سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 2

1965ع ۾ سوڀي مون کي سکر جيل ۾ ٻڌايو هو ته ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان فريئر روڊ تي فليٽ ۾ ملڻ ويو. ڀل ۾ سوڀي، ڪيرت جي ڀرواري جو دروازو کڙڪايو ته دروازو ٿورو کُليو ۽ وٿيءَ مان پهرين ريوالور جي نالي نڪتي ۽ پوءِ دروازو يڪدم کليو. مون ڏٺو ته پرچو بيٺو هو. پرچي سوڀي کي تحڪماني انداز ۾ چيو:”سوڀا اندر آءُ! هن ميز جي سامهون ويهه.“ پستول جي نالي سوڀي جي لوندڙي ڏانهن وڌائيندي چيائينس:”جي ڪوڙ ڳالهائيندين يا ٺڳي ڪندين ته پستول جي گولي تنهنجي لوندڙيءَ ۾ هوندي.“ پوءِ پستول سڌو ڪري چيائين:”سوڀا منهنجي مخبريءَ لاءِ آيو آهين؟“

”نه-“ سوڀي جواب ڏنو:”مون ڀل ۾ ڪيرت جو فليٽ سمجهي در کڙڪايو هو.“شايد اهو موهن پنجابيءَ جو فليٽ هو، جو مون سان هن ڀيري بمبئيءَ ۾ مليو هو ۽ اسان جي ويهارو دوستن سان گڏ دعوت به ڪئي هئائين. هو ان وقت ”ساٿي“ رسالو ڪڍندو هو، جنهن جو ايڊيٽر روشن (ريشم) مغل ۽ سندري اُتم چنداڻي ۽ ٻيون هندو اديبائون هيون ۽ جنهن جي ڪافي ضخيم پرچي ۾ روشن جا به نظم (مُکڙي ڇا کان شرمائي ۽ هُن دنيا جي ويرانيءَ ۾ منزل ملندي يا نه) شايع ٿيل هئا، اهي نظم مان ڪنهن مناسبت سان ٻئي هنڌ ڏيندس.

سوڀو پرچي جو گرجدار آواز ٻڌي وائـڙو ٿي ويو. هو تيستائين ٻئي دوست هئا، جيستائين انگريز سامراج جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا هئا. هو سمجهندا هئا ته آزادي گوليءَ پنڌ تي آهي. سوڀي وٽ پرچي جا ڪيئي راز محفوظ هوندا هئا، پر جڏهن سويت روس، جرمن سامراج سان اتحاد ڪيو ۽ سوڀو ڪميونسٽ جي حيثيت ۾، وِروڌي ڌر جي مخالفت ڇڏي اتحادي ڌر ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ انگريز ۽ ٻيا ٿي اچي ويا ته هن جي انگريز دشمني ختم ٿي وئي هئي. سڀاش چندر بوس هندستان مان ڀڄي جپانين جي مدد سان آزاد هند فوج ٺاهي، جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان سپاهي ٻئي شامل هئا، انهن جو مقصد هندستان جي آزادي هو ۽ جي اها ڪامياب ٿئي ها ته برصغير جي تقدير ٻي هجي ها. بهر صورت ان ڳالهه تي تاريخ پوري فتويٰ نه لکي آهي. مون ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۾ ان باري ۾ الڳ ڪهاڻي لکي آهي. سو پرچي، سوڀي کي انگريز سرڪار جو خابرو سمجهي، هن کي چيو:”سوڀا، اڳينءَ دوستيءَ جي ڪري تنهنجي جان بخشي ٿو ڪريان، پر منهنجي وڃڻ کان پوءِ پورو اڌڪلاڪ دروازي مان قدم ٻاهر نه ڪڍجانءِ! جي تو ائين نه ڪيو ته منهنجا ساٿي پاسيرا بيٺا آهن ۽ اهي توکي گهڙيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيندا.“

سوڀي وڌيڪ ٻڌايوته :”مون کي خبر نه هئي ته دوستي کي سياست ائين بي مروت ڪري ڇڏيندي آهي، مان ڀَو ۾ اڌ ڪلاڪ بدران چاليهه منٽ ويهي پوءِ ٻاهر نڪتس ۽ ڪيرت جو دروازو کڙڪايم.“

جي هيمون ڪالاڻي ۽ هنسراج وايرليس سوڌو، لکيو وڃي ته سنڌ جو انقلابي لڏو ڪلپنا دت جي ”چٽگام جي انقلابين“ کان گهٽ نه هو ۽ انهن تي قرات العين حيدر جي ”آخرشب ڪي همسفر“ کان وڌيڪ دلچسپ ناول لکي ٿو سگهجي.

