داستان ٽيون
1
هَئي هَئي! وَهي هَاءِ[1]،
من ۾ محبوبنِ جي!
جيرا جوش جلاجئيا، بڪين[2]
ٻري باهِه!
پسو مچ مٿاءِ[3]،
جي ويساهه نه وِسهو[4]!
2
هَئي هَئي! وَهي هُوءِ[5]
من ۾ محبوبنِ جي!
جيرا جوش جلائيا، بڪين مُڪي بُوءِ!
اچي پسو روءِ[6]،
جي ويساهه نه وِسهو!
3
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين[7]،
پچان مَرُ پيئي!
جيرا، جڳر، بڪيون، سيخُنِ ۾ ٽيئي!
ويڄنئون ويئي[8]!
ٿي وهيڻي[9]
سڄڻينِ!
4
سَرُ[10]
جو سَڃيو[11]
سڄڻين ڀَرُ ڀيڏيءَ[12]
ڏيئي،
ڪانَ ڪرِنگهرُ[13]
ڪپيو، پکن سِرِ[14]
پيهي،
جيرا، جڳر، ٻڪيُون، پاساڙا[15]
ٻيئي[16]،
ويڄنئُون ويئي، ٿي وهيڻي سَڄَڻين.
5
سر جو سڃيو سڄڻين، ٻنگان[17]
ٻاڻُ[18]
ڀري[19]،
ويو وجودان[20]
نڪري، ڪڙ ڪڙا ڪانُ ڪري!
پُڇو پيرَ ڀري، ته ڪِي ٺريو هَٿُ حبيبَ جو؟
6
سَرُ جو سڃِئو سَڄڻين، ٻيهر ٻاڻُ ڀري،
ڇمڪيو[21]
سو ڇوهَ مان، ڪڙڪڙ ڪانُ ڪري،
جيرا جڳر، بڪيون، لنگهي پيو پري،
لڳو جيءَ جڙي، تاڻيان[22]
تيرُ نه نڪري!
7
سَرُ جو سڃيو سڄڻين، سيڱ[23]
منجهان سيلو[24]،
ٽنڱرُ[25]
ٽڪيو[26]
ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو[27]،
هَڻَڻُ سين حِيلو، جانب جيڏو ئي ڪيو.
8
ڌَڳايومِ[28]
ڌَئين، ڄيرو[29]
اَندرِ ڄِندڙي،
لڳي سيخ وُجود ۾، سندي نينهن[30]
نئين،
مُشاهدي تهين، مون کي وڌو مَچَ ۾.
9
پُڇُ پَتنگنِ کي، سنديُون کامَڻَ[31]
خَبرُون،
آڻيو وجهنِ آڳ ۾، جِيُ پنهنجو جي،
جيري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا.
10
پَتَنگ چايين[32]
پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ[33]
گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،[34]
واقفُ ٿي وِساءِ، آڳ[35]
نه ڏجي عامَ کي.
11
پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پئو ڄاڻي،
تان تان تاڻِج تَوَ[36]
ڏي، جان آڳ نه اُجهاڻي،
وِسَهُه وِهاڻي[37]،
آڳ نه ڏجي عامَ کي!
12
پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پسي مچُ مَ موٽُ،
سهائي[38]
سُپَرين جي، گهڙُ ته ٿيين گهوٽُ،
اَڃان تون اَروٽُ[39]،
کُوري خبر نه لهين.
13
پُري[40]
پتنگ آئيا، مڙي مٿي مچ،
اوڏا ٿيا آڳ کي، سڙيا مٿي سچ،
سندس ڳچيُنِ ڳچَ، ويچارن وڃائيا.
14
پُرِي پَتَنگ آئيا، سري وٽ ساهي[41]،
اچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀ ڪاهي،
لاڳاپا لاهي، کاڻا کُوري وچ ۾.
15
پُري پَتَنگَ آئيا، سري سهائي هيٺ،
ٿيندا ڏيٺاري ڏيٺ[42]،
مٿو ڏيندا مچ کي.
16
پتنگن پهُه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا[43]،
سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ[44]،
ويچارن وڃائيا.
17
چڙهيو چڪاسِن چاءِ[45]،
آڳ ٻرندي آئيا،
وِهُسَنِ[46]
واڙيءَ ڦُلَ جيئن[47]،
محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻُ آَڙاءِ، کڻي کوري وِچ ۾.
