سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :5

17. ينگ سٽيزنس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1920ع ۾ هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي، جنهن جو باني ليلارام ماکيجاڻي هو. هن منڊليءَ ليکڪ ليلارام ماکيجاڻي جا جيڪي ناٽڪ پيش ڪيا سي هئا: دو رنگ دنيا، پريمي پتنگ، بيوفا قاتل، ڪشور موهي، ڪلجڳ جا ڪلور ۽ ليلاوتي. ساڳي ريت هڪ ٻئي ليکڪ آوتراءِ ٺاڪرداس جو ’قهري قهر مان‘ ناٽڪ پڻ هن منڊلي پيش ڪيو هو. هن منڊلي جا اداڪار هروڀرو گلا ڦاڙي ڇاتيون ٺوڪي اداڪاري جو مظاهرو ڪندا هئا، جيڪو نهايت مصنوعي انداز پيو ڀائنبو هو.


 

6

سنڌي ناٽڪ جو ٻيون دور

 

پهرين مهاڀاري لڙائي لڳڻ سبب، ملڪي معاشي توڙي سماجي حالتون بگڙڻ لڳيون ۽ انيڪ مسئلا پيدا ٿي پيا، جن ۾ شهري رهڻي ڪهڻي ۽ جتي ڏيتي ليتي، ڪارخانيدار ۽ مزدور وانگر ٻهراڙيءَ ۾ وري زميندار ۽ هاري وچ ۾ طبقاتي ڪشمڪش جهڙا زندگي جا حقيقي مسئلا خاص اهميت سان عوام جو چوٻول بنجي، سنڌي ادب ۾ جاءِ ولارڻ لڳا، ته اهي سڌي طرح سنڌي ناٽڪ ۾ به اچڻ لڳا، جنهنڪري سنڌي ناٽڪ حقيقت نگاري جي دور ۾ داخل ٿي ويو.

انهي کان سواءِ پهرئين دور جي ناٽڪن ۾ جيئن انسان جو تقدير يا قسمت تي ڀاڙڻ جي موضوع کي سنواريو ٿي ويو، تيئن ٻئي دور جي ناٽڪن ۾ وري انهي جي برعڪس اهو ڏيکاريو ٿي ويو ته قسمت انسان جي پنهنجي ڪرڻي جو نتيجو آهي، جنهنڪري اهو نظريو پروان ٿيڻ لڳو ته انسان سعيي، ڪوشش ۽ تدبير سان پنهنجي تقدير ٺاهي سگهي ٿو.

هن دور ۾ ترجمن ۽ ماخوذ ناٽڪن کان وڌيڪ اصلي ۽ حقيت نگاري وارا ناٽڪ رچايا ويا. حقيقت نگاري وارا ناٽڪ رچائڻ واري اها هام سڀني کان پهرين خانچند درياڻي هنئي هئي، جنهن سڀ کان پهرين ڏيتي ليتي جهڙي سماجي روڳ کي نندڻ جي موضوع تي ٻه اصلي ناٽڪ ’گلاب جو گل‘ ۽ ’موتئي جي مکڙي‘ لکيا، جيڪي ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي اسٽيج تي پيش ڪيا.

ساڳي وقت ٻئين دؤر ۾ وڏن ناٽڪن جي ڀيٽ ۾ ننڍا ناٽڪ يعني هڪ ائڪٽ وارا ڊراما پڻ گهڻا لکيا ويا هئا. انهيءَ جو خاص سبب اهوئي ٿي ڀانئيو ويو ته ٿوري وقت ۾ تيز رفتار (Fast Tempo) سان ناٽڪ ائين رچايو وڃي ته جيئن ڏسندڙن جو معاشي ۽ سماجي مسئلن طرف ڌيان ڇڪيل رهي. ان سان گڏوگڏ ليکڪن ۾ اهو پڻ رجحان پيدا ٿيل هو ته پنهنجن ننڍن ناٽڪن کي نه رڳو اسٽيج تي رچايو وڃي، بلڪ انهن جا مجموعا ڇپرائي پڙهندڙن ۾ ناٽڪ جي فن بابت وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو وڃي.

