اُستاد بخاري
وائي
ٽارئي ڪين ٽَري،
ٺارئي ڪين ٺَري، هيءَ جا بِرهه بَڇي ڙي،
پَئي ٿي باهه ٻري!
جوڀن گهوڙو جوش ۾، واڳئي ڪيئن وري!
ٺارئي ڪين ٺري......
هينئڙو جهڙو هاڙهه ۾، ڳاڙهو ڳُڙُڳري،
ٺارئي ڪين ٺري......
محبت واري موت ۾، محبت ڪين مري،
ٺارئي ڪين ٺري......
مرندي تاس مري نه ٿي، سَرندي ڪانه سري،
ٺارئي ڪين ٺري......
ساري رات سُهاڳ جي، ڍولئي جهول ڍري،
ٺارئي ڪين ٺري......
ويجهو آءُ، وِٿي نه ٿئي، پيهي ٿي نه پري،
ٺارئي ڪين ٺري......
تاساري ”استاد“ کي، بَرٿُو ڏيج ڀري،
هيءَ جا برهه بڇي ڙي،
پئي ٿي باهه ٻري!
(”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، مجموعهء اُستاد بخاري، ص 112)
”.....اُستاد بخاري اُتان جو آهي، جتي سنڌ جي
تاريخ ۽ اتهاس پنهنجو جوڀن گذاريو آهي. ائين ٿو
ڀانئجي ته سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي
لفظن ۾ اوت جي آيو آهي. هن سنڌ جي اصلي وارثن_
ڳوٺن، وسين ۽ واهڻن جي رهواسين_ سان گڏجي وجود جا
گوندر گهاريا آهن، اِن ڪري هن جي لفظن ۾ زندگيءَ
جون متحريڪ ۽ جيئريون جاڳنديون حقيقتون عڪس بنجي
ٿيون اُڀرن. ۽ هو اُستاد به آهي، اِن ڪري تجربي،
مشاهدي ۽ مطالعي هن جي ذهني اُفق کي ايترو روشن ۽
وسيع ڪري ڇڏيو آهي جو هن ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ جي
ماروئڙن جو اصل، سچو ۽ نبار روپ هن جي سِٽ سِٽ ۾
جرڪڻ لڳو آهي. هيءَ ڌرتي ۽ اُن جا ماڻهو هن جي
شاعريءَ جي محرڪن جو محور آهن. هن سنڌ جي ماڻهوءَ
کي سنڌ جي معاشري ۽ اُن جي تاريخي ۽ سماجي پس منظر
۾ ڏٺو آهي، سڃاتو آهي. هو ويهين صديءَ جو شعور
هنن سان ونڊڻ ۽ ورڇڻ گهري ٿو. موت، حيات ۽ ڪائنات
جي ڏند ڪٿائن جي تصوراتي تثليت ۽ صليب تي ٽنگجڻ
بدران هن ”حقيقت“ جي موجود پَلَ، هلندڙ لمحي کي
منزل بڻايو آهي، ۽ اِن ڪري هو ماضيءَ جي بدران حال
۽ مستقبل جو شاعر آهي. هو اُميد ۽ رجائيت جو شاعر
آهي، جنهن کي انسان جي آئيندي_ سنڌ جي انسان جي
آئيندي_ ۾ ايمان آهي، جيڪو وجود جي ويڙهه ۾ اتهاس،
علم ۽ عقل کي هٿيار بنائي وڌي رهيو آهي.....“
_سراج
[”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، مهاڳ، ص ط]
تحقيق
”.....پيغمبر اِسلام جي هن قول ڏانهن، ته ”عالم جي قلم جي مس
شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس آهي“، ڪو ڏيان نه ڏنو
ويو آهي، واقعي انسان اڃا تلوار کي نه ڇڏيو آهي،
انهيءَ ڪري هو مذهبي خيال کان اڄ به قبرستانن جي
تعظيم و تڪريم ڪري ٿو، پر کيس ڪتب خانن لاءِ ڪا
عزت يا پيار ڪونهي! اهڙيءَ طرح جڏهن هو تصويرن جي
ڪنهن گئلريءَ ۾ گهڙي ٿو يا ڪنهن لئبرريءَ ۾ داخل
ٿئي ٿو ته کيس اُنهن جي عظمت جو خيال خير ڪو اچي
ٿو. انهيءَ ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به تعجب ٿيڻ نه کپي
ته مذهب کي ڇو مدي خارج سمجهيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته
مذهب انسان جي صرف هيٺئين درجي جون ضرورتون پوريون
ڪيون آهن ۽ اوستائين مذهب جي رسائي نه ٿي آهي، جتي