مون ايترو لکيو ته ٽي ويءَ تي ستين وڳي خبر آئي ته اسلام آباد ۾ بم جا زوردار ڌماڪا ٿيا آهن. مصري سفارتخانو تباهه ٿي ويو آهي ۽ 65 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جن ۾ 5 مصري، هڪ افغاني ۽ ست پاڪستاني به شامل آهن، اهو به ٻڌايو ويو ته بم گاڏيءَ ۾ رکيل هئا ۽ رموٽ ڪنٽرول (Remote Control) وسيلي ڌماڪو ڪيو ويو هو. اها ڪارروائي مصر جي جامع اسلاميه نالي گروپ پاڻ تي تسليم ڪئي ۽ مون کي دهشتگرديءَ کان نفرت اچي وئي، جنهن ۾ بي گناهه ماريا ٿي وڃن ۽ مون 1857ع جي بلوي تي آپيرا لکڻ جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ مون کي ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ واري پنهنجي آپيرا جي ڪجهه سٽن تي افسوس ٿيو. اها بي ڳالهه آهي ته هي ٽيڪنالوجيءَ جو د‍ؤر آهي ۽ رموٽ ڪنٽرول سان پوري عمارت کي اڏائي ٿو سگهجي. اڳ ته ٻانهن جو ٻل آزمائبو هو ۽ مڙس جو مڙس سان مقابلو ٿيندو هو. هاڻ ٻار ۽ عورتون به ماريا وڃن ٿا. 1857ع واري بلوي ۾ به ٻار، ٻڍا ۽ عورتون به ماريون ويون هيون. جنگ ۾ دشمن لاءِ نفرت انسان کي انڌو ڪري ٿي ڇڏي ۽ هن مان خون ناحق جو احساس ئي ڪڍي ٿي ڇڏي. ان ڪري 1857ع ۾ دهلي، ڪانپور، اوڌ، بهار، جهانسي، راجپوتا، مڌيه پرديش ۽ پنجاب ۾ بلوي ۽ ان جي اهم ڪردارن نانا صاحب، تانتيا ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائي ۽ بيگم حضرت محل وغيره تي مون ڪتاب ويڙهي رکيا آهن، جن م لکيل هو ته بلوي ۾ انهن تي ۽ انگريز زالن ۽ ٻارن تي ڪيترا ڪيس ڪيا ويا.

انهن سان گڏ مون ”علماء؟ ڪا شاندار ماضي“ جا ٽي جلد به ويڙهي رکي ڇڏيا آهن، جن سامراج جي خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. جيڪي انڊمان نڪوبار ٻيٽن تي نظر بند ڪيا ويا هئا. ان سان گڏ مون فرانس، اٽلي، اسپين، روس، لاطيني آمريڪا، اتريورپ، برٽين ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس (USA) ۾ ٿيل انفرادي ۽ اجتماعي دهشتگرديءَ جي تجزئي تي مواد طاقِ غفلت جي حوالي ڪري ڇڏيو.

مون کي ياد آيو ته تاتنيا ٽوپيءَ تي روزاني ”برسات“ ۾ ڇپيل اٺ نوَ قسطن مان آخري قسط جو اختمام مون هيٺينءَ ريت ڪيو هو: ”مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مان لنڊن ۾ ڪرامويل هاسپيٽل ۾ هوس ته هڪ انگريز شاعرُ مون وٽ هڪ سنڌي دوست سان گڏجي آيو هو، جنهن لورڪا جي شاعريءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي، مون کان پڇيو هو: ”ڇا تو لورڪا کي پڙهيو آهي؟ ڏسڻ ۾ ته مون کي تون هن کان ڪافي متاثر ٿو لڳين.“

”هسپانوي زبان ته مان نه ڄاڻان، پر هن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻه چار ڀيرا پڙهيو اٿم.“ مون جواب ڏنو.

