سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :3

2

اسٽيج ۽ ٿيئٽر

 

 اسٽيج لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو(سسٽيٽڪم اسٽئٽس  يا اسٽيئر) لفظ مان اخذ ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي’بيهڻ ‘. جئين ٿيئٽر جي هن حصي تي فنڪار بيهي فن جو مظاهرو ڪن ٿا، سو انهي مناسبت سان مٿس اسٽيج نالو رکيو ويو آهي.

اسٽيج جي لاڳو واري حصي کي’آڊيٽوريم‘(1) ڪوٺجي ٿو. اسٽيج ۽ آڊيٽوريم ’ٿئيٽر‘(2) جي ٻه ،مکيه ڀاڱا آهن  ۽ اهي ٻئي ڀاڱا جتي گڏجن  ٿا، انهي کي ’پروسينيم‘(3)  سڏيو  وڃي ٿو.

ابتدائي يوناني دور ۾ ٿيئٽر جي اڏاوت  ٽڪريءَ جي لاهي تي ٿيندي هئي، جتي آڊيٽوريم لاهيءَ واري پاسي تي بنايو ويندو هو، جيڪو کليل وايو منڊل ۾ هوندو هو. ٻئي پاسي تي اسٽيج ٽڪريءَ جي لاهيءَ وٽ ئي ٺاهي ويندي هئي. اسٽيج وارو احاطو تنبن جو جڙيل هوندو هو، جتي اداڪار پنهنجن چهرن تي مصنوعي شڪلين وارا  پوش(Masks) اوڍي اسٽيج تي اداڪاري ڪندا هئا. سو اهڙيءَ ريت يوناني  ٿيئٽر  ۾ اداڪارن ۽ ناٽڪ ڏسندڙن لاءِ ٻه الڳ  الڳ  هنڌ  اسٽِيج ۽ آڊيٽوريم مقرر ٿيا هئا.

ان کانپوءِ رومن ٿيئٽر  ۾ وري اها روايت جاري ٿي ته آڊيٽوريم ۾ ساز وڄائيندڙ فنڪارن( آرڪيسٽرا) کي اسٽيج جي اڳيان ويهاريو ويندو هو، جيڪا پوءِ اڳتي هلي ٿيئٽر ۾ آرڪيٽرا لاءِ مخصوص جاءِ بنجي ويئي.

اهڙيءَ طرح شروعاتي انگريزي  ٿيئٽر (1576ع ڌاري) جي اڏاوت ۾ به وري اها ٿوري گھڻي ڦيرڦار ٿي ته آڊيٽوريم ۾ ڏسندڙن جي ويهڻ لاءِ ٽي ڪٽهڙا (Balconies)  تعمير ڪيا ويا. پوءِ ٿيئٽر جي اها اڏاوتي اؤسر ڪيترين تبديلين سان تعمير ٿيندي اچي موجوده جديد ٿيئٽر تائين پهتي آهي.

 

3

ناٽڪ جو نماءُ 

 

ناٽڪ جو آغاز انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي شروعات کان ئي لاڳو معلوم ٿئي ٿو، جنهن جي ثبوت پنج هزار  سال آڳاٽي ’ موهن جي دڙي‘ واري سنڌو ماٿري جي سڀيتا مان ملي ٿو؛ جتان هٿ آيل مکيه مجسمن جھڙوڪ’ نرتڪي‘ (نرت جي اداڪار يا ناچڻي)  ۽ ’پروهت‘ سان گڏ ٻيا (ناظرين)  مجسما انهيءَ دور  جي آڳاٽي  نرتيه يا ناچ – ناٽڪ (Ballet) جا هم اهڃاڻ پيا ڀانئجن.(1)  

اهڙيءَ طرح قديم سنڌي راڳ’ ڏس ۽ بيان‘  وارين ڪافين جو ذڪر  هئڻ تمام ضروري آهي، جيڪي ڳائيندي وقت  قصي ۾ بيان ٿيندڙ  ڪردار جي اداڪاري  هٿن جي اشارن ۽ آواز جي لاهن چاڙهن سان ڪئي وڃِي ٿي. مثال طور  ليلا چنيسر  جو داستان  پيش ڪرڻ وقت فنڪار  قصي کي سانگ واري سٽاءُ (ڊرامائي انداز ) ۾ پيش ڪندو آهي؛  يعني ته ڳائيندڙ  اداڪاري ۽ ڳائڻ  ذريعي ٻولين کي ائين پيش ڪندو آهي جو ڄڻ ليلا  پاڻ چئي رهي آهي(2). قديم سنڌي  راڳ جي هيءَ صنف وري اوائلي دور واري راڳ – ناٽڪ  (Opera) سان گھڻي قدر مشابهت رکي ٿي.

