ڪندو هو. تنهنڪري
ڳالهه هن انتها تي وڃي رسي، جو ٽالسٽاءِ کي مئل
سمجهي، سندس ملڪيت کي حقي وارثن ۾ ورهايو ويو، ۽
اهڙيءَ طرح سندس زال ۽ نون ٻارن مان هر هڪ 5000
پائونڊن جيتري ملڪيت کنئي.
ڪتابي – حقن جو سوال اڃا رهندو هو، ۽ ٽالسٽاءِ پنهنجي زال کي
1881ع کان اڳ لکيل سڀني ڪتابن جي اشاعت جو حق
محفوظ ڪري ڏنو. ان سان گڏ اهو پڻ پڌرو ڪيائين ته
آئنده هو ڪنهن به تصنيف لاءِ پيسا نه وٺندو، ۽ نه
وري ڪي اشاعتي حق ئي پاڻ وٽ محفوظ رکندو. هر شخص
کي اختيار هوندو ته هو جيئن وڻيس تيئن سندس ڪتاب
ڇپرائي پڌرا ڪري.
انهيءَ طرح، ٽالسٽاءِ کي اميد هئي ته ملڪيت متعلق سندس سمورا
مسئلا ۽ تڪرار ختم ٿي ويندا، پر انهيءَ ڳالهه ۾
کيس نا اميدي نصيب ٿي. اشاعتي حقن کان سواءِ به،
ٽالسٽاءِ جي هر نئين ڪتاب جي پهرين ڇاپي پيش ڪرڻ ۾
وڏو فائدو هو. ٽالسٽاءِ جي زال سندس سڀني ڪتابن
جي اشاعت جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو، ۽ هميشه انهيءَ
تاڙ ۾ رهندي هئي ته ٽالسٽاءِ جو هر نئون ڪتاب سڀ
کان اول هوءَ ئي ڇپائي. سندس زال جي انهيءَ روش به
ٽالسٽاءِ کي گهڻو ڏکويو؛ هينئر ٽالسٽاءِ جو نظريو
سندس زندگيءَ جو مقصد بڻجي چڪو هو، ۽ کيس پئسن کان
وڌيڪ پنهنجا خيال پيارا هئا.ٽالسٽاءِ جي اها ئي
خواهش هئي ته محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن لاءِ سٺا
۽ سستا ڪتاب شايع ٿيڻ گهرجن. انهيءَ ڳالهه بابت
روز روز جي تڪرار ٻنهي جي زندگي زهر ڪري ڇڏي. ”
نيٺ ڇا ڪجي؟“ لکڻ جي وقت کان وٺي، ٽالسٽاءِ هميشه
اهو ئي چاهيندو هو ته پنهنجي اباڻي بستي،
”يساسنايا پوليانا“، ڇڏي، ڪيڏانهن ڀڄي وڃي. پر هر
وقت سندس زال خودڪشيءَ جي ڌمڪي ڏيئي، کيس روڪي
ڇڏيندي هئي. آخر اها ڇڪتاڻ انهيءَ حد کي وڃي پهتي،
جو روز روز جي جنجال مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ رات
اوچتو ئي اوچتو هي ٻياسي ورهين جو ٻڍو گهران نڪري
روانو ٿيو، ريل ۾ سوار ئي هو، جو بيمار ٿي پيو ۽
استاپووو نالي هڪ گمنام اسٽيشن تي دم ڏنائين.
”نيٺ ڇا ڪجي؟“ اهڙو ته زوردار ۽ اخلاص ۽ ايمانداريءَ جي ذاتي
جذبن تي ٻڌل ڪتاب آهي، جو ڪيترا پڙهندڙ ائين ئي
سمجهندا آهن ته ٽالسٽاءِ پاڻ جسماني پورهئي تي
زندگي گذاري هوندي، پر کين جڏهن معلوم ٿيندو آهي
ته ٽالسٽاءِ هڪ وڏو جاگيردار هو ۽ پاڻ ڪڏهن به
پنهنجي پيٽ گذران لاءِ محنت مزوري نه ڪئي هئائين،
تڏهن سڀني کي ٽالسٽاءِ جي نظرياتي ايمانداريءَ ۾
شڪ پوڻ لڳندا آهن، ۽ چوندا آهن ته ٽالسٽاءِ رڳو
پنهنجي زال کي شهه ڏيڻ لاءِ پنهنجي ملڪيت ڪڙمين ۾
پئي ورهائڻ چاهي.
ٽالسٽاءِ جيتوڻيڪ پنهنجي زال وٽ ئي رهندو هو، پر پوين ڏينهن ۾،
هن پنهنجي زندگيءَ کي گهڻي قدر سادو بڻائي ڇڏيو
هو، ۽ پنهنجون سموريون گهرجون گهٽائي، پئسي جو
استعمال ئي گهٽائي ڇڏيو هئائين، هن شراب ته ڪافي
اڳي پيڻ ڇڏي ڏنو هو، وڏيءَ مشڪل سان تماڪ پڻ ترڪ
ڪيائين. گوشت ڇڏي ڀاڄيون کائڻ لڳو، سستا ۽ ٿلها
ڪڙمين جهڙا کاڌيءَ جا ڪپرا پاتائين. جيستائين ست
ساري سگهيو، ڪڙمين سان گڏ ٻنيءَ جو سخت پورهيو پڻ
ڪيائين، ۽ هنر توڙي سياري جي شغل طور موچڪو ڪم به
سکيائين ۽ ڪيائين.
ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي ته پئسي توڙي ٻين نفساني لذتن پوئتان پوڻ
سان سچي ۽ پائدار خوشي ڪڏهن به نصيب نه ٿي سگهندي،
۽ اسان جي سچي زندگي انهيءَ ۾ ئي آهي ته اسان هر
وقت پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق هلون !
”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ۾، ٽالسٽاءِ مٿين طبقن جي وجود کي فضول چئي،
شاهوڪار شخص کي ڌنونڌاڙيو آهي. شاهوڪار شخص اها
ڳالهه پسند ئي نه ٿا ڪن ته ڪوئي کين سندن سماج
دشمن حرڪتن کان آگاه ڪري ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته
سندن سموريون خوشيون ۽ تن آسانيون محنت مزوري ڪندڙ
عام ماڻهن جي ڪري ئي آهن؛ تنهنڪري ئي پنهنجي دل کي
خوش رکڻ لاءِ، هو هڪ نه ٻيءَ ڳالهه جو بهانو
بڻائي، ٽالسٽاءِ جي خيالن جي ترديد ڪرڻ کي پنهنجي
زندگيءَ جو مکيه مقصد سمجهندا رهيا.
1893 – 1894 جي ڏڪار ۾، ٽالسٽاءِ عام ماڻهن جي ڏاڍي خذمت ڪئي، ۽
اهو سمورو وقت ڏڪار جي ستايلن جي سهائتا ڪندو
رهيو، ۽ پاڻ کي ايتري ته گهڻي تڪليف ڏنائين، جو
مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي بيٺو.
”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ۾ هڪ هنڌ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين ڪڙمين جي اڻ ٿڪ
محنت جو ذڪر ڪندي، ٽالسٽاءِ پاڻ ۽ پاڻ جهڙن ٻين
بيڪار شاهوڪارن جي شيل شڪار جو نقش چٽيو آهي، جنهن
۾ ڏيکاريو اٿس ته ڪيئن ڪي شهري شريفزادا، ٻين جي
پورهئي جو فائدو وٺندي، تازي هوا کائڻ، قدرتي
نظارن پسڻ ۽ اونهاري ملهائڻ لاءِ ٻاهر ڪنهن نه
ڪنهن ڳوٺ ڏانهن نڪري پون ٿا: ” هي شخص اهو سمورو
وقت ڳوٺ ۾ گذارين ٿا ۽ ڪڙمين جو ڪم ڪار سندن اکين
اڳيان ٿئي پيو - ۽ ڪم به وري اهڙو، جنهنجي سختي،
جيستائين اسان پاڻ ان ۾ هٿ نه وجهون، تيستائين
تصور ۾ به نه آڻي سگهون. ڳوٺ ۾ هر شخص – ٻار، ٻڍو
توڙي بيمار – پورهئي ۾ پنهنجي طاقت ۽ ڪاريگري ڪم
آڻي ٿو. هتان جا پورهيت انتهائي حد کان به گهڻو ۽
سخت ڪم ڪن ٿا، هميشه ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي،
ٿڪجي ٽٽجي، بيمار ۽ بيحال ٿي پون ٿا، مشڪل سان
باقي بچيل ڪم پورو ڪن ٿا ۽ ٿوريءَ مهلت کان پوءِ
به سندن وري اٿڻ محال ٿيو پوي. زالون به اهڙو ۽
ايترو ڪم ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انهن مان اڪثريت پيٽ
سان هونديون آهن، يا وري ننڍڙا ابهم ٻار هوندا
اٿن. پر اسان آهيون، جو عيش عشرت سان ائين پيا
رهون، ڄڻ ته محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جي مسئلن
جو اسان جي زندگيءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي. اسان
اهو ڏسڻ ئي نٿا چاهيون ته جيڪڏهن اسان پاڻ سست،
عياش ۽ محتاج نه هجون، ته جيڪر ڪنهن کي هيءَ وت
کان وڌيڪ محنت به نه ڪرڻي پوي، ۽ ظاهر آهي ته
انهيءَ وت کان وڌيڪ محنت بغير اسان جي پنهنجي عيش
آرام واري زندگي به موجود نه رهندي.“
انهيءَ پس منظر ۾، ٽالسٽاءِ جسماني پورهئي جي اهميت تي جيڪو زور
ڏنو آهي، سو اتفاق سان اهڙو ئي آهي، جهڙو گهڻا سال
اڳ غلاميءَ جي دور ۾، انسان ۽ انسان جي باهمي
تعلقات تي گهري سوچ ويچار کان پوءِ، ابراهيم لنڪن
ڏنو هو:
” محنت، هر انسان جو بنيادي فرض آهي، ۽ تنهنڪري ڪو شخص جيڪڏهن،
پنهنجو بار به ٻين جي ڪلهن تي رکي، ته انسان ذات
لاءِ اها هڪ وڏي ۾ وڏي ۽ دائمي بد دعا سمجهڻ
گهرجي!“
ٽالسٽاءِ جو اهو ايمان هو ته زندگيءَ جي ٻين سڀني ضرورتن کان
پيٽ جي ضرورت وڌيڪ اهم آهي، تنهنڪري هر شخص کي
گهرجي ته عام ماڻهن کي بک کان بچائڻ ۽ پنهنجي پيٽ
پالڻ لائق بنائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري. انهيءَ
جذبي جي شدت کان مجبور ٿي، ٽالسٽاءِ ته فني
سرگرمين کي به گهڻو نديو آهي. جيتوڻيڪ هو پاڻ هڪ
وڏو فنڪار هو ۽ فني سرگرمين سان خاص دلچسپي هوندي
هيس. ٽالسٽاءِ جو چوڻ هو ته سائنس ۽ فن طرفان عام
ماڻهن جي خدمت تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن
سائنسدان ۽ فنڪار عام ماڻهن سان گڏجي، عام ماڻهن
جهڙي زندگي گذاريندا، ساڻن پنهنجي روزي پاڻ
ڪمائيندا، ۽ مٿن ڪنهن به خاص حق ڄمائڻ کان سواءِ
کين پنهنجون سائنسي ۽ فني خذمتون آڇيندا، ۽ عام
ماڻهن کي آزادي رهندي ته هو سندن خذمتن کي قبول ڪن
يا نه.