18
جي تتو تنُ تَنُور جيئن، ته ڇنڊي ساڻُ ڇماءِ[48]،
آڻي آڳ ادب جي، ٻاري جانءِ اجلاءِ،
پُرقِئا اندر بازيُون[49]،
پنهنجيون سڀ پچاءِ،
لُڇَنُ لنؤُ[50]
لطيفُ چي، پَڌَرِ هَڏِ مَ پاءِ،
متان لوڪ لکاءِ[51]،
وصالان وچُ پئي[52].
19
اڃا تنُوراءِ[53]،
ڪالهه[54]،
ڪڍياسُون سڄڻين،
پُڻ تايائُون تڪڙو، وحدتَ جي وڌاءِ[55]،
مَحَبَتِينِ مٿاءِ، مَچُ مُورائِين[56]،
نه لهي!
20
پَچائي پهاڻُ[57]،
جَنِ رَساڻئو[58]
رُڪَ کي،
تَنين سنڌو ڄاڻُ، آهي آڳڙين[59]
کي.
21
ڌَنءُ ڌَنءُ[60]
ڌَمَڻُ وارَ[61]،
اَڄُ پُڻ آڳڙين جي،
ٻاري مچُ مجازَ جو، اوتيائُون آڱار،
ڌُوڌِيا[62]
ٿِيُ مَ ڌارَ، جِم[63]
ڪچو رُڪُ ڪَڻيون ٿئي.[64]
22
ڌُوڌا! تون نه ڌَنئين، آڳِ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشقَ جا، سي تان تون نه سهين،
اُڀُو ايئن چُئين[65]،
ته آئون آڳرِيون آهيان!
23
سِرُ سانداڻِ ڪِرِي، پُڇِجِ گَهرُ لُهارَ[66]
جو،
ڌَڪَنِ هيٺ ڌَري، مان گڏيئي رُڪَ سين.
24
سهين[67]
جيئن سنداڻ، ڌَڪَنِ مٿي ڌڪڙا،
وَهِه[68]
وڃائي پاڻِ، ڏي ڏَٻائُون[69]
ڏڱرين[70].
25
هَئي! ٻَرَ اَڱارَنِ، ٻَڏاهِين[71]
ٻَرَن جي،
هِڪُ کُوري کنِئيا[72]
ٻيو ڌُوڌي[73]
منجهه ڌَڳنِ[74]،
پاڻان لُهارَنِ، ميڙي رَکِيا مَچَ لَئي.
26
ٻارِيو اُجهائين پرين، اُجهايو بارِين،
مون کي ٿا مارين، لُئا[75]
لُهارنِ جا.
27
اَڄ آڳڙِيا آئيا، سُوڌا[76]
سِراڻي[77]،
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تِکِيُون[78].
28
اَڄُ آڳَڙِيا آئِيا، سائُو[79]
ڪي سُڄاڻَ،
لاهِيندا مورِياڻَ[80]،
رُڪُ ڪَرِيندا[81]
پَڌرو.
29
ڪَٽُ ڪَڙهي، لوهُه ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳن،
مُترِڪَنِ مُنهن[82]
ڪڍيا، سانداڻيُون سَڪَنِ[83]،
اَڄ پُڻِ اَڳَڙِينِ، ميڙو آهي مَچَ تي.
30
سَرَها ڏِٺَمِ سي، جَنِ ساڃاهه[84]
سِراڻِ سين،
تيغَ تَنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪَڏهين.
وائي.
جِيءُ جِياريو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجَهڙو[85]
هارِيو[86].
منهنجو جيءُ جياريو.
پِرِيَنِ جِيَ پَچارَ، سيڻنِ جي سنڀارَ، جڏڙو جيءُ جياريو،
منهنجو جيءُ جياريو.
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ[87]
مان، پِرِينِ پُوڄ[88]
پِياريو،
منهنجو جيءُ جيارِيو.
مَرَضُ مَرِيضنِ تان، اشاري ساڻُ اُتاريو[89]،
منهنجو جيءُ جيارِيو.
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي مون کي، اَهُکِيَ مان اُڪارِيو[90]،
منهنجو جيءُ جيارِيو.
سئون مُنهن ڪِري[91]
سُپِرِين، آئين[92]
نِرَمَلَ نُورَ[93]
نهاريو،
منهنجو جيءُ جيارِيو.