هن چيو : ”مان توکي هن جو نظم ٿو ٻڌايان، جيڪو ترجمي ۾ شامل ناهي.“ پوءِ هن مون کي لورڪا جو هيٺيون نظم ٻڌايو:

”جي مان مري وڃان ته بالڪني کولي ڇڏجانءِ!

ننڍڙو ڇوڪرو نارنگيون کائي رهيو آهي،

(مان بالڪونيءَ مان هن کي ڏسي سگهان ٿو.)

هاري ڪڻڪ لڻي هڻي رهيو آهي

(مان بالڪنيءَ مان هن کي ڏسي رهيو آهيان.)

جي مان مري وڃان

ته بالڪني کولي ڇڏجانءِ!“

مان تانتيا ٽوپيءَ تي هيءَ لکڻي لکي سوچي رهيو آهيان ته جي مان جهانسي جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپيءَ تي بالڪني کوليان ته ڇا هو ٻاهر پنهنجي آزاد ڌرتي ڏسڻ چاهيندا يا هڪ نظرڌرتيءَ تي وجهي بالڪني بلڪل بند ڪري ڇڏيندا؟ آخر ٻاهرڏسڻ جهڙو ڇا آهي؟

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته آزاديءَ لاءِ جيڪو رت وهيو، سو رائگان ويو. اها ڳالهه نه رڳو هتي پر ويٽنام ۽ آمريڪا جي جنگ تائين سچي آهي، آمريڪا ۾ به ٽنڊن منڊن War Veteran جون حالتون پڙهي روح ڏڪي ٿو وڃي.

سال 1984ع ۾ ماسڪو ۾ دهشتگرديءَ تي هڪ ڪتاب ڇپيو هو، جو مون پڙهيو آهي. اهو ڪتاب گورباچوف جي پيرسٽرائيڪا کان هڪ سال اڳ ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ اولهه يورپ، ڀون وچ سمنڊ، (Mediteramion) واري علائقي ۽ لاطيني آمريڪا ۾ کاٻيءَ ڌر واري دهشتگرديءَ کي ننديندي چيو ويو آهي ته : ”دهشتگرديءَ سان ڪو مسئلو حل نه ٿو ٿئي.“

دهشتگرديءَ ڏانهن لاڙي جا اثر اڃان اتر آمريڪا، ڏکڻ آفريڪا، ايشيا ۽ آسٽريليا ۾ به آهن. لاتعداد واقعا ٿيا آهن، بمن جي ڌماڪن، يرغمال ۾ ورتل شخصن جي غارتگريءَ جا ۽ هوائي جهازن کي يرغمال بڻائڻ جا. هيءَ ڌرتيءَ پاڻ نيوڪلئر تجربات جي ڪري هڪ ٽائيم بم وانگر ٿي رهي آهي ۽ دهشتگرد ان کي اڏائي سگهڻ جا اهل آهن. تاريخ ڏيکاريو آهي ته ساڄيءَ ڌر وارا ۽ نوان فاشسٽ، کاٻيءَ ڌر وارن کان اڳ فعال ٿين ٿا، جيئن مٿي ذڪر ڪيل اسلام آباد واري واقعي مان ظاهر آهي.

