سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 3

شاعري

 

 

 

ميان! مان ڄاڻان،

ٿيندو ڇا گُل مهر سان

پَن ڇَڻ پڄاڻان.

 

*

 

ائين نه مرندي ڪُونجَ،

جيسين پُورين روهه ۾

اُن جي پُوري گونجَ.

 

*

 

رهجي ويئي پَتِ،

هيل پيا جو مينهڙا

جُهڳيءَ نيري ڇَتِ.

 

*

 

چئُه، چُئه چيهي کي،

مٽيءَ هاڻا پيرڙا

ٽانِگر تي نه رکي!

 

*

 

جمڙائؤَ جو تَڙُ-

ريون پاڻي پيئندي

ڀَرِ تي گهاٽو بَڙُ.

 

*

 

مار نه ٻاٽيٻَرُ*،

جنهن جي اکڙين ۾ ڇُلي

ٿو سارو ڪينجهَرُ!

 

*

 

مٿان ڪُنڍيءَ سِڱَ،

ويهِي پکي ٻولڻو

ڪانڊاري ٿو لِڱَ.

 

 

*

 

تتر ٻولن ٿا،

ڪي دروازا ڌُنڌ ۾

مون ليءِ کولن ٿا.

 

*

 

اُتر ڪيئي ڪَکَ،

اَڇا لؤڻا لوندڙيءَ

آءٌ، ٻُڍاپي لَکَ.

 

*

 

لوڙهو، لئي وَڻَ،

ٻنهي پاسي واءُ ۾

ڪيِڏي ڪَنگوءَ* ڇڻَ!

 

*

 

ڪريو ڪَڪو پَنُ،

چُرچرُ ناهي ڍَنڍ ۾

سينَورَ ساڳو وَنُ.

 

*

 

سرءُ، سُڪل ڦانگَ*،

ڪانگ ڪُلهي تي سج جي

هرهراُڏرڻ سانگَ.

 

*

 

واهيري جي ويرَ،

سَرَ تي ڪَرهلُ هيکلو

اڳتي واريءَ ڍيرَ.

 

*

 

وَر وَرِ کنوڻَ وارَ،

ڪاٽي ڪوڪ ڪُهنگ جي

سانت ڪئي سنسارَ.

 

*

 

آڌيءَ رات مٿان،

چنڊ ته بيٺو ڪونه آ،

مان ئي بيٺو هان!

 

*

 

تون ته اُڃايلُ روحُ،

توکي ڪئن ٽاريان ميان،

مان جو کائِڙَ کوههُ.

 

*

 

ڪوئي نانءُ نه وَلِ،

پوءِ به اُن جا گُلڙا

پيارا ڀَلئوُن ڀَلِ!

 

*

 

تو به سٽون جوڙيون،

پر هي شفقَ واٽ تي

انبلکيون گهوڙيون!

 

*

 

ڌرتيءَ ڪَئي دَڪِ دَڪِ،

جَڙ کي جهونجهاڙي وئِي

ڪاٺَ ڪُٽي ٺَڪِ ٺَڪِ

 

 

 

*

 

هي جي واريءَ ڍيرَ،

ڪهڙي پَکيءَ پيرڙا

تن تي ڇَڻيل ٻيرَ؟

 

*

 

تارا تارا ٻُڪُ،

وجهي نيڻ نياڻ ۾

پيتُهءِ پاڻيءَ ڍُڪ؟

 

*

 

سانت ته چڱي هُونءَ،

پَر جي ڪَئي ٻولڙِي

آمي ڏارَ چَتوُنءَ!

 

*

 

آرِس موڙي اَنگ،

انگيءَ ٽاڪا ٽوڙيا-

جوئَر ڪچا سَنگَ!

*

 

ناوَ جهليندي گهاٽَ،

ٻُڪيون ٻانهياريُن جون

چوڙيُن جا ڇَڻڇاٽَ!

 

*

 

تو جو ڏٺو ڏيلَ،

ڪَهيون کولي ڪَنجري-

اُڏريا ابابيلَ!

 

*

 

مَڇُئو* هاڪاريو،

لاکي ڄاڃيءَ(1) سمنڊ ۾

سِڙهه تان نهاريو.

 

*

 

جهاڳي جُهڙَ جي جهاڳَ،

سورج مُکيءَ سِجَ کان

وَتِي ڪِرڻنِ واڳَ.

 

*

 

مون ڀانيو ماڻو،

سورجُ مُکي سجَ سان

اَلَهي اَجهاڻو.

 

*

 

ڇا ڪا توکي ڪَرَ؟

چَهڪيون جن تي بُربليون

هاڻِ ٻُهاري سَرَ!

 

*

 

سِٽوُن هيٺِ مٿي،

مان پيِتَلُ، جئن آڙيون

اُڏرن سجَ لٿي!

 

*

 

ڇا تو سمجهيو تَنِ؟

هي جي ڪوڪي ڪويَليون

وَڃڻ وايُون ڪَنِ!

 

 

*

 

تنهنجو چُپِ اچڻُ،

ڪوئي گُل گُلاب جو

ڇَڻِي پيو ڄڻُ!

 

*

 

سانجهي، نديءَ نير،

جنهن جي ڇاتيءَ ۾ کُتل

ٻيڙيءَ تِکو تِيرُ.

 

*

 

چنڊ گهٽائن مان،

ائين لڳو ٿي رات، جئن

ڪاتَر* ڪوٺهيءَ سان!

 

*

 

هورهَيو(1) ٻولي،

پاڻياريءَ جي پريت ۾،

مون کي رِڻَ رولي.

 

*

 

مون مَنُ مروڙي،

پريان پَئي مينگهواڙِ

مريڙو ٽَوڙي.

 

*

 

لِڪي ڪينَ لِڪيون،

پيارِي تنهنجون ڳالهڙيون

جهڙيون مورَ ٽِڪيون!

 

*

 

تنهنجيءَ تات تنوارِ،

ڪارا ڪڪر اُڀَ ۾

هيٺان پَٽَ ڪُنوارِ*.

 

*

 

پيارا پرههَ پَلَ،

ڏوٿي ڳولن ڏُٿ کي

اُٿيو اَنَ مهلَ!

 

*

 

ڇا ڇا اکين ڍَوَ!

ٿريچاڻي* ٿانهري،

آرَ، وِهاڻي ڇَوَ!

 

*

 

مٿان گهاٽو جهُڙُ،

هيٺان نينگر ننڍڙو

کائي (1)ڇانهنِ ڳُڙُ.

 

*

 

هيءُ سڀاڳو پلُ،

ٽڙيو جنهن ۾ اوچتو

منهنجو ڪَنٺ- ڪَنولُ!

*

 

پاڻي، بتيلو،

اُڏريا پکي مُند جا،

ٻه طرفو ٻيلو.

*

 

اڄ نه ٻوليون ڀانت،

هڪڙو پکي ڀَلِ* تي،

۽ چوڌاري سانتِ.

 

*

 

ورندا واهوندا(1)،

پُسيءُ ڳاڙها گُلڙا

پُڇُ نه ڇا هوندا!

 

*

 

ڪنهن کي ناهي ڪَرَ،

نينگرِ پر جي تون اَچين

مون وٽ پَکيُن پَرَ!

 

*

 

کِڙڪيءَ جو کانچو،

جنهن مان ڪڪر اُڀ جي

مون کي ٿي جانچو!

 

*

 

ها، هُو سجَ چڙهي،

اونهارو هيري ڪڻيون

گهوڙا ٻاريءَ تي!

 

 

*

 

ٿڪجِي، بيٺِي نيٺِ،

سِرَ تي جهلي ٻيلهڙو*

کاري کٻڙ هيٺِ.

 

*


 

*   ٻاٽيٻَرُ پاڻيءَ جو هڪ پکي

*  ڪَنگو لئي جو گل

*  ٿانگ شاخ، ٽاري.

*  مَڇُئو ٻيڙي

(1)  لاکو ڄاڃي سمنڊ جو پکي

*  ڪاتر ٿر ۾ ڪولهي ڪاتر سان سَهي، لوڪڙ وغيرہ جو شڪار ڪندا آهن.

(1)  هورِهيو ٿر جو هڪ پکي

*  پٽ ڪُنوار ٿر جو هڪ گاهه

*  ٿريچاڻي ٿريچاڻيون آر تي وهاڻي جون ڇئون ٺاهينديون آهن.

(1)  ڇانهن ٿر ۾ ڇانهن جي پاڻيءَ کي اُڪاري، گهاٽو ڪري، ڳڙ کائيندا آهن.

*  ڀل آلڙ کان پوءِ جا زمين درياهه ۾ ٻيٽ وانگر ظاهر ٿئي، تنهن کي ڀَل چيو ويندو آهي.

(1)  واهوندا واهوندا ورندا آهن ته ڪرڙن ۾ پسي ٿيندي آهي.

*  ٻيلهڙو هڪ ٻئي مٿان رکيل ٻه گهڙا.

 

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org