سيڪشن: شاعري

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

شيخ اياز

صفحو: 4

         

ڌرتي منهنجو ديس، مگر.....

 

سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته قومپرستيءَ ۾ تنگدلي هوندي آهي، پر سنڌي قومپرستيءَ جو معاملو ٻيو آهي. سنڌي قومپرست شاعرن ۽ اديبن  جو سنڌ سان عشق صوفين جي عشق مجازيءَ جهڙو آهي. جيئن مجازي  عشق صوفيءَ جي اندر کي اُجرو ڪري کيس حسنِ ازل جو شعور بخشيندو آهي، تيئن سنڌ جي عشق سنڌي شاعر کي ساري ڌرتيءَ جو عشق عطا ڪيو ۽ هن پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي درد مان ساري ڌرتيءَ جي درد کي سڃاتو ۽ اُن کي پنهنجي اندر جي سچائين سان محسوس ڪيو. ڀٽائيءَ جو سنڌ سان ازلي عشق هو. هن مارئي بڻجي پنهنجن ماروئڙن جي اهنجن، ايذائن، بيوسيءَ ۽ ناداريءَ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيا ۽ سنڌ جي صحرا کي نياڻين جو سَتر سمجهيو. مرڻ کان پوءِ ديس جي ولين جي واس وٺڻ جي تمنا ڪئي ۽ ديس لاءِ چيائين:

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

ڀٽائيءَ پنهنجي ديس ۾ ماڻهن ۽ مرگهن کي سارنگ کي ساريندو، آڙين کي ابر آسري ۽ تاڙن کي تنواريندو، سمنڊ ۽ سپن کي نئين سج نهاريندو ڏسي، ساري ڌرتيءَ جي اُڃ کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي ديس سان گڏ ساريءَ ڌرتي ۽ سڀني جهانن تي مهر جا مينهن وسائڻ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏايو:

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست مٺا دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين.

ههڙو انسان دوستيءَ ۽ عالميت وارو شعر پنهنجي ديس سان وحدت الوجودي عشق ڪرڻ وارو ڪو شاعر ئي چئي سگهي ٿو. اياز جي روح کي به ديس جي  عشق رفعت بخشي ۽ هن ديس جي دکايلن جي حوالي سان ساري ڌرتيءَ جي دکايلن جي دکن کي محسوس ڪيو ۽ انسان جي غلاميءَ جي ذلت جي خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي. سنڌ هن جي جند هئي پر پوءِ ساري ڌرتي هن جو ديس ٿي وئي:

ڌرتي منهنجو ديس، مگر، مان سنڌڙي جندڙي لايان وو.

اهڙي ادب کي، جنهن ۾ ساري جهان جي ڳالهه ڪيل هجي، آفاقي ادب چئبو آهي. ادب ۾ آفاقيت لفظ خاص معنيٰ ۽ مفهوم  ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو ادب ڪنهن خاص صورتحال ، مقام، واقعي ۽ ماڻهن کان مٿڀرو ٿي، جاگرافيائي حالتن ۽ وقت  جي حدبندين مان نڪري، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ  ماڻهن کي متاثر ڪري ۽ کيس محسوس ٿئي ته اهو سندن ئي اندر جي آواز ۽ احساسن جو اظهار آهي ته اهڙي ادب کي آفاقي ادب چيو ويندو آهي. ادب جي باري ۾ ڪنهن عالم جو چوڻ آهي ته ادب ۽ آرٽ جي رفعت (sublimity ) ۽ حقيقي وڏائي (true greatness ) هر دور  جي ماڻهن کي متاثر ڪندي آهي.