اڪثر دهشتگرديءَ جي واقعات کي جنون جي حد تائين قوم پرستي يا مذهبي تصورات جو پس منظر آهي. تازو ڪيئي حلقا پاڻ کي سامراج جي ظلم ۽ استبداد جي خلاف احتجاج لاءِ دهشتگرديءَ کي ذريعو بڻائين ٿا، پر کاٻي ڌر وارا الفاظ Phraseology  (محاورن جو علم) استعمال ڪري، هو پنهنجا مقصد جائز قرار ڏئي نه ٿا سگهن. مثال طور اي. ٽي. اي (A.T.A)  جا اسپين ۾ باسڪ دهشتگردن جي تنظيم آهي. The Boseque Terrorist Organization انهيءَ تنظيم فرانڪو جي آمريت جي زماني ۾، فرانڪو جي سلطنت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ دهشتگرديءَ کي ضروري سمجهيو، جيئن پوءِ هڪ باسڪ جي خودمختيار حڪومت ٺاهي سگهي. باسڪ اسپين جو هڪ صوبو آهي. ان تحريڪ ۾ فاشزم جي خلاف نعرا ها ۽ ان جو مقصد انتها پسند معاشي تبديلي (Radical Social Transformation) هو. انهيءَ وقت اها تحريڪ کاٻيءَ ڌر واري دهشتگرديءَ جي هئي، پر جڏهن فرانڪو جي حڪومت ڊهي پئي ته اڳئين کاٻي ڌر واري مسخري بند ڪئي وئي ۽ اي. ٽي. اي هڪ قوم پرست دهشتگرد تنظيم ٿي پئي. اسان آفريڪا جي ’مائو مائو تحريڪ‘ جي باري ۾ پڙهيو آهي ۽ آمريڪا جي سياهه فامن خلاف ڪوڪلس ڪلان (Ku Klux Clan) جي باري ۾ به ڪتاب پڙهيا آهن ۽ وڊيو ڪئسٽ به ڏٺا آهن. ائين برابر آهي ته جڏهن سياهه فام نقاب پوشيءَ تي لهي آيا ۽ مِسي سِپي شهر کي باهه ڏنائون، تڏهن سفيد فام  آمريڪي سڌا ٿيا. پر جنگ، تخريبڪاري، دهشتگردي غلط طريقا آهن ته انهن سان انصاف جي گهر ڪئي وڃي. پوءِ اهو الجيريا، زمبابوي، نڪاراگوا ۾ هجي يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن ملڪ ۾ هجي. دهشتگرديءَ جو متحرڪ جذبو مارڪسي، فاشي، اسلامي يا عبراني هجي، دهشتگردي غلط آهي. مون ويجهڙائيءَ ۾ ٽالسٽاءِ جا ڪتاب پڙهيا آهن، هن کي به انارڪسٽ (تخريبڪار) ڪوٺيندا هئا، ڇاڪاڻ جو انارڪزم به دهشتگرديءَ جي پس منظر ۾ آهي. ٽالسٽاءِ جي انابت (Conversion)  کان اڳ ته اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح هئي، ان ڪري ان تي جرمن افسانه نويس اسٽيفن زيوگ چيو هو: ”ٽالسٽاءِ اسان جي دؤر جو سڀني کان وڌيڪ جذباتي انارڪي پسند ۽ اجتماعيت دشمن آهي.“ جڏهن ڪنهن جرمن اسڪالر ٽالسٽاءِ کي انارڪي پسند چئي، ٻين ساڳين نظرئي وارن سان ڪتاب ۾ شامل ڪيو ته ٽالسٽاءِ ناراض نه ٿيو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ اهو به لکيو هو: ”ٽالسٽاءِ تشدد جو مخالف هو، دراصل ٽالسٽاءِ تي به ٻين اديبن جي خيالات جو اثر هو.“ فرينچ مفڪر پروڌان (Proudhan) جي ڪتاب ’ملڪيت ڇا آهي‘ (What is Property)  کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو. مان ڀانيان ٿو ته پروڌان جا نظريا انارڪيت جا باني هئا. هن جي چوڻي آهي ته: ”قوم پرستي ئي آزاديءَ جي راهه ۾ وڏو روڙو آهي.“

”سڀ حڪومتون هڪ جيتريون بريون ۽ چڱيون آهن. اهو انارڪيءَ جو بهترين آدرش آهي.“ ٽالسٽاءِ  مٿي ذڪر ڪيل پروڌان جو ڪتاب 1857ع ۾ پڙهيو هو. 1882ع ۾ ٽالسٽاءِ، پروڌان سان بروسيلز ۾ مليو هو ۽ هن سان خيالات جي ڪافي ڏي وٺ ڪئي هئائين. ڪجهه وقت کان پوءِ ٽالسٽاءِ هن جي باري ۾ لکيو: ”پروڌان ئي فقط  هڪ انسان هو، جنهن اسان جي دؤر کي سمجهيو ٿي ۽ جنهن عوامي تعليم ۽ پريس جي اهميت ڄاتي ٿي.“ ٽالسٽاءِ، پروڌان کان متاثر ٿي ڪتاب لکيو ته، جنگ انساني نفسيات تي ديرپا اثر ڇڏي ٿي، جيتوڻيڪ سياسي ۽ ملٽري ليڊر ان کان ايترو متاثر نه ٿا ٿين.