جيئن پهرين دور ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي ڊرامي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ معياري ۽گهڻا ناٽڪ لکي کيرون لهڻيون، تيئن ٻئي دور ۾ وري خانچند درياڻي حقيقت نگاري وارا اصلوڪا ۽ گهڻا وڏا ناٽڪ ۽ منگهارام ملڪاڻي ننڍا ناٽڪ لکي، جهجهي جَسَ جا لائق رهيا. هن دور ۾ به علمي شخصيتن ۽ برک اديبن جي سنڌي ڊرامي جي ترقي لاءِ ڪوشان رهڻ ڪري ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون ۽ لٽرري سوسائٽيون قائم ٿيون. هتي اها هڪ خاص ڳالهه به نهايت ساراهه جوڳي آهي، ته تنهن وقت جي شاگرد پيڙهي به هن فن جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ چڱو موکيو هو، جنهن ڪري انهي دور ۾ تعليمي ادارن ۾ گهڻيون ڊرئيميٽڪ سوسائٽيون برپا ٿيون هيون. سنڌي ناٽڪ جو هي دور برصغير جي ورهاڱي واري دور تائين ليکيو وڃي ٿو.


ناٽڪ منڊليون

 

1. نانڪرام ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد:

1921ع ڌاري حيدرآباد ايميچوئرس ڊرئيميٽڪ سوسائٽيءَ جي مکيه ليکڪ نانڪرام ڌرمداس علحدگي اختيار ڪري، پنهنجي الڳ ناٽڪ منڊلي قائم ڪئي، جنهن جي سهاري هيٺ ستي ساوتري پريم جي پتلي ۽ ليلا تي ناٽڪ پيش ٿيا. هنن ڊرامن ۾ فتحچند بجاسنگھ ۽ ديال ڪرپالاڻي مکيه اداڪار هئا.

 

2. سوشل سروس ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي:

1922ع ۾ ڪراچي جي باشعور باشندن پهريائين هڪ سماجي جماعت ’سوشل سروس ليگ‘ جي نالي سان قائم ڪئي، جنهن جي سهاري هيٺ پوءِ اڳتي هلي هيءَ ڊريميٽڪ سوسائٽي ٺاهي، جنهن جو سيڪريٽري چين راءِ قيمتراءِ هوندو هو. هن سوسائٽي ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ سماجي موضوعن تي ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا.

 

3. رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئيمٽڪ ڪلب، حيدرآباد ۽ ڪراچي:

1923ع ۾ هي ناٽڪ منڊلي خانچند درياڻيءَ جي بانيڪاري هيٺ هيرانند آڏواڻي، لعلچند امرڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام، ڏيئلمل لعلواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي جي سرجوشي سان وجود ۾ آئي، جنهن جو مهورت حيدرآباد ۾ مهاڪوي رابندر ناٿ ٽئگور پاڻ ڪيو هو. هن منڊلي جي حيدرآباد شاخ وارا ڪائونسلر هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي ۽ پوءِ رامچند تخترام هئا ۽ مولچند ليلارام سنگ ۽ وليرام آئلمل هئا جڏهن ته ڪراچي شاخ جا ڪائونسلر خانچند درياڻي ۽ ڀڳوان رامچنداڻي هئا ۽ بعد ۾ چانڊومل واڌواڻي ۽ پهلاجسنگ آڏواڻي ٿيا. ڪلب جو مکيه ليکڪ خانچند درياڻي هو جنهن کي انهي دور جو حقيقت نگاري واري ناٽڪ ( Realistic Drama) جو پايو وجهندڙ ڪوٺيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو.