سائِلَنِ جيئن سَڏَ ڪَري، ائين طالِحَن[94]
کي تاريو،
منهنجي جيءُ جيارِيو.
داستان چوٿون
1
ايڪُ[95]
پِيالو ٻَه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪري ايئن،
ليکيا جي لِکَڻَ ۾[96]،
سي قُربَ رَسندا ڪيئن،
هُئَڻَ[97]
ڪِيا هيئن، وانجئا[98]،
پسُ! وِصالَ کان.
2
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄڻا، عِشقُ نه ايئن ڪَري،
آٽي[99]
سي ايڪُ ٿيا، جي گَتا[100]
نينهن ڳري[101]،
دُئي[102]
ڌارَ ڌَري، خُلّت[103]
خَنجَرُ آئيو[104].
3
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄنا، عشقُ نه ڪري اَڌَ،
اِيَ تان ساعِرَ[105]
سَڌَ، ڪَيئي جا[106]
قوال سين.
4
جيڏاهن قاتِلَ ڪوڙَ[107]،
اَکيُون اوڏاهين کَڻي،
وِهُ[108]
تَنِين جِي ووڙَ[109]،
جَنِين سانگُ[110]
نه ساهَ جو.
5
اَکيون اوڏاهين کَڻي، جيڏانهن قاتلَ ڪُلِ[111]،
مَٿو ڪَنِ نه مُلِ[112]،
پِڪَ[113]
برابر پانهنجو.
6
قاتِلُ[114]
ڪمائي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ،
وَٽان ويهِي تَنِ، پيج[115]
ڪي پياليُون.
7
هوندو هَڏِ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪَنِ پانهنجو،
پُوڄ[116]
پِيارجِ پهِيڙا[117]،
ويندا وَٺيو ڪَنڌِ[118]،
ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ[119]،
موکِي[120]!
ڪو مانُ لَهي.
8
هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَنِ پانهنجو،
وَٽِي واٽاڙُئَنِ[121]
کي، تان پياري پَرَکُ،
سا لِکَ[122]
لهي ٿِي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
9
گهٽَن[123]
۽ گُهٽَڪنِ[124]،
وَٽِيُون پِيَنِ وِهَه گاڏُيُوُن[125]،
بَرخيز بده[126]
ساقِي، پِيارِ کي پِرِينِ،
پِڪين[127]
نه پَرچَنِ، مَٽَ تَڪيائون مَنجهيان[128].
10
آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ[129]
مَٽَ اُپَٽِيا[130]،
مَتارا تنهن ساءَ[131]،
اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.
11
وِجِهجِ واٽاڙُئنِ تي، ميخاني[132]
جي ماڪَ[133]،
ٿيندي سُڌِ سَڀَڪَنهِين[134]،
هنڌِ هنڌِ پُوندي[135]
هاڪَ،
پِرهَ جا پِياڪَ[136]،
جُہُ سي[137]
اَڱڻِ آئيا.
12
جُہُ سي اڱڻِ آئِيا، ته سَرو[138]
ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿينديَنِ اُڃَ، هِي پِيتو، هُو آڻِ ڪِي.
13
موکي[139]
چوکي[140]
نه ٿئي، اصل اوڇي[141]
ذات،
وَٽُيون ڏيئي وات، متارا[142]
جنهن مارِيا.
14
مَتارا مَرِي ويا، موکي! توکي! تون نَه مَرين،
ڪيهي[143]
پَرِ پَرين[144]،
ڏُکي ڏاتارَنِ[145]
ري؟
15
متارا مَرِي ويا، موکي تون ڀي مَرُ!
تنهنجو ڏوس[146]
ڏَمَرُ، ڪونه سَهَندو اُنِ ري!
16
سَري[147]
ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا،
ڪو جو سُخنُ ڪلاڙَ[148]
جو، پتي تي پيون[149]،
تنهان پوءِ ٿيون، مرڻُ مَتارنِ کي!
17
اَڃا کُوري ماڳ[150]،
مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽَ گهڻا،
لاهي ويهُه مَ لاڳَ[151]،
موکِي مَتارن جا.
18
ڪَنڌِ ڪَٽارو[152]،
مُنهن[153]
وَٽِي، عادَتَ جَنِين ايءَ،
تَنِين تِڪُون ڏِنيُون[154]
جُنبِي[155]
مَنهجان جيءَ،
سَرو[156]
تَنِ سَبِيءَ[157]،
جَنِ حاصُلُ ڪِيو حالَ[158]
کي.
