سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 5

 

*

 

ٻانهاريءَ ٻولِي،

آڌيءَ راتِ اُڀارَ ۾

چٽَن سان چولِي.

 

*

 

پَرَ ناري پائي،

سامِي سيري هرکجِي

رامُ نه ريجهائي!

 

*

 

روڪيان ڪينَ رهن،

هلڻ هارا سُپرين

ڪهڙي پَهر ڪَهن!

 

*

 

ڄڻ مون ڦُلن اَڍَ،

ٽِڙن ٽانگر وانگيان

وڇوڙي جا وَڍَ.

 

 

 

*

 

بادل برسن ها،

هلڻ هارا سُپرين

تيسين ترسن ها!

 

*

 

هي جا آرَ اُٿلَ،

لُڙهي پاڇو چنڊ جو

آيو ڀرسان ڀَلَ.

 

*

 

جر ٿر مينهن وَسن،

جويون جيسلمير جون

پيارا مانَ پسن!

 

*

 

گهُورَ ڇڏي گهائي،

ڇيلا ڇُڇڪارڻ لڳِي

اکيون جهُڪائي!

 

 

 

*

 

کنوَڻ کَني تاءُ،

ڪاري رات، ڪُهنگ جي

ڪوُڪَر سان ٽڪراءُ!

 

*

 

پَٽ ڪينئنِ جي پِنڊَ،

چوٽيون تارن ٽٻڪڙا

هيٺان ڪارِي ننڊ!

 

*

 

ٻيڙِي موڙي ٿو،

نينگرڙو ننڊاکڙو

ڪُوڻيون ٽوڙي ٿو.

 

*

 

بَريون، ٻولاهيون،

ڪَڪريون لاهي اُڀَ مان

وڃن ٿا ڪاهيون.

 

 

 

*

 

رَکَ ته آهي رَکَ!

مکڻ سوُنهين مَنڌئين

ٻايَل سُونهين ٻَکَ!

 

*

 

لاڙَ ٻه پهري، چيٽُ،

جهڙا ڪاوا گج جا

تهڙو پاڻيءَ پيٽُ!

 

*

 

سنڌوءَ جو ساکِي،

هو جو ويٺل ونجههَ تي

آهي روهاکي!

 

*

 

جڏهن گهنڊَ گُڙن،

گونجن ڦول سُڳنڌ سان

ٽاريون جهانءِ جُهلن!

 

 

 

*

 

پيو هاڻ سماءُ،

چنڊ به منهنجي ڪڍ هو،

چوڏينهَن رات، تلاءُ!

 

*

 

هونءَ ته هيکل پنڌُ،

سنجها ٽاڻي مون ڪُلهي

پر ڄڻ تنهنجو ڪَنڌُ!

 

*

 

هونءَ ته هيکل وکَ،

تون به ٻرانگهون ٿي ڀَرين

ٻيلي تنهنجي ڏِکَ!

 

*

 

ڪيڏي ڦول ڦُلارَ!

نئين سر سِرجي پئين

بسنت جا سنسارَ-!

 

 

 

*

 

جهَلي گُلن گهَٽُ،

پَر سڳنڌي ٿو پيو

پوُرالو پوپَٽُ.

 

*

 

اِن کي ڌَڪُ نه هَڻُ،

هِي جو ڏينڀوءَ اک ۾

پپل سائو وَڻُ!

 

*

 

ٻنهي جي ٻي اکِ،

ساڳو گُل گلاب جو

مان ۽ ماکيءَ مک!

 

*

 

توکي ڪهڙي ڪَلَ،

ڇو ٿا هَٿَ چنار جا

ٿڦڪن هوا ڳَلَ!

 

 

 

*

 

وارِي ئي وارِي،

ماريل هرڻيءَ جون اکيون

جن ۾ شڪاري.

 

*

 

اَلهي اُڀري ٿو،

هُو جو لالُ ليارُ آ

پٿر جو سپنو.

 

*

 

ڪَڪر ڪارونڀارَ،

اُڀرئي سج اُٿاريون

رڍون ڄڻ ريڍار!

 

*

 

تو جنهن ڏٺا شهرَ،

ڪامڻ! رولو رويت تي

ڏِسُ هي هوا لَهرَ!

 

 

 

*

 

تون به نه آهين پاسِ،

سانجهيءَ ويـٖـرا، سانورا

کِنوڻ کنويٖ آڪاسِ!

 

*

 

اوليءَ نه اولو،

ٻيڙيءَ واري نينگريءَ

ٽهڪن جو ٽولو.

 

*

 

ڪنهن کي ٿي ڳولي؟

هي جا موج مجاز جي

ڇاتيون ڇا ڇولي!

 

*

 

جَر جهُوٽو نيئِي،

دُنگي وچ درياهه ۾

ويئِي ڙيٖ ويئي!

 

 

 

*

 

ڏيئِي ڏيکارا،

تارا ٽمڪائن پيا

جبل ۾ جارا.

 

*

 

رانول مون رُٺڙا،

او شل چَپ رکِي چُمان

پِريَن جا پُٺڙا!

 

*

 

مارو سنڀران مَسَ!

رَبا! وڇڙيا ميلئـٖـين

ڏُور نه تِن جا ڏَسَ!

 

*

 

لُڙڪ وهن ٿا لَسَ،

وڄون اکين اوٽڙيون

ڪَنِ نه گوڙيون گَسَ!

 

 

 

*

 

ڇيريون ڇمڪاريون،

واريو آيون ويڙهه مان

ٻڪر ٻانهياريون.

 

*

 

مون کي پُڪارِينِ

هُو جي سانوڻ مينهن ۾

جهنگل جهونگارِينِ.

 

*

 

ويڙهيچن ويلا

رُکو سُڪو ڍوڍڙو

ڇپر ۾ ڇيلا.

 

*

 

اڇي رنگَ اَسُر،

۽ هو تسبي نڪَ ۾

وهائوءَ وانگر!

 

 

*

 

پيرن دل پيئي،

ويو وَرتُ هٿن مان

توکي ڏسنديئِي!

 

*

 

پيارُ نه ساڳو پيارُ،

اڇو مَٿو مُنڌ جو،

ڪوڪو ڪارو وار!

 

*

 

پيارُ نه ساڳو پيارُ

اڳ کان گهرو ٿي ويو

اکين جو اسرارُ!

 

 

*

 

سونا رڱيٖ سَرَ

سج لهي سانجهي ٿيو،

پکي نه آيا پَرَ.

 

 

*

 

اڃا نه آيو!

سج لهي سانجهي ٿيو

پل پل پرايو.

 

*

 

مونجهو، مَن ماندو،

ٻيو ڪاڙهو ڪاپار تي

اونهاري آندو.

 

*

 

وَهيٖ پيو واههُ،

ڀَر تي پِپِرَ ڇانوَ ۾

تون ۽ منهنجو ساههُ.

 

*

 

ورڻو ناهي واءُ!

سانگُ ڪري ڪو سُپرين

اڱڻ اسان جي آءُ!

 

*

 

سج لٿو سارو

ڪتيندي ۽ ڪَنبندي

پويون سيارو.

 

*

 

ويو هيانءُ هَٿان،

اَڪ جون ڦلڙيون نيرڙيون

نيرو نَڀُ مَٿان!

 

*

 

ڪيڏو مينهن مٿان!

هي جي ڏوڪا نينگري

ڪهڙيءَ کجيءَ مان؟

 

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org