هن منڊلي جو پهريون بهترين ناٽڪ ’ملڪ جا مدبر‘ جيڪو ابسن(Ibsen) جي مشهور ناٽڪ Pillars of Society تان وٺي خانچند درياڻي سنڌ مسلم زندگيءَ ۾ بيهاريو هو. هي ناٽڪ حيدرآباد توڙي ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي راتيون ڪاميابي سان ڪري ڏيکاريو ويو هو. درياڻيءَ جا ٻيا مشهور ناٽڪ جيڪي هن ناٽڪ منڊلي پيش ڪيا سي هئا: غلط فهمي، عجيب انصاف ۽ ديش صدقي. اهڙي ريت هن ڪلب خانچند درياڻي جا ٻيا جيڪي اصلوڪا ناٽڪ پيش ڪيا سي هئا: رتنا، ٻليدان، زماني جي لهر مايا جو انڌ، بک جو شڪار ۽ امانت ۾ خيانت. هن ڪلب جو ٻيون معروف ناٽڪ نويس منگهارام ملڪاڻي هو، جنهن جا مشهور ريل وڏا ناٽڪ چار هئا جهڙوڪ: قسمت، ايڪتا جو آلاپ، کن جي خطا ۽ انارڪلي. ان کان سواءِ ساڳئي ليکڪ جا ٻه ننڍا ناٽڪ اولاد ۽ ليڊيز ڪلب به هن منڊليءَ پيش ڪيا هئا. هن منڊليءَ لاءِ لعلچند امرڏنومل پڻ ’عمر مارئي‘ ناٽڪ لکيو جيڪو 1925ع ۾ ڏهه ٻارهن راتيون ڏيکاريو ويو هو. ساڳيو ناٽڪ وري  1929ع ۾ آل انڊيا خواتين ڪانفرنس جي موقعي تي ’ٿياسافيڪل هال‘ ڪراچي ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ موسيقي جو هدايتڪار، برک سنگيت جو ماهر احمد غلام علي چاڳلا هو. ساڳيءَ ريت لعلچند امرڏنو مل جو ٻه ٻيون قلمي ڪاوشون، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار ناٽڪ به هن ڪلب پيش ڪيا هئا. ان کان سواءِ هن ڪلب لاءِ احمد غلام علي چاڳلا ’خوني‘ ۽ آغا غلام نبي ’دنيا دورنگي‘ ناٽڪ لکيا هئا.

هن ڊرئيميٽڪ ڪلب جا مشهور هدايتڪار ڏيئلمل لعلواڻي وڪيل، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي، اسٽيج جو ماهر خانچند درياڻي سنگيتڪار وليرام آئلمل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چنديرام جيرامداس ۽ احمد غلام علي چاڳلا هئا. اداڪارن ۾ هي پهرين ڊراما ڪلب هئي جنهن ۾ سنڌي ڇوڪريون به ناٽڪن ۾ رول ادا ڪنديون هيون، جن جا نالا هئا: ڪماري نئن ميرچنداڻي، ڪماري پدمي اچلسنگ، وملا واسواڻي، تيرٿ، هري ۽ گوپي سپاهيملاڻي (ٽييئ ڀينرون) مئنارامچند، موهني گل، ليلا گنگارام، وديا مکي ۽ پدما مکي. جڏهن ته ڪلب جا مکيه اداڪار هئا منگهارام ملڪاڻي، ڏيئلمل لعلواڻي وڪيل، ڪشو ڀاوناڻي همايون بيگ (مرزا قليچ بيگ جو فرزند) ولي رام آئلمل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چندن ميرچنداڻي، سهجو واڌواڻي، عالم گدواڻي، گاگن مورجاڻي، رام هيرا، خانچند درياڻي، روپچند ڪرپالاڻي، ڄيٺمل ليلارامسنگ، قيمت واسواڻي، جهمٽ ڀاوناڻي، وليرام گلراجاڻي، مولچند لعلواني، منگل رامچنداڻي، هيرو ميرچنداڻي، گنگارام قيمتراءِ، رامچند واسواڻي وڪيل، ڀُڏو آڏواڻي، ديال ڪرپالاڻي، نارائڻ شوڌاساڻي، آتولعلواڻي، ڌرمداس ماڻڪ، فتحچند بجاسنگ، گوپ ڪملاڻي (مشهور انڊين فلمي مسخرو)، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، ڀون گدواڻي، موتي جڳتياڻي، چتر اُتمسنگ ۽ عزيز.

 

4. سنڌ سوشل لٽرري ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد:

1922ع ڌاري هندو اڪيڊمي پاران برپا ٿيل هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ پنهنجي سالياني جلسي واري موقعي تي هڪ مشهور ڊرامو پيش ڪيو، جنهن جي آمدني کي ائڪيڊمي جي ترقي تي خرچ ڪيو ويو. بعد ۾ ڪجهه عرصي تائين هيءَ سوسائٽي هر سال ناٽڪ پيش ڪندي رهي.