ٽالسٽاءِ هڪ سماج – سڌارڪ هو، ۽ سڌيءَ طرح سياست سان سندس ڪو به
واسطو نه هو. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو عوام
سان گڏ رهيو هو، سندن دک درد ڏٺائين ۽ سندن
تڪليفون دور ڪرڻ سندس زندگيءَ جو پهريون ۽ پويون
فرض بڻجي چڪو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ زار شاهي حڪومت
مٿس ظلم به گهڻا ڪيا، پر حقيقت اها آهي ته روسي
انقلابين سان سندس تعلقات سٺا نه هئا. ٽالسٽاءِ
انفرادي توڙي اجتماعي تشدد جي برخلاف هو، کيس
سياسي دهشت پسند نه هئي، ۽ پڇاڙيءَ تائين اهو ئي
چاهيندو رهيو ته شاهوڪار شخص پنهنجي دلين ۾ ڦيرو
آڻين، محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن سان چڱيءَ طرح
پيش اچن. کين پورو معاوضو ڏين ۽ پنهنجي دل جي
اطمينان لاءِ سادي زندگي اختيار ڪن، ڇاڪاڻ ته :
”..... مظلوم عوام جي دلين ۾ اسان لاءِ نفرت ۽
ڌڪار وڌندي وڃي ٿي، ۽ ساڳئي وقت اسان شاهوڪار شخصن
جي جسماني توڙي اخلاقي طاقت گهٽبي وڃي ٿي، مومل جي
ماڙي جهرندي وڃي ٿي، ٺڳيءَ جا ٺاٺ ڊهندا وڃن ٿا ۽
اڄ هن نفسا نفسيءِ جي دور ۾ اسان ماڻهن وٽ دل کي
خوش رکڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي.
” پراڻن طريقن ڏانهن موٽي وڃڻ ناممڪن آهي ۽ ويل عزت وري هٿ نه
ايندي. اهي شخص، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا طور طريقا
بدلائڻ نٿا چاهين، سي فقط هن دلاسي تي ئي پنهنجي
دل کي ”مظبوط“ رکي سگهن ٿا ته اسان جي ڏينهن ۾
انقلاب نه ايندو، ۽ ۽ اسان کان پوءِ جيڪي ٿيڻو
هجي، سو ڀلي ٿئي.
بي سمجهه سرمايه دار، اکيون ٻوٽي ائين ڪندا رهن ٿا، پر خطرو
گهڙيءَ گهڙيءَ وڌندو رهي ٿو ۽ قيامت ويجهي پوندي
وڃي ٿي.“
ٽالسٽاءِ، شاهوڪار شخصن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، اهي
ٽي سبب به ٻڌائي ٿو، جن جي ڪري کين پنهنجي زندگيءَ
جي طور طريقي بدلائڻ جي ضرورت آهي:
خود پاڻ ۽ پنهنجن عزيزن قريبن کي خوشحال رکڻ جو خيال، جنهن کي
موجوده حالتن ۾ عمل ۾ نٿو آڻي سگهجي.
پنهنجي اندر جي آواز تي هلڻ جي خواهش، جيڪا ظاهر آهي ته هن
ماحول ۾ پوري ٿي نٿي سگهي، ۽
سندن مٿاهين حيثيت جو روز بروز وڌندڙ خوف ۽ خطرو، جنهن کي ڪنهن
به ٻاهرئين وسيلي سان دور ڪري نٿو سگهجي.
اهي ٽيئي سبب، شاهوڪار شخصن کي، سندن زندگيءَ جي طور طريقي
بدلائڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، ۽ اهڙي قسم جي
فقط هڪ ئي تبديلي ٿي سگهي ٿي:
دغا دولاب بند ڪرڻ،
توبه تائب ٿيڻ، ۽،
پورهيئي کي عذاب نه، پر زندگيءَ جي هڪ وندرائيندڙ سرگرمي سمجهڻ!
”نيٺ ڇا ڪجي؟“ انقلاب کان اڳ جي مشهور روسي اديب، ڪائونٽ ليئو
ٽالسٽاءِ، جي هڪ جڳ مشهور ڪتاب جو ترجمو آهي، جو
انگريزي ٻوليءَ ۾
(What then must we do?) جي نالي سان آهي. هي ڪتاب ٽالسٽاءِ جي وڏن ڪتابن مان پهريون
مڪمل ڪتاب آهي.، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي
رهيو آهي، ۽ ان نيڪ ڪم لاءِ سنڌي ادبي بورڊ بيشڪ
تحسين ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي.
ڪراچي
ڊسمبر 16، 1958ع
ن.س
باب
پهريون
مون منهنجي ڄمار ٻهراڙيءَ ۾ گذاري هئي، تنهنڪري، 1881ع ۾، جڏهن
پهريون دفعو ماسڪو شهر ۾ رهڻ لاءِ آيس، ته شهري
غربت مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ڳوٺن جي غربت جي ته
مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، پر هيءَ شهري غربت مون
لاءِ نئين هئي ۽ منهنجي سمجهه ۾ نه ٿي آئي !
ماسڪو جي ڪنهن به گهٽيءَ مان، فقير سان ملڻ کان سواءِ نه لنگهي
سگهبو، ۽ فقير به وري اهڙا، جو مون پنهنجي ڳوٺاڻي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. هي شهري فقير
ڳوٺاڻن فقيرن وانگر نه ڪشتو کڻن ۽ نه وري ”يسوع
مسيح“ جي صدقي ئي گهرن.توهان جڏهن به سندن ڀرسان
لنگهندا يا هو توهان کي ڪٿي ملي ويندا، ته گهڻو
ڪري هو توهان جي نظر جهٽي وٺندا، ۽ پوءِ سندن
نماڻين نگاهن مان ئي توهان سمجهي ويندا ته توهان
کان هو ڪجهه گهري رهيا آهن.
انهن شهري فقيرن مان هڪڙي کي مان ذاتي طرح سڃاڻان. هيءَ پوڙهو
فقير آهستي آهستي پنڌ ڪندو، هر قدم تي جهڪندو
ويندو آهي، ۽ جڏهن به توهان کي ملندو، ته اهڙي
صفائيءَ سان هڪ ڄنگهه تي نمي پوندو، جو توهان
سمجهندا ته توهان کي نوڙي سلام ٿو ڪري.هاڻي،
جيڪڏهن توهان ٿورو هٻڪيوء، ته هو پنهنجي ڪلنگيدار
ٽوپي لاهي هڪ دفعو وري به جهڪندو، ۽ پوءِ جهٽ
توهان کان ڪجهه گهرندو؛ پر جيڪڏهن توهان نه بيٺا،
ته هو اهڙو ڏيکاءُ ڏيندو، ڄڻ ته سندس گهمڻ ئي اهڙي
نموني جو آهي، ۽ ساڳيءَ ئي طرح نمندو نوڙندو، هڪ
ڄنگهه تي جهڪندو، آهستي آهستي، هليو ويندو. ماسڪو
۾ انهيءَ قسم جا ئي ”سياڻا ۽ سمجهدار“ فقير ٿيندا
آهن. پهريائين مون کي خبر ڪانه هئي ته هي فقير
سنئون سڌو ڇو نٿا گهرن؛ پوءِ جيتوڻيڪ مون کي خبر
پئجي ويئي، پر تڏهن به سندن اصلي حالت کان ڪافي
مدت تائين پوريءَ طرح واقف ٿي ڪين سگهيس.
هڪ دفعي، مان ”افانئسي“ ((Afanasev
گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس، ته ڏٺم ته هڪ پوليس
وارو، هڪ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن پهريل، جلندر جي مرض ۾
سڄيل ڳوٺاڻي کي جهلي، هڪ کليل گاڏيءَ ۾ چاڙهي رهيو
هو. مون کان رهيو ڪونه ٿيو، ۽ پوليس واري کان
پڇيم؛ ”ڇو، ڇا جي ڪري؟“
”پنڻ سبب“ پوليس واري وراڻيو.
”ڇا، پنڻ ڏوهه آهي؟“
”ڀائنجي ائين ٿو!“ پوليس واري لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو. پوءِ
جلندر جي مريض کي گاڏيءَ ۾ وجهي، وٺي ويا؛ مان به
ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس ۽ سندس پٺ ورتيم. مون اهو
ڏسڻ ۽ ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڇا، هتي پنڻ واقعي ڏوهه
آهي؟ ۽ جيڪڏهن ها، ته اختياريءَ وارا ان کي ڪهڙيءَ
طرح منهن ڏيئي رهيا آهن؟ مان بنهه سمجهي نٿي سگهيس
ته هڪ شخص کي ٻئي شخص کان ڪجهه گهرڻ کان قانوناً
روڪي سگهجي ٿو؛ مون کي ان ڳالهه تي اعتبار ئي نٿي
آيو ته هتي پنڻ قانوني ڏوهه آهي، ڇاڪاڻ ته ماسڪو
جو سارو شهر ته فقيرن سان هميشه ڀريوئي پيو آهي.
قصو ڪوتاه، انهيءَ فقير کي هڪ پوليس ٿاڻي ۾ وٺي
ويا، ۽ مان به انهن جي پوئتان ٿاڻي ۾ گهڙي ويس.