19
موکيءَ[159]
مٺو نه گهريا، وِهَه نه وِهاٽيا[160]،
سُرڪِيءَ ڪاڻ سيّدُ چي، اُتي ٿي آٽيا[161]،
جي ڳالهين ڳڱاٽِيا[162]،
تَنِ بَٺِنِ[163]
پاسي بُٺيُون[164].
20
سِرُ ڏيئي سَٽِ جوڙِ[165]،
ڪنهن پَرِ ڪَلاڙَنِ[166]
سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ[167]
ڪَپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙِ،
مَرَڻا منهن مَ موڙِ، وَٽِي ٿِي وَڍِ لَهي[168]!
21
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو[169]،
قَدرُ ڪيفَ[170]
ڪلاڙَ[171]
جو، پِياڪَنِ پِيو،
اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪنڌُ قَبولُ ڪِيو،
سُرَها سَرُ ڏِيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيّدُ چي.
22
آٽِي[172]
ٿِي اَڱارُ، کامِي کِرادارَنِ[173]
سين،
پَسين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتوئي جَنِ سين.
23
ڪلاڙِ نِئُون ڪاءِ[174]،
مَتِ نه سکين، مون هينيان[175]!
رُوئندي[176]
راتِ وِهاءِ، چِڪائيندي بَٺيِون.
24
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اڇا اڱڻ ڌار،
اِيندا تو دَربارِ، وِهَ پِيئندا وَٽِيون.
25
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، سَويرا صُبوحِ،
اُچي[177]
جي، عبداللطيفُ چي، باسُ نه پُهتِئي بوءِ؟
ڪَڙو جي ڪَڪُوهِه، ته به وَٽِ سِرَ[178]
گُهرَنِ وَٽيون.
26
وَٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيُون، ڌَڙَ سُرڪيينِ ڌُڄَنِ[179]،[180]
بدان شين بُشن، اي پيالو پرين،
اُچي جي عبداللطيفُ چي، وَٽي وَڌِ گُهرَنِ،
پِڪين نه. پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجهان.
وائي
وائي دوسُ پيهي در آئيو، ٿئو ملڻ جو ساعيو[181]،
ڏينهن پڄاڻُون آڻي اسان کي، مولي مُحبُ مِلائيو،
ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو ميلاپو، واحدَ واءُ وَرائِيو،
ٿيو ملڻ جو ساعيو.
هو جنهين جو ڏسُ ڏُوراڏو[182]،
اوڏو اَڄُ سو آئيو،
ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.
عبداللّطيف چي اَچِي عَجيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
ٿِيو مِلَڻَ جو ساعيو.
داستان پنجون
1
صُوفِي[183]
سالِمُ سي وِيا[184]،
جي اَڪثر[185]
سين اَڏيارَ[186]،
بازِي بازِندَنِ[187]
کي، آهي اَويسارَ[188]*،
پِرِيان سين پَهَڪارَ[189]،
رِنِديءَ[190]
رَساڻي ڪيِا[191].
2
صُوفِيءَ سَيرُ[192]
سَڀَنِ ۾، جيئن رَڳُنِ ۾ ساهُه،
سا نَه ڪَري ڳالهڙيِ، جيئن پَرِيُون پَرُوڙي پساهُه[193]،
آهِسِ[194]
ايءُ گُناهُه، جي ڪا ڪري پَڌَرِي.
3
ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي ٿِيا،
صُوفِي تي[195]
ٿِيا، جيئن ڪينَ[196]
کنيائون پاڻ سين.
4
صُوفِي لاڪُوفِي[197]،
ڪونَه. ڀانئيس[198]
ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهه وِڙهي، پَڌَرِ[199]
نَه آهِسِ پيرُ،
جَنِين ساڻُسِ ويرُ، ٿِئي تَنِين جو واهَرُو.
5
صُوفِيءَ صافُ ڪيو، ڌوئِي وَرَقُ[200]
وُجود[201]
جو،
تنهان پوءِ ٿِيو، جِيَئري پَسَڻُ پِرينءَ جو.
6
صُوفِي چائين، سَڌَ ڪرين، صُوفينِ اِيَءَ نه صَلاحَ[202]،
ڪاٽي رَکُ ڪُلاهه[203]،
وِجُهه اُڇلي آڳ ۾.
7
جي ڪُلاهَه رَکين ڪَنڌَ تي، ته صوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِهَه[204]
وَٽِي هَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
هَنڌُ تَنِين جو هيءُ، جَنِ حاصُلُ ڪِيو حالَ[205]
کي.
8
جُسي[206]
۾ جَبّارَ[207]
جو خَفِي[208]
خِيمُون کوڙِ،
جَلّي[209]
تون زَبانَ سين، چار ئي پَهرَ چورِ[210]،
جڪرَ سين فُرقانَ[211]
۾، اِسمُ اَعظمُ[212]
ڏورِ،
ٻِيا دَرَ وَڃِي مَ وؤڙِ[213]،
اِيُ اَمُلُ[214]
اِئائِين[215]
سَپَجي[216].
9
عالَمُ آئُونءَ[217]
ساڻُ، ڀريو ٿو ڀيرَ ڪري[218]،
پاڻَ[219]
نه آهي ڄاڻَ[220]،
مانڊِيءَ[221]
مَنڊُ[222]
پَکيڙِيو.
10
طالِبُ ڪَثَرَ[223]
سُونهن سَرُ[224]*،
اَندرِ رُوميءَ[225]
راءِ،
ماڙُهو[226]
اِتِ ڪِياءِ[227]،
مَنڊُ نه پَسين مَنڊِيو!
11
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيَءَ رومِيءَ جي رُوءِ[228]،
جَنِين ڏِٺِي جُوءِ[229]،
تَنِين ڪُڇيو ڪينِڪي.
12
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، رُومِيءَ چيو آهي،
تاڙِي[230]
جي لاهي، ته مَنجهئين[231]
مُشاهِدو[232]
ٿئي.
13
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءُ رومِيءَ جي رِهاڻِ،
پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻِ[233]،
پَسَڻُ پوءِ پَرِيَنِ کي.
14
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي راحَتَ،
جَنِين ڏِنِي سَتَ[234]،
تَنِين ڪُڇيو ڪِينِڪي.
15
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀڄي دَرُ فِراقَ، ته منجهئين مُشاهدو ٿئي.
16
ظاهر ۾ زاني[235]،
فڪر منجهه فنا ٿيا،
تنين کي تعليم[236]
جي، ڪوڙِهه[237]
اندِر ڪانِي[238]،
حَرَفُ حَقّانِي، دَورُ ڪِيائون[239]
دِلِ ۾.
17
جَنِ کي دور درد جو، سَبَقُ سُورَ[240]
پڙهَنِ،
فِڪرَ ڦَرهِي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالعو ڪَنِ[241]،
پَنو سو پڙهن، جنهن ۾ پَسَنِ پرينءَ کي.
18
سا سِٽَ سارِيائون، الِفُ جنهن جي اَڳَ[242]،
لا مقصُودَ فِي الدّارَين[243]،
اِنَ پَرِ اُتائُون[244]،
سَڳَرُ[245]
سوٺائُون[246]،
ٿِيا رَسِيلا[247]
رَحمانَ سين.
19
ٿِيا رَسِيلا رَحمان سين، سَڳرُ سُونهين[248]
جي،
آئِيون تَنِين کي، واڏايُون[249]
وِصالَ جُون.
20
سا سِٽَ نه سارِين، اَلِفُ جنهن جي اَڳَ ۾،
ناحَقُ نِهارِين، پَنا ٻِيا پرينءَ لَئي.
21
اَکَرَ پَڙهي اَڀاڳِئا[250]،
قاضِي ٿِئين[251]
ڪئِاءُ[252]؟
ڀيرِيين[253]
۽ ڀائيين[254]،
ايڏا[255]،
ايئن نه آءٌ[256].
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇِجِ عَزاِيلَ کي[257].
22
عاشِقُ عَزازِيلُ ٻيا مِڙَئي سَڌَڙِيا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ[258]،
لَعنتِي لالُ ٿِئو[259].
23
وِسَريومِ سَبَقُ، پِهرين سِٽَ نه سَنڀَران[260]،
اَڃا هِيءُ وَرَقُ، هَئي! مُطالِعُ[261]
نه ٿِيو!
24
ڪيو مُطالعُ مون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ[262]
جو،
تنهن ۾ تون هِين تُون، ٻِي لاتِ نه لَحظي[263]
جيتري.
25
جو مون پَڙهيو پاڻ لَئِي، سَابِقُ[264]
جو،
پِهرِين سُڃاتُم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو[265]،
جت عَرِفان[266]
اصلَ ۾[267]،
ٿي رُوحَنِ روزُ ڪيو،
وَرِي وَرَقُ پِيو، گَڏيُمِ وَڍُ[268]
وِصالَ جو*.
26
اَکَرَ ڇُتي[269]
هيڪڙي، ٻَهُون[270]
جي نه ٻُجَهنِ[271]،**
ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي[272]
ڳالهڙي.
27
پَڙِهيو ٿا پَڙَهَنِ، ڪَڙَهَنِ[273]
ڪينَ قُلُوبَ ۾[274]،
پاڻان ڏوهه چَرَهَنِ، جِيَ وَرَقَ وَرائِنِ وِتَرا[275].
28
پَڙهيو پَڙهيجاهُ،[276]
سبقُ اِنهين[277]
سُورَ جو،
مِيمُ[278]
رَکِجاهُ[279]
مَنَ ۾، الِفُ[280]
تنهن اَڳياهُ،[281]
چِتان[282]
چوريجاهُ[283]،
اِها لاتِ لَطيفُ چي.
29
اَکَرُ پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.
30
جيئن جيئن وَرَقَ وَرائيين، تيئن تيئن ڏِٺو ڏوهَه،
تِنهن ڪَهڻيءَ[284]
ڪِبِو ڪوهُ، جي رَهِڻيءَ[285]
رهيو نه سُپرِين.
31
ڪاتِبَ[286]
لکين جيئن، لايو لامُ اَلِفَ سين،
اَسان سَڄَڻُ تيئن، رَهيو آهي رُوحَ ۾[287].
32
ڪو[288]
ٿو ڪاڳرَ[289]
ڪورِيين ويٺو وڃايين مَسُ،
ڏورِ[290]
تِئائِين[291]
ڏسُ، اَکَرَ جِئائِين[292]
جُڙيا.
33
تِهَڙا چالِيها[293]
نه چالِيهَه، جِهَڙو پَسَڻُ پرينءَ جو،
ڪِهَڙي ڪاتِبَ! تون ڪرِيين، مٿي پَنَنِ پِيهَه[294]،
جي وَرَقَ وارين وِيهَه، ته اَکَرُ اُهوئِي هيڪڙو.
34
تَنُ کُڏِي[295]،
مَنُ جُجِرو[296]،
ڪِيمَ چالِيها رَکُ،
ڪُهه[297]
نَه پوڄيو پوڄيين، اَٺَئِي پَهَر اَلَکُ[298]،
تان تون پاڻُ پَرَکُ[299]
سَڀَڪَنهيِن ڏانهن سامهون.
35
سَڀَڪنهين ڏانهن سامهون، ڪو هنڌُ خالِي ناهه،
اَحَد[300]
جي آرَکَ[301]
ٿيا، سي ڪاثِرَ[302]
ڪِبا ڪاهِه[303]،
مُحِبُ مَنجِهِين،[304]
مَنَ ماهِه[305]،
مُون اَڄاڻنِديءَ[306]
اُڄهيو[307].
36
هارائِجِ هِنئيين[308]
۾، اَلِفَ سَندي اوڙَ[309]،
ته ڪِتابَن جِي ڪوڙَ[310]،
مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِئي.
37
ڪوڙيين ڪِتابَن ۾، حرفُ مِڙوئي هيڪُ،
جي تو نَظَرَ نيڪُ، ته بِسمِ اللهِ ئِي بَس ٿئي.
38
اورِيائين[311]
اوڄون ڪَري،[312]
مُنجهايا مُلَنِ،
سي پِرِيَنَئُون[313]
پاسي ٿيا، ڳهه ڳهه[314]
ڳالهيون ڪَنِ،
ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچيو تان نه لَهنِ،
دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُلَنِ جيئن.
39
مُلئين[315]
مُٺي، ماءُ! جنهن پِتو ڦِٽو پيٽَ ۾[316]،
سُڃاڻِي اَللهُ، ٽُٻِي ڏِنائين ڌوڙِ ۾.
40
اَحد، اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
آهي مُستَغَرقُ[317]،
عالَمُ اِنهِيءَ ڳالهه ۾.
|