 

5. هندو ائڪيڊمي ڊرئميٽڪ سوسائٽي ڪراچي:

1926ع ۾ هي ڊرميٽڪ سوسائٽي ڪراچيءَ جي ’ڀيرومل ٺاڪرداس ڪنياشالا‘ جي منتظمين طرفان قائم ڪئي ويئي هئي. هن ناٽڪ منڊليءَ طرفان پوءِ وقت به وقت مشهور ڊراما پيش ٿيندا رهندا هئا. فنڪارن ٺاهي هئي. هن ڪلب جي رچايل ناٽڪن ۾ به مشهور ڊراما ’قاتل مسافر‘ ۽ ’سسئي پنهون‘ هئا. هن منڊليءَ جا مشهور ليکڪ ليلارام ماکيجاڻي ۽ منگلسنگ رامچنداڻي هئا.

 

8. شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:

1927ع ڌاري شاهاڻي اسڪول طرفان قائم ٿيل هن ناٽڪ منڊلي اسڪول جي سالياني جلسي ۾ ڏيتي ليتي جي موضوع تي ڀيرومل مهرچند جو لکيل ناٽڪ پنگتي ’مقدمو‘ پيش ڪيو، جنهن جو هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي هو. هن ڊرامي ۾ چتر اُتمسنگ بهترين رول ادا ڪيو هو. اهڙي طرح 1935ع جي سالياني جلسي ۾ منگهارام ملڪاڻي پنهنجو لکيل ناٽڪ ’ٽي پارٽي‘ پنهنجي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيو هو جنهن ۾ سڀئي ڪردار ڇوڪرين ادا ڪيا هئا.

 

9. ديسي ناٽڪ ڪمپني، ڪراچي:

1929ع ۾ پنهنجي وقت جي مشهور اداڪار موهن لالاجي هن ناٽڪ منڊل جو پايو وڌو هو، جنهن سڀ کان پهرين خانچند درياڻي جو مشهور ناٽڪ ’عجيب انصاف‘ پيش ڪيو. هن ناٽڪ جو هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي ۽ اداڪار هئا. ڪماري نئن ميرچنداڻي، ڀڳوان رامچنداڻي، گاگنداس مورجاڻي، رام هيرا، خانچند درياڻي، روپچند ڪرپالاڻي، ۽ منگهارام ملڪاڻي.

 

10. شنڪر ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سنسٿا، سکر:

1930ع ۾ برپا ٿيل هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو سرپرست خوشي مولاڻي هو جيڪو پاڻ ئي هن منڊليءَ جو هدايتڪار به هو. هن ڊرئميٽڪ سنسٿا مشهور ليکڪن خانچند درياڻيءَ منگهارام ملڪاڻي، ليلارام ماکيجاڻيءَ جا مقبول ناٽڪ ’بک جو شڪار‘، ميلاپ‘ ۽ ’قاتل مسافر‘ پيش ڪيا هئا.

 

11. ٽلٽي ايميچوئرس سوسائٽي ڪراچي:

1930ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ٽلٽيءَ جي نوجوانن قائم ڪئي، جنهن جو صدر ڊي پي ڪرمچنداڻي ۽ جنرل سيڪريٽري جي جي ڪرمچنداڻي هو. هونئن ته برپا ٿيڻ واري سال کان هر سال هي منڊلي ناٽڪ پيش ڪندي رهندي هئي، جيڪي ڏسندڙن کي وڻندا هئا، پر 1935ع ڌاري هن سوسائٽيءَ جو پيش ڪيل ناٽڪ ’بي بها موتي‘ بيحد مقبول ٿيو جنهن جو ليکڪ نانڪرام، ميرچنداڻي هو.