اندر ميز جي ڀرسان هڪ شخص ويٺو هو، جنهن کي ترار ۽
پستول ٻڌل هئا.
”هن غريب کي ڇو پڪڙيو اَٿوَ؟“ مون کانئن پڇيو. ”تنهنجو ڪهڙو
ڪم؟“ ترار ۽ پستول واري شخص مون ڏانهن شوخيءَ سان
ڏسندي، حاڪماڻي نوع ۾ وراڻيو. پر پوءِ، اهو خيال
ڪري ته مون کي ڪانه ڪا سمجهاڻي ڏيڻ گهرجيس، چوڻ
لڳو، ”بالا آفيسرن جو حڪم آهي ته اهڙن ماڻهن کي
گرفتار ڪيو وڃي، تنهنڪري ئي اسان ائين ڪيو آهي“.
پوءِ مان ٻاهر نڪري آيس؛ فقير کي پڪڙي آڻيندڙ
پوليس وارو، ٻاهر ورانڊي ۾ دريءَ جي چوءڪٺ تي
چڙهيو، هڪ نوٽبڪ ۾ اداس اکيون وجهيو ويٺو هو.
”ڇا ائين برابر آهي ته فقيرن کي، يسوح مسيح، جي نالي ۾، ڪنهن
کان ڪجهه گهرڻ جي منع آهي؟“ مون پڇيو مانس. پوليس
وارو ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو، ۽ مون ڏانهن نهاريائين،
۽ پوءِ ڪاوڙ مان نه پر بي تعلقيءَ جي نموني،
سستيءَ وچان وري به پاڻ کي دريءَ جي چوءڪٺ تي
اڇلائيندي، چيائين، ”بالا آفيسرن جو حڪم آهي؛ تنهن
جي معنيٰ ته ائين ئي هوندو!“ ۽ پوءِ وري به پنهنجي
نوٽبڪ ڏانهن نهارڻ ۾ مشغول ٿي ويو؛ ۽ مان ٻاهر
ڏيڍيءَ ۾ بيٺل گاڏيءَ واري ڏانهن نڪري آيس.
”ڀلا، ڇا ٿيو؟ گرفتار ڪيو اٿائونس ڇا؟“ گاڏيءَ واري کان به رهيو
نه ٿيو، ۽ هو پڻ انهيءَ معاملي ۾ دلچسپي وٺندي ڪڇي
ويٺو. ”ها.“ مان فقط ايترو چئي سگهيس. گاڏيءَ واري
کي اها ڳالهه نه وڻي.
”توهان جي هن ماسڪو شهر ۾، يسوع مسيح، جي نالي خيرات گهرڻ به
ڏوهه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”ڪهڙي خبر؟“ گاڏيءَ واري جواب ڏنو.
”ائين ڀلا ڇو ٿا ڪن؟ مسڪين ته يسوع مسيح، جا ئي ماڻهو آهن؛ پوءِ
مسڪينن کي پوليس ڇو ٿي پڪڙي بند ڪري؟“
”اڄڪلهه اهو قانون آهي. پنڻ جي اجازت ڪانهي!“
ان کان پوءِ مون ڪيترا دفعا، فقيرن کي پڪڙجي، پوليس ٿاڻي ڏانهن،
۽ اتان ٿي، ”اسوپوف“ محتاجخاني ڏانهن ويندي ڏٺو.
هڪ دفعي ته ”ميا سنسڪي“ گهٽيءَ ۾ مون هنن فقيرن جو
هڪ انبوه ويندي ڏٺو، اٽڪل ٽيهارو کن هئا، ۽ سندن
اڳيان ۽ پويان پوليس وارا ساڻ هئا.
”ڇو، ڇاجي ڪري؟“
”پنڻ سبب!“
پوءِ، اهڙيءَ طرح، مون کي نيٺ خبر پئي ته هتي قانون موجب، پنڻ
منع ٿيل آهي. (اها ٻي ڳالهه آهي ته هن شهر ۾ توهان
کي هر وقت ڪيترائي فقير گهٽين ۾، ديولين جي دروازن
تي ۽ ايندڙ ويندڙ جنازي سان باقاعدي گڏ هلندا
ملندا).
پر مون کي اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇو ڪن کي پڪڙي بند ٿا ڪن، ۽
ڪن کي نه! يا ته انهن ۾ ڪي فقير قانوني آهن ۽ ڪي
غير قانوني، يا وري فقير ايترا گهڻا آهن، جو سڀني
کي پڪڙڻ ڏکيو آهي، يا ماڳهين ايترا گهڻا آهن جو
هڪڙا ٿي پڪڙيا ته ٻيا ٿي پڌاريا!
ماسڪو ۾ سڀني قسمن جا فقير آهن. ڪيترن ته پنڻ کي پنهنجو پيشو
ڪري ورتو آهي، پر ڪي سچ پچ مسڪين ۽ محتاج به آهن،
۽ ماسڪو ۾ ڪنهن نه ڪنهن سبب پنڻ آيا آهن. انهيءَ
ٻئي قسم جي فقيرن ۾ ڪيترا ته سادا سودا ڳوٺاڻا ۽
ڪڙمي آهن، جن سان اڪثر منهنجو ملڻ جلڻ ٿيندو رهندو
آهي. ڪي ويچارا بيمار ٿي هتي آيا ۽ اسپتال مان
نڪرڻ کان پوءِ نه پاڻ ٿا پالي سگهن ۽ نه وري ماسڪو
مان ئي ڪاڏي وڃي سگهن ٿا. ڪن شراب سان شوق رکيو
آهي؛ ته ڪي وري جيڪڏهن بيمار نه آهن، ته ٻڍا ۽
اپاهج آهن يا ڪنهن الاهي آفت ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ولها
ٿيا ويٺا آهن. منجهن ڪي ته ابهم ٻارن جون مائرون
به آهن. انهن سڀني کان سواءِ ڪي ڏنڊا مشٽنڊا،
سگهارا مڙس به آهن، جيڪي ايمان تي اچن ته هر قسم
جي محنت ڪري سگهن ٿا. هن قسم جا صحتمند ڳوٺاڻا، جي
عام جام پني رهيا هئا، تن منهنجو خاص ڌيان ڇڪايو؛
ڇاڪاڻ ته مان جڏهن کان ماسڪو ۾ آيو هوس، تڏهن کان
ورزش جي بهاني، ”اسپئرو“ ٽڪرين تي، ٻن مزدورن سان
گڏجي وڃڻ جي عادت ٺاهي ڇڏي هيم، جي چيرا هئا ۽
ڪاٺين چيرڻ جو ڪم ڪندا هئا.
هي ٻه مزدور به انهن عام ڳوٺاڻن جهڙا ئي هئا، جن کي مون گهٽين ۾
پنندي ڏٺو هو. انهن مان هڪڙو ”ڪالو گا“ ڳوٺ جو
سولجر ” پيٽر“، ۽ ٻيو ”ولئد مير“ ڳوٺ جو راهاڪو
”سائمن“ هو. هنن جي ڪل ملڪيت سندن جسم تي اوڍيل ٻه
لٽا ۽ سندن ٻه بازو هئا. پنهنجي انهن سخت ۽ کهرين
بازوئن سان محنت مزوري ڪري، مشڪل سان 10-12 ڪوپيڪ
(آنا) روز ڪمائيندا هئا ۽ ان مان به وري ڪجهه
پاسيرو ڪري رکندا هئا. پيٽر هڪ پوستين وٺڻ جو
ارادو ڪيو هو، ۽ سائمن کي وري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن
واپس وڃڻ لاءِ پئسا کپندا هئا.
انهيءَ ڪري به جڏهن اهڙن سنون سيبتن ماڻهن کي گهٽين ۾ رلندو
پنندو ڏسندو هوس، ته منجهن گهڻيءَ دلچسپيءَ جو
اظهار ڪندو هوس. ”انسان ته سڀ ساڳيا، پر هڪڙا
پورهيو ڪن ۽ ٻيا پنندا وتن! ائين ڇو؟“ مان اڪثر
پاڻ کان اهو سوال پڇندو هوس، ۽ اهڙي قسم جي ڪنهن
به شخص سان ملڻ جو موقعو ملندو هوم، ته کانئس به
پهريائين اهو سوال پڇندو هوس ته ان حالت ۾ ڪيئن
پهتو!
هڪ دفعي منهنجو هڪ اهڙي ئي سنئين سيبتي، چڱي ڀلي ڳوٺاڻي سان ملڻ
جو اتفاق ٿيو، جنهن جي ڏاڙهيءَ اڃا تازو رنگ مٽائڻ
شروع ڪيو هو. مون سان ملندي ئي ڪجهه گهرڻ شروع
ڪيائين. منهنجي پڇڻ تي مون کي ٻڌايائين ته هو ”
ڪالوگا“ کان پورهئي جي ڳولا ۾ آيو هو؛ پهريائين
جلائو ڪاٺيون ڦوڙي پيٽ پالڻ لڳو، پر پوءِ جڏهن هڪ
هنڌ جون ڪاٺيون ڦوڙي خلاص ڪيائين، تڏهن غريب کي
ٻيو ڪو پورهيو نه مليو. سندس همراه ته کيس ڇڏي
هليو ويو هو، ۽ هينئر سڀ ڪجهه کائي کپائي هفتي ٻن
کان ڀٽڪندو ٿي رهيو؛ هاڻي ته هن مسڪين وٽ ڪرٽ يا
ڪهاڙي خريد ڪرڻ جي وسعت به نه رهي هئي. مون مٿس
ترس کائي، کيس ڪرٽ جا ڏوڪڙ ڏنا، ۽ پاڻ سان گڏجي ڪم
ڪرڻ ۽ ڪمائڻ جي آڇ به ڪئي مانس. ”چڱو ڀلا! اچجانءِ
ضرور. اسان وٽ ڪم گهڻو آهي“، مون کيس اتساه ڏيندي
چيو.
”مان ايندس- ضرور ايندس! توهان دلجاءِ ڪريو. پنهنجي خوشيءَ سان
به ڪو پنندو آهي؟ مان ته اڃان محنت ڪري سگهان ٿو!“
هن وراڻيو.
هن ٻئي ڏينهن ڪم تي اچڻ جو قسم پڻ کنيو، ۽ مون به ائين ئي
سمجهيو ته هو سچ پچ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ ضرور اچي
اسان سان گڏجي ڪم ڪندو.