اڄ جو انسان بيٺو آهي. اسان کي خبر آهي ته اوائلي
مسلمان ڪڏهن به ڪنهن خوبصورت گل کي پنهنجن پيرن
هيٺان نه لتاڙيندا هئا. اهڙيءَ طرح هو ڪاغذ جي هڪ
لکيل ٽڪري کي به زمين تان کڻي وٺندا هئا ته مبادا
پيرن هيٺان اچي اُن جي بي ادبي نه ٿئي. لکڻ پڙهڻ
ڏانهن اِهو لاڙو ئي اصل ۾ سندن مذهب جو روح هو، پر
تڏهن به اها ڳالهه مسلمه حيثيت اختيار ڪري نه
سگهي: ان ڪري اڄ جا مسلمان قبرن ته برابر ويندا
رهن ٿا، پر هو ڪتب خانن کي بيڪار ۽ بيسود سمجهن
ٿا. ڇا هو سمجهن ٿا ته ڪتب خانو يا لئبرري ڪهڙي
شيءِ آهي؟ ڇا لئبرري اُهو عاليشان گهر ناهي جنهن ۾
ڏهه هزار بهترين انساني دماغ دفن ٿيل آهن؛ بلڪ
اُهي اُتي واقعي زندهه رهن ٿا. اُهي لائق ۽ فائق
شخصيتون، جن سان اڄ به صلاح مشورو ڪري سگهجي ٿو،
جن جي صحبت ۾ رهي سگهجي ٿو ۽ کانئن پنهنجي مسئلي
جو حل پڇي سگهجي ٿو. اُهي اسان جي اصلاح، ترقيءَ ۽
روشن خياليءَ جو باعث بنجي سگهن ٿا. ٿورن لفظن ۾
هينئن چئجي ته هو زنده آهن..... بلڪل زندهه انسان
! هوڏانهن جڏهن اسين نام نهاد وڏن ماڻهن ڏانهن
وڃون ٿا ته ادب وچان جهڪي بيهون ٿا. هي اُهي ماڻهو
آهن، جيڪي وقت اچڻ تي پنهنجي خيالن جو پورو اظهار
به ڪري نٿا سگهن؛ حالانڪ اِها انسان جي بنيادي صفت
آهي جنهن کان سواءِ کيس انسان ڪوٺي نٿو سگهجي. ڇو
ته اُن ٻيءَ صورت ۾ انسان ٻوڙن ۽ گونگن وانگر ڄڻ
هڪ جانور آهي.....“
_علامه آءِ آءِ قاضي
[”صوفي لا ڪوفي“، ص 252_253]
”.....1983ع ۾ رسول بخش پليجي جو هڪ ٻيو ڪتاب
تنقيد جي حوالي سان ڇپيو ”سندي ذات هنجن“، جنهن ۾
تنقيد جي نظرياتي تشريح ڪئي وئي آهي؛ خاص طور تي
ويجهي ماضيءَ ۾ ادب ۾ ايندڙ نون لاڙن جهڙوڪ
”جديديت“ جي نالي ۾ ايندڙ ادب کي تنقيد جو نشانو
بڻايو ويو آهي، پر اهو به نظرياتي بنيادن تي لکي
ٿو ته ”اسان کي اسان جي سچي زندگي ڏيندڙ ادب جي
جاءِ تي مايوسي ۽ اڏوهي کاڌل ادب ملي رهيو آهي.“
ادب جي پرک جو هي ڪتاب سنڌي ادب مان منفي لاڙا ڪڍي
مثبت لاڙن کي آڻڻ جي خيال کان ڪي آدرش رکي لکيل
آهي. مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”ڪي اهڙا
نڪورا نوان اديب اُسري ميدان ۾ آيا جيڪي سامراجي
يورپ جي انساني زوال کان متاثر جديديت جا سڌا يا
اڻ سڌا ان جي اثر ۾ آيل .... پنهنجي ادب جي محب
وطن ۽ انسان دوست ڪردار کان لاد عويٰ ٿي بيزاري ۽
خارجي موڊ ۾ ادب ۾ ”ڳالهه“ کي ڇڏي ”فن“ جا دعويدار
ٿي بيٺا ته ڪي اهم واد (Egotism)
۾ اچي خاص طرح جسم جي پنٿ (Cult of body)
کي جوانيءَ جي راهه سڏيندي ڪي اهڙا سطحي ۽ سهل ۽
لاتعلق ”فنپارا“ پيش ڪرڻ لڳا، جن مان انساني ڪارج
، انسان کي بهتربنائڻ جو ڪارج، انساني سماج جي
تبديليءَ جو ڪارج سڌ نه ٿيو نه ٿيندو.“
پليجو صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ سنڌي ادب جي عظمت جا ڳڻ
ڳائيندي، ان جي سونهن ۽ سچائيءَ جون سرڪيون ڀريندي
اُنهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته اهڙو عظيم
۽ سچو سهڻو ادب پيش ڪندڙ ٻوليءَ ۾ زواليت ڏانهن
وٺي ويندڙ ادب پيدا ڪيو پيو وڃي.