اسان جي لاءِ برصغير جي نفسياتي درستيءَ لاءِ ٽالسٽاءِ جو مطالعو نهايت ضروري آهي.

بڪونن جا تخريبڪاريءَ جا نظريا ٽالسٽاءِ کي نه وڻندا هئا. بڪونن، هن جي نظر ۾ اهڙو تخريبڪار هو، جنهن ساري مصنوعي دنيا جو خاتمو آڻڻ ٿي چاهيو، جا مٿاهين سماج ۽ سياست جي چنبي ۾ هئي، توڙي اها ڳالهه تشدد کان سواءِ ۽ اخلاق جي تبديليءَ سان به ٿي سگهي ها.

ٽالسٽاءِ، پرنس ڪروپوٽڪن جو وڏو مداح هو، جيتوڻيڪ هن جي ڪروپوٽڪن سان ملاقات نه ٿي هئي. اسان وٽ محمد ابراهيم جويو، شروعات ۾ پرنس ڪروپوٽڪن جو مداح هو ۽ هن جي ڪتاب ’امداد باهمي‘ (Mutual Aid)  جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هئائين. ان ۾ شڪ ناهي ته توڙي محمد ابراهيم جويو سنڌي نوجوانن کي ڪوئي دڳ نه ڏسي سگهيو آهي، پر سنڌي نوجوان جي شعور جي ارتقا ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.

رومين رولان (Romain Rolland)  ڪروپوٽڪن جي باري ۾ چيو هو ته: ”هن پنهنجي ساري دولت ۽ پنهنجي سماجي حيثيت عوام لاءِ قربان ڪئي هئي.“

ٽالسٽاءِ پنهنجي ڪتاب ”هڪ انقلابيءَ جون ساروڻيون“ ۾ به ڪروپوٽڪن جي ڏاڍي ساراهه ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ڪروپوٽڪن تشدد جي حمايت ڪئي هئي، پر هو ان مان خوش نه هو. تشدد هن جي فطرت جي خلاف هو. ڪروپوٽڪن کي به ٽالسٽاءِ لاءِ ڏاڍي عزت هئي. هن کي ’ساري دنيا جي دل ۾ پيهي ويندڙ انسان‘ (The Most Touchingly Loving Man In The World) چيو هئائين. ڪروپوٽڪن جنهن ڳالهه کي ’امداد باهمي‘ ٿي چيو، اها ٽالسٽاءِ جي پيار جي نظرئي کان پري نه هئي. جڏهن ٽالسٽاءِ ڪوهه ڪاف ۾ آفيسر هو، تڏهن هو پهاڙي ماڻهن ۽ قزاقن (ڦورن) جي ويجهو آيو ۽ ڏٺو هئائين ته اهي ماڻهو فطرت جي ڪيترو قريب هيا ۽ زندگيءَ جي هر شهري بدعنوانيءَ کان ڪيترو پري هئا. سائبيريا جي رهاڪن جي باري ۾ به ڪروپوٽڪن جا ساڳيا خيال هئا.

ٽالسٽاءِ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر انسان مهاتما گانڌي ٿيو  آهي. مهاتما گانڌيءَ هڪ بي مثال حڪمت عمليءَ سان هندوستاني قوم کي جاڳايو ۽ رت وهائڻ کان سواءِ هنن جي رهنمائي ڪئي. گانڌي ڪيترن ئي آزادي پسند مفڪرن کان متاثر هيو، پر هن جي ’اهنسا‘ جي تحريڪ آمريڪي مفڪر ٿارو (Thoreau)  ۽ روسي مفڪر ٽالسٽاءِ جي زير اثر تربيت ورتي ۽ ڳوٺن ۾ پئنچائتي سرشتي جو خيال کيس پرنس ڪروپوٽڪن جي مطالعي مان مليو. مون چاهيو ٿي ته سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ٻڌايان ته مان انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته ٽالسٽاءِ ۽ پرنس ڪروپوٽڪن کان سواءِ ٻين روسي مفڪرن انسان ذات کي غلط راهه تي لاٿو هو. مون اهو به چاهيو ته مون هڪ ڪتاب ’لينن کان گورباچوف تائين‘ جو هڪ بول شاعره کان خريد ڪيو هو، جنهن جو لنڊن ۾ ڪرامويل اسپتال ڀرسان ڪتاب گهر هو ۽ جنهن جو ذڪر مون اڳيئي ڪيو آهي، اهو سوڀي کي پڙهڻ لاءِ ڏيان، ڇو ته ان ۾ لينن کان وٺي گورباچوف تائين دليل ۽ انگ اکر ڏئي ثابت ڪيو ويو آهي ته سوويت انقلاب ناڪامياب ٿيو آهي، پر مون سمجهيو ته هو اها ڳالهه مڃيندو ڪونه، ان ڪري مون کيس اهو ڪتاب نه ڏنو.

