وائي-1
آهِينِمِ ڳالَهڙِيُون، ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.
جي مان پييُون پرينءَ ري، کوءِ! سي راتَڙِيُون،
ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.
جي مان اورِيُون پرينءَ سين، وَرَ[1]
سي راتِڙِيُون،
ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.
پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون[2]،
ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.
آڌِيءَ، عَبدُاللّطيفُ چي، ڪُهَنِ ڪاتَڙِيُون[3]،
ماءِ! مُرادُون پرينءَ سين.
وائي-2
سَڌين[4]
سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتَ ڦُڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو، پِڙَ[5]
تي سيِئي پُونِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ[6]
رويو رُونِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
وائي-3
توڻي تَڙِيين[7]
تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ[8]
نه ڇَڏِيان!
مون کي سو مُشاهِدو، جي مُنهن نه ڏِئين مون*،
يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!
مون ٻِيا دَرَ گَهڻا نِهاريا، آهِيين تُونِهين تون،
يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!
سر سريراڳ
سر بابت
سريراڳ، ڇهن مول راڳن مان هڪ آهي. ٻيو ڪوبه مول راڳ رسالي ۾
ڪونهي. هن سر کي سراڳ پڻ چوندا آهن. ’سه‘ جي معنيٰ
سٺو. هي راڳ شام جو 4 بجي کان 8 بجي تائين ڳائبو
آهي.
هن سر ۾، اڪثر ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون اختيار ڪيون
ويون آهن. جتي ڊاڪٽر ٽرمپ واريون پڙهڻيون موزون ۽
معنيٰ دار سمجهيون ويون آهن، اتي اتي، اُهي اختيار
ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪي بيت رد ڪيا
آهن، تن مان هيٺيان بيت شاهه جا سمجهي کنيا ويا
آهن:
داستان- 4 ۾ بيت نمبر 8، 2،1،23 ۽ داستان-6 ۾ بيت نمبر 2.
مضمون:
هن سر جو مضمون آهي، سمنڊ جي مسافري ۽ ان جا خطرا. شاهه جيڪي ٽي
سال ڳوٺ ڇڏي گم ٿي ويو هو، تن ۾ جوڳين جي جاٽ سان
هنگلاج جي تيرٿ ڪري، گرنار ڏي ويندي، ڪراچيءَ جي
لاڙ واري حصي جو سير ڪيو هئائين. ڪراچيءَ جو لاڙ
وارو ڀاڱو، واپار سبب هاڪارو هو، تنهنڪري اتي جي
وڻجارن جو حقيقتون ٻڌائي ٿو ته هو ڪهڙا ڏيساور
ڏوريندا هئا ۽ هڪهڙو ڪهڙو واپار ڪندا هئا. هولونگن
۾ ايلاچن (ڦوٽن) جو واپار ڪندا هئا، عميق مان سپون
سوجهي ڪڍندا هئا؛ واپار سانگي بنگال ڏانهن ويندا
هئا؛ وغيره وغيره.
روحاني راز:
شاه، هن سر ۾، نه رڳو چشم ديد واقعات، تاريخي احوال، وڻجارن جي
جذباتن ۽ امنگن جا بيان ڏنا آهن، پر هڪ وڏي تمثيل
به رٿي آهي: ناکئن کي سفر تي اُسهڻ کان اڳي،
ٻيڙيون ڌوئي صاف ڪندي ڏسي، انساني جسم کي ٻيڙيءَ
سان مثابهت ڏيئي، نصيحت ٿو ڪري ته جيڪو سالڪ
روحاني سفر لاءِ سنبري، تنهن کي گهرجي ته ٻيڙي
ڌوئي، سڙهه ساڄا ڪري، لاجو نوان ٻڌي ۽ سفر جو
سامان سنڀائي، پوءِ روانو ٿئي. مولانا رومي پڻ اها
ساڳي نصيحت ڪئي آهي، ”چي- ’ڪثرت‘ (موجودات) مان
’وحدت‘ (حقاڻي ذات) جو عڪس دل جي آئيني دل جي
آئيني تي حاصل نٿو ڪرين، تنهن جو ڪارڻ هي آهي، جو
مٿس لٽ چڙهي ويئي آهي، وڃي اها لٽ لاهه، ته حقاني
سج جو پرتوو توتي پوي.“
رڳو سينو صاف ڪرڻ، ڪافي ڪين آهي. جيسين ڪنهن ڪامل ڪشتيبان
(مرشد) جي دامن نه وٺبي، تيسين دنيا، جنهن کي
سٽاڻي سمنڊ سان تشبيه ٿو ڏئي، انهيءَ جي ٺهرن ۽
لوڏن مان لنگهي پار پئي ڪونه سگهبو. ناکئا جيئن وچ
سير ۾، معلوم هوندي نه، ڪنبندا ۽ خبردار رهندا
آهن، تيئن سالڪ کي به ڪنبي وڌڻ گهرجي ۽ هرگز غافل
نه رهڻ گهرجي. سالڪ کي، غواصن وانگر، پنهنجي دل جي
درياهه ۾ ٽٻيون هڻي، من جي مهراڻ مان بي بها لعل
لوچي آڻڻ گهرجن، جيئن سندن ٻئي جهان موچارا ٿين.