اها سازش سموري دنيا ۾ سٽي وئي آهي ۽ هر هنڌ اهڙن خيالن جو
پرچار ٿي رهيو آهي جن سان ماڻهو اڳتي وڌڻ بدران
موٽ کائيندا آهن؛ سندن فن، ادب، تهذيب ۽ ڪلچر موٽ
کائيندو آهي. لکي ٿو ”جا سوسي جنس پرست، جادوئي،
ڪرامتي ۽ وحشي ، ماراماريءَ وارو سامراجي ادب ۽ فن
ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي مڏو ۽ موڳو ڪري سندن
قدرتي طرح صحتمند احساسن ۽ جذبن کي باد فرنگ ۽
ڪوڙهه لڳائي ماڻهوءَ کي روحاني طور پنڪي خور،
موالي ۽ هپي ڪريو ڇڏي يا ٻنهي پڙن مان ڪڍيو ڇڏي يا
بي حس ۽ بي رحم جهنگ جو ڇتو مرون بنايو ڇڏي.....“
_ڊاڪٽر فهميده حسين
[”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ص 173]
شاهه جو
رسالو_معياري متن
(جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو)
ناسف علي شيراز
تحقيق جي حوالي سان ”شاهه جو رسالو“ ڪيتري ئي عرصي
کان وٺي تنازع جو باعث پئي رهيو آهي. ڪن مـؤلفن جو
خيال ته فلاڻو بيت شاهه جو نه آهي ته ڪي وري چون
ته اهو بيت رسالي مان خارج ڪرڻ گهرجي جو اهو شاهه
جي معيار کان گهٽ آهي. ڪي چون ته ان ۾ سلوڪ واري
معنيٰ ناهي ته ڪن جو وري خيال ته انهن بيتن جي
تشريح اسلامي تصوف مطابق نه ڪئي ويئي آهي. ان طرح
هر عالم پنهنجي زاويي کان رسالي تي تحقيق ڪري اُن
کي مرتب ڪيو آهي، جنهن تي پوءِ ڪانه ڪا تنقيد
ٿيندي رهي آهي، جنهن مان چٽيءَ طرح سان معلوم ٿئي
ٿو ته هر ڪو مـؤلف بنيادي طرح سان ٻين رسالن جي
ترتيب کان مطمئن نه هو، جنهن جي ڪري وقت به وقت
مختلف مـؤلفن پنهنجي حساب سان شاهه جو رسالو ترتيب
ڏيئي شايع پئي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن
رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع
۾ شايع ڪيو. پيسن جي گهٽتائيءَ سبب هو رسالي جا
باقي سُر ڇپائي نه سگهيو. هن رسالي متعلق ڊاڪٽر
دائود پوٽي لکيو ته، ”اگرچ ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي
اوڻايون آهن، ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري
ممتاز آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين
هجي، جو سرجو شي ڏيکاري اهڙو امل ماڻڪ نروار ڪري
ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين.“
1.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي جي شايع ٿيڻ جي هڪ سال
کان پوءِ، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم
پل بندري، شاهه جو رسالو سنگي حروفن ۾ ڇپائي پڌرو
ڪيو. هن رسالي جي ڪتابت حاجي محمد سمي ڪئي. ڪاتب
جي اڳيان ٻه يا ٽي قلمي نسخا موجود هئا، جو رسالي
جي حاشين تي مختلف پڙهڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ هن رسالي بابت مقدمي ۾ لکيو ته، ”هن
ڇاپي جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾
جيڪوبه ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاهه جي نالي
ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند
وجهندي چوندا ويندا آهن وغيره، سي به سڀ سواءِ
ڪنهن تميز جي منجهس ٿو ڦيا ويا آهن. هن نسخي جي
صورتخطي جهوني آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي
ٿي.“2.