ناٽڪ جو ٽيون نمونو آهي سانگ (حڪايتي ناٽڪ)، جنهن بابت سنڌي لوڪ ادب جي جڳ مشهور محقق  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  جو چوڻ آهي ته سانگ سنڌ جو ڊرامو آهي، جنهن  جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي. مڱڻهار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ هنر مند گروهه شادين ۾، محفلن جي موقعن تي سانگ وجھندا هئا؛  جنهن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا. هنرمند عورتون وري عورتن جي مجلسن ۾ سانگ وجھنديون هيون. اڃا تائين ڪن جاين تي اهي سانگ رچايا ويندا آهن.(1)

ننڍي کنڊ ۾ ناٽڪ جي شروعات يوناني ناٽڪ وانگر ڌرمي رنگ سان ٿي، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني وارا هتان جا رهواسي يونانين وانگر اصنام پرست هئا. ناٽڪ تي ڌرم جو اثر هئڻ ڪري انهيءَ دور ۾(توڙي هاڻي به) هندو پنهنجن خاص ڌرمي ڏڻن، جھڙوڪ هولي، ڏياري، جنم اشٽمي ۽ دسهڙي جي موقعن تي جدا جدا ميڪ اپ سان  جدا جدا روپ ڌاري  نقل ڪندا رهن ٿا. انهيءَ ابتدائي دور ۾  ڌرمي ڪرامتن  ۽ غيبي اسرارن  جا ناٽڪ( راس ليلا ۽ رام ليلا) به خوب رچايا ويندا هئا. اهڙي طرز جي ناٽڪن کي لوڪ –ناٽڪ ليکي هند جو هڪ معروف  سنڌي  ناٽڪ- ڪار  پنهنجي راءِ  جو ههڙي  طرح اظهار  ٿو  ڪري ته .”سانگ، تماشو، ڪٺ پتيلن جو کيل،  چونڪي، ڀڳت ۽ رام ڪرشن  ليلائون  سنڌ جا مکيه  طرح لوڪ-ناٽڪ  آهن“.(2)

آڳاٽي زماني کان ئي ناٽڪ جي ٽنهي مکيه نمونن:  ناچ –ناٽڪ ، راڳ-ناٽڪ ۽ حڪايتي ناٽڪ جو کليل ميدان ۾ نماءُ  رڳو هتي سنڌو ماٿريءَ جي قديم  تمدن ۾ رائج نه هو پر يونان جتي ناٽڪ اؤج تي پهتي هو، اتي به 472 قبل  مسيح  ڌاري  ڊراما کليل ميدان ۾ پيش ٿيندو هو، انهي دور کي  عهد وسطيٰ يا عوامي ناٽڪ    (Medieval Drama and  everyman) ڪوٺجي ٿو؛ جڏهن ناٽڪ عبادتگاهن  ۽ شاهي درٻار مان نڪري  عوام تائين پهتو. جنهنڪري هن دور (5کان15 صدي عيسوي )  ۾ گشتي ناٽڪ- گھر پري پري  ڏسن ڪهي  وڃي ناٽڪن جو نماءُ  ڪندا  هئا.(1)

انهي دور جي لڳ ڀڳ  ڇهين کان ٻاريهن  صدي عيسوي  ۾ روم جي زوال کانپوءِ ڪيترن مشهور ناٽڪن  جا دلچسپ ٽڪرا سيلاني اداڪار شغل  ۽ شادمانن جي موقعن تي گھٽين ۽ دالانن ۾ ادا ڪري ڏيکاريندا هئا. پوءِ ناٽڪ جي اهڙي  طرح کليل  فضا ۾  نماءُ ايتريقدر ته اؤسر  ماڻي، جو اهو به دور آيو  جو اهڙي قسم جي ناٽڪ واري پيشڪش  هاڻوڪي جديد  دور ۾ تماشگاهه (Areba stage) يا چوڌاري وارو ناٽڪ –گھر (Theater in the round) جي نالي سان مشهور آهي.

 

4

سنڌ ۾ ناٽڪ

 

 سنڌ ۾ ناٽڪ جي تاريخ باقاعدگيءَ سان اوڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سهيڙجڻ شروع ٿي.  1854ع ۾ قائم ٿيل’ رايل ٿيئٽر ڪراچي‘ ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم هو. جنهن 6۽8 جون 1854ع تي جان ٿامس  هئينز (John Thomas Haines)  جو مڪمل  ميلو ڊراما ‘آسٽرلز‘ يا دي سولجر برائيڊ (Austerliz- or- The soldier`s Bride)  پيش ڪيو هو، جنهن ۾ انگلينڊ جي مهاراڻِي  جي 83 ريجمينٽ جي شوقيه فنڪارن حصو ورتو هو. ڪراچي ڇانوڻيءَ ويجھو  قائم ڪيل ٿيئٽر هال ۾ هن ڊرامي سان گڏ هڪ مذاحِيه فيچر دي هئپي مئن،(The Happy Man)   پڻ پيش ڪيو ويو هو.(1)   