مطلب ته، هيءُ بي بقا سنسار هڪ سمنڊ آهي، جنهن تي
سفر ڪندي، خوفن ۽ خطرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽
شيطان جي ڪَنُ ۾ ڪرڻ جو انديشو پڻ آهي، تنهن ڪري
رهبر ۽ رسد جو نهايت ضرور آهي.
ڪامل مرشد وٺڻ لا مولانا رومي پڻ فرمايو آهي:
”رو بجو يار- خدائي را تو زورد
چون چنا کردي، خدا يار- تو بود.“
مولانا روم جي مثنويءَ ۾، جيڪو مرشد لا تاڪيد ٿيل آهي، رسالي ۾
تنهن جو پڙاڏو آهي. مشنوي، توڻي شاهه جي رسالي ۾،
دولابي فقيرن ۽ مڪار پيرن، بدعتي صوفين کي رهنما
بنائڻ جي مراد اصل ڪين آهي. مرشد مان مراد آهي آن
حضرت محمد ﷺ جن، جنهن لاءِ روميءَ فرمايو آهي:
”چه غم ديوار امت را که باشد چون تو پشتي بان؟“
سُر سِرِيراگ
دستان پهريون
1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان
[9] لاهِه مَ چُرَ
[10] ،
اَنِين
[11] جا اَمُرَ، کَڻُ
[12] ته خالِي نه
ٿِييِن.
2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاهِه،
پِرِيُنِ اَڳِيان پاءِ، پَلؤ مَڱڻَهارَ جيئن
[13] .
3
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رَکِجِ چيتُ
[14] ،
سِڙُهه ڌُئاري صافُ ڪَرِ، صابُڻَ سان سُپيتُ
[15] ،
سامُونڊِي سُچيتُ
[16]، ٿيءُ ته
پَهُچين پارَ
[17] کي.
4
مان پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ
[18]،
ڪَڍِجِ ڪائِي ڪَچَ
[19] کي، ڪُوڙُ مَ
ڪَمائيجِ،
وَڻِج وِهائِيجِ
[20] سَڀُ سوداگَرَ
سَچَ جو.
5
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِه مَ چورُ
[21] ،
ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ
[22]،
هُنَ ڀَرِ
[23] سَندو هورُ
[24]، مَٿان تو
مَعافُ ٿِئي.
6
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتاريجِ چِتُ،
دائِما دُوربِيءَ
[25] ۾، پَسين
وِلاتُنِ وِتُ
[26] ،
نيـٖـهَه
[27] بيکاري
[28] نِتُ، ملاحَ!
گَڏِ مُعلِمَ
[29] سين
[30].
7
ڪائو ڪَمايومِ، مُوتِي مون نَه وَڻِجيا،
سِيهي
[31] جو سَيّدُ چي،
وَکَرُ وِهايومِ
[32] .
هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَه
[33] تُنهِنجيَ
اُبَهان
[34] .
8
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ
[35] اَللهَ جا،
پِڃِرو
[36] جو پاپَنِ جو،
چوٽِيءَ تائين چُورُ
[37] ،
معلومُ اَٿيـٖـئِي مُورُ
[38] ، ڳُوڙها
[39]، اِنِهينءَ
[40] ڳالهه جو.
9
ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اَللهَ سين،
ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ
[41] ! ٻارجِ مَچُ،
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِييـٖـئي سَڦَرو
[42] .
10
سَودو اِهوئِي سَڦَرو، سو مُون پَلَءِ
[43] پاءِ،
وَسُ ويچاري ناهِه ڪو، تون آگا
[44] ! عَرضُ اُناءِ،
[45]
رِيءَ همراهِي
[46] هادِيءَ جي،
مُورِ نه مڙي ماءِ
[47] ،
لُطفَ ساڻ لَنگهاءِ، لاهرو
[48] لهِرِنِ وِچَ
مان.