بمبئي واري رسالي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي
تعليم کاتي سال 1900ع ۾، مسٽر تاراچند شو قيرام جي
مدد سان نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپائي
پڌرو ڪيو، جنهن تي پوءِ گهڻي تنقيد ٿي. اُن ڳالهه
کي مدنظر رکندي، مرزا قليچ بيگ سال 1913ع ۾ شاهه
جو رسالو ڇپايو. مرزا صاحب سرڪاري ڇاپي کي سامهون
رکندي، بمبئي ڇاپي وارا زائد بيت ۽ وايون رسالي ۾
داخل ڪيون ته جيئن پڙهندڙن کي سڀيئي بيت هڪ هنڌ
ملي سگهن. مرزا صاحب واري رسالي ۾ پڙهڻين جون تمام
گهڻيون غلطيون موجود آهن.
سال 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جو صحيح ڇاپو
شايع ڪرڻ جو بار پاڻ تي کنيو. ڊاڪٽر صاحب سال
1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا.
چوٿون جلد ڪن سببن جي ڪري ڇپائي نه سگهيو. ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ رسالي جا جيڪي ٽي جلد شايع ڪيا، اُنهن
۾ گهڻو ڪري اِهو خيال رکيو ويو ته ٻين سالڪن جي
بيتن کي الڳ ڪري هڪ صاف سُٿرو متن شايع ڪيو وڃي.
ڪنهن حدتائين ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي مقصد ۾ سڦل به
ٿيو. هن جي اڳيان قلمي نسخن جو ايترو گهڻو تعداد
ڪونه هو، فقط پنج قلمي نسخا ۽ پنج ڇاپي رسالا سندس
اڳيان هئا، جن جي آڌار تي هن متن جو بنياد رکيو.
اِهوئي سبب آهي جو هو بيتن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نه
سگهيو. ڪوشش ڪري ٻين سالڪن جا بيت الڳ ڪيائين.هُن
بيتن جي معنيٰ، صحيح تلفظ ۽ لفظن جي سمجهاڻيءَ تي
گهڻو زور ڏنو. سندس رسالو پنهنجيءَ جڳهه تي اهم
ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، جتان پوءِ جي مؤلفن گهڻو
لاڀ حاصل ڪيو. اڃاتائين سندس رسالي جي گهڻي مڃتا
آهي ۽ رسالو سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ اهم جڳهه والاري
ٿو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ غلام
محمد شاهواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو، جنهن جون
پڙهڻيون گربخشاڻيءَ واري رسالي تان ورتل آهن. اُن
جا ٽي سُر ’واصف‘ جا لکيل آهن، جيڪي الڳ الڳ سُرن
جي صورت ۾ به شايع ٿيا، جيڪي پوءِ رسالي ۾ پڻ داخل
ڪيا ويا. شاه واڻيءَ جي رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
واري رسالي کان علاوه باقي جيڪي سُر آهن تن ۾
ڌاريون ڪلام گهڻو ئي آهن. اُن جو سبب اِهو آهي جو
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ٻيا سُر شايع ٿي نه سگهيا جو
اُنهن کي خبر پئي ها ته ڪهڙا بيت ٻين سالڪن جا
آهن. شاهواڻيءَ جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماخذ: شاهه
ڪريم جو رسالو ۽ ابيات سنڌي موجود هئا پر اُن جي
باوجود‘ ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جا بيت موجود آهن،
جنهن مان خبر پوي ٿي ته موصوف ڪنهن به قسم جي
کوجنا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ بمبئيءَ واري
رسالي کي اڳيان رکي باقي سُر ترتيب ڏنا.
غلام محمد شاه واڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ
هندوستان مان ڪلياڻ بول چند آڏواڻيءَ جو رسالو
شايع ٿيو. اُن جو به ساڳيوئي حال آهي ۽ ڪيترن ئي
سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت موجود آهن. هن صاحب به
تحقيق نه ڪئي، ايستائين جو شاهه ڪريم جي رسالي کي
به نه ڏٺو. سڄو مدار گربخشاڻيءَ واري رسالي تي
رکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي کان پوءِ علامه آءِ
.آءِ قاضيءَ جو رسالو شايع ٿيو . مون اِهو رسالو
نه ڏٺو آهي، اِن ڪري اُن متعلق ڪجهه چئي نٿو
سگهجي.