ڳالهيون ڪندي مون سوڀي کي چيو: ”مون کي تاريخ جي مطالعي اهو سيکاريو آهي ته انسان بنيادي طرح جاهل ۽ ظالم آهي ۽ اشرف المخلوقات ٿيڻ لاءِ هن کي وڏو جهاد نفس ڪرڻو آهي ۽ ان جو بار انسان تي آهي ته هو ثابت ڪري ته هو اشرف ٿي سگهيو آهي.“ ميڪاوليءَ جي گلا لاءِ ڪهڙا به سبب هجن، پر هن جو انسان جي ڪميڻائيءَ جي باري ۾ اندازو صحيح آهي ته: ”اها ڳالهه انسان جي فطرت ۾ مضمر آهي ته اهڙا ڪم ڪري، جي سماجي نظام کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏين ۽ ان جي سگهه کي نهوڙي نين ۽ غالباً ان ڳالهه کي ڪرستاني دينيات جي ماهرن اصلوڪو گناهه (Original Sin)  ڪوٺيو آهي.“

هاڻي منهنجو انسان جي چڱائيءَ مان اعتبار نڪري ويو آهي ۽ انگريز مضمون نگار سُؤفٽ (Swift)  ۽ شوپنهار کي ياد ڪندو آهيان. افسوس جي ڳالهه آهي ته مُلا به مون تي ناراض رهيا آهن ۽ ڪميونسٽ به ناراض رهيا آهن. اقبال ٺيڪ چيو آهي:

”تِري آزاد بندوق ڪي نه يه دنيا نه وه دنيا.“

مون سوڀي کي اهو به چيو: ”ڪميونزم جي بنيادي ڳالهه اقتصادي معيشت (Economic Determinism)  ناڪام ٿي آهي. روس ۾ 1917ع کان 1975ع تائين روسي اقتصاديات ۾ ڦيري لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، پر اها ناڪام وئي ۽ انساني ڪردار تي اثر انداز نه ٿي سگهي. دراصل انساني ڪردار ۾ ڦيرو ئي ملڪي معيشت بدلائي سگهندو آهي. جڏهن ته صاحبِ ڪردار شخص اقتدار ۾ هوندا آهن، تڏهن ئي عوام کي اقتصادي انصاف حاصل ٿيندو آهي.“

سوڀي چيو: ”تون به مون وانگر ٿو چوين ته چڱا ماڻهو ئي معاشي ڦيرو آڻي ٿا سگهن. پر مان اهو نه ٿو مڃيان ته انسان ذات سڌري نه سگهندي، جي اِئين آهي ته ماڻهو جيئي ڇا جي لاءِ ۽ آپگهات ڇو نه ڪري.“

مون جواب ڏنو: ”جنهن ڳالهه لاءِ اڳي جيئندو هو، خودشناسيءَ ۽ خدا شناسيءَ لاءِ.“ سوڀي کي انهيءَ جواب ڪافي مايوس ڪيو.

مون کي اوچتو ياد آيو ته هڪ ڀيري سوڀو مون کي نشاط سئنيما جي ڀرسان رهندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهم رڪن گجرال وٽ وٺي هليو هو. (جيڪو ڪافي سال پوءِ اندرا گانڌيءَ جي ڏينهن ۾ ڀارت جو پرڏيهي وزير رهيو هو ۽ هاڻي به آهي.) ۽ چيو هئائين ته: “Meet our Red Poet”  (اسان جي سرخ شاعر سان مل.) گجرال پرتپاڪ هٿ ملايو هو ۽ چيو هئائين ته: ”سنڌي نظم ٻڌاءِ ته مان ان جي رواني ۽ موسيقيءَ جو اندازو لڳائي سگهان.“ مون هن کي ”او باغي، او راڄ دورهي“ ٻڌايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو  هو ۽ چيو هئائين:  ”تون شاعريءَ ۾ چندر شيکر آزاد آهين.“ گجرال، دراصل پنجابي هو ۽ هن جو پيءُ ان د‍‍ؤر ۾ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر هو. چندر شيکر آزاد، اصل ۾ ڀڳت سنگهه جو ساٿي هو ۽ وڏو دهشتگرد ۽ انقلابي هو.