رايل ٿيئٽر برپا ٿيڻ کانپوءِ جيئن جيئن ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو، ته پوءَ چاهه پٽاندڙ آهستي آهستي ڊرئميٽڪ سوسائيٽون  پڻ قائم ٿيڻ لڳيون هيون، جھڙوڪ: دي ڪراچي فرينڊ ان نيڊ سوسائٽي (1882ع)، پيني ريڊنگس ائنڊ ڊرئميٽڪ سوسائٽي (1884ع)، ڊرئميٽڪ ڪلب آف گولسٽر ريجمينٽ (1884ع) ۽ فرسٽ بٽالين ڊبليو آر ڊرئميٽڪ ڪلب (1985ع) هنن ناٽڪ منڊلين ۾ گھڻو ڪري  انگريز  فوجي آفيسر وڏي چاهه سان  حصو وٺندا هئا(2) انهن مقامي ڊراميٽڪ سوسائيٽين کانسواءِ ٻاهران آيل ڪي ناٽڪ پيش  ڪندڙ ڪمپنيون  پنهنجا مشهور  ناٽڪ پيش ڪرڻ اينديون هيون. اهڙيءَ  طرح شروعات ۾ هتي  سڀ کان پهرين  بمبئي کان آيل ناٽڪي پيشي واريون  پارسي ۽ گجراتي ڪمپنيون پنهنجا پنهنجا مشهور ناٽڪ پيش ڪنديون هيون  رهنديون. انهن مشهور ناٽڪ ڪمپنين ۾ ’پارسي  اوريجنل  آپيرا ڪمپني‘ ۽ ’روزا ٽاورز ڪاميڊي ڪمپني‘ ديسي زبان  جي علاوه  انگريزي ۾ پڻ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪنديون هيون.

سنڌ ۾ جيڪي ٻاهر کان ايندڙ ڪمپنيون ناٽڪ اسٽيج ڪرڻ اينديون هيون سي پاڻ سان گڏ عارضي اسٽيج  ۽ ٻيو ناٽڪن جو سامان پڻ کڻِي اچي، ناٽڪ رچائينديون هيون. ٻاهر کان ايندڙ انهن ناٽڪ ڪمپنين ۾ پهرين ڊرئميٽڪ ڪمپني هڪ پارسي سيٺ پسٽن جي  فرامجي 1877ع ڌاري بمبئي  ۾ قائم  ڪئي. هن جي مرڻ  کانپوءِ اها ڪمپني ٽٽي ٻه ڪپنيون ٿيون. اصلي ڪمپني جو نالو ’اوريجنل ٿيئٽريڪل ڪمپني‘ هو،  جنهن جي ٽٽڻ  تي خورشيد جي بالي والا  ’وڪٽوريا ناٽڪ ڪمپني‘ ۽ ڪائوسجي کٽائو ان جي مقابلي ۾ ‘الفريد ٿيئرٽيڪل ڪمپني‘ ڪڍي. ڪراچيءَ ۾ انهن ڪمپنين جون شاخون’جمعدار  جي ڪمپني‘، ’زوال جي ڪمپني‘ ۽  ’جميله جي ڪمپني‘ ڊراما پيش ڪنديون هيون.(1) 

اهڙي ريت سنڌ ۾  ناٽڪن لاءِ چاهه ۽ ماحول پيدا ٿيو. ٻاهران آيل ناٽڪ ڪمپنيون ٽڪيٽون رکنديون هيون ۽ ماڻهن تفريح خاطر اهي ٽڪيٽون  خريد ڪري ناٽڪ ڏسڻ ويندا هئا.

انهن ڌنڌوڙي ناٽڪ ڪمپنين مان جميله ۽ رازل ڪمپنين ڪراچي ۾ نيپير  روڊ  تي پنهنجا ٿيئٽر قائم ڪيا هئا. اهي ٻئي ڪمپنيون ٻه عورتون هلائينديون هيون ۽ ناٽڪن  ۾ زنانا پارٽ به پاڻ ادا ڪنديون هيون. اهي ڪمپنيون شروعات ۾ آغا  حشر  جو’اندر سڀا‘ نالي مشهور راڳ ناٽڪ ۽ پوءِ  ڪجھ  ڇپيل  عشقيه  ناٽڪ  جھڙوڪ: راجا اندر، خدا دوست،  خوبصورت بلا،  هرشچندر، ليلا مجنون،  شيرين  فرهاد  ۽ شڪنتلا وغيره پيش ڪنديون هيون.

هتي اها ڳالهه پڻ ڌيان جوڳي آهي ته انهن پيشور ناٽڪ ڪمپنين  جي ناٽڪن  کي ڏسي، هئڻ ايئن گھربو  هو  ته سنڌ واسي  به  اهڙي طرز  تي ناٽڪ ڪمپنيون  قائم ڪري، اسٽيج تي سنڌي ناٽڪ  رچائين ها، پر  نتيجو ان جي برعڪس نڪتو، ڇاڪاڻ ته سنڌي  ڊرامي شروعات کان ئي تعليمي ماحول ۾ اؤسر ماڻي ۽ پڙهيل  لکيل طبقي جي هٿن  ۾ پروان چڙهيو. اهو ان ڪري  جو سنڌي ناٽڪ جي شروعات ئي تعليمي ۽ تدريسي  دؤر جي آغاز کان ٿي آهي.

سال 1851ع  ۾ سنڌ جي پهرئين چيف ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ اشتهار ذريعي سنڌي ٻولي کي  سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو  ۽ غير ملڪي آفيسرن  لاءِ  سنڌي ٻولي  جو امتحان  پاس ڪرڻ لازمي قرار  ڏنو(1). بعد ۾ جڏهن  1853ع کان انگريزن  جي ڪوشش  سان  سنڌي الف- بي ٺهي راس ٿي. ۽ پوءِ آهستي آهستي  سنڌي ۽ انگريزي اسڪول کليا، تڏهن اتي ننڍا ناٽڪ لکي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو رواج  پيو(2) .

اهڙي طرح اڳتي هلي وڏن شهرن ۾ جڏهن هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج برپا ٿيا، ته مٿئين ڪلاسن ۾ شاگرد انگريزي ڊرامي جو مطالعو ڪرڻ لڳا، جنهن مان ظاهر آهي ته مطالعي سان گڏوگڏ  اهي  ڊراما اسٽِج تي پيش  ڪرڻ  جو خيال  به منجھن  پيدا ٿيو. ٻئي طرف هنر مند ناٽڪ  ڪمپنين جا ڊراما ڏسندڙ ناظرين جي چاهه جو خيال  رکندي برک  سنڌي  ناٽڪ اديبن لوڪ مقبول ناٽڪ پڻ لکڻ شروع ڪيا. اهڙي ريت سنڌي جو  دور  اوڻهين  عيسوي صديءَ  جي آخرين چوٿائي کان  شروع ٿئي ٿو. جنهن کي وقت جي ڪٿ  مطابق  هڪ پوري صدي  گذري چڪي  آهي. ان ڏس ۾  تفصيلي  جائزو پيش ڪندي  سنڌي ناٽڪ جي  اؤسر کي ٽن  مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي.


 

(1) آڊيٽوريم لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي ٻڌڻ

(2) ٿيئٽر يوناني ٻولي جو لفظ آهي  جنهن جي معني آهي ’ڏسڻ‘ يا ’نظارو پسڻ‘.

(3) پروسينيم يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ’ تنبوءَ  جي سامهون وارو حصو‘ جيئن ته ابتدائي دور ۾  يوناني اسٽيج وارو احاطو  تنبن  سان جوڙيون ويندو هو،  سو مٿس نالو به تڏهن کان  پيل آهي.

(1)  ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور: ’سنڌي ناٽڪ جي اؤسر‘،هلا ل پاڪستان  مئگزين ، ڪراڇي، سيپٽمبر –آڪٽوبر 1982ع ، ص.42-46.

(2) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ’سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ‘، شاهه عبداللطيف  ڀٽ شاهه  ثقافتي مرڪز، حيدرآباد سنڌ، 1978ع ص،268.

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان  بلوچ: ’مناظرا‘ ، سنڌ ادبي بورڊ ، حيدرآباد سنڌ، 1961ع، ص.19.

(2)  جيٺو لالواڻي: ’ناٽڪ ڪلا جو وڪاس ‘ جيٺو لالواڻي پبلشرز، ڪٻيرنگر، احمد آباد،1983ع، ص.13.

(1)  Kenneth ,M. cameran  and Thedore J.C  Hoffman,.  The Theatrical Response.The Macomillan , co London. 1969 P-55

(1) The sind qasid karach, june 6, 1985 p.1.

(2) The sind Qasid . Karachi, December 21. 1885.P.3

(1)  الهه بخش عقيلي ’سرشار‘: سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسي‘ (مقالو) ، ’نئين زندگي‘ ڪراچي، اپريل 1954ع ص. 53.

(1) Ellis, B, H, `Report on Education in sindh` Bombay Education Society, Press. 1856.P.14.

(2) محمد اسماعيل عرساڻي، 1974ع. ’چار مقالا‘. سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد، سنڌ ، ص.4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com