ڪَجهه سال اڳ عثمان علي انصاريءَ جو رسالو شايع
ٿيو آهي. فاضل مصنف ديباچي ۾ گهڻي خواهش ڪئي آهي
ته ڌاريون ڪلام الڳ ڪيو وڃي، پر حال ساڳيو ئي آهي.
ڪافي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت ڏنل آهن. البته بيتن
جون ڪي نيون پڙهڻيون سامهون آيون آهن. انصاري صاحب
جي آڏو شاهه ڪريم جو رسالو، شيخ عبدالرحيم جو ڪلام
۽ خواجه محمد زمان جا بيت موجود هئا، پراُن جي
باوجود ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جابيت موجود آهن،
جنهن جو ڪو جواز نٿو ٺهي. هن صاحب به اُنهن ٽنهي
ماخذن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو، جنهن مان اِهو
نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انصاري صاحب به ٻين مـؤلفن
جو رستو اختيار ڪيو ۽ تحقيق ڏانهن ڪو به توجهه نه
ڏنو. افسوس جو جنهن صاحب اُن کي ايڊٽ ڪيو آهي،
تنهن به اُن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي. رسالي ۾
ايترو سو ٿيو آهي، جو سڀيئي ڌاريان سُر الڳ ڪيا
ويا آهن، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي.
شاهه جي رسالي تي جيڪا محنت سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪئي آهي سا ڪنهن کان به لڪل
ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب سالن جا سال رسالي جي متن تي
نور نچويو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادب سندس ٿورا ڪڏهن
به لاهي نه سگهندو. سنڌ جي هن اورچ عالم 1967ع کان
شاهه جي رسالي جي جامع متن لاءِ تحقيق جي ڪم جو
آغاز ڪيو، جنهن جي اشاعت جي شروعات 1989ع ۾ معياري
متن جي پهرئين جلد جي پڌري ٿيڻ سان ٿي. هي جلد”سُر
ڪلياڻ ويمن“ جي متن، مهاڳ ۽ سمجهاڻيءَ واري حصي تي
مشتمل آهي. پهرئين جلد کي مرتب ڪرڻ وقت 46 قلمي
نسخا ۽ 10 ڇاپي نسخا ڪتب آندا ويا آهن. ايتري ساري
مواد مان بيتن کي الڳ ڪرڻ، اُنهن کي ڀيٽڻ ۽ ترتيب
ڏيڻ هڪ نهايت اوکو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب وڏي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو آهي. هن
ايڏي ساري ڪم ۾ اُهي ڪارڪن پڻ مبارڪ باد جا مستحق
آهن، جن بيتن کي اُتارڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو
سهڻو ساٿ ڏنو ۽ سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب جا اڻ ٿڪ
ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. اُنهن مخلص ڪارڪنن جي علمي
سهڪار کان سواءِ رسالي جو ايڏو وڏو ڪم مڪمل ٿي نه
سگهي ها.
رسالي کي ٽن حصن ۾ ورڇيو ويو آهي: پهرئين حصي ۾
شاهه جي سوانح حيات ۽ مختلف قلمي نسخن ۽ ڇاپي
رسالن جو تعارف ۽ تاريخ ڏنل آهي؛ ٻيو حصو متن تي
مشتمل آهي ؛ آخري حصو سمجهاڻي ۽ ڀيٽ واري حصي تي
مشتمل آهي. هن حصي ۾ هربيت متعلق ٻڌايو ويو آهي
ته اُهو ڪهڙي رسالي جوآهي ۽ ڪهڙي نمبر تي رکيل
آهي. مختلف رسالن ۾ ڏنل بيتن جون اختلافي پڙه ڻيون
پڻ ڏنيون ويون آهن، جيڪي تحقيق ڪندڙن لاءِ اهم
سرمايو آهن. تحقيق جي هر موضوع کي اعليٰ نموني سان
نڀايوويو آهي. اِهو هڪ وڏو اهم ۽ ڪٺن ڪم هو، جيڪو
ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ معياري ۽ تحقيقي ڪم جي صورت ۾
سنڌ جي عوام اڳيان پيش ٿيو آهي. رسالي جي پهرئين
جلد کي پڙهڻ سان ڊاڪٽر صاحب جي اٿاهه محنت ۽
نمايان عظمت جو قائل ٿيڻو ٿو پوي.مقدمي وارو حصو
پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
متن ۾ بيتن جي معنيٰ ۽ پڙهڻي پڻ اهميت جوڳي آهي.