پوءِ سوڀي اهو چئي موڪلايو ته: ”ان ڳالهه تي مان توسان متفق آهيان ته اسان جي دوستي ذاتي آهي، نظرياتي ناهي. اسان سدائين دوست رهنداسين.“

منهنجو سِسي فس جي ڏند ڪٿا (Myth of Sisifus)  ۾ وياساهه نه رهيو آهي، جو هو هر هر ڇپ کي چوٽيءَ تي صرف ان لاءِ گهلي پهچائيندو هو ته اها گڙگڙاهٽ ڪندي هيٺ اچي ڪِري. ان ڳالهه تي ڪيترو صبر ڪري ٿو سگهجي. سوڀي جي وڃڻ کان پوءِ مون کي نوبل انعام کڻندڙ اديب وليم فاڪنر (Willium Falkner)  جا لفظ ياد آيا ته: ”زندهه رهڻ لاءِ قوت، هر ڳالهه جي جذب ۽ سان برداشت ڪرڻ ۽ ان جي باوجود ثابت قدم رهڻ.“

The copacity to survive and absorb and endure and still be steadfast.

ڪيئن چئجي ته هن جا مٿيان لفظ ڪنگ ليئر (King Lear)  ۾ هڪ ڪردار ايڊگر جا لفظ ڦيرگير ڪري ورجايا هئا.

Men must endure,                 

Their going hence, even as their coming hither.       

Ripness is all. 

”انسانن کي برداشت ڪرڻ گهرجي

انهن جو وڃڻ ۽ سندن موٽي اچڻ به

رچي راس ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه آهي.“

مان اڄ تائين ڪنهن نظرئي کي ڳچيءَ ۾ نوڙ ڪري وجهڻ پسند نه ڪيو آهي. مان غلاميءَ ۽ گلوخلاصيءَ ۾ فرق چڱيءَ طرح سڃاڻان. تخليق جي آزاديءَ کان سواءِ تخليق بي جان آهي، ان ڪري منهنجي ڪنهن به نظرياتي پارٽيءَ سان وابستگي نه آهي ۽ نه رهندي.

سوڀو منهنجي دوستن ۾ سڀني کان دلچسپ دوست آهي، مان هن تي پورو ڪتاب لکان ها، جي هو موٽي اچي ها، پر واعدو ڪري به هو نه موٽيو ۽ لاڙڪاڻي هليو ويو. مان سوڀي کي در تائين ڇڏي، زرينا ڏانهن موٽي ٿو اچان، جنهن کي مان ڪجهه وقت لاءِ ڇڏي هليو ويو هوس. لاٽوڻي اڃان ڦري رهي آهي، پر هاڻي ان کي ڏور وري ويڙهڻي آهي.

گوئٽي جي ان ڳالهه: ”ڏات جي اڏاوت خاموشيءَ ۾ ٿيندي آهي.“ سان نه رڳو فرانسيسي اديب مارسل پراؤسٽ (Marcel Proust)  متفق هو، پر مان به متفق آهيان.

مان ۽ زرينا هاڻي ٻه نه رهيا آهيون. رڳو جديد طبيعات جي ماهرن وانگر اسان جي مڪان جي ٽن پکيڙن (Dimensions)  کي زمان جي لازميءَ چوٿينءَ پکيڙ سان ملايو آهي. مون سموري زندگيءَ کي هڪ ڳوريءَ ريڙهيءَ وانگر جڳهه جڳهه گهليو آهي ۽ ان ۾ نوان نوان ادبي ساز وسامان ريڙهيا آهن. هاڻي اها ريڙهي، ٻيهر بيهاري زرينا کان اهو ڪجهه وٺي رهيو آهيان جو هن وٽ وقت جي شڪست ۽ ريخت کان بچيو آهي.

”زرينا، ننڍي هوندي اسان ٻيون ڪهