سيڪشن: شاعري

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

شيخ اياز

صفحو: 2

 نانهن جو سفر

 

اِنڪار جي ان دور ۾ اياز سامي جي ويدانت ۽ مايا واري نظريي جي ترديد ڪئي ۽ ساميءَ جي سلوڪن جي جواب ۾ سلوڪ لکيا. ساميءَ جو بيت آهي ته:

مايا ڀلائي، وڌا جيءَ ڀرم ۾،

سامي ڏسي ڪونه ڪو، مڙهيءَ منهن پائي،

جنهن کي اوديا ننڊ مان، سَتگُر جاڳائي،

سو ويهي وڄائي، نگارو نرٻاڻ جو.

بيت جي معنيٰ آهي ته مايا ماڻهن کي ڀلائي، سندن جيءَ ڪوڙي ڀرم ۾ وڌا آهن، ڪوبه ماڻهو پنهنجي من جي مڙهيءَ ۾ منهن وجهي نه ٿو ڏسي، جنهن کي سندس سچو گرو اوديا (اڻڄاڻائي ۽ لاعلمي) جي ننڊ مان جاڳائي ٿو ته هو نرٻاڻ (نرواڻ) جا نگارا (نغارا) ٿو وڄائي.

ساميءَ جي بيت جا ٽي اکر مايا، اوديا ۽ نرواڻ، ويدانتي فلاسافي ۾ هڪ خاص معنوي پسمنظر ۾ استعمال ٿيندا آهن. انڪري ساميءَ جي سلوڪن ۽ انهن جي جواب ۾ لکيل اياز جي سلوڪن کي سمجهڻ لاءِ،ويدانت جي پسمنظر مان واقف ٿيڻ ضروري آهي.

ويدانت جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ته جيڪا ڏاهپ ويدن ۾ ڏسيل آهي، اها ويدانت ۾ مڪمل ٿي وئي. ويدانت جو بنيادي تصور اپنشدن جي ”باراين سوتر،“ جنهن کي برهم سوتر به چوندا آهن، ۾ ڏنل آهي، پر ويدانت جي منطقي تشريح ڪري ان کي باقاعدي فلاسافيءَ جي شڪل ڏيڻ وارو شنڪر نالي مالابار جو برهمڻ هو. هو ٻڌمت جو مخالف هو پر هن پنهنجي فلاسافيءَ جا ڪيترا تصور ٻڌمت مان ورتا. ٻڌمت مطابق ڪائنات وڏو خال Void ۽ Emptiness آهي جنهن ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيندي ٿي رهي. ڪابه شيءِ هجڻ واري حالت ((Being ۾ نه آهي، پر ٿيندي رهڻ (Becoming) واريءَ حالت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ هڪ حالت ۾ نظر اچي ٿي ته اهو نظر جو دوکو ۽ مايا آهي. هندومت ۾ ان کان اڳ مڪتيءَ جو تصور جنم جنم جي ڦيري مان نجات ماڻڻ وارو هو. شنڪر مايا ۽ اوديا کان نجات حاصل ڪري، حقيقت مطلق جي ڄاڻ يا شعور حاصل ڪرڻ کي مڪتي ۽ نرواڻ سڏيو. هن چيو ته هن ڪائنات ۾ موجود ڪنهن به شيءِ  جو وجود ڪونهي. اهو سڀ نظر جو دوکو ۽ ڪوڙ آهن. ڪنهن به مادي شيءِ جي ڪا حقيقت ڪانهي. حقيقت رڳو هڪ آهي ۽ اها آهي برهم. برهم حقيقت مطلق آهي. هيءَ ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ برهم جو مظهر آهي. مايا برهم تخليقي قوت ۽ قدرت آهي. مايا جڏهن برهم سان ملي ٿي تڏهن برهم شخصي خدا يعني ايشور جي صورت اختيار ڪري ٿو. برهم جون ٻه حالتون آهن. هڪ حالت ۾ هو نرڳڻ يعني بنان وصفن ۽ صفتن وارو رڳو تت ((Essence آهي. ٻي حالت ۾ هو جڏهن شعور سان ڳنڍجي ٿو، تڏهن ان جي حالت سُڳُڻ يعني صفتن ۽ وصفن واري ٿي وڃي ٿي. مايا ۽ اوديا جي ڪري ماڻهو ڪائنات ۽ ڪائنات ۾ موجود شين کي سچ سمجهندو آهي پر پوءِ جڏهن ستگر جي رهنمائيءَ ۾ سندس اکين تان لاعمليءَ جا پڙدا لهي ويندا آهن، تڏهن هن کي حقيقت جو وجدان ٿيندو آهي ۽ کيس خبر پوندي آهي ته ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ برهم آهي ۽ جيئن ته ماڻهو پاڻ به ڪائنات جو حصو آهي، انڪري هو پاڻ به برهم آهي. گرو هن کي چوندو آهي، ” تت سوم اسي“ (تون هو (برهم) آهين) ۽ طالب چوندو آهي، ”اهم ڪم برهم اسي“ مان برهم آهيان. پاڻ برهم هجڻ جي شعور سان طالب کي مايا ۽ اوديا کان نجات ملي ويندي آهي. ان حالت کي ساميءَ ”نرٻاڻ جو نگارو“ وڄائڻ واري حالت سڏيو آهي. شنڪر برهم کي ”ادويتا“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”جيڪو ٻه نه آهي.“ دنيا ۾ هر شيءِ جي مخالف شيءِ موجود آهي. جيئن اُس جي ڇانو. گرميءَ جي سردي، اوندهه جي روشني ۽ نيڪيءَ جي بدي. شين جو وجود انهن جي مخالف شين جي وجود سان ئي قائم آهي. ماڻهو گرميءَ جو تصور تيستائين ڪري نه ٿو سگهي جيستائين هن جي ذهن ۾ سرديءَ جو تصور  نه آهي، يعني جيتوڻيڪ گرميءَ وقت سردي ڪانه هوندي آهي پر سردي ڪٿي نه ڪٿي، ٻيو نه ته ماڻهو جي ذهن ۾ تصور جي صورت ۾ موجود هوندي آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن برهم کي هڪ چئبو  ته هڪ جو ضد به موجود آهي. انڪري هن برهم کي هڪ سڏڻ جي بدران هن کي جيڪو ٻه نه آهي سڏيو ۽ هو جيڪو ٻه نه آهي اهو پنهنجو اظهار تضادن ۾ ڪندو آهي، جيئن نيڪي ۽ بدي، اوندهه ۽ روشني. اهي متضاد شيون ائين آهن، جيئن هڪ سِڪي جا ٻه رخ. برهم انهن ٻن متضادن جي وچ ۾ آهي.

اياز ساميءَ جي ويدانت ۽ مايا کي هيٺين ٽن حوالن سان رد ڪيو:

1. انسان جي جسماني سونهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ خوشي مايا ٿي نه ٿي سگهي.

2. جيڪڏهن هر شيءِ مايا آهي ته ماڻهوءَ سان جيڪو ظلم ٿو ڪري ان کي به مايا مڃڻو پوندو ۽ مايا جي خلاف جدوجهد اجائي آهي جو اها جدوجهد به مايا آهي.

3. هن ڪائنات جو وجود ۽ ان جي سونهن برهم نه پر مادي جو ڪرشمو آهي.

اياز لاءِ انساني جسم جي سونهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙخوشي وڏو سچ آهي. جيڪو سونهن جي ساگر کان انڪار ٿو ڪري ۽ ان کي  ڪوڙ ٿو سمجهي، ان جي پنهنجي اندر ۾ ڪوڙ آهي، جڏهن ته سونهن جو هي ساگر، هي سنسار وڏو سچ آهي. هو ساميءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:

هي جو ساگر سونهن جو، انهيءَ کان انڪار،

سامي، پنهنجي سوچ تي، تون ئي پنهنجو ڄار،

سچو آ سنسار، جوٺ سندءِ ئي جيءَ ۾.

عورت جي جسم جون گولايون، ور ۽ دنگ. ڳچي ۾ ڳراٽڙيون، ڪپيل انجير جهڙا چپ اڳيان اُڀري اچن ته ان وقت حاصل ٿيندڙ مسرت هر غم ۽ ڏک کان نجات ۽ مڪتي آهي. ڪنهن ناريءَ جي نهار جو اَمرت، ڇوهي ۾ جيئن اڌ پڪل اَنبڙي ڪِرندي آهي ائين ڪنهن حسينه جو سيج تي ڪرڻ، راڌڪا جي ڇير جي ڇم ڇم، مڇ ڳنڌا ماڇاڻيءَ جو جسم ۽ ان مان نڪرندڙ چندن جي خوشبو، تلاءَ ۾ وهنجي وار ڇنڊيندڙ ناري جيئن باهه ۾ هرمل وجهڻ سان نڪرندڙ دونهين جو ٻاڦو:

ڪيڏي توکي ڪئو، آهي مايا موهه کان،

آڌيءَ اُرهه منڌُ جا، جوٺا آهن چئو،

ڀورا تنهنجو ڀئو، جاڙ اَجائي جيءَ سان.

 

ساري رات سڳنڌ ۾، ناريءَ ڪارا وار،

ڳچيءَ منجهه ڳراٽڙيون، پوڄا جهڙا پيار،

توکي نرآڪار، آڌوتي، ڇا  آڇيو؟

 

ان کان وڌ ڪهڙي ملي، مڪتي ماڻهوءَ کي،

چپ ڪپيل انجير جان، اُڀري اچن جي،

۽ امرت آڇي، ڪائي نار نهار ۾.

 

سندر ناري سُر مان، وهنجي ڇنڊيا وار،

جيئن هرمل جي آگ مان، نڪري دونهين ڌار،

هنئين جي هٻڪار، آڌوتي، اهڙي ڪٿي.

اياز لاءِ جسم مان حاصل ٿيندڙ جسماني مسرت روحاني مسرت آهي. جسم روح جو مظهر آهي ۽ جسم کان سواءِ روح جو ڪو وجود ڪونهي. ارڙهين صديءَ جي انگريزي شاعر وليم بليڪ جنهن کي صوفي شاعر  به مڃيو ويندو آهي، تنهن چيو هو ته جسم روح کان الڳ نه آهي. جسم روح جو ئي حصو آهي. جنهن کي اسين حواسن سان محسوس ڪريون ٿا. هر هڪ ماڻهوءَ ۾ تصور ڪرڻ جي قوت هوندي آهي ۽ هر ڪو ماڻهو جڏهن جسم ڏانهن ڏسندو آهي ته کيس جسم ۾ روح نظر ايندو آهي ۽ جسماني تعلق سان ماڻهو روح جي اسرارن تائين پهچندو آهي.

مذهبي طرح به روح جي خوشيءَ جو حوالو جسم جي سونهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مسرت مان ملي ٿو. بني اسرائيل جي مذهبي ڪتاب زبور جي هڪ بابSolomon,s Song  جنهن کي غزل الغزلات به چوندا آهن ان ۾ جسم جي سونهن جي تفصيلي شاعري ڪيل آهي.

(اي محبوبه) تنهنجي رانن جي گولائي انهن زيورن وانگر آهي،

جن کي ڪنهن ماهر ڪاريگر گهڙيو هجي،

تنهنجو دُن گول پيالو آهي، جنهن ۾ ملايل شراب جي کوٽ ڪانهي،

تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جو اهڙو ڍير آهي،

جنهن جي چوڌاري سوسن هجي،

تنهنجون ٻئي ڇاتيون هرڻ جا اهڙا ٻه ٻچا آهن،

جيڪي تازا ڄاول هجن.

اي محبوبه، عيش عشرت لاءِ تون ڪيڏي نه سهڻي جانفرا آهين،

تنهنجو قد کجيءَ جهڙو آهي،

تنهنجون ڇاتيون انگور جا ڇڳا آهن،

مون چيو: مان ان کجيءَ تي چڙهندس،

۽ ان جي شاخن کي جهليندس،

تنهنجون ڇاتيون انگور جي ڇڳن جهڙيون،

تنهنجي ساهه جي خوشبو صوف جهڙي،

۽ تنهنجو وات بهترين شراب جهڙو (آهي).

يونان ۽ هندستان ۾ اهڙا مذهبي مت به هئا، جن جو عقيدو هو ته عورت ۽ مرد جي جنسي ميلاپ سان روح جي پاڪائي ٿيندي آهي. جسماني لذت مان روحاني رفعت حاصل ڪرڻ وارن مذهبي متن مان هڪ مت يوناني ديوتا Dionysus جو ۽ ٻيو هندستان ۾ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جو تانترڪ مت هو. يوناني ديومالا ۾ ڊايونيسس انگور جي ولين، شراب ۽ شراب جي تشدد واري سرمستيءَ جو ديوتا هو. هن انسانن کي انگور جون وليون پوکڻ ۽ انگور مان شراب چڪائڻ سيکاريو، ٻيا ديوتا ته نيڪٽر شراب پي Olympus پهاڙ تي آرام سان ليٽي موسيقيءَ جي ديويءَ کان موسيقي ٻڌندا هئا. پر ڊايونيسس ساري ڌرتيءَ تي رلندو هو. ماڻهن کي انگور جون وليون پوکڻ، شراب چڪائڻ ۽ پراسرار عبادتن جا طريقا سيکاريندو هو. هن جي شخصيت ۾ ٻه متضاد لاڙا هئا، هڪ روشن، خوشي ڏيندڙ ۽ زندگيءَ جي مستيءَ سان ٽمٽار ۽ ٻيو اونداهون پراسرار ۽ تشدد وارو. هن جي شخصيت جون اهي ٻئي خصلتون شراب ۾ به آهن. هن کي ڍڳي ۽ چيتي سان به ڀيٽيو ويو آهي جو ماڻهو شراب پيئڻ کان پوءِ ڍڳي ۽ چيتي جهڙو ٿي ويندو آهي. Prometheus نالي ديوتا، ديوتائن وٽان باهه چورائي انسانن کي ڏني. جيڪا عقل جي علامت آهي. ان باهه سان ماڻهو تهذيب کي جنم ڏيڻ شروع ڪيو. پراميٿيوس ماڻهن کي عقل ۽ شعور جي سوکڙي ڏني پر ڊايونيسس ماڻهن کي شراب جي سوکڙي ڏني ته جيئن هو زندگيءَ جي بي رحميءَ ۽ لايعنيت (Absurdity) کي وساري سگهي. يونان جي قديم دور جي مشهور ڊراما نگار Euripides))   ماڻهن کي ڊايونيسس جي ڏنل سوکڙيءَ کي پراميٿيوس جي سوکڙيءَ کان وڌيڪ اهم سمجهندو هو، سندس چوڻ هو ته شراب ماڻهوءَ جي نفسياتي توازن کي قائم رکڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. شراب کي ديوتائي ۽ سچ جو مشروب به سمجهيو ويندو آهي جو شراب جي اثر هيٺ ماڻهو سدائين سچ ڳالهائيندو آهي ۽ ٻين جا سچ به پڌرا ڪندو آهي. شراب ۾ جيئن ته پنهنجي ديوتا جي تشدد واري خصلت آهي، انڪري اوائلي دور کان شراب کي سوسائٽيءَ لاءِ هاڃيڪار سمجهيو ويو آهي. سوسائٽيءَ جي هر فرد ۾ ڊايونيسس وارو رجحان (Dionysian Chord) هوندو آهي، جيڪو شراب سان اڀرندو آهي ۽ پراميٿيوس ديوتا جي  ڏنل سوکڙيءَ کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندو آهي.

ڊايونيسس جي عبادت ڏاڍي پراسرار هوندي هئي. عورتون ۽ مرد هڪ هنڌ گڏ ٿي شراب پيئندا هئا. ديوتا جو پوڄاري بنسري وڄائيندو هو ته شراب جي نشي ۽ بنسريءَ جي سُرن سان پوڄارين تي مستي طاري ٿي ويندي هئي ۽ مستيءَ واري حالت ۾ هو سمجهندا هئا ته هو پنهنجو پاڻ مان ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ هنن جو وجود ديوتا جي وجود سان ملي هڪ ٿي ويو آهي. پنهنجو پاڻ مان ٻاهر نڪري اچڻ واري حالت کي هو Ecstacy   چوندا هئا. هو ائين به محسوس ڪندا هئا ته هنن جو وجود ديوتا جي وجود سان ڀرجي ويو آهي. ان حالت کي Enthusiasm چيو ويندو هو. ان کان پوءِ عورتون ۽ مرد گڏجي جنسي ميلاپ ڪندا هئا. جنهن سان ڄڻ ته سندن روح ڌوپجي ويندا هئا، ان حالت کيCatharsis  چئبو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ڌوپجي صاف ٿيڻ. اهڙي طرح ان مت ۾ جنسي ميلاپ کي روحاني رتبو  ڏنو ويو.

لذت پرستيءَ جو ٻيو روحاني متُ هندن ۽ ٻڌن جو تانترڪ مت آهي. تانترڪ جي معنيٰ آهي تاڃي پيٽو. هندن جي چئن ويدن ۽ ٻين پراڻن ۾ سٺي سماجي زندگي گذارڻ ۽ جنم جنم جي ڦيري مان مڪتي ماڻڻ جي واٽ ڏسيل آهي. ڪن ڪمن ڪرڻ جي اجازت ڏنل آهي ته ڪن کان جهل ٿيل آهي پر تانترڪ متُ ۾ هر ان عمل جي اجازت آهي، جنهن کان ڌرمي ڪتابن ۾ منع ٿيل آهي. جيڪو به ڪم ڌرم جي لحاظ کان پاپ آهي، اهو ڪم ڪرڻ هن متُ ۾ ثواب ۽ مُڪتي ماڻڻ جو وسيلو آهي. ان ڪري انهيءَ مت کي کاٻي واٽ به چوندا آهن. ايشور سان محبت ڪرڻ سڌي واٽ آهي ۽ ايشور کان نفرت ڪرڻ ابتي واٽ آهي، پر اها ابتي واٽ آخر ان منزل تي پهچائي ٿي، جنهن تي سڌي واٽ نٿي پهچائي. هڪ دفعي برهم کان ڪنهن پڇيو ته توسان پيار ڪرڻ ۽ نفرت ڪرڻ وارن مان توکي ڪير وڌيڪ پيارو آهي. برهم چيو ”نفرت ڪرڻ وارو.“ پڇيائونس، ”ڇو؟“ چيائين، ” ڇاڪاڻ ته نفرت ڪرڻ وارو مون کي وڌيڪ ياد ڪندو آهي.“

لذت پرستيءَ واري واٽ حق تائين پهچڻ جي واٽ انڪري آهي جو ماڻهو جي لذت پرستي جڏهن انتها تي پڄندي آهي، تڏهن ماڻهو لذتن کان بيزار ٿي ويندو آهي ۽ ڌڪجي سڌي راهه تي ايندو آهي. هندستاني ادب ۾ اهڙو مثال ستين صدي عيسوي جي شاعر  ڀرٿري هريءَ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. هن جي شروعات واري شاعري جسم پرستيءَ واري شاعري آهي:

تنهنجا ڦڻيءَ سان سنواريل وار،

تنهنجون ڪنن تائين چيرويون اکيون،

تنهنجي ڏندن جي قطار، جيڪي قدرتي طرح چمڪدار آهن،

تنهنجون سچن موتين جي هار سان سينگاريل ڇاتيون،

اي متوازي جسم واري ڇوڪري، تنهنجو جسم پاڻ ته

آرام ۾ آهي پر مون کي بي آرام ٿو ڪري.

 

هن جي هڪ ٻئي نظم ”جهنگ“ جو هڪ بند آهي:

اجاين تقريرن مان ڪهڙو فائدو،

رڳو ٻه شيون ڌيان لائق آهن،

هڪ ماسيرين ۽ ڀريل ڇاتين واري عورت

۽ ٻيو جهنگ.

پر پوءِ جسم جي لڳاتار طلب کيس سڌي راهه ڏانهن ڌڪيو:

مان جڏهن جذبات جي اونداهي جهنگ ۾ هيس،

تڏهن مون سمجهيو ٿي ته دنيا ٺاهي ئي عورت لاءِ وئي آهي.

ڏاهپ جي پاڻيءَ منهنجو اکيون ڌوتيون ته

هاڻي منهنجي صاف ۽ ڌوتل نظر هر هنڌ ڌڻيءَ کي ٿي ڏسي.

 

تانترڪ مت وارن جون عبادتون پڻ ڏاڍيون پراسرار هونديون آهن. عبادت ۾ ميم واريون پنج شيون واپرايون وينديون آهن:

1. مڌ (شراب)

2. ماهس (ماس)

3. متس (مڇي)

4. مڌرا (ڀُڳل اناج)

5. متن (جسماني لاڳاپو)

ان مت جا پوڄاري رات جو مندر ۾ يا ڪنهن گهر يا مساڻ ۾ گڏ ٿيندا آهن. وچ ۾ باهه ٻرندي آهي ۽ هو ڌرتيءَ تي جادوءَ جو وڏو نقشو ٺاهي ان جي چوڌاري ويهندا آهن ۽ پوڄا ڪندا آهن. پوڄا مهل برهمڻ توڙي اڇوت سڀ هڪ ٿي ويندا آهن ۽ اڇوت جي ڇهاءُ سان برهمڻ جي پوتر ذات  ڀرشٽ نه ٿيندي آهي. شام جي پوڄا کان پوءِ هو جنن ۽ ڀوتن جا منتر پڙهندا آهن ۽ پنج ميم واپرائڻ شروع ڪندا آهن. آخر ۾ عورتون ۽ مرد جنسي ميلاپ ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته هاڻي سندن آتمائون ڌوپجي اُجريون ٿي ويون آهن.

اياز به جسمن جي ميلاپ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ لذت کي روحاني مسرت ٿو سمجهي. ڊايونيسس ۽ تانترڪ مت ۾ جيتوڻيڪ جنسي ميلاپ روحاني  رفعت حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي، پر هنن جو جسماني جنسي مسرت جو تصور حيواني سطح وارو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اياز وٽ جسمن جي ميلاپ مان حاصل ٿيندڙ مسرت مڪتي ۽ شاعري آهي. محبت جيتوڻيڪ جسماني ضرورتن جي فطري ۽ مضبوط بنيادن تي قائم هوندي آهي پر پوءِ اها ساڳئي جسماني محبت شاعريءَ جو روح ٿي ويندي آهي. زندگيءَ جي تسلسل کي قائم رکڻ وارو احساس محبت ڪرڻ وارن ۾ هڪٻئي سان وفاداري پيدا ڪندو آهي ۽ ماس جي ماس لاءِ بک مان روح جي روح لاءِ اُڃ جاڳندي آهي. غار ۾ رهڻ واري وحشيءَ جي حيواني جنسي جذبي مان آخرڪار شاعر جي جسماني حسن جي عبادت ۽ زندگي جنم وٺندي آهي.  De Mevsset  چيو آهي ته سڀ مرد ڪوڙا، غدار، بيهودا، منافق ۽ مغرور هوندا آهن ۽ سڀ عورتون خودپرست، ڏيکاءُ پسند ۽ بي وفا هونديون آهن: پر دنيا ۾ رڳو هڪ شيءِ مقدس آهي ۽ اها آهي ٻن نامڪمل هستين جو ميلاپ.“ (حوالو: (Will Durant: pleasurres of Philosophy. نٽشي محبت تي ٺٺولي ڪندي چيو هو ته روحاني محبت شاعرن جي ذهنن جي ايجاد آهي؛ پر پوءِ محبت جي تقدس جو اعتراف ڪندي چيائين ته اها حقيقت آهي ته جتي به تهذيب وڌندي آهي، اتي ماڻهوءَ جي نسل پيدا ڪرڻ واري جذبي ۾ روحانيت شامل ٿيندي ويندي آهي؛ مون ان کان وڌيڪ مقدس ڪا ڳالهه ڪانه ٻڌي آهي ته سچي محبت ۾ روح جسم کي ڳراٽڙي پائيندو آهي.

اياز جي شاعريءَ مان به جسماني محبت جو اهوئي تصور اڀري ٿو. پيار ماڻهو کي تڪميل ڏئي ٿو. ماڻهوءَ جي مڪتي پريم ۾ آهي. هي سنسار پيار تي قائم آهي ۽ جيڪڏهن ڪو سنسار کي ساڃاهي ته ڪڏهن به پيار تي پيد ۽ بند نه وجهي:

ماڻهو مڪتي پريت ۾، اجوکي آهي،

سامي، هن سنسار کي، جو ڪو ساڃاهي،

مور نه هو چاهي، پيد پوي ڪو پريت تي،

 

جل مندر جيئن جندڙي، ڏيئا ڏيئا پيار،

ويراڳي، ويراڳ ۾، اهڙو ڪٿ اسرار،

اوندهه انڌوڪار، تياڳي، تنهنجي تياڳ ۾.

 

مايا ناهي ڇل، جي سمجهين سنسار کي،

ڏس تون ڪنهن جي پيار ۾، چت ڪري چنچل،

پورن هر هڪ پل، لڳندءِ پنهنجو پاڻ ۾.

سامي، هن سنسار ۾، هي ماڻهوءَ جو من،

پائي ماڻهو پيار ۾، پنهنجو آتم ڌن،

پيار بنان پورن، ڪوبه ناهي ڪاپڙي.

لذت پرستي ۽ موج ماڻڻ وارو رويو ان احساس مان جنم وٺندو آهي ته زندگي فاني آهي ۽ جواني ۽ حُسن عارضي آهن ان احساس مان لذت پرستيءَ سان گڏ ناصحاڻي شاعري به پيدا ٿيندي آهي. شاعرن ماڻهن کي زندگيءَ جي عارضي ۽ موت جي اڻٽر هجڻ جو احساس ڏياري کين چڱا ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. جين مت جي اڳواڻ مهاوير پنهنجي هڪ نظم ۾ پنهنجي گوتم نالي چيلي کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

جيئن وقت پوري ٿيڻ سان سڪل پن،

ٽاريءَ مان ڇڻي پٽ تي ڪرندو آهي،

تيئن ئي ماڻهوءَ جي حياتي آهي

ان جو ڌيان رک، گوتم.

 

جيئن ماڪ جو ڦڙو گاهه تي لڏندو آهي،

۽ رڳو ڪن گهڙين لاءِ هوندو آهي،

تيئن ئي ماڻهو جي حياتي آهي،

ان جو ڌيان رک، گوتم.

بابا فريد گنج شڪر مٽيءَ جي مهما ڳائيندي چيو:

 

فريدا، خاڪه نه ننديئي، خاڪو جيڏ نه ڪوءِ،

جيونديان پيران تلي، مرئيي اوپر هوءِ.

(اي فريدا! مٽي کي نندڻ نه گهرجي جو مٽيءَ جيڏو ڪو ڪونهي،

جيئري مٽي پيرن هيٺيان هوندي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ مٿان پوندي آهي.)

لطيف سائينءَ جي به ان ساڳئي مفهوم واري سٽ آهي:

جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿان سڄڻين.

ارڙهين صديءَ واري انگلنڊ ۾ موت جي موضوع تي شاعري ڪرڻ جهڙوڪر فيشن ٿي ويو هو. اهڙن شاعرن کي چوندائي Graveyrad Poets هئا.

زندگيءَ ۾ موج ماڻڻ، پيئڻ ۽ جيئڻ واري شاعريءَ جو امام عمر خيام سمجهيو ويندو آهي. اهڙي نوع جي شاعري کي انگريزي ادب ۾ UbiSunth چوندا آهن. اهو لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي هو ڪٿي آهن؟ Thomes Nashe نالي شاعر جي هڪ نظم جو بند آهي:

سونهن گل آهي، جنهن کي گهنج کائي ويندا آهن،

هوا مان تازگي ختم ٿي ويندي آهي،

مٽيءَ هيلن جون اکيون پوري ڇڏيون.

اهڙي شاعريءَ جي هڪ ٻي صنف کي Carpediem  چوندا آهن اهو به لاطينيءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي لفظي معنيٰ آهي ”ڏينهن کسي وٺڻ“ يعني گذرندڙ وقت کان ڏينهن ڦري ان ۾ خوشيون ملهائڻ. سترهين صديءَ جي هڪڙي مشهور شاعر Rober Harrich  جو اهڙو هڪ نظم اڄ به مشهور آهي:

گلاب جون مکڙيون چونڊيو، جيتريون چونڊي سگهو،

ڇاڪاڻ ته جي هيڪر اوهان جي جواني موٽ کاڌي

ته پوءِ سدائين لاءِ پيا سڪندئو.

اياز جي شروعاتي شاعريءَ ۾ به پيئڻ ۽ جيئڻ وارو رويو ملي ٿو. سندس پهرئين شعري مجموعي، ”ڀُنئور ڀِري آڪاس“ ۾ هڪڙو گيت آهي:

               پيئوڙي، يار، جيئوڙي، يار،

مکڙيون ميڙي ڍير لڳايو، مئي ڇڙڪايو، ساز وڄايو،

ناچ، وجهو، گهنگهرو ڇڻڪايو، ڳايو ڳايو غم کي گهايو،

                مهڪو. چهڪو، ٻهڪو يار،

                        پيئوڙي، يار، جيئوڙي، يار،

هن جي ان ساڳئي مجموعي ۾ هن جو نظم، ”ننڊ اکڙيون نچڻيون“ آهي، جنهن جو موضوع به پيئڻ ۽ جيئڻ آهي:

پيئو، پيئو، پيئو، پياڪ، جام ۾ نجات آ،

نه آهه انت آدُ ڪو، مدام ڪائنات آ،

مگر سدا نه سنگ آ، سدا نه هيءَ رات آ،

حيات بي ثبات آ، حيات بي ثبات آ،

اچو، اچو.

نچو، نچو.

”ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ۾ هو مکڙيون ميڙي انهن تي شراب ڇڙڪائي، سازن جي لئه تي نچي ڳائي، غم مٽائڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري پر مختصر زندگيءَ جي احترام ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، جيڪڏهن هي حياتي مايا آهي ته اها مڌ ڀري مايا آهي ۽ ان کي تياڳڻ وهه آهي. اي سامي جيڪا ويل وڃي ٿي سا وري نه ٿي وري، ڪير به مري موٽي نه ٿو، ان ڪري ور آهي هيءَ جندڙي وَرُ آهن هي جيئڻ ڏينهڙا. رات مون بي ويساهيءَ سان آڪاس ڏانهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته هن سنسار ۾ هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي ۽ ماڻهو رڳو ماس آهي. هن ۾ روح ڪونهي، جيڪو امر هجي، ۽ ماس نيٺ ناس ٿيڻو آهي.

ور ور اويساهه سان، رات ڏٺم آڪاس،

هر شيءِ هن سنسار ۾، ٿيڻي آهي ناس،

ماڻهو ڇاهي ماس، ور هي جيئڻ ڏينهڙا!

 

ماڻهو منجهه وناس جو، ڏاڍو آهي ڏر،

چاهي ٿو ڪيڏو چريو، هجان هوند امر،

شال هجي هيءَ جندڙي، ڪوئي پوپٽ پر،

گهڙيءَ لاءِ گذر، جنهن جو گل گلاب تي.

 

آهي اجائي انت تي، پنهنجي اداسي،

هر شيءِ هن سنسار ۾، آهي ابناسي،

مٽيءَ سان مٽي ٿي، موٽي هر ساسي،

ور سو جنهن واسي، پنهنجي سرت سڳنڌ سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org