11
لُڙَ
[49] لهرِيُون، لَسَ
[50]، ليٽَ
[51]، جِتي اَتُ
[52] نه آبَ جو،
اَللهَ! اُتِ مَ اولِييـٖـن
[53] ، ٻيڙا مَٿي
ٻيٽَ،
جوکوِ ٿئـٖـي مَ جَهازَ کي، ڦَرَ هي اَچي مَ ڦيٽَ
[54]،
لَڳي ڪا مَ لپيٽَ
[55] ، هِنَ غارِيبي
[56] غُرابَ
[57] کي.
12
سِڙَهَه سَوان،
[58] لاڄُو
[59] نَوان، اولا
[60] سَندَنِ عاجَ،
[61]
ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگَ
[62]ي رهنما بنائڻ جي
مراد اصل ڪين آهي. جي ڪَنُ ۾ ڪرڻ جو انديشو پڻ
آهي، تنهن ڪري رهبر ۽ رسد جو نهايت ضرور آ ا ،
.. ........................... تُن ت ، لاڄ
جَهاجَ
[63] ،
حاصلُ ڪَرِييـٖـن حاجَ
[64] ، واحِدَ!
وَڻِجارَنِ جِي.
13
سِڙَهَه سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ هليا، ٿيا سَڻاوا سِيرَ
[65] ،
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪيرَ
[66] ، سي ٻيڙا رَکين
ٻاجَهه سين.
وائي - 1
سَهسين
[67] شُڪِرانا،
ڪوڙِييـٖـن
[68] ڀالَ ڪَرِيمَ
جا.
حمدُ چَئجِ حَڪِيمَ کي، جورِ
[69] هَڻِي جان،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا
[70] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
مَتان، مَردَ وِسارِييـٖـن، صاحِبَ جِي ثَنا
[71] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهُه لالَنُ لِسانا
[72]
[73] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
جَفا ڏيئِي جِيءَ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهه فَنا،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
تُسِي
[74] تو سين توهُه
[75] ڪَري، مَنَ آگو
[76] اِحسانا
[77]،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سين، ٻانها!
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
صاحِبَ وَڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانَهُه،
[78] ديوانا!
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
جي تَسليمَ سين تحِقيقُ هُئا
[79] ، سي ڪيئن
اَمانا
[80] ؟
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
جا ڳِيا جي جَبارَ
[81] لئي
[82]، سيـٖـئِي
سَمانا
[83] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
فَاذ کُرُونِيُ اَذُکُر کُمُ
[84]، ڪَهِيو
[85] قُرآنا،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
وَاشکُرُوا لِي وَلاَ تَکُفُروۡن
[86]، ڪَڍُ تون
ڪُفرانا
[87] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
سَڀِ سَنوارِيا
[88] سُپِرِينءَ،
ڪُوَلَ
[89] تو ڪَنا
[90] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
چَڱِي چَئِجِ چاهَ سين، مَدحَ اِيءَ مَنا
[91] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
تائِيبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشا
[92] ، جُوانا،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
ته لَهين تُون لَطِيفُ
[93] کان، اَمُنُ
اِيمانا
[94] ،
ڪوڙِييـٖـن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.معلو ،
وائي - 2
مون ۾ تُون موجُود، آئون اَڳاهِين
[95] آهِيان
[96] ،
آئُون اَسُونِهين
[97] آهِيان.
اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ
[98] ،
آئُون اَڳاهِين آهِيان.
آئُون اَسُوِنهِين آهِيان.
تيلانهن
[99] رَسِيُون بُودَ
[100] کي، جيلانهن
[101] ٿِيُون نابوُدُ
[102]،
آئُون اَڳاهِين آهِيان.
آئُون اَسوِنهين آهِيان.
ماڻُهن جي موٽَڻَ
[103] جو، صاحِبَ
هَٿِ سُجُود
[104] ،
آئُون اَڳاهِين آهِيان.
آئُون اَسوِنهين آهِيان.
اِنَ دَرِ سيئي اِگِهيا
[105]، جَنِ وِڃايو
وُجُودُ،
آئُون اَڳاهِين آهِيان.
آئُون اَسوِنهين آهِيان.
داستان ٻيو
1
جيڪِي مَنجِهه جَهانَ، سو تارِيءَ
[106] تَڳي تُنهنجي،
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،
عَدُلَ ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
2
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،
اُنِ جِي، عبداللطيفُ چي، مِٽِيءَ
[107] لَڌو مانُ،
ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، آڳَهِه
[108] اَچِيو اُنِ
جي.