آفاقي ادب جو ٻيو رخ انسان دوستي (humanism) وارو آهي . اهڙي ادب ۾ سمورن انسانن جي عظمت ۽ آجپي جي ڳالهه ڪيل هوندي آهي. اڻويهين صديءَ ۾ انسان دوستي ادبي تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿي. ان تحريڪ جي شاعرن  ۽ اديبن جو عقيدو هو ته انسان جو مانُ مٿاهون آهي، پر کيس بيمانائتو ڪيو ويو آهي. مذهبي اڳواڻ ماڻهوءَ جي اڳئين جهان کي سنوارڻ لاءِ گهڻيون ئي ڳالهيون ٿا ڪن، پر هن دنيا ۾ سندس کسيل مانُ موٽائي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن. انسان دوست شاعرن ۽ اديبن وٽ ماڻهوءَ جو تصور ذات، پات، مذهب ۽ علائقي کان مٿاهون هو ۽ هنن ان مٿاهين مٿاڇري تي ماڻهوءَ جي عظمت جي ڳالهه ٿي  ڪئي. ان تحريڪ کان گهڻو اڳ شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ”هئمليٽ“ جي ڪردار هئمليٽ جي واتان ماڻهوءَ جي عظمت بيان ڪرائيندي چيو هو:

”ماڻهو هنرمنديءَ جو ڇا ته شاهڪار آهي.

عقل جو ڪيڏو نه اڪابر.

ڪيڏين نه لامحدود لياقتن وارو،

جسماني بيهڪ ۽ عمل ۾ ڪيڏو نه ساراهه جوڳو،

معاملا فهميءَ ۾ جهڙو فرشتو،

صفا جهڙو ديوتا،

دنيا جو حسن ۽ ساهه وارن جو سرتاج!

اياز جي شاعري آفاقيت واري به آهي ته انسان دوستيءَ واري به. هن انساني عظمت جو اعلان ڪندي چيو:

شال ڪڏهن ساڃاهيو، منهنجو هي ايمان،

اول به انسان آ، آخر به انسان،

باقي سڀ زندان، آجو رڳو آدمي.

اياز پنهنجي ديس جي دکايل ڌرتيءَ کي ڏسي ان نتيجي تي پهتو ته جيئڻ جو مقصد اهو آهي ته اهڙي انداز سان زنده رهجي جو جڏهن هي جهان ڇڏجي تڏهن هن سنسار ۾ سونهن پهريان کان سرس هجي. يعني ته ماڻهو زندگيءَ ۾ حسن تخليق ڪري ۽ دنيا جي حسن ۾ واڌارو ڪري:

جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾،

واري پنهنجي جندڙي، جوڙ اهو جنسار،

توکان پو سنسار، سرس ٿئي ڪجهه سونهن ۾.

قومپرستيءَ کان انسان دوستيءَ واري اياز جي ان سفر ۾ اهڙو مقام به آيو جو دنيا جي ڪنهن به انسان  جي گلي جو طوق هن کي پنهنجي گلي جو طوق لڳو ۽ هر محڪوم جي صورت ۾ هن پاڻ کي ڏٺو:

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽو

مون ائين سمجهيو

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

         

اي دنيا ڀر جا محڪومو!

اي مظلومو!

جي محڪوميءَ مان ڪوبه ڇُٽو

مون ايئن سمجهيو

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.   

جنهن دور ۾ اياز قومپرستيءَ واري مزاحمتي شاعري ٿي ڪئي ان دور ۾ مارڪسزم اديبن ۽ شاعرن جو ادبي ايمان ۽ دانشوراڻو فيشن هو. ڪراچيءَ جي ڪافي هائوس جا ڪامريڊ شاعر پنهنجو پاڻ کي آفاقي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪانگو جي ان دور واري وطن پرست ۽ سوشلسٽ ليڊر لوممبا جي شهادت تي لڙڪ هاريندا هئا. هنن جي دل ۾ آفريڪا جو درد ته هو پر هو اُن ڌرتيءَ جي درد کان بيخبر هئا جنهن ڌرتيءَ پنهنجيءَ هنج ۾ کين تاتيو ۽ نياپو هو. هُنن مشاعرا ٿي پڙهيا، معاوضا ٿي ورتا ۽ اياز جيل جون صعوبتون ٿي سٺيون:

هو غالب جو هم وطن، وٺي ڏيڍ هزار،

ويٺو وچ مشاعري، جهونو نمڪخوار،

ڏس ڪيڏي بيداد ۾، داد گهري ٿو يار،

آءٌ ڀٽائيءَ ٻار، ڪاريون راتيون ڪوٽ جون.

       اياز انهن ڪافي هائوس جي ترقي پسند ۽ انسان دوست سوشلسٽ شاعرن کي مخاطب ٿي چيو:

ڀرَ ۾ پنهنجي ڀاءُ تي، ڪو نه ڪيئه ڪهڪاءُ،

ڪوڙي تنهنجي شاعري، هيا، تو نه حياءُ،

ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين.

 

ڀاءُ مري ٿو ڀِڪَ ۾، توکي ناهه ديا،

لوممبا جي ديس لاءِ، پر تو گيت چيا،

ڇو جو ناهه، هيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو.

 

هتي ڀل ڇـِني پيو، مرون ماڻهوءَ ماس،

آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،

آهين ڇا ته اُداس، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه.

انهن فيشني شاعرن جي ڀيٽ ۾ اياز پنهنجي اندر مان لوممبا جي پيڙ جا پڙلاءُ ٻڌا ۽ هن جي گهاوَ کي گهوري ڏٺائين ته سندس اندر مان رت چڪي پيو:

آءٌ لوممبا آهيان، ۽ هو منهنجو ڀاءُ،

آهي جنهن جي پيڙ جو، مون ۾ اڄ پڙلاءُ،

گهُوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چـِڪي پيو.

آءُ لوممبا آهيان، سوريءَ مٿي سَچُ،

ڀَڄي مون کان بَچُ، توکي سانگو ساهه جو.

 

اڄ هي منهنجو گيت جو، ڌوڏي ٿو زندان،

ڪانگو جو ارمان، ان لئه ناهي اوپرو.

اهڙيءَ طرح جرمنيءَ جي ٻارنهن سالن جي يهودي نينگري اَئني فرئنڪ، جنهن کي نازين ايذاءُ ڏيئي ماريو، ان جي رت چڪيل ڊائري پڙهندي اياز کي پنهنجي گهاوَ مان ٽمندڙ رت مان ان نينگريءَ جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا:

ائني، منهنجي ڀينڙي، ڏورانهين اِٻلا،

اڄ جو منهنجي گهاو مان، رت ڪيا ريلا،

انهن ۾ تنهنجا، سهسين سڏڪا ٿو سڻان.

 

هاءِ يهودي ڌيءَ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،

ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جهڙا مون جيءَ،

روز سڪايا سيءَ، ڳاڙها گل گلاب جا.

سنڌ ۾ اڄ به نازي دور جي جرمنيءَ واري صورتحال آهي. اڄ به آڌيءَ رات جو در ٿو کڙڪي ته سرير مان سياٽو نڪري ٿو وڃي. اڄ به هتان جا ليکڪ ڏاڍ کان ڏري، راتين جو روئي، لوڪ کان لِڪي ٿا لکن. ملڪ ۾ ايڏو ڀَو آهي جو ڪوبه ٻئي جو سچ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ته متان هن جي سچ  جو توَ کيس ڄر ۾ نه ڄرڪائي ڇڏي:

 

اڄ به در تي اوچتو، آڌيءَ جو ٺڪ ٺڪ،

وجهي سيءُ سرير ۾، وڌائي دَڪَ دَڪَ،

ڏوران ئي ڏڪ ڏڪ، اڃا ماڻهوءَ هينئڙو.

 

اڄ به لڪي لوڪ کان، لکي ٿو ڪوئي،

راتين جو روئي، ڏري ڪنهن جي ڏاڍ کان.

 

اڄ به آهي ڀونءِ تي، ماڻهوءَ ايڏو ڀَوَ،

هر ڪو چڙي ٿو چوي، مون کي سچ نه چو،

”متان تنهنجو تَو، ڄَرَ ۾ ڄرڪائي ڇڏي.“

سنڌ سان جند وارو ناتو نڀائيندي اياز سنڌ لاءِ ساهه ڏيڻ وارن سرويچن جو ڪيڏارو لکيو. سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾ ڪيڏارو ڪربلا  جي ڪوس لاءِ لکيو ويو آهي. خليفو نبي بخش پهريون شاعر هو جنهن ان روايت کان هٽي کرڙيءَ جي جنگ جو ڪيڏارو لکيو ۽ Imagist  شاعرن وانگر جنگ جو منظر چٽيائين، پِـِڙ جو رنگ ڳاڙهو پيوڙي آهي، مانجهين جون پڳون رت ۾ رتلِ آهن ۽ جهونجهارن جا گهوڙا رت ۾ پيا ترن:

پِڙ ۾ پيوڙيءَ، رنگ، مانجهين رتا مولهيا،

تريا رت ترنگ، رت ۾ راماڻا ڪري.

 

هلو ملهو مانجهيا، ويرين وٺو وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.

 

سوڀون سر گهُرن، سِرريءَ سوڀ نه سپجي،

سوڀ برابر سسيون، توريان تان نه تُرن،

جي هينڙي منجهه هُرن، سي مل مهانگا سپرين.

لطيف سائينءَ جو ڪيڏارو جيتوڻيڪ ڪربلا جي ڪوس جو ڪيڏارو آهي پر ان جي طرز احساس ۽ جنگ جو منظرنامو سنڌي آهي. ڪيڏارو پڙهندي ائين ٿو لَڳي ڄڻ اها جنگ سنڌ ۾ لڳي هئي. ان جهونجهارڪي جهيڙي ۾ هاٿين جا هَڏ پيا مڇائجن. چادرن جون ٺهيل جهوليون، جهونجهارن جا لاش کڻي، جهمنديون پيون اچن. جن کي ڏسي سرويچن جون ونيون ٻهار جا ٻُڪَ مٿي ۾ وجهي ٿيون پٽين ۽ پار ڪڍن:

ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جهونجهارڪو جهڳڙو،

هاٿين هَڏ مُڇائيا، ريلو رَتَ نئين،

ڀانئن سا سنئين، جئان جيءَ جوکو ٿئي.

 

جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارو جون،

پايو ٻُڪ ٻُهارَ جا، ان جو وَهون واڪا ڪن،

پِـِٽِيـِن پار ڪڍن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.

 

هوڏانهن هن  هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،

سُرنايون ۽ سُندڙا، ٻنهين پار ٻُرن،

گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

ڪربلا توڙي کرڙي ٻئي تاريخي واقعا آهن، جڏهن ته اياز جو ڪيڏارو تصوراتي آهي ۽ انهن سڀني سرويچن جو ڪيڏارو آهي، جن سنڌ لاءِ وڙهندي ساهه ڏنو. اها جنگ اياز جي اندر ۾ لڳل هئي ۽ سندس ڪيڏارو ان جنگ جي exterorisation  هو. اها جنگ جيتوڻيڪ هن دور  جي آهي، پر  ان جو منظرنامو، ڪردار، شاعراڻو  لهجو ۽ اظهار جو انداز ڪلاسيڪي ڪيڏاري وارو آهي. اسين ان ڪيڏاري جي منظر نامي ۾ داخل ٿيون ٿا. سامهون اسان جي ديس جي ڌرتي لهوءَ ۾ لت پت آهي. اها لهوءَ ۾ لال ڌرتي جهونجهارن جي پت پئي پرکي. سرويچ سورهين جون پڳون رت ۾ پيون چڪن ۽ لهوءَ ۾ لال آهن. آڌيءَ انڌوڪار ۾ ڪاري ڪٺ ڪميت کي ڪو گهايل گهوڙي سوار اڙيءَ سان اڏائيندو ٿو اچي. ايڏي اوندهه آهي جو لکا نٿي پوي ته هو ڪير آهي. مٿان مينهن پيو وسي ۽ هيٺ سرفروش پيا وڙهن. مٿان بادل پيا گجن ۽ هيٺ شينهن پيا گجگوڙ ڪن. ڏينهن تتو ۽ ريت رت چهي وئي ۽ ڪنهن کي به خبر ڪا نه پئي ته ڪنهن جو رت  ڪٿي ڪريو. سانجهيءَ جو لهندڙ سج ان رت ۾ ٽامڻي هڻي ويو آهي:

لهوءَ ۾ لَت پَت، ڌرتي منهنجي ديس جي،

پرکي پيئي پَت، جهونجهارن جي جنگ ۾.

 چڳون رت چڪندڙيون، مولهيا لهوءَ لال،

ادا، اڄ ته اوريون، انهن جا احوال،

ڪالهه ڀلائي ڀال، وڍيا جيڪي واهرو.

 

ڪاري ڪـِٺ ڪميت تي، آڌيءَ انڌوڪار،

جهڙ ڦڙ جهور جهڪور ۾، چـِيهه ڪيو چهڪار،

اڙيءَ سان اُڏرڻ لڳو، گهايل گهوڙي سوار،

اوندهه آهي اپار، ڪيئن چئجي هو ڪير هو.

 هو جي وسندي مينهن، وڙهيا پئي ويڙهه ۾،

مٿان بادل اُڀَ ۾، هيٺان ڪيهر شينهن،

شال ڏسان مان ڏينهن، ٻيهر اهڙا ڏيهه ۾.

 

ريت چهي وئي رَتَ کي، ڏاڍو ڏينهن تَتو،

ڪنهن جو رَتَ ڪٿي ڪريو، ڪنهن کي ناهه پتو،

سانجهيءَ سـِجُ رتو، ڳاڙهه سمائي ڳاڙهه ۾.

سرويچن جي  سورهيائيءَ جا اهي منظر چٽي هو پنهنجي دور جي سورهين کي ديس ۾ جاري جنگ ۾ وڙهڻ جي دعوت ٿو ڏئي.

اچو، اچو، سورهيو، هڻو ڇَٽَ پٽن،

ماڻهوءَ مٿان رَتَ جا، بادل ٿا برسن،

وڙهندي مانَ وسن، ٿر تي ٿڌا مينهڙا.

 

اچو ڪُـرُ ملهائـِيو راوت رڱيو روهه،

جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه نسورو ڏوهه،

للڪاري ٿو لوهه، اُڀري اڄ انياءُ تي.

ديس جي ڌرتيءَ جي عشق اياز جي اندر ۾ ساري ڌرتيءَ جو عشق جاڳايو هو، انڪري هن سنڌ جي سرويچن جي مهما ڳاتي ته ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ جو جنگنامو به لکيو. جنگنامو شاعر پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهيل جنگ ۾ پنهنجن سورمن جي سورهيائيءَ لاءِ لکندا آهن. پر مون هي پهريون جنگنامو پڙهيو آهي، جيڪو ٻئي ديس جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهيل جنگ لاءِ لکيل آهي. مان اياز جي ٻٽيهن بيتن تي مشتمل هن جنگنامي کي epic  ٿو سمجهان ايپڪ جو سڌوسنئون ترجمو جنگنامو يا رزميه نظم آهي، پر انهن ٻنهي معنائن مان اهو مفهوم نٿو نڪري، جيڪو ايپڪ مان ٿو نڪري. ايپڪ جي تشريح هن ريت ڪئي ويندي آهي:

”ايپڪ سورهين ۽ سورمن جي ڪارنامن بابت اعليٰ پئماني وارو بياني نظم هوندو آهي. ايپڪ جي ڪهاڻي گهڻ رخي هوندي آهي، جنهن ۾ ڏندڪٿا، روايتي ڪهاڻي، لوڪ داستان ۽ تاريخ شامل هوندي آهي. ايپڪ قومي اهميت وارا هوندا آهن، جن ۾ قومي تاريخ ۽ قومي اُمنگن جو اعليٰ انداز ۾ اظهار ڪيل هوندو آهي.

ايپڪ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا گمنام چارڻن جا چيل، جيئن اسان وٽ دودي چنيسر وارو رزميه داستان آهي ۽ ٻيا ادبي ايپڪ، جيڪي شاعرن جا لکيل هوندا آهن. ساري دنيا ۾ هن مهل تائين جيڪي به قديم ايپڪ مليا آهن، انهن مان ڪنهن شاعر جا چيل  قديم ترين ايپڪ يونان جي انڌي شاعر هومر جا ٻه مشهور ايپڪ lliad  ۽ Odyssey  آهن. گمنام چارڻن جي چيل قديم ترين ايپڪ سُميريائي (Summerian ) داستان گـِل گامش (Gilgamish) آهي، جيڪو ٻارنهن بابن تي مشتمل آهي ۽ پنج هزار سال پراڻو آهي. ان ايپڪ جو مرڪزي خيال انسان جي عظمت ۽ غيرفاني زندگيءَ جي تلاش آهي. هندستاني رزميه داستان مهاڀارت جو شمار به دنيا جي قديم ترين ايپڪ ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ايپڪ رڳو جنگنامي کي چوندا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي ايپڪ جو تصور وسيع ٿيندو ويو ۽ اهڙي ناول يا نظم کي به ايپڪ چيو ويو، جنهن ۾ ڪنهن دور کي يا ان دور جي ڪنهن هڪ رخ کي، پوريءَ طرح ۽ عاليشان نموني سان پيش ڪيو ويو هجي . ٽالسٽاءِ جا ناول "Ana Karenina", War and peace" جيمس جوائس جو ناول "Finegans Wake", اسٽين بئڪ جو ناول "The Grapes of Wrath" ۽ پيسٽرناڪ جو ناول ڊاڪٽر زوهاگو ايپڪ سمجهيا ويندا آهن. اياز جو اهو ٻٽيهن بيتن تي مشتمل نظم موضوع جي وسعت ۽ مرڪزي خيال جي آفاقيت جي لحاظ کان ايپڪ نظم آهي.

اياز جي هـن نظم کي اسين چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

1. جنگ جي هولناڪي ۽ ماڻهوءَ جي اندر جي مرونءَ جي سفاڪيءَ وارا بيت.

2. ويٽنامي سورهين جي سورهيائي، ارادي جي ارڏائي ۽ سهپ وارا بيت.

3. آزادي ماڻڻ جي نظريي وارا بيت.

4. آزاديءَ جي جدوجهد جي ثمر ملڻ جي رجائيت (optimism) وارا بيت.

ان نظم ۾ اياز جنگ جي هولناڪيءَ جي اهڙيءَ منظرڪشي ڪئي آهي جو نظم پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين جنگ جي ميدان ۾ بيٺا آهيون. اسان جي اکين جي اڳيان ٻارن جي عضون جا وڍيل ڍير آهن، ڪنول جي پنکڙين جهڙا هٿ ۽ پوڄا جهڙا پير، ماءُ جي مامتا ڀريل ٿڻن کي ڳجهون پيون پٽين ۽ مرون لهوءَ ۾ چڪيل مامتا کي پيا چَڪين، ڇنن ۽ ڦاڙين. وڍيل ونيون، وڍيل مائرون، جن جون سسيون وڍجڻ کان پوءِ به اکيون پٽي پنهنجي ٻار کي پيون ڳولهين. لاشن جي منهن تي رت جو مک آهي ۽ ڌڙ تي باهه جي اُلن جا ڦٽ، باهه ۾ سڙيل لاش هڪٻئي کي ٻَک وجهي پيا آهن:

ڍيرن مٿان ڍير، وڍيل ٻارن انگڙا،

ڪنول جهڙا هٿڙا پوڄا جهڙا پير،

الا، هي انڌير، جيجل  ! تنهنجي جيءَ سان.

 

ٿڻ ٿڻيتين جا ٿيا، ڏسو ڳجهن ڳاهه،

مـِرون پٽن ماهه، لهو چڪي مامتا.

 

لهو لويل مامتا، وڍيل ونيون ڏس،

ڏس هي ڪپيل سِسُ، ڳولهي ٿو ڪنهن ٻار کي.

 

منهن تي لهوءَ مَکُ، ڌڙ تي ڦٽَ  اُلاوَ جا،

لاش وڌو آ لاش کي، مَري ٻري ٻَکُ،

ڀونءِ ڏنو ڇا بَکُ،  آزاديءَ جي راهه تي.

اوندهه انڌوڪار ۾ بَمن مٿان بَم ٿا ڪرن ۽ ماڻهن جا چم سوڌا هڏا آڪاس ۾ ٿا اُڏامن. گولين ۽ بَمن جا آواز ۽ گُهگُهن  ۽ جهازن جا گهوگهٽ- ائين پيو لڳي ڄڻ ڏاڍن جا ٽولا پچڪارين ۾ ماڻهوءَ جو رت ڀري پيا هوليون ڪن. بَم پيا برسن ۽ ماڻهو پيا ڀڄن. چوڌاري رڙو رڙ آهي، پر ڪو ڪنهن جا ٻوڪ نٿو ٻڌي تتل ڪـِر ۾ ماڻهن جا ٻچڙا پيا ڪوڪن، باهه جي ان ڪـِر ۾ ڪو سڙيل ڪنڌ کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي مڱَ کي پيو ڳولهي:

 بَمن مٿان بَمَ، ڪريا انڌوڪار ۾،

اُڏاڻا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چَمَ،

 الا ڏس آدمَ، آزاديءَ لئه ڇا سٺو.

 

زناٽي ۾ زوم سان، گولين تي گوليون،

ڏمري آيون ڏاڍ جون، ٽولين تي ٽوليون،

هي به ڏسو هوليون، جن پچڪاريون رتَ جون.

 

بمن جي برسات ۾، ڀڳا لڪا، لوڪ،

رڙو رڙ پئجي وئي، ڪنهن به نه ٻڌا ٻوڪ،

ڪـِر ۾ پڪل ڪوڪَ، ماريل ماڻهوءَ ٻچڙا.

 

ڏسِ هي ڳڀروءَ ڳاٽ، ڳولهي ٿو ڪنهن مڱ کي،

ڪنجهي ڪرڪي، ڪنهن کنيو، منجهان ڪَرڪپاٽ،

لـِکي ساڻ لـِلاٽ، جليو انڌيءَ آڳ ۾.

 

انساني ڪوس ۽ رتوڇاڻ جي ان پس منظر ۾ ارڏا ۽ اڙٻنگ ويٽنامي گوريلا جياپي ۽ آجپي جي جنگ جوٽيندا نظر ٿا اچن. اياز جنگ جي مختلف اميجز ۽ مانٽيجز سان هنن جي ويڙهه جو منظر چٽيو آهي. هنن جي مٿن تي پاٻوڙا ٻڌل آهن، ۽ هو جهنگ پيا جاڳين، وڻن ۾ ونگ وجهي ٽارين تان پيا کِسڪن، کين ڏسي جهنگ جا واسينگ ٿا ڇِرڪن. گهُگهه اونداهي بَمن ۽ گولين جي گهن گهن سان پئي پڙاڏجي. چوماسي جي مند آهي. هو ڀن پٺيان پيا ڊوڙن جو وهاڻيءَ جو ويري واٽ تي اچڻا آهن. هاڻي جهونجهڪڙي جي ڍنڍ ۾ تارا ٻڏڻ لڳا آهن ۽ هو وهاڻيءَ ويل ويرين تي وار پيا ڪن:

مٿن پاٻوڙا ٻڌي، جهاڳين پيا جهنگ،

اڳ نه واسينگن ڏٺا، ڪڏهن هيئن نـِسنگ،

وڻن وجهـِي ونگ، ٽارين تي کسڪي ويا.

گهن گهن گهنن گهن، گجي پيو گُهگهه ۾،

ڊڀن پويان ڊوڙندا، ڪڏهن ننڊ نه ڪن،

چيتي چال وڃن، ويريءَ پٺيان واٽ تي.

 

جهونجهڪڙي جي جهيل ۾، ٻڏن ٿا تارا،

جهونجهارن جا جنگ ۾، وهاڻيءَ وارا،

هو جي هچارا، اجهو آيا واٽ تي.

 

ويريءَ مٿ جهڪي، هو جو آيو اُڃ ۾،

اڃا پيتائين رڳو، پلرَ اڌ چُڪي،

پُڳو ساٿ ڊڪي، جنبي ويو جنگ ۾.

 

ڪوڙي ناهه ڪٿا، ڪَٿڪ، نئين، جُڳَ جي،

ڇٽيون کولي اُڀ مان، ويري هيٺ لٿا،

 ڇاپامار جٿا، وريا تن کي واٽ ۾.

 

پَتا سائي گاهه جا، چٻي مارن بُکَ،

مور نه سارن سُکَ، جيسين ويري واٽ ۾.

 

ڀانت ڀانت هٿيار، ڪُنن ڪاڻيٺا گهڻا،

پوءِ به گجيا شينهن جئن، ويڙهو ڏونگر ڏارَ،

ويريءَ مٿان وارَ پوَڻا پيا ڪينڪي.

آزاديءَ جي جنگ جوٽيندڙ انهن گوريلن جي ويڙهه ڏيکارڻ کان پوءِ اياز آزادي حاصل ڪرڻ جي طريقه ڪار جو نهايت واضح نظريو ڏنو آهي. آزادي حاصل ڪرڻ جو هڪ نظريو پرامن جدوجهد ۽ ستيه گرهه وارو آهي ته ستيه گرهه ۽ پرامن ڳالهين سان آزادي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٻيو نظريو هٿياربند جدوجهد ۽ جنگ سان آزادي حاصل ڪرڻ وارو آهي. ٽراٽسڪي چيو هو: ”دشمن سان عام معاملن تي ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر موت ۽ زندگيءَ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪري نه ٿيون سگهجن.“ هٽلر چيو هو: ”ڪامياب ۾ ڪامياب ڳالهيون ڪرڻ وارا (negotiators) رڳو ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن هو مخالف ڌر جهڙا ئي طاقتور هجن. آخري تجزيي ۾ اهو سوال سدائين پيو سامهون ايندو ته ان وقت ستيه گرهه ڪرڻ وارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جڏهن سندن ستيه گرهه واري هلت کان ڪاوڙجي سامهون واري ڌُر انڌي قوت سان مٿن حملو ڪري، ڇا تڏهن به کين ستيه گرهه واري نيتيءَ تي قائم رهڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ان سوال جو جواب هاڪار ۾ آهي ته پوءِ ستيه گرهه ڪرڻ وارن کي پنهنجو پاڻ کي شڪاري ڪتن کان چيرائڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ستيه گرهه رڳو ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جنهن صورت ۾ ستيه گرهه ڪرڻ وارا ان ڳالهه لاءِ به تيار هجن ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته دشمن خلاف کلي هٿياربند جدوجهد ۽ ساڻس ڳجهي جنگ به ڪبي.“

اياز آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ هٿياربند جدوجهد ۽ جنگ کي ضروري ٿو سمجهي. جڏهن  ڪنهن ديس جي ڌرتيءَ جي دل ۾ آزاديءَ جي آرزو ڌڙڪڻ ٿي لڳي، تڏهن آزادي باهه مان ڀڙڪي وڄ وانگر قهر بڻجي ويريءَ تي ٿي ڪڙڪي:

پر پو اُڀري آڳ مان، آزادي ڀڙڪي،

ويريءَ مٿان وڄُ جي، قهر جيان ڪڙڪي،

ڌرتيءَ ۾ ڌڙڪي،  آجي ٿيڻ جي آرزو.

 

آجي ٿيڻ جي آرزو، بندوقون ۽ بَمَ،

ويرين جا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چَمَ،

اِي آزاديءَ ڪَمَ، ڏونگر ڏاري ٿي وجهي.

آزاديءَ جي آرزو، ڳڀرو ٻڍي، ٻار،

 

لهو هر ڪنهن لـِڱ تي، لڳي ماکيءَ لار،

آزاديءَ اسرار، پُرَجهي پُرجهان ڪيترا.

 

هنوئي هر جاءِ، آزاديءَ جو مورچو،

لکين نينگر نينگريون مرن جيئڻ لاءِ،

ڪانئر، پير نه پاءِ، جي تو پياري جندڙي.

 

ڏکڻ اوڀر ايشيا، توتي لک سلام،

تنهنجي سج اُڀار کي، سهمي ڏٺو سام،

آئي منجهه عوام، آزاديءَ جي آرزو.

۽ پوءِ اهو جنگجو گوريلو بندوق جي ناليءَ مان ڏور آڪاس ڏانهن ڏسي گوليون ڀري اونهون ساهه ٿو کڻي ته هن کي بارود جي  بوءِ ۾ ڪٿي نون ٽڙيل گلن جي هٻڪار ٿي اچي:

ناليءَ مان بندوق جي، ڏور ڏسي آڪاس،

گوليون گوريلي ڀري، کنيو اونهون ساسُ،

آيو ڪٿان واسُ، ڪٿي گل ٽڙن پيا.

 

ڪٿي گل ٽڙن پيا، ناهي دور بسنت،

اجهو آيو انت، سياري جي سيءَ جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org