 

12. حيدرآباد ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد:

1931ع ڌاري هي منڊلي ناٽڪ جي فن سان چاهه رکندڙ حيدرآباد سنڌ جي شهرين ٺاهي، جيڪا عام طور ’حيدرآباد ناٽڪ منڊلي‘ جي نالي سان مشهور ٿي. هن منڊليءَ تنهن وقت جي مشهور سنڌي شاعر ليکراج عزيز جا ناٽڪ جهڙوڪ: ڪمار اجيت سنگ، مسٽر مجنون، هارجيت ۽ غريبان مار رچايا هئا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ مکيه اداڪار هئا: مولچند ليلارام سنگ، آتو لعلواڻي، ۽ ڀُڏو آڏواڻي. هن منڊلي گهڻي عرصي کان پوءِ م. ع ڏيپلائي جا مشهور ناٽڪ نورجهان جو پٽ، سجائي موڙي ۽ ڪانگريس ۽ ايل. ايل ڏوڏيجا جو ’شادي جون ٻيڙيون‘ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا هئا.

 

13. ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي:

1932ع ۾ هيءَ ناٽڪ منڊلي ٽيڪمداس واڌومل ۽ پرمانند واسواڻي جي سرپرستيءَ هيٺ برپا ٿي. هيءَ واحد سنڌي ناٽڪ منڊلي هئي جنهن سنڌ کان سواءِ بمبئي ۾ به سنڌي ڊراما پيش ڪيا هئا. 1933ع ۾ ڪرسمس جي موقعي تي هن سوسائٽي بمبئي ۾ ’مسٽر مجنون‘ ڊرامو پيش ڪيو جنهن ۾ مولچند لعلواڻي، نارائڻ شوداساڻي، قيمت شهاڻي، پرتاب سپاهيملاڻي، آتو لعلواڻي، سهجو لعلواڻي، گوپ ڪملاڻي، تيرٿ واڌواڻي، ۽ ڪشوءَ اداڪاري جا خوب جوهر ڏيکاريا هئا.

 

14. ڪاليج اسٽوڊنٽ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد:

1932ع ڌاري هيءَ ڊرئيمٽڪ ڪلب حيدرآباد سنڌ جي ڪاليجي شاگردن قائم ڪئي. جيڪا پوءِ حيدرآباد ڪاليج ناٽڪ منڊلي جي نالي سان مشهور ٿي. هن منڊليءَ طرفان اُڌو جهانگياڻي (مشهور فلمي اداڪار اُديه ڪمار) جا لکيل ڪيترائي ناٽڪ پيش ٿيا، جن ۾ مشهور ناٽڪ هئا: قرباني، واندو وڪيل، انصاف، انڌيري دنيا، ڪاليج، جهانگير، پروفيسر، اميد، سچي، ديوداس، ۽ اڄ ڪلهه اهڙي ريت هن ڪلب جو ’افلاطون‘ ۽ ايڇ. سي. بيل جو ’آڌي جو انصاف‘ ناٽڪ به پيش ڪيو هو. هن ڪلب جا هدايتڪار اُڌو جهانگياڻي ۽ ايڇ. سي. بلي هئا. جڏهن ته مشهور اداڪار هئا اُڌو جهانگياڻي، اتو لعلواڻي ڀڏو آڏواڻي ۽ ايڇ. سي. بلي.

 

15. ڪاليداس ڊرئميٽڪ آرٽسٽس ائسوسيئيشن، ڪراچي:

1934ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ ائسوسيئيشن ڄيٺانند ناگراڻي ۽ جي. اي. رام رکياڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي. ائسوسيئيشن جي افتتاحي تقريب تي هن ناٽڪ منڊليءَ شڪنتلا ۽ گامٽو ايڊيٽر ڊراما پيش ڪيا هئا.

 

16. ڪاليج اسٽوڊنٽس ڊرئميٽڪ ڪلب، ڪراچي:

1936ع ۾ جڳو آڏواڻي (بمبئي جو فلم ڊائريڪٽر) جي سرپرستي هيٺ ڪراچي جي ڪاليجي شاگردن هيءَ ڊرئميٽڪ ڪلب ٺاهي هئي. هن منڊلي لاءِ جڳو آڏواڻي پهريون ڊرامو ’افلاطون‘ لکيو هو، جنهن جا هدايتڪار جڳو آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي هئا ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: جڳو آڏواڻي، خانومنسکاڻي، منگل رامچنداڻي، ڪشنو جڳتياڻي ۽ لکي ملڪاڻي.

 

17. يونائيٽڊ آرٽسٽس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1937ع ڌاري نئشنل ڪاليج حيدرآباد جي اسٽيج تي هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ پنهنجي افتتاحي تقريب ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو مشهور  ناٽڪ ’انار ڪلي‘ ڪري ڏيکاريو. هن ناٽڪ جا هدايتڪار هئا، مولچند لعلواڻي ۽ گاگنمل مورجاڻي ۽ رول ادا ڪندڙ ڇوڪريون هيون گوپي ملڪاڻي، ڪماري چندر منسکاڻي ۽ چندني آڏواڻي.

 

18.اسڪول ناٽڪ منڊلي، ميرپورخاص:

 1939ع ڌاري ميرپورخاص مدرسي ۾ هي ناٽڪ منڊلي قائم ٿي، جنهن سڀ کان پهرين محمد اسماعيل عرساڻي جو مشهور ناٽڪ ’بدنصيب ٿري‘ پيش ڪيو. هي ڊرامو تعليم پکيڙيو واري تحريڪ جي روشني ۾ لکيل هو. هن ناٽڪ ۾ ٿري زندگيءَ جو چٽ مڪاني تلفظ ۽ مهاوري ۾ چٽيل هو.

 

19. ساهتي ڊرئميٽڪ سوسائٽي، نوشهرو فيروز:

1940ع ڌاري عثمان انصاري جڏهن ساهتي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو، تڏهن سندس سرپرستي هيٺ هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي. هن سوسائٽيءَ انصاري صاحب جا ترجمو ڪيل شيڪسپيئر جا ٻه ڊراما ’جرم بي وفا‘ ۽ ’گمراهه دوست‘ اسٽيج تي پيش ڪيا هئا جن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار اسڪول جا شاگرد هئا.

 

20. ڊي.جي. ڪاليج سنڌي سرڪل ڪراچي:

1941ع ۾ ڊي- جي ڪاليج ڪراچي جي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي قائم ڪيل سنڌي سرڪل هن ڊرئميٽڪ سوسائٽي جو پايو وڌو. هن سرڪل ۾ خاص طرح سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، ارجن شاد، عبدالرزاق ۽ رام پنجواڻي سرگرم حصو وٺندا هئا. هن سرڪل طرفان ٻين ادبي سرگرمين کان سواءِ سنڌي ڊراما به اسٽيج ڪيا ويندا هئا. هن سرڪل رام پنجواڻي جا ٻه مشهور لوڪ ناٽڪ ’مومل راڻو‘ ۽ پکي ۾ پدمڻي‘ پيش ڪيا هئا جن ۾ حصو اڪثر ڪري ڪاليج جي شاگردياڻين ورتو هو. جن شاگردياڻين رول ادا ڪيا تن جا نالا هئا: ڪملا ڪرپالاڻي، مئنا واسواڻي، رڪي آڏواڻي، مورتي شهاڻي، موهني گدواڻي، مئنا منگهارام ملڪاڻي ۽ ڪملا وليرام ٿڌاڻي.

 

21. ڊي جي. ڪاليج سرسوتي منڊلي، ڪراچي:

 

1942ع ڌاري پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺانند ناگراڻي ۽ سندس سؤٽ ڪشنچند ناگراڻي جي سرجوشي سان ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن سرسوتي گروپ قائم ڪيو هو. هن گروپ طرفان ڄيٺانند ناگراڻي  جا گامٽو سلسلي وارا مزاحيه ڊراما، گامٽو ايڊيٽر، گامٽو بئريسٽر ، گامٽو ڊاڪٽر، گامٽو فلم ڪمپني، گامٽو ايم. ايل. اي، گامٽو گھوٽ وغيره پيش ڪيا ويا، جيڪي ليکڪ پاڻ رام پنجواڻي جي سهڪار سان اسٽيج تي پيش ڪندو هو ۽ انهن ڊرامن جا خاص اداڪار به ڄيٺانند ناگراڻي ۽ رام پنجواڻي هوندا هئا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com