3
سيوا
[109] ڪَرِ سَمونُڊَ
[110] جِي
[111] ، جِتِ جَرُ
وَهي ٿو جالَ
[112] ،
سَئين
[113] وَهَنِ سِيرَ
۾، ماڻِڪَ، موتِي لالَ،
جي ماسو جُڙيَـٖـئِي مالَ، ته پُوڄارا ! پُرِ ٿِييـٖـن.
4
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سَمُنڊَ سيوِيو
[114] جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي
[115] جَواهَرنِ،
لَڌائُون لَطيفُ چي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قيمَتَ تَنِ، مُلُهه
[116] مَهانگو اُنِ
جو.
5
سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرَ نه وِڙهي تَنِ سين،
توبَهَه جي تاثِيرَ سين، تَرِي وِيا طُوفانُ،
ڏيئِي تَوَڪّلَ تَوَڪّلَ تَڪِيو
[117]، آرُ
[118] لَنگِهيا
آسانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ
[119] وِچَ ۾
گَڏِيُنِ واهَرُو.
6
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سَودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ٻانهَپَ ڀَري ٻيڙِيُون، هَلِيا جوپَ
[120] جُوانَ،
پاڻِي پَهِلِوانَ، لَحظي
[121] مَنجِهه
لَنگهي وِيا.
7
ٻانهَپَ جو ٻيڙيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرفتَ جا، سَچا سودِيائُون
[122] ،
اَلتّائِبُ مِنَ الذّنب
[123] اِيءَ
[124] کَٽِ
[125] کَٽِيائُون،
اُنِين
[126] جِيءَ آئُون،
بَرڪَتَ بارُ
[127] لَنگهائِيان!
8
جَنِين سَودي
[128] سَچَ جو،
وَکَرُ وِهايو،
بَخِرو
[129] لَهُمُ
البُشريٰ
[130] جو، اُنِين
[131] لئي آيو
[132] ،
اُنِ کي لالَنَ لَنگهايو، ساندارو
[133] سَمُونڊَ جو.
9
اِيءَ گَتِ
[134] غَوّاصَنِ
[135] ، جيئن سَمنڊُ
سوجِهيائُون
[136] ،
پيهِي مَنجِهه پاتارَ جـٖـي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، هِيرو لالُ هَٿَنِ سين.
10
آڇارا
[137] عَمِيقَ جا،
گَڏِيا غَواصَنِ،
جَهرِيُون
[138] جهاڳي آئِيا،
ڪارُونڀارَ
[139] ڪَنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهـٖـي جَنِ، آڻي اَمُلَ
[140] اولِيا
[141] .
11
وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو
[142] ڏيئِي،
[143]
تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُن سين.
12
آڏو چِڪَڻُ
[144] چاڙُ
[145] ، منهنجي موجَ
نه سَهي مَڪُڙِي
[146] ،
ميڙي مَٺايُنِ
[147] جو، بيحد
چاڙهِيُم بارُ،
چَوَڻُ چارو ناهِه ڪو، بَديُون بي شُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِييـٖـن اِحسانَ سين.
13
ويرمَ
[148] لاهي ويـٖـهُه،
[149]
[150] مَٿي آرَ
[151] اوڙاهَه جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو ايـٖـهُه
[152] ،
وِيندو نه پَسين ڏيـٖـهُه
[153] ، پَتَڻِ هُنَ
پارِ مَڻِي
[154] ؟
[155]
14
اَٺَئِي پَهَر اوڙاهَه تي، مُنجِهه گُهرِءِ
[156] گهاريٖ،
وَسُ نه ويچاريٖ، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي
[157] مَڪُڙِي.
15
هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي
[158] هِنَ درياهَه
مان، هَلائي هاڪاري،
تَرازو
[159] تاري، سُتَڙِي
[160] سَڀيئي ڪَري.
16
هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي سِٽـٖـي
[161] صاحِبُ،
ڪَڍي اُونهي ڪُن، مان اِي آگي
[162] جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جيئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ
[163] مان.
17
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اَللهُ،
پاڻهي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهي اُڪاري اوڙاهُ،
تنهن واحدَ کي واهُه، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.
18
هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي جا اَللهُ ڪري،
پاڻهي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهي ڪَنڌِيَ نـٖـي
[164] ،
سُتَڙِ سي ڍوئـٖـي
[165]، جي تَڙَ
تَوائِي مَڪُرا.
[166]
19
هِڪِي ٻانهـٖـي چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،
ڪَڍيٖ اُنهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو آڌارُ،
جَهاز جوهَرِيَنِ جو، تنهن کي ڀَؤُ
[167] نه ڏِئـٖـي
ڀَتارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُرا، سَڀِ پَسَندا پارُ،
جيڏانهن مُنهن مَدِيني جو، سُڄي
[168] مُحمّدُ موچارُ
[169]،
سٻاجهو سَتارُ
[170] سُتَڙِ سَڀيئِي
ڪَري.
وائي
ڪَنڌِي سارِيان
[171] ڪانَه، يا
اَمُنُ اَمانَ،
يا اِلاهي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي
[172] ڀانئيان
[173]ئ
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، اَپَرِ ٿِيا عِصيانَ،
[174]
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
خَبَرَ ناهه قَبَرَ جِي، نِسورا نِسيانَ
[175]،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
والِي! رَسِجَ وَهِلو
[176]، اَرَکِ
[177] ٿِيا اِنسانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين! نَعرو
[178] ، نِگَهبانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
مَدِيُون
[179] پَسِي
منهنجيون، شَرِمايا شيطانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيءِ هَيءِ ڪَنِ حَيوانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
سائِين سُکاڻِي
[180] آهِييـٖـن،
سامُونڊِيَ
[181] ، سُبحانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
تُرَهو
[182] ڇِنُمِ تارِ ۾،
رَسِجِ تُون رَحمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
ٻيـٖـلِي
[183] جو ٻُڏَنِ جو،
مون تي موٽي مانَ
[184] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَرِ ڀيرو
[185] مَٿي ڀانَ
[186] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
خالِقَ تان خُوبُ ڪِيا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
آئون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ
[187] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
سَڀِ سُؤالِي سَمَگِيا
[188] ، داتا ڏيئِي
دانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
وِلها
[189] سڀ وهيان
[190] ڪِيا تنهنجي
جُودَ
[191] جُوانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
مَتان مُونکي ڇَڏِيين، ٻِيلي
[192] سندا ٻانَ
[193] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
وِيرَ
[194] وَسِيلو
آهِييـٖـن، داڙو
[195] ۾ دِيوانَ
[196] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
لاءِ ڏوهارِيَنِ ڏينهن کي
[197]، خِيمو اَڏيو
خانَ
[198] ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
اُتي عبداللطيفُ چي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجَهه ٻِلاٽِي ڀانئيان.
داستان ٽيون
1
کُوها
[199] ڪالهه کَڻِي،
اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري،
اَلا! جُهري مَ اُنِ جي، اولي
[200] جِي اَڻِي
[201] ،
وَڻِجارَنِ وَڻِي
[202]، وَکَرُ وِڌو
ٻيڙِييـٖـن.
2
وَکَرُ سو وِهاءِ
[203]، جو پَئِي
پُراڻُو نه ٿِيي،
ويچِيندي
[204] وِلاتَ ۾، ذَرو
ٿِيي نه ضاءِ
[205] ،
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، هَلاءِ، آڳَهِه
[206] جنهن جي
اُبهَين
[207] .
3
اورِيائِين، ميڙِيو مُعلِمَ خَبَرُون،
سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جِتي وَهُ ويڌُ
[208] ڪَري.
4
ٻيڙِي تُنهنجِي ٻاجَهه، وَکَرُ تنهن وِصالَ جو،
کُوها، اولا، تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ
[209] ،
اُتِ ڪا مُعِلم
[210] حاج
[211] ، جِتِ پورَڻَ
وارو
[212] پاڻهين؟
[213].
[214]
5
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو
[215] ،
تَري ۾ تُنَ
[216] پِيا،
پاسَنِئُون پاڻِي،
هِيءَ، هَڏِ وِهاڻِي! ڪَڙهُه
[217] ڪالُهوڻي ڏينهن
[218] کي.
6
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،
کُوهو جُهرِ جُهنُو
[219] ٿِيو، لاڄُو
[220] سَڀِ لَڙِياسِ،
جيلانهن سَڌَرُ
[221] سُکاڻِياسِ
[222] ، وَهي تي
[223] وَهَه سامُهُون
[224] .
7
ويٺو تُنَ تُنِينسِ
[225] ، مُکِ
[226] ڏيِهاڻِي
[227] مَڪڙي،
سَنباهي سَيّدُ چي، مَٿي نيڍُوءَ
[228] نِينسِ،
وَٽائـٖـي وَڏاندَرا
[229] ، لاڄُو
لَڳائِينسِ،
آخَرِ اُهِرائِينسِ
[230]، ته جوکو
ٿِئـٖـي نه جهازَ کي.
8
تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪڙي،
سانباهِي
[231] سَمُونڊَ جِي،
مَنا
[232] مُورِ مَ
لاهِه،
اَڄ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندِي
[233] اَتانگَ
[234] تَڙيـٖـن.
9
اَچِي سو ڏِنوءِ، جو ڪَپَرُ سُئوءِ
[235] ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪِ، لَديفُ چي، يادِ نه ذَرو ڪِيوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ
[236] کي، اوڙَهَه
[237] تي آندوءِ،
سو ڇِتَرُ
[238] ڇوهـٖـي
[239] کان رَکين
[240] جو پِيو
پُراڻُو پوءِ
[241]،
جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِيَ ۾ پَرِتوءِ
[242] !
سَيّدَ
[243] ساٿُ
[244] سَندوءِ،
پُرِبَندَرَ
[245] پَهُچائِييـٖـن
!
10
جوتو
[246] وانءُ
[247] جِهازَ ! گَڏيو
غُرابَنِ سين،
پُورِيندي
[248] هُنَ پارَ ڏي،
سَڌَرَ
[249] کَڻِج سازَ،
اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي
[250]، سَمُونڊَ جا.
11
دَنگي
[251] وِچِ دَرياهَه،
ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي
[252] ،
هُو جي واڍي واڻِيا
[253] ، سي سُونهَڻَ
[254] سَڀ سَڙِيا،
مُعلِمَ ماڳِ نه اَڳِيين، ڦِلِنگِي
[255] مَنجِهه ڦِرِيا
[256] ،
مَلاحَ! تُنهِنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙهيا،
جِتي ڍِينگَ
[257] ڍَرِيا
[258]، تِتي تارِي
[259] تنهنجي!
12
دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهه وَکَرَ جا،
وِيرِ وِڙَهندِيهءِ، ويسَرا
[260] ! وِهُه
[261] مَ، ويڳاڻا
[262] !
هِيءَ نِنڊُ، نه ڄاڻان، ڪَڏِهن هَڻَندِيهءِ، تارَ
[263] ۾.
13
وَکَرُ، وَڻِجارا! پاڻَ
[264] پَرايو
چاڙِهيو،
اَچِي لَهِرِيُون لَڳُيون ٻيڙيءَ ٻِپارا
[265] ،
جاڳو جي، يارا، ته تَڙِ تَوائِي نه ٿئـٖـي.
14
ٻيڙِياتا
[266] ! ٻيئي، تو نه
ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيون
[267]،
سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، ڀَرُ
[268] سُکاڻُ ڏيئي،
صُباح سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
15
وَهَه تِکَ
[269] وَهَڪُرا، جِتِ
ننگَرَ
[270] نَه ٺَهِرَنِ،
وڏاندَريُون
[271] وَهَه
سامُهِيُون
[272] جَجهي زورِ
جُنَبنِ
[273] ،
نيڍُوءَ
[274] ۾ ناتارِيُون
[275] ، وَڻِجارا
وِجَهنِ،
مُلا
[276] مُعلِمَنِ، مون
ڳَرِي
[277] سُئِي
[278] ڳالَهڙِي.
16
وڻِجارا ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ
[279] ري
[280] ،
مَکِ پنهنجي مَڪُري، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِيَنِ
[281] جا، سَمُنڊُ ٿو
سيڪي،
جي لُنڊا
[282] ۾ ليکي
[283] ، وِيرِ
وِڙَهندِي تَنِ سين.
17
ناکُئو
[284] نِگَهبانُ،
مُعِلمَ مُنجي خَبَرُون
[285] ،
جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطيفَ ساڻُ لطيفُ چي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،
سَنڀاري
[286] سُبحانُ، وَڃي
عادَنِئُون
[287] اُکَتَا
[288] .
18
بَندَرِ جان
[289] ڀَئِي
[290] ، ته سُکاڻِيا
! مَ سُمَهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري جِيئن ماٽي مَنجِهه مَهِي،
ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي، ناکُئا!
19
سُتا سَڀِ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسَري،
آئِين
[291] پُڻِ سُمهو،
ناکُئا! بَندَرِ ناهِه ڀَئِي
[292] ،
جَنِ جِي سَيّدَ
[293] لَڄَ کَنئِي،
سي سَڀِ لَنگِهيندا لَڪِيُون.
|