ٻئي ڏينهن مان پنهنجي رفيقن سان ڪم تي گڏيس ۽ کانئن ڪالهوڪي شخص
بابت پڇا ڪيم. پر هو نه آيو، سو نه آيو. ٻين ڪيترن
به مون کي ائين ٺڳيو.
”مهر باني ڪري اسان کي ڳوٺ جو ڀاڙو ڏي، ته گهر پهچون!“ مون ڀاڙا
ته ڏنا، پر ٻئي هفتي انهن ساڳين ڳوٺاڻن کي شهر جي
گهٽين ۾ پنندي ڏٺم. مون ڪيترن کي سڃاتو، ۽ ڪيترن
مون کي به سڃاتو. پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي نه سڃاڻڻ
ڪري ڪيترن وري به مون سان ساڳي ڳالهه ڪئي، ۽ ٻيا
ڪيترا وري مون کي پريان ڏسي، پاسو وٺي ٿي ويا.
انهيءَ مان ٻيو ڪجهه به نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو سبق
مليم ته غريب طبقي ۾ به ڪيترائي ٺڳ آهن؛ پر مون کي
انهن ٺڳن جي حالت تي هميشه افسوس ٿيندو هو. هو
ويچارا انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، ڏتڙيل، ڪمزور ۽ روڳي
انسان هئا- اهي ساڳيا بد نصيب انسان جن بابت
اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته پاري ۾ سٽجي مئا، يا
حياتيءَ مان تنگ ٿي ڦاهو کائي پنهنجا بند آجا
ڪيائون.
باب
ٻيو
ماسڪو جي ماڻهن سان مان جڏهن به سندن شهر جي اهڙيءَ غربت جو ذڪر
ڪندو هوس، ته مون کي هميشه اهو جواب ملندو هو: ”تو
ته اڃا ڪجهه ڏٺو ئي نه آهي !
بهتر آهي ته ”کتروف“ (Khitrov)
مارڪيت ڏانهن وڃ ۽ وڃي غريب آباد جو ملاحظو ڪر.
اُٰٰٰٰتي ئي تون انهيءَ ’سونهري ٽوليءَ’ کي چڱيءَ
طرح ڏسي سگهندين ۽ سمجهي به سگهندين.“
هڪ مسخري کي وري ”ٽولي“ لفظ نه وڻيو ۽ مون کي ٻڌايائين ته هينئر
اها ”ٽولي“ نه، پر پوري پلٽڻ بنجي چڪي آهي،
تنهنڪري کين هاڻي ”سونهري سولجر“ سڏڻ وڌيڪ مناسب
ٿيندو. حقيقت ۾ مسخري برابر ٿي چيو. پر جيڪڏهن
هينئن چوي ها ته ”ماسڪو جا اهي مسڪين ماڻهو،
ٽوليءَ ۽ پلٽڻ کان چڙهي اٽڪل اَڌ لک سپاهين جي
باقاعدي هڪ ’فوج‘ ٿي پيا آهن“، ته جيڪر ان ۾ هن جو
وڌاءُ نه پر هن جي ڪم شماري ئي ظاهر ٿئي ها.
ماسڪو جا اصلو ڪا باشندا هميشه مزي سان پنهنجي شهر جي غربت جو
ذڪر ڪندا هئا – ڄڻ ته کين پنهنجي انهيءَ ڳالهه جي
علم تي وڏو فخر هو. مون کي ياد آهي ته مان جڏهن
”لنڊن“ ۾ هوس ته اتان جا اصلو ڪا باشندا به وڏي
فخر سان لنڊن جي غربت جا بيان ڪندا هئا،- چي: ”ڏس
ته سهي، هت ڇا ڇا نه موجود آهي!“
مون ماسڪو جو انهيءَ غربت کي پوريءَ طرح ڏسڻ ٿي چاهيو، ۽ ڪيترا
دفعا کتروف مارڪيٽ ڏسڻ جي نيت ڪري، اوڏانهن روانو
به ٿيس، پر هر دفعي مون پاڻ کي بيقرار ۽ شرمسار
پئي محسوس ڪيو. ”ڀلا انهن غريبن جا دک ڏسين ئي ڇو،
جڏهن انهن جي لاءِ ڪجهه ڪري به نٿو سگهين؟“ هر وقت
منهنجي اندر واري مون کي تنبيه ڪئي. ”جيڪڏهن هت
رهي شهري زندگيءَ جا دل – ڌڪاريندڙ نظارا ڏسين ٿو،
ته هت وڃي هو به ڏس نه !“ انهيءَ ساڳئي ئي اندر
مان ڪنهن ٻئي اتر ڏنو، ۽ ڊسمبر 1881 جي هڪ ڏينهن
جڏهن اتر واءُ لڳي رهيو هو ۽ پارو پئي پيو، مان
ماسڪو شهر جي مفلسيءَ جي مرڪز- کتروف مارڪيٽ –
ڏانهن روانو ٿي ويس.
ڇنڇر جو ڏينهن هو ۽ شام جا چار وڄي رهيا هئا. ”سولينڪا“ گهٽيءَ
۾ گهڙڻ سان مون عام ماڻهن کي اهڙا عجيب ڪپڙا پهريل
ڏٺا، جو سمجهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ اهي انهن لاءِ
ڪونه سبيا ويا هوندا، سندن جو تا ته وري ڪپڙن کان
به وڌيڪ عجيب هئا. ماڻهو سڀ عجيب وغريب – بيمار ۽
مايوس مهانڊا – پر هڪ قسم جي آڪڙ سان، جيڪا گهڻو
ڪري سڀني ۾ پئي ڏٺي، ڄڻ ته پنهنجي آس پاس کان
بلڪل بيپرواهه هئا، هڪ شخص کي ته تمام عجيب ۽
اڻپورا ڪپڙا پهريل هئا، پر بلڪل بيپرواهيءَ سان،
ساريءَ دنيا کان بيخبر پنهنجيءَ ئي ڌن ۾ اڳتي وڃي
رهيو هو، -ان ڳالهه جو ته کيس ڪو خيال به ڪونه هو
ته عام ماڻهو کيس ڪهڙين نظرن سان ڏسي رهيا آهن.
اهي سڀ شخص هڪ ئي طرف وڃي رهيا هئا. مان به رستي
پڇڻ کان سواءِ انهن سان رلجي ويس ۽ کتروف مارڪيٽ ۾
اچي پهتس. اهڙي قسم جون عورتون به جام ڏٺيم، جن کي
طرح طرح جا چوغا، پيٽي ڪوٽ، رٻڙ جا جوراب ۽ ٽوپ
وغيره پهريل هئا؛ هي عورتون پڻ، پنهنجي مڪروه ۽
غير مانوس لباسن جي هوندي به هڪ عجيب بينيازيءَ
سان گهمي ڦري رهيون. هر شخص پنهنجي ڪم ۾ مشغول
هو: ڪي دڪانداريءَ ۾ رڌل هئا، ته ڪي وري گهمندي
ڦرندي قدم قدم تي وڙهندا جهڙندا هڪ ٻئي کي ڇڙٻون
ڏيئي رهيا هئا. مار ڪيٽ ۾ ماڻهو گهٽ هئا، ظاهر هو
ته مارڪيٽ بند ٿي چڪو هو، گهڻو ڪري سڀ ماڻهو
مارڪيٽ مان لنگهي هڪ ئي طرف کان ٽڪريءَ تي چڙهي
رهيا هئا. مون به انهن جي پٺ ورتي، جئن جئن اڳتي
وڌندو ويس، انهيءَ قسم جا ماڻهو وڌيڪ پئي ڏٺم، جن
سڀني جو پڻ ساڳئي ئي طرف رخ رکيو هو. مارڪيٽ لتاڙي
اڃا گهٽي لنگهي رهيو هوس، ته هڪڙيون ٻه عورتون
گڏيم – هڪ ٻڍي ۽ ٻي جوان. ٻنهي کي ڦاٽل ۽ گندا
ڪپڙا پهريل هئا ۽ ٻئي ڪنهن مسئلي تي ڳالهائينديون
پئي ويون. هر ضروري لفظ کان پوءِ ٻه چار غير ضروري
۽ واهيات لفظ به پئي اچاريائون. ٻنهي مان ڪا پيتل
به نه هئي ۽ سندن ڀرسان- اڳيان پويان-لنگهندڙ مان
ڪنهن به شخص هنن جي انهيءَ انداز بيان ڏانهن ڪو
ڌيان نه پئي ڏنو، حالا نڪ مون کي هنن جي ساري
گفتگو عجيب پئي لڳي. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيوته هتي جا
ماڻهو هر وقت اهڙي قسم جي گفتگو ڪندا ۽ ٻڌندا ٿي
رهيا. کاٻي پاسي کان خانگي مسافر خانا هئا ۽
واٽهڙن مان ڪي انهن ۾ گهڙي ٿي ويا ته ڪي اڳتي
هلندا ٿي هليا. ٽڪريءَ تي چڙهندي اسان هڪ وڏي ۽
گوشائتي گهر وٽ آياسين، ۽ مان جن شخصن سان گڏ گهمي
رهيو هوس، انهن مان ڪيترا اتي بيهي رهيا. رستي جي
ٻنهي پاسن، توڙي وچ رستي تي، انهيءَ ئي قسم جي
ماڻهن مان ڪي بيٺا هئا، ته ڪي ويٺل نظر آيا.
ٻاهرئين دروازي تي، ساڄي پاسي عورتون هيون، ۽ کاٻي
پاسي مرد. ڪل ٽي چار سوء ڄڻا هئا. مان ٻنهي- مردن
توڙي عورتن-کان لنگهي، قطار جي پڇاڙي وٺي بيهي
رهيس. هيءُ گوشائتو گهر ”لائپن“ ((Lyapin
نالي هڪ مفت جي سراءِ آهي، جتي مسڪين ۽ محتاج
ماڻهو، ڪٿان ڪٿان ڪهي، رات جا چار پهر گذارڻ ايندا
آهن. اڄ هي سڀ شخص به اندر وڃڻ جي انتظار ۾ اتي
بيٺا هئا. شام جو پنجين بجي دروازا کلندا آهن، ۽
کين اندر واڙيو ويندو آهي.واٽ تي مون کي جيڪي به
ماڻهو مليا هئا، سي سڀ هيڏانهن پئي آيا.
مان به سڀني جي پوئتان، قطار ۾ بيهي رهيس. ڀرسان بيٺل ٻه چار
ڄڻا مون ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ نظرن ئي نظرن ۾ مون کي
پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتائون.سندن جسم تي جدا جدا قسم
جا، چتين لڳل ڪپڙا پيا هئا، پر اکيون سڀني جون مون
کان اهو ئي پڇي رهيو هيون: تون هڪ مختلف دنيا جو
رهواسي، هت اسان جي ڀرسان ڇو بيٺو آهين؟ پر به تون
آهين ڪير؟ هڪ خود-پسند شاهوڪار شخص، جيڪو اسان جا
ڏک ڏسي، پنهنجي دل وندرائڻ ۽ اسان کي وڌيڪ ڏک ڏيڻ
چاهي ٿو- يا اهو ناممڪن الوجود ۽ بي عمل شخص جيڪو
اسان جي حال تي واقعي ترس کائي سگهي؟“ هر شخص جي
منهن تي، اکيون چار ٿيڻ سان، مون اهو سوال ڏٺو.
مون ڏانهن نهاري، منهنجي نظر پڪڙي ٿي ورتائون ۽
پوءِ ڏسندي ڏسندي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ٿي
ڇڏيائون. گهڻي وقت کان سوچيم پئي ته انهن مان ڪنهن
سان اندر جو احوال اوريان، پر ائين ڪري نه ٿي
سگهيس. آخر ماٺ ماٺ ۾ ئي اسان جي نگاهن، اسان کي
هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو. زندگيءَ ته اسان کي هڪ
ٻئي کان گهڻو پري اڇلائي ڇڏيو هو، پر اڄ اکين ئي
اکين ۾ اسان محسوس ڪيو ته اسان سڀ پاڻ ۾ ڏاڍا
ويجها آهيون، ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنوسين.
منهنجي ڀرسان سڄيل منهن ۽ ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ سان هڪ
ڪڙمي بيٺو هو، جنهن کي جسم تي فقط ڦاٽل ڪوٽ ۽ پيرن
۾ ڇنل جتي پئي هئي. غضب جي ٿڌ پيئي پيئي؛
ٿرماميٽر جو پارو ٻڙيءَ مٿان 14 درجن تي بيٺو هو.
اسان جون اکيون پاڻ ۾ ٽي چار دفعا مليون، ۽ مون هن
کي ايترو ته پنهنجي ويجهو سمجهيو، جو هن سان
ڳالهائي شرمسار ٿيڻ بدران نه ڳالهائي شرمسار ٿيان
ها. مون هن کان سندس ڳوٺ جو نالو پڇيو. هڪدم جواب
ڏيئي ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو، ۽ ايتري ۾ ٻيا شخص به
اسان جي ڀرسان اچي بيٺا. هو ”سمولينسڪ،“ کان کائڻ
لاءِ ان جي داڻن ۽ ڍل پيارڻ لاءِ ڪجهه رقم ڪمائڻ
جي اميد تي، ماسڪو ۾، محنت مزوري ڪرڻ آيو هو. ”هت
ته پورهيو ڪو نه لڳو؛ فوجي سپاهين1 کي ئي سارو ڪم
ڏيئي ڇڏيائون: تنهنڪري مان ڀٽڪندو ٿو وتان، ۽ خدا
شاهد آهي ته ٻن ڏينهن کان ڪجهه کاڌو به نه اٿم!“
هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي، نهايت عاجزيءَ سان پنهنجو
قصو ڪري ٻڌايو. اتي ئي هڪ ٻڍو سولجر گرم شربت2
وڪڻي رهيو هو. مون هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽
سمولينسڪ کان آيل ڪڙميءَ کي هڪ گلاس ڀري ڏيڻ لاءِ
چيو. ڪڙميءَ گلاس وٺي، پيڻ کان اڳ پنهنجا هٿ گرم
ڪيا، ۽ پوءِ پي پاڻ کي گرم ڪري، پنهنجو وڌيڪ احوال
ڏنائين. اصل ۾ ته هو به پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ وارو
هو؛ پر هڪ ڏينهن ڌنڌو بيهي ويس، ۽ پوءِ انهيءَ
ساڳيءَ سراءِ ۾ ٻٽونءَ مان پاسپورٽ سميت ڪجهه روڪڙ
به چوري ٿي ويس. هاڻي ته هو ماسڪو مان به نه ٿي
نڪري سگهيو. هن مون کي ٻڌايو ته ڏينهن جو قهوه
خانن ۾ پاڻ کي گرم رکندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن روٽين
جا ٽڪر ملندا اٿس ته اهي کائي پيٽ جي باه به
اجهائيندو آهي، باقي رات، سالياپن هائوس واريءَ
سراءِ ۾ بنا مسواڙ جي گذرندي اٿس. هينئر ته هو
پوليس جو انتظار ڪري رهيو هو، جيڪا کيس پاسپورٽ نه
هئڻ سبب، پڪڙي جيل ۾ رکندي، ۽ ٻين ڏوهين سان گڏ،
هن کي به پيرين پنڌ سندس اباڻي وطن ڏانهن اماڻڻ جو
بندوبست ڪندي. ”چون ٿا ته هن خميس تي پوليس تلاشي
وٺڻ ايندي!“ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي اميد جو اظهار ڪندي
چيائين.
(1) گهٽ مزوريءَ تي ڪم ڪرائڻ لاءِ، اڪثر فوجي سپاهي
گهرايا ويندا هئا.
(2) ماکيءَ ۽ گرم مسالن مان ٺهيل شربت.
هيءُ
شخص جڏهن مون کي پنهنجو داستان ٻڌائي رهيو هو، ته
انبوه مان ٻن ٽن ٻين به سندس بيان جي تائيد ڪئي، ۽
چيائون ته ساڻن به ساڳي تعدي هئي. ايتري ۾ هڪ پيلي
منهن ۽ وڏي نڪ وارو سنهو نوجوان، جنهن جي ڪلهي
ڦاٽل قميص مٿان ٻيو ڪجهه به پيل نه هو، انبوه کي
چيريندو منهنجي اڳيان اچي بيٺو. هو سمورو وقت سخت
ڏڪندو رهيو، پر پوءِ اهو سوچي ته کيس، منهنجي
سامهون مون وانگر ئي ڳالهائڻ گهرجي، هو ڪڙميءَ جي
بيان تي طنز طور مرڪيو، ۽ سڌو منهنجي منهن ۾
نهاريائين. مون هن کي به شربت جي صلاح ڪئي. گلاس
وٺي هن پڻ پهريائين پنهنجا هٿ گرم ڪيا، ۽ اڃا
ڳالهائڻ مس شروع ڪيو هئائين، ته هڪ مٿي اگهاڙي،
وڏي ڪاري، انب جي ڦار جهڙي نڪ واري، ڇُريل قميص
مٿان صدري پهريل شخص، کيس ڌڪو ڏيئي، پاسي ڪيو ۽
اڳتي وڌي مون کان شربت گهريائين. ان کان پوءِ، هڪ
ڊگهو، نوڪدار ڏاڙهيءَ وارو، نشي ۾ چور، پوڙهو وڌي
آيو. جنهن کي چيلهه وٽان ڏور سان ٻڌل وڏو ڪوٽ ۽
پيرن ۾ پيش مان ٺهيل کرڪڻ پيل هئا. پوءِ هڪ سڄيل
منهن ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين وارو بندرو شخص آيو، جنهن
کي ناسي رنگ جو هڪ سوٽي جئڪيٽ پيل هو، ۽ جنهن جا،
سرد پتلون جي سوراخن مان صاف نظر ايندڙ گوڏا، سخت
سرديءَ سبب هڪ ٻئي سان ٽڪرجي ۽ وڄي رهيا هئا. هيءُ
شخص ايترو ته ڏڪي رهيو هو، جو گرم شربت جو گلاس به
هٿن ۾ نه جهلي سگهيو، ۽ لاچار پنهنجي مٿان هاري
ڇڏيائين. ٻيا ڀرسان بيٺل شخص کيس بدشد ڳالهائڻ
لڳا، پر هو رڳو رحم جوڳي انداز ۾ مرڪيو، ۽ ڏڪندو
رهيو. پوءِ وري هڪ بيڊول ۽ بدشڪل شخص آيو. جنهن جي
بت تي ڦاٽل ڪپڙا ۽ پيرن کي ريشمي ڪپڙي جون پٽيون
ٻڌل هيون. پوءِ هڪ آفيسر-نما شخص، هڪ پادريءَ جهڙو
۽ ٻيو هڪ عجيب نڪ- ڪٽيو شخص آيا. هي سڀ، سرديءَ جا
سٽيل، بکيا، ڪمزور ۽ عاجز شخص هئا، جيڪي انبوه ڪري
منهنجي چوڌاري مڙي آيا، ۽ اچڻ سان گرم شربت تي
مارو ڪيائون، تان جو شربت واري جو شربت کپي ختم ٿي
ويو. هڪ شخص مون کان ڪجهه پئسا گهريا، مون هڪدم
ڏنامانس. هن جي ريس تي هڪ ٻئي به گهريا، ۽ اهڙيءَ
طرح ٽئين پڻ، ۽ پوءِ ته انبوه جو وڪوڙي ويم. بيٺي
بيٺي گوڙ گهمسان لڳي ويو، ۽ ڀر واري گهر مان هڪ
نوڪر جي دڙڪي تي سڀئي ماٺ ميٺ ۾ هن جي گهر کان هٽي
پاسي ٿيا. انبوه کي هٽائيندا، سراءِ جا منتظم نظر
آيا، جي مون کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺي ويا. هنن مون
کي انبوه مان ٻاهر ڪڍي، منهنجي جان ڇڏائڻ ٿي چاهي،
پر ايتري ۾ هڪ دفعو وري گوڙ ٿي ويو ۽ رستي ۾ ٽڙي
پکڙي ويل محتاج، منهنجي چوڌاري وري مڙي آيا. هنن
سڀني مون ڏانهن آسروند اکيون کڻي، مون کان ڪجهه
گهريو؛ هو سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿڪل، هيڻا ۽ ڏکويل
پئي معلوم ٿيا. مون وٽ گهڻو ته ڪونه هو، پر جيڪي
ويهه روبل کن هيم، سي سڀ کين ڏيئي ڇڏيم، ۽ انهن جي
پٺيان مان به سراءِ ۾ داخل ٿيس. هيءَ سراءِ چئن
حصن ۾ ورهايل عمارت هئي. مٿينءَ ماڙ تي مرد رهندا
هئا، ۽ هيٺ عورتون. مان پهريائين هيٺئين حصي ۾
داخل ٿيس، جتي هڪ وڏي ڪمري ۾، ريلوي جي ٿرڊ ڪلاس
گاڏن وانگر، هڪ ٻئي مٿان، ڀت ۾ کَتل ڪاٺ جي تختن
جون قطارون هيون. ٻڍيون توڙي جوان عورتون، عجيب بي
نيازيءَ سان ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ اچي ان ۾ داخل ٿيون،
۽ اچڻ سان پنهنجا پنهنجا تختا والاريائون. ٻڍڙين
مان ڪي شڪر گذاريءَ جي جذبي وچان، سينن تي صليب
ٺاهي؛ سراءِ جي بانيءَ کي دعا ڪرڻ لڳيون، باقي
ٻيون کلنديون ۽ وڏي آواز سان ڳالهائينديون رهيون.
انهن کي اتي ڇڏي، مان مٿي چڙهيس. مرد به پنهنجي
سمهڻ جون جايون ٺاهي رهيا هئا. انهن ۾ مون هڪ اهو
شخص به ڏٺو، جنهن کي مون خيرات ڏني هئي. هن کي
ڏسندي ئي، مون ڏاڍي شرمندگي محسوس ڪئي، ۽ اتان
ڀڄي، ڄڻ ته مون ڪو وڏو ڏوهه ڪيو هو، پنهنجي گهر
واپس آيس. پنهنجي گهر ۾، غاليچن سان ڍڪيل ڏاڪا
لتاڙي، خوبصورت دالان ۾ داخل ٿيس، ۽ پشم جو ڪوٽ
لاهي، ست رڇيءَ تي اچي ويٺس، جتي يونيفارم ۾ سفيد
نيڪ ٽاءِ ۽ سفيد دستانن سان ٻه خانساما، منهنجي
چاڪريء لاءِ بيٺا هئا.
اڄ کان ٽيهه ورهيه اڳ، مون پئرس ۾، هزارين تماشائين جي روبرو،
هڪ شخص جو ” گلوٽين“ (مٿان ڪرندڙ ڪات) سان سر
لهندو ڏٺو هو. مون کي خبر هئي ته اهو شخص هڪ وڏو
ڏوهاري هو؛ مون کي انهن دليلن جي خبر هئي، جيڪي
هميشه انهيءَ قسم جي قدم کڻڻ جي تائيد ۾ ڏنا ويندا
آهن، ۽ مون کي اها به خبر هئي ته اهو سڀ ڪجهه سوچي
سمجهي پئي ڪيو ويو؛ پر تنهن هوندي به جڏهن سر ۽ ڌڙ
هڪ ٻئي کان ڌار ٿي هيٺ کو کي ۾ ڪريا، تڏهن مون هڪ
اونهو ساه کنيو ۽ پنهنجي محض جذبات سان نه پر پوري
هوش سان پروڙي ورتم ته موت جي سزا جي حق ۾ سمورا
دليل بڇڙيءَ بڪواس کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن، ۽
ڪيترا به گهڻا ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي جيڪڏهن ڪنهن کي
قتل ڪن، ته قتل تڏهن به قتل آهي، پوءِ هو کڻي ان
کي ڇا به سمجهن. ان ڏينهن پئرس ۾ اهو ساڳيو ڏوهه
منهنجي اکين اڳيان ٿيو، ۽ مان اتي حاضر رهي ۽ دخل
نه ڏيئي ڄڻ ته پنهنجي رضا خوشيءَ سان ان ۾ شريڪ
ٿيس.ساڳيءَ طرح هينئر به هزارين انسانن جي بک،
بيماريءَ، بيروز گاري ۽ ذلت کي پنهنجي اکين آڏو
ڏسي، مون پنهنجي محض جذبات سان نه پر پوريءَ ڄاڻ
سان پروڙي ورتو ته ماسڪو شهر ۾ اهڙن هزارها انسانن
جو هجڻ، جتي مان ۽ مون جهڙا ٻيا هزارين انسان
پنهنجي قوت ۽ اشتهاد کان به وڌيڪ ٿا کائين، ۽
پنهنجي درن ديوارن توڙي ڪتن ٻلن ۽ ٻين پالتو
جانورن کي غاليچن ۽ مخملن سان ٿا ڍڪين – اهو هڪ
عظيم ڏوهه آهي، جيڪو هڪ وار نه پر لڳا تار ٿيندو
رهي ٿو، ۽ جنهن کي مان، پنهنجي عيش وعشرت ۾ مگن
رهي ڪري، نه رڳو برداشت ڪريان ٿو، پر ان ۾ هر طرح
ڀاڱي ڀائيوار پڻ آهيان. منهنجي لاءِ انهن ٻن واقعن
۾ فرق فقط ايترو هو ته پئرس ۾ جڏهن قتل جي تياري
ٿي رهي هئي، تڏهن رڙ ڪري، قاتلن کي سندن ڏوهه کان
آگاه ڪريان ها ۽ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش سان ان ڏوهه
کي روڪيان ها- بس ان کان وڌيڪ مون کان اتي ٻيو ڪي
به ڪين ٿي ٿي سگهيو. پر هتي ته مان گرم شربت ۽ چئن
ڏوڪڙن کان ڪجهه وڌيڪ ٿي ڏيئي سگهيس. مون سان هڪ
اوورڪوٽ هو ۽ گهر ۾ به سڀ ڪجهه هيم. پر مون ائين
نه ڪيو. تنهنڪري، ان وقت به محسوس ڪيم، هيئنر به
محسوس ٿو ڪريان، ۽ تيستائين محسوس ڪندو رهندس،
جيستائين مون وٽ گهرج کان وڌيڪ کاڌو آهي ۽ ٻين وٽ
ڪونهي يا مون وٽ ٻه ڪوٽ آهن ۽ ٻين وٽ هڪ به ڪونهي،
ته هن هر وقت واقع ٿيندڙ ڏوهه ۾ سڌيءَ طرح آءُ پاڻ
به شريڪ آهيان.
باب
ٽيون
لياپن هائوس (سراءِ) کان موٽڻ تي، انهيءَ ساڳيءَ شام جو، مون هڪ
دوست کي پنهنجا تاثرات ٻڌايا. هو ماسڪو جو مقامي
باشندو هو، تنهنڪري اطمينان سان ويهي سمجهائڻ لڳو
ته ” وڏن شهرن ۾ اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي. تنهنجي
ڳوٺاڻي ذهنيت ئي، توکي ان ۾ ڪنهن خاص چيز ڏسڻ تي
مجبور ڪيو آهي. حالتون هيشه کان ائين رهنديون آيون
آهن، آئيندهه به ائين رهنديون ۽ هميشه کان ائين
رهڻ به گهرجن، اسان جي تهذيب جي اها هڪ اڻ ٽر حالت
آهي. لنڊن ۾ ته ان کان به وڌيڪ خراب حالتون
آهن......... تنهنڪري ان ۾ ڪا خاص برائي نه آهي، ۽
ان کان ڪنهن کي به بد دل نه ٿيڻ گهرجي.“ مون
پنهنجي دوست کي اهڙيءَ ته چڙ ۽ رکائيءَ سان جواب
ڏيڻ شروع ڪيو، جو منهنجي زال ڀر واري ڪمري مان
نڪري، اسان کان پڇڻ لڳي: ”ڇا ٿيو؟ خبر ته آهي؟“.
سمجهان ٿو ته ان وقت آس پاس جو خيال نه ڪري، مون
ڀريل دل سان رڙيون ڪيون هيون، ۽ پنهنجي ڳالهه
سمجهائڻ جي جوش ۾ هر هر ٻانهون لوڏي پئي چيم:
”هميشه ائين ته نه رهي سگهبو، نه ! هر گز نه! هر
گز نه! !“ هنن سڀني، منهنجي ضرورت کان زياده جوش
تي، مون کي شرمسار ڪيو ۽ ٻڌايائون ته مان ڪنهن به
مسئلي تي آرام ۽ اطمينان سان ڳالهائي نٿو سگهان، ۽
گهڙيءَ گهڙيءَ آپي کان ٻاهر نڪتو ٿو وڃان. اهو پڻ
ذهن نشين ڪرايائون ته دنيا ۾ اهڙن بد نصيب انسانن
جي هجڻ ڪري پنهنجن مٽڻ مائٽن ۽ يارن ۽ دوستن جي
زندگين کي ائين تلخ ڪرڻ مان مون کي ڪي ڪين ورندو.
مون محسوس ڪيو ته هو به سچ ٿا چون، تنهنڪري چپ ٿي ويس: پر
پنهنجي دل ۾ مون پاڻ کي به صحيح ٿي سمجهيو،
جنهنڪري طبيعت کي آرام ڪونه ٿي مليو.
شهري زندگي جيڪا اڳ مون کي عجيب ۽ اجنبي پئي لڳندي هئي، سا هاڻ
اهڙي ته مڪروه معلوم ٿيڻ لڳيم، جو منهنجي عياش
زندگيءَ جون سڀ راحتون، منهنجي لاءِ هڪ قسم جو
عذاب بڻجي پيون، ۽ پنهنجي طريقهء زندگيءَ جي جواز
ڳولڻ لاءِ، مون پنهنجي اندر ۾ جيتري به ووڙ وڌي،
اوتروئي منهنجا پنهنجا توڙي ٻين سڀني پاڻ جهڙن جا
صاف ۽ سينگاريل بنگلا، پر تڪلف کاڌا، شاندار گهوڙا
۽ اعليٰ درجي جون گاڏيون، باغ باغيچا، عمدا دڪان،
ٿئيٽر، سئنيما گهر، وغيره، مطلب ته عيش عشرت جا سڀ
سامان منهنجي اکين آڏو اچي مون کي بيزار ڪرڻ لڳا.
انهن سڀني شين سان گڏ، مان لياپن هائوس ۾ رهندڙ
محتاجن جا مريض مهانڊا، سندن بک، بيماري ۽ بيروز
گاري وغيره ڏسڻ کان سواءِ به رهي نه ٿي سگهيس.مان
ان خيال کان به نه ڀڄي سگهيس ته اهي ٻئي ڳالهيون
لازم ۽ ملزوم آهن، ۽ هڪ ڳالهه سڌيءَ طرح ٻيءَ
ڳالهه کي پيدا ڪري ٿي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي
ته مون کي جڏهن پهريون دفعو پنهنجي گناهه جو احساس
ٿيو، ته اهو مون سان ڳچ وقت گڏ رهيو، پر پوءِ
جلدئي مون کي هڪ ٻيو احساس ٿيڻ لڳو، جنهن پهرئين
کي ڍڪي ڇڏيو.
مون جڏهن لياپن هائوس جا تاثرات پنهنجي يارن، دوستن ۽ واقفڪارن
کي ٻڌايا، تڏهن انهن به منهنجي پهرئين دوست وارو
جواب ڏنو، پر ان سان گڏ منهنجي رحمدل ۽ حساس هجڻ
جو اعتراف پڻ ڪيائون، ۽ وڌيڪ ائين به سمجهايائون
ته انهن ڳالهين منهنجي دل تي ان ڪري ئي ايترو گهڻو
اثر ڪيو آهي، جو مان يعني ” ليوٽالسٽاءِ“ هڪ وڏو
مهربان ۽ ٻاجهارو شخص آهيان. مون خوشيءَ سان سندن
ڳالهه مڃي، ۽ ان کان اڳ جو ڪنڌ ڦيري ڪجهه ڏسي
سگهان، منهنجي دل ۾، پهرئين تجربي وقت پيدا ٿيل
پڇتاءَ ۽ شرمساريءَ جي جذبي بدران پنهنجي
ڀلمانسيءَ ڪري هڪ قسم جي اطمينان جو احساس جاڳي
اٿيو، ۽ منهنجي خواهش ٿي ته ان جو عملي طور اظهار
به ڪريان.
حقيقت
۾ منهنجي عيش عشرت جو ڏوهه ڪو نه آهي، پر حياتيءَ
جون اڻٽر حالتون ئي سڀني براين لاءِ جوابدار آهن،
۽ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڦير ڦار انهن
کي ٺيڪ نه ڪري سگهندي. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڦير
ڦار آڻڻ سان پاڻ ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کي ئي نقصان
پهچائيندس، باقي غريب ۽ مسڪين ته ائين ئي ڏکيا ۽
ڏتڙيل رهندا، تنهنڪري هينئر منهنجو فرض آهي ته مان
پنهنجي زندگيءَ کي بدلائڻ بدران (جئن پهرين خيال
هو) جيترو مون کان پڄي سگهي، انهن بدنصيب انسانن
جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪريان. حقيقت مان هڪ نيڪ
سٻاجهو ۽ اوڙي پاڙي جي مدد ڪرڻ وارو انسان آهيان.
تنهنڪري مان پنهنجي چڱمڙسيءَ جي اظهار لاءِ خير
خيرات جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس؛ باوجود ان جي، مان
ايترو ضرور ٻڌائيندس ته انهي خيرات بابت سوچڻ وقت
به مون، پنهنجي روح جي گهرائيءَ ۾، ان کي ٺيڪ يا
آخري علاج نه پئي سمجهيو؛ پر جئن عام طرح ٿيندو
آهي، منهنجي خالص عقل ۽ منطقي دماغ، منهنجي ضمير
جي آواز کي دٻائي ڇڏبو. اتفاق سان ان وقت
آدمشماريءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون، سو پنهنجي
چڱائيءَ ڏيکارڻ لاءِ، خير خيرات ڪرڻ جي خواهش کي
عملي صورت ڏيڻ جو سٺو موقعو نظر آيم. مون کي ماسڪو
جي گهڻين ئي خيراتي جماعتن ۽ ”خادم عوام“ ادران جي
خبر هئي؛ پر مون کي انهن جون سموريون سر گرميون
غلط ۽ پنهنجين ارادن جي ڀيٽ ۾ تڇ نظر آيون،
تنهنڪري مون پنهنجو پروگرام هن طرح رٿيو:
شهر جي غريبن لاءِ شاهوڪارن جي دلين ۾ همدردي پيدا ڪرڻ؛
پئسا جمع ڪرڻ، ۽ ان مهم لاءِ رضاڪار ڀرتي ڪرڻ؛
آدمشماري ڪرڻ سان گڏ محتاج بستين جو معائنو ڪرڻ؛
آدمشمارءَ جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ کان سواءِ، انهن بد نصيب انسانن
سان لهه وچڙه ۾ اچڻ، سندن گهرجون معلوم ڪرڻ، کين
پئسي ڏوڪڙ جي مدد ڏيڻ، يا کين ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ
سان لڳائڻ يا کين سندن ڳوٺن ڏانهن واپس موڪلڻ جو
بندوبست ڪرڻ، سندن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، ۽
پوڙهن کي خيرات گهرن يا محتاجخانن ۾ رکائڻ.
ان کان سواءِ، منهنجو اهو خيال به هو ته مهم جي ڪارڪنن منجهان
ڪي اهڙا همراه به نڪري ايندا، جي مستقل طور ماسڪو
جي ساري ضلعي کي پاڻ ۾ ورهائي، مفلسيءَ ۽ محتاجيءَ
کي اڀرڻ ئي نه ڏيندا، ۽ ان کي ڪچيءَ ۾ ئي ناس ڪري،
شهر جي غربت لاءِ دفاعي علاجن ڪرڻ بدران اصل هميشه
جي لاءِ ان جي پاڙ پٽي ڇڏيندا. منهنجو خيال هو ته
اهڙيءَ مهم معرفت انتهائي بي سروسامان ماڻهن کي
ڇڏي، باقي سڀني جون ضرورتون معقول حد تائين پوريون
ڪري سگهبيون، ۽ آءُ اهو سڀ ڪم پايهء تڪميل تي
پهچائي ڇڏيندس، ۽ ائين ڪرڻ کان پوءِ ئي اسان
شاهوڪار آرام ۽ دل جي اطمينان سان پنهنجن بنگلن ۾
ويهي ست رڇيون کائي سگهنداسين، ۽ لياپن هائوس ۾،
مون جيڪي نظارا ڏٺا ۽ روحاني بيچيني محسوس ڪئي، ان
جي احساس کان سواءِ عمدين گاڏين ۾ ويهي سير تفريح
ڪري سگهنداسين.
اها تجويز ٺاهي، مون ان بابت هڪ مضمون به لکيو، جو شايع ڪرڻ کان
اڳ پنهنجي سڀني واقفڪارن وٽ امداد ملڻ جي اميد تي
کڻي ويس، ان ڏينهن مان جن وٽ به ويس، تن کي مون
ساڳي، ان مضمون واري، ڳالهه چئي. مون انهن سڀني کي
اهائي صلاح ڏني ته ڇو نه آدمشماريءَ جي موقعي جو
فائدو وٺي، ماسڪو جي محتاجن سان ملجي، پئسي خواه
پورهئي جي کين مدد ڏجي ۽ ماسڪو مان مفلسيءَ ۽
محتاجيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪو اثرائتو ۽ عملي قدم
کڻجي؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ کان پوءِ ئي، اسين
شاهوڪار ماڻهو اندر جي آرام سان اهي سڀ چيزون چوڙي
ماڻي سگهنداسين، جن سان اسان جو روزمرهه جو تعلق
آهي. هر شخص مون کي چڱيءَ طرح ۽ ڌيان سان ٻڌو، پر
جئن ئي کين اصل ڳالهه جي خبر پئي ته هو بي آرام ٿي
ويا ۽ ڪجهه ڪجهه لڄي پڻ،- ڄڻ هو خاص منهنجي ڪري ئي
لڄي ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته هنن جي خيال ۾ مون بي معنيٰ
بڪواس ڪئي؛ پر اها بڪواس اهڙي هئي جنهن کي هو
کليءَ طرح بڪواس ڪوٺي به نه ٿي سگهيا-ڄڻ ته ڪنهن
وڏي لاچار کين منهنجيءَ هن بڪواس ۾ شريڪ ٿيڻ تي
مجبور ڪيو هجي. ”ها ! ها !بلڪل ٺيڪ. اهو تمام سٺو
خيال آهي. ان سان همدردي ڪرڻ کان سواءِ ڪير رهي
سگهندو ! تنهنجي تجويز نهايت شاندار آهي. مان پاڻ
انهيءَ خيال جو هوس، پر ........ ها اسان جا
ماڻهو اهڙا ته بي پرواهه آهن، جو چڱي ڪم ۾ ڪنهن
کي به ڪاميابيءَ جي اميد نه رکڻ کپي ....... پر
جيستائين منهنجو تعلق آهي، مان مدد ڏيڻ جي لاءِ هر
وقت تيار آهيان. “ انهن سڀني گهڻو ڪري اهائي ڳالهه
ڪئي. اصولي طور تي سڀ راضي هئا، پر جيئن مون کي
ڏسڻ ۾ آيو، هو نڪي ان ڳالهه جا قائل ٿيا هئا ۽ نه
وري ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪا سندن دلي خواهش ئي هئي؛ پر
ڪنهن نا معلوم سبب کين اهڙي کليل اقرار ڪرڻ کان
روڪي ڇڏيو هو. مون اها حقيقت ان وقت به محسوس ڪئي
هئي، جڏهن پئسن ڏيڻ جي وعدي وقت ڪنهن به شخص رقم
نه ٻَڌي، مان پاڻ جڏهن کين رقم ٻَڌڻ لاءِ چيو ته
”تڏهن ڀلا مان توهان ۾ ٽي سؤ“، ٻه سؤ، سؤ،
پنجويهه- ڪيترن روبلن جو آسرو رکان؟“ ته هڪ چڱي
مڙس به پئسا نه ڏنا. مان اهو رڳو ان ڪري ٿو چوان،
جو جڏهن ڪنهن شخص کي ڪا چيز گهربي آهي، تڏهن هو ان
لاءِ هڪدم پئسا ڪڍي ڏيندو آهي. ڪنهن سئنيما ۾
”سارا برنات“ کي ڏسڻ ويندا آهن ته ڪم پڪي ڪرڻ لاءِ
”باڪس“ جا پئسا به اڳواٽ ڏيندا آهن؛ پر هت جن شخصن
به منهنجي رٿ جي تائيد ڪئي ۽ پئسا ڏيڻ قبول ڪيا،
انهن مان هڪڙي به پئسا اتي جو اتي نه آڇيا، رڳو
ماٺ ماٺ ۾ مون جيترا به انهن کان گهريا، سي ڏيڻ جو
وعدو پئي ڪيائون. ان ڏينهن شام جو، جنهن پوئين گهر
۾ گهڙي ويس، اتي هڪ وڏي مجلس لڳي پئي هئي؛ ان گهر
جي مالڪياڻي ڪيترن سالن کان خيراتي ڪمن ۾ دلچسپي
وٺندي رهندي هئي. ڪيتريون گاڏيون هن جي در تي
بيٺيون هيون، ۽ ڪيترا نوڪر قيمتي پوشاڪن ۾ هڪيا
تڪيا بيٺا هئا. وڏي گول ڪمري ۾ ٻن ميزن تي موم
بتيون ٻري رهيون هيون ۽ اوچن ڪپڙن ۽ قيمتي زيورن
پهريل، پرڻيل ۽ ڪنواريون عورتون ننڍڙين گڏڙين کي
سينگاري رهيون هيون. ڪيترائي نوجوان اتي انهن
عورتن جي ڀرسان نهايت بي تڪلفيءَ سان ويٺا هئا. هي
عورتون جيڪي رانديڪا ٺاهي رهيون هيون، سي سڀ
غريبن جي امدادي فند جمع ڪرڻ لاءِ نيلام ٿيڻا هئا.
گول ڪمري ۽ ان ۾ ويٺل سڀني وڏن ماڻهن، منهنجي دل تي هڪ تمام اڻ
وڻندڙ اثر ڇڏيو. ان ڳالهه کي ڇڏي ته ويٺل سڀ
لکاپتي هئا يا سندن ڪپڙن، زيورن، گهوڙن، گاڏين ۽
نوڪرن جي ڪل خرچ جي مجموعي رقم تي رڳو وياج ئي سار
جي ته يقيناً اهو، سردست سندن هٿ ۾ جيڪو ڪم هو،
تنهن کان سوءڻو هزارروڻو ڀيرو وڌيڪ هو؛ رڳو هن
هڪڙيءَ مجلس جو خرچ ئي جنهن ۾ دستانا، صاف دستر
خوان، کنڊ، چانهه، بسڪوٽ، ميوا، مٺايون ۽ ٻيا مال
مليدا اچي جمع ڪيا هئائون- ايترو هو، جو يقيناً
انهن چئن پنجن گڏڙين جي ملهه کان سوء دفعا وڌيڪ
هوندو! اهو سڀ ڪجهه مون پنهنجي اکين سان ڏٺو، تنهن
ڪري چڱيءَ ريت سمجهي سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ هن مجلس ۾
ته منهنجي تجويز سان همدردي ڪرڻ وارو ڪوئي نه
هوندو؛ پر ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي تجويز ٻڌائڻ جي نيت
ڪري آيو هوس، تنهنڪري ان ڳالهه کي ڏکيو سمجهندي
به، مون پنهنجي ڳالهه ڪري ٻڌائي. حاضرين مجلس مان،
هڪ خاتونءَ ٻڌايو ته هوءَ حد کان وڌيڪ حساس طبع
هئي؛ تنهنڪري هوءَ مسڪينن ۽ محتاجن وٽ روبرو ته
نه وڃي سگهندي، البته پئسا ڏياري موڪليندي. ڪيترا
۽ ڪڏهن ڏياري موڪليندي-سا خبر مون کي نه
ڏنائين.ٻيءَ هڪ خاتونءَ ۽ هڪ نوجوان مرد غريبن ۾
وڃڻ لاءِ پنهنجون خذمتون آڇيون، پر مون ان منجهان
فائدي وٺڻ لاءِ انتظار نه ڏيکاريو. جنهن خاص شخص
لاءِ مان سيڙجي آيو هوس، تنهن ٻڌايو ته، ”وسيلن جي
ڪميابيءَ سبب گهڻو ڪجهه نٿو ڪري سگهجي، وسيلا ٿورا
آهن، ڇاڪاڻ ته ماسڪو جي مالدارن کي سڀڪو سڃاڻي؛ ۽
جو ڪجهه هو ڏيئي سگهيا ٿي سو انهيءَ ڏس ۾ هنن کان
اڳ ۾ ئي وصول ٿي چڪو آهي. ٻيو ته خير خيرات ڪندڙ
سڀ شخص اڳي ئي عهدا، آفرين ناما ۽ ٻيا انعامي ٻلا
حاصل ڪري چڪا آهن،- کانئن وڌيڪ رقمن حاصل ڪرڻ لاءِ
ضروري ٿيندو ته سرڪار نامدار طرفان نون نون لقبن ۽
اعزازن جا اعلان ڪرايا وڃن، جا ڳالهه هن وقت ڏاڍي
ڏکي آهي.“
ان ڏينهن گهر موٽڻ شرط مان ليٽي پيس، نه رڳو انهيءَ ڀوء کان ته
منهنجي رٿ ناڪام ثابت ٿيندي، پر شرم ۽ شعور جي
انهيءَ احساس کان پڻ ته مون اهو سارو ڏينهن ڪنهن
غليظ ۽ شرمناڪ ڪم پٺيان وڃايو هو. پر مون ڪوشش نه
ڇڏي. پهرين ڳالهه ته مون پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو
هو ۽ هينئر لوڪ کان ڊڄي ڇڏي نه ٿي سگهيس؛ ٻي ڳالهه
ته ان ڪم ۾ مشغول هجڻ سبب مان پنهنجي روز مره جي
قائم ڪيل معمول مطابق رهي سگهيس ٿي، ورنه مون کي
مجبور ٿي اهو رستو ڇڏي، زندگيءَ جا ڪي نوان رستا
ڳولڻا پون ها، جنهن کان لاشعوري طور مان ڏاڍو ڊنس
ٿي. تنهنڪري مون پنهنجي اندر جي آواز تي به اعتبار
نه ڪيو ۽ هٿ ۾ کنيل ڪم کي جاري رکيم.
پنهنجي
مذڪور مضمون کي پريس ۾ شايع ٿيڻ لاءِ ڏيئي، مون ان
جي پروف ڪاپي ٽائون هال ۾ پڙهي ٻڌائي. اهو مضمون
پڙهندي مان ايترو ته درد محسوس ڪيو، جو هٻڪي هٻڪي
روئي ڏنم. مون ڏٺو ته حاضرين مجلس مان به هر شخص
ڏکويل ۽ بي آرام هو. پنهنجو مضمون پڙهي پورو ڪري،
مون ”آدمشماريءَ جي انتظام ڪندڙن“ کي جڏهن رٿ ڏني
ته هو پنهنجن پنهنجن عهدن تي رهي، سماج ۽ ضرورتمند
غريبن جي وچ ۾ امين ٿي ڪم ڪن، ته سڀني جي منهن تي
هڪ قسم جي منجهائيندڙ ماٺ ڇانئجي وئي. پر پوءِ ٻن
ڄڻن زبان کولي، ۽ منهنجي رٿ جي ”غير معموليت“ کي
”درست“ ڪرڻ لڳا. منهنجي رٿ سان پنهنجي همدرديءَ جو
اظهار ڪيائون، ان سان گڏ رٿ جي عمل ۾ نه اچي سگهڻ
ڏانهن باربار اشارو ڪيائون . انهن ٻن شخصن جي
سمجهاڻيءَ کان پوءِ، مڙئي سڀ سرها نظر اچڻ لڳا. پر
مون وري جڏهن، پنهنجي رٿ تي عمل ڪرڻ جي خيال کان،
سڀني کان ڌارڌار ساڳيو سوال پڇيو، تڏهن هو وري
بيقرار ٿي ويا ۽ سندن خاموش نگاهون چوڻ لڳيون:
”اسان، اڃا هينئر تنهنجي عزت رکندي تنهنجي غلطيءَ
کي سڌاري ڇڏيو، پر تون وري به خواهه مخواه ساڳي
ڳالهه ڪري رهيو آهين!“ اهو ته سندن خاموش نگاهون
ٻڌائي رهيون هيون، پر زباني طور انهن سڀني پنهنجي
منظوري ڏني، ۽ ٻن ڄڻن الڳ الڳ ته مون کي ائين به
چيو ” اسان اخلاقي طور، اوهان جي تجويز تي عمل ڪرڻ
لاءِ پاڻ کي ٻڌل ٿا سمجهون“.
آدمشماري وٺندڙ شاگردن کي جڏهن مون چيو ته ”آدمشماريءَ جي
معمولي مقصدن سان گڏ عوامي مفاد کي پڻ خيال ۾
رکجو!“ ته منهنجيءَ ان هدايت انهن تي به ساڳيو اثر
ڪيو. مون ڏٺو ته اسان جڏهن اها ڳالهه ڪري رهيا
هئاسين، تڏهن هو لڄ کان مون سان اکيون ملائي نه ٿي
سگهيا. (جئن ڪو مهربان پير مرد بڪواس ڪندو هجي، ۽
ٻيا سندس منهن ۾ نهاريندي لڄي ٿيندا هجن). منهنجي
مضمون اخبار جي ايڊيٽر تي به ساڳيو اثر ڇڏيو،
اهڙيءَ طرح انهيءَ مضمون منهنجي پٽ، منهنجي زال ۽
ٻين مختلف ماڻهن تي به ساڳيو اثر پيدا ڪيو. سڀني
پاڻ کي، خبر نه آهي ڇو، بيقرار ۽ بي چين محسوس ڪيو
۽ ساڳئي وقت سڀني منهنجي خيال کي قبول ڪرڻ به
ضروري سمجهيو. پر سڀ پنهنجي راضپي ڏيکارڻ کان پوءِ
هڪدم ان جي ڪاميابيءَ بابت شڪ شبها بيان ڪرڻ لڳا،
۽ آخر ۾ هر شخص، پاڻ کان سواءِ ٻين جي سستيءَ ۽ بي
پرواهيءَ جي مذمت پڻ ڪئي.
مان پنهنجي اندر جي اونهائيءَ ۾، اڃا به اهو محسوس ڪري رهيو هوس
ته منهنجي مهم صحيح نه هئي ۽ ان مان ڪو کڙتيل نه
نڪرندو؛ پر مضمون ڇپجي ويو ۽ مان آدمشماريءَ جي ڪم
۾ لڳي ويس. پهريائين ڳالهه جي شروعات مون ڪئي هئي،
پر هينئر انهيءَ ڳالهه پوئتان آءُ محض گهلبو ٿي
ويس. |