پر سڀني کان اهم حصو سمجهاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾
هر بيت تي تفصيلي بحث ڪيل آهي. اِن طرح رسالو هر
لحاظ سان معياري ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ايترين خوبين هوندي ڪي جهول به رهجي ويا آهن، جن
تي نظر وجهڻي آهي. ڪي خال به رهجي ويا آهن، جن کي
ڀرڻو آهي. اُنهن جهولن ۽ خالن کي وڏي سوچ ۽ سمجهه
سان ڏورڻو آهي، ته جيئن رسالي جي اُنهن اوڻاين تي
ٻيهر غور فڪر ڪيو وڃي. ڪابه تحقيق حرف آخر ناهي.
نوان بيت لڀجن ٿا، نوان فڪر وجود ۽ اچن ٿا، ڪي
نيون پڙهڻيون آڏو اچن ٿيون، جن سان پراڻين پڙهڻين
کي بدلائڻو پوي ٿو. نوان نظريا وجود ۾ اچن ٿا. جن
سان پراڻن خيالن تي نون اهڃاڻن جا اثر ظاهر ٿين
ٿا. اها فڪري اوسر، ذهن جي ارتقا، ادب جي سڃاڻپ ۽
سوچ جي واڌ ويجهه آهي، جنهن سان ادب جي پرورش ۽
سوچ جو معيار بلند ٿئي ٿو. مرتبي ۽ مان ۾ ڪابه
گهٽتائي پيدا نه ٿي ٿئي. خلوص دل سان جيڪڏهن اُنهن
اوڻاين تي غور ڪبو ته ادبي اوسر ۾ واڌارو ايندو.
رسالي جي پهرئين جلد کي شايع ٿيندي ڳچ جيترو عرصو
گذري چڪو آهي. ٻيو ڇاپو نٿو لڳي ته ڪو شايع ٿيندو.
رسالي جي بيتن تي اُن وقت ذروتوجهه ڏجي ها ته
رسالي جو وڌيڪ بهتر ۽ معياري متن منظر عام تي اچي
ها. اڃا به ڪي ڌاريان بيت ۽ وايون معياري متن جي
”سُر ڪلياڻ ويمن“ ۾ موجود آهن، جن جو ذڪر هن مقالي
۾ ڪجي ٿو. جڏهن به ڪو ٻيو محقق رسالي جو نئون ڇاپو
شايع ڪندو ته اُنهن ڌارين بيتن ۽ واين کي مدنظر
رکندو، ته جيئن رسالي جو بهتر ۽ معياري متن شايع
ٿي سگهي.
هميشه اِن ڳالهه جو تاثر رهندو ته رسالي ۾ ڌاريون
ڪلام موجود آهي، جو اُهو روايتن تي ٻڌل آهي، جيڪي
صحيح به ٿي سگهن ٿيون ته غلط به، رسالي جي پڙهڻين
۾ هميشه اختلاف رهندو ۽ ڪو به محقق اُنهن پڙهڻين
کان مطمئن ٿي نه سگهندو . نوان بيت ۽ نيون تحقيقون
هميشه ٿينديون رهنديون. ڪي نوان بيت ٻين سالڪن جا
ظاهر ٿيندا ۽ اگر اُهي رسالي جي متن ۾ به هوندا ته
وري ڪونئون محقق رسالي کي نئين سر ترتيب ڏيندو.
اهو سلسلو هميشه ائين ئي جاري رهندو. اُنهيءَ جو
وڏو سبب اِهو آهي ته شاهه جي هٿ اکر لکيل ڪوبه
قلمي نسخو موجود ڪونهي ۽ نه وري شاهه جي وفات کان
پوءِ جو ڪو ويجهي دورجو قلمي نسخو مليو آهي. سڀيئي
قلمي نسخا شاهه جي وفات کان پوءِ ٽيهن چاليهن سالن
جي عرصي دوران لکيا ويا آهن. بلڙيءَ وارو نسخو ڪي
قدر ويجهي دور جو هو پر اُهو به هاڻ اڻ لڀ آهي.
اُنهيءَ صورتحال ۾ رسالي جو ڪڏهن به ڪو جامع ۽
معياري متن شايع ٿي نه سگهندو.
فارسي خطي نسخو”حڪايات الصالحين“ جيڪو1168هه ۾
اُتاريو ويو. هڪ اهڙو قلمي نسخو آهي، جنهن جي
حاشئي تي 98 سنڌي بيت لکيل آهن، جن مان گهڻا بيت
شاهه جا چيل آهن. اُهو قلمي نسخو شاهه جي وفات کان
پوءِ ٽن سالن جي عرصي دوران لکيو ويو آهي. ”حڪايات
الصالحين“ وارا بيت گهڻا معتبر ۽ ويجهي دور جا
آهن، جن کي ايندڙ محقق، رسالي جي معياري ۽ جامع
متن کي ترتيب ڏيڻ وقت ذهن ۾ رکندا، جن ۾ بيتن جون
ڪي نيون پڙهڻيون پڻ سامهون آيون آهن. ”حڪايات
الصالحين“ کان علاوه آخوند عبدالرحيم جو ترتيب ڏنل
ڪتاب ”هرگنيو“ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب ۾
شاهه جا ڪي نوان بيت ۽ ڪي نيون پڙهڻيون شامل آهن.
جيڪي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ ناهن. هن ماخذ مان به گهڻو
فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. رچنداڻي صاحب جي ڪتاب
”سنڌي نظم جي تاريخ“ ۾ به ڪي نوان بيت ڏنل آهن،
خاص طرح سُر مارئي جا بيت اهميت جو ڳا آهن.
معياري متن لاءِ ذهن ۾ اِهو خيال هو ته اِ هو
ڌارئين ڪلام کان پاڪ هوندو، پر ڪي بيت شايد ڏسڻ
کان رهجي ويا آهن، جن تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت
آهي. اُن جو هڪ سبب مواد جي بنهه گهڻائي به ٿي
سگهي ٿو. اڄڪلهه انٽرنيٽ تي شڪارپور مان ڪن
مهربانن شاهه جي رسالي جومتن، ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي
رسالي مان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سُر ڪلياڻ“
جا بيت ڏنل آهن. اُنهن مهربانن کي گذارش آهي ته
ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي بدران ڪنهن ٻئي رسالي مان
بيت ڏين. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي ۾ شاهه جا گهڻا
بيت هڪ ته نڪتل آهن ۽ ٻيو ته اُنهن جون پڙهڻيون به
ناقص آهن. محترم ماجدڀرڳڙي کي به گذارش آهي ته هو
ڪنهن ٻئي رسالي مان بيت ڏئي. ايندڙ محقق جڏهن شاهه
جي رسالي جو متن نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪندا، ته
هن مقالي مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.
[الف] سُر ڪلياڻ
هن سُر ۾ وحدت، ڪثرت ۽ الله جي هيڪڙائيءَ جو بيان ڪيل آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سُر کي پنجن داستانن ۾ ورڇيو
آهي، جڏهن ته عام رواجي قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ هي
سُر ٽن داستانن ۾ ورڇيل آهي. هن سُر جو داستان
ٽيون سڄو ”سرآسا“ تان کنيل آهي. ٻين داستانن ۾ به
ڪي بيت ”سُر آسا“ مان ٽپايا ويا آهن.
داستان پهريون:
داستان پهرئين ۾ ڪل 34 بيت ۽ هڪ وائي رکيل آهي. عام نسخن ۽ ڇاپي
رسالن ۾ هن داستان ۾ 22 کان 23 بيت ڏنل آهن. ”تون
چو الله هيڪڙو“ واري فقري سان شروع ٿيندڙ بيت ڪن
ٻين سالڪن جا آهن يا فقيرن اڳين سالڪن جي بيتن تي
تتبع ڪيا آهن. بيت نمبر 17 ۾ شاهه عبدالڪريم جي هڪ
بيت جي سٽ تضمين طور ڪم آندل آهي. ڪي بيت ”سُر
آسا“ مان کنيا ويا آهن. بيت نمبر30 روميءَ جي بيت
جو ترجمو آهي. بيت نمبر31 قاضي قادن جو آهي ۽ بيت
نمبر32 محمد بقا شاهه ڏانهن منسوب آهي. هن داستان
مان ڪافي ڌاريان بيت الڳ ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل
رسالي جي جلد ڏهين ۾ ڏسڻ گهرجي، پر اڃا به ڪي بيت
اهڙا اچي ويا آهن، جيڪي ٻين سالڪن جا آهن. اُنهن
سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(بيت_1)
وحده لاشريڪ لـﮧ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
تان تون وڃو ڪيئن، نائين سر ٻئن کي.
(ڪلياڻ:1: 5، ص 3)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن جو آهي، جتي اُن جي پڙهڻي ائين ئي
آهي. هي بيت ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ
لکيل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺئين طرح آهي:
وَحَده لاَشَريڪَ لَـہ چَيُون جَنين اِيئن،
تاَ تُون ڀُورَا ڪِيئَن، ناَئِين ڪَنڌُ ٻِينَ کِي.
(اڻ لڀ سنڌي بيت، ص 127)
نوٽ: ”حڪايات الصالحين“ واري بيت ۾ ٻه سٽون آهن.لڳي ٿو ته
وَحَده لاَشَريڪَ لَـﮧ واري کنڌيءَ جي بيتن ۾ وچين
سٽ پوءِ وڌائي ويئي آهي.”حڪايات الصالحين“ واري
بيت جي پڙهڻي سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ نه ڏنل آهي.
(بيت_2)
تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، ٻي وارج مَ وائي،
جيڪا مُڪِي سڄڻين، سِکج تون سائي،
اوڙڪِ اهائي، ڳولي لَهجُ ڳالَهڙِي.
(ڪلياڻ :1: 15، ص 7)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ ڪونهي، البته وچئين دور جي رسالن
۾ موجود آهي. گنج ۾ هي بيت جيتوڻيڪ موجود آهي پر
اُتي اِهو ٻن سٽن ۾ ڏنل آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺئين
طرح آهي:
تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، ٻي وارج مَ وائي،
سِکجِ تون سائي، جيڪا مُڪِي سڄڻين.
(گنج/ڪليات ويمن، ص_)
ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل ٽن سٽن واري بيت جي آخري سٽ معياري متن جي
هيٺئين بيت ۾ موجود آهي. مختلف بيتن ۾ ساڳيون سٽون
رکڻ سان هڪ ته ورجاءُ ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته بيتن جي
سهڻائي پڻ ختم ٿيو وڃي. ها اگر کنڌيءَ وارا بيت
هجن ته پوءِ الڳ ڳالهه آهي. معياري متن جو اصل بيت
هيٺ ڏجي ٿو:
سدا آهي سور جي، واڍوڙن وائي،
جيڪا اٿن من ۾، سلن نه سائي،
اوڙڪ اهائي، ڳولئو ڏسن ڳالهڙي.
(ڪلياڻ ويمن، ص 21)
نوٽ: تون چَو اَللهُ هيڪَڙو، واري فقري سان شروع ٿيندڙ ٽيئي بيت
شاهه جا ڪونهن. اُهي يا ته ڪن ٻين سالڪن جا چيل
آهن يا ڪن فقيرن اڳين سالڪن جي بيتن تي تتبع ڪيا
آهن. اُن جو وڏو سبب اِهو آهي ته شاهه کي شاهه
عبدالڪريم جي چيل، تون چَوَ اَللهُ هيڪَڙو، واري
بيت جي خبر هئي، جو اُهو بيت سڀني رسالن ۾ موجود
آهي. شاهه اُنهن بيتن کي ڏسي پنهنجي طرز تي،
وَحَده لاَشَريڪَ لَـﮧ، واري کنڌيءَ جا بيت چيا،
يعني خدا هڪَ آهي. يا تون چَو اَللهُ هيڪَڙو. شاهه
جڏهن وَحَده لاَشريڪَ لَـﮧ، چيو ته پوءِ، تون چَو
اَللهُ هيڪڙو واري فقري سان بيت نه چيا هوندا.
(بيت_3)
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
(معياري متن، سُر ڪلياڻ، 1: 17، ص 9)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن ۾ ٿوري گهڻي ڦير گهير سان موجود
آهي. هن بيت جي آخري سٽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
واري جي هيٺئين بيت مان تضمين طور کنيل آهي. شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي
ٿي:
وائي ٻي مَ ڀل، مروئان موران پکڻان،
بالله سندو سڄڻين، هو هلاچو هل.
(شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، ص 127)
نوٽ: ڊاڪٽر بلوچ صاحب سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ اُن سٽ جو ذڪر نه
ڪيو آهي ۽ نه ئي اِهو ڄاڻايو اٿس ته اِها سٽ شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيت مان تضمين طور کنيل
آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ اُن سٽ جو ذڪر ڪندي لکيو
آهي. ته اِها سٽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي
بيت مان تضمين طور کنيل آهي. شاهه عبدالڪريم جي
مٿئين بيت کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب قاضي قادن ڏانهن
منسوب ڪيو آهي. (ڏسو قاضي قادن جو رسالو/1999ع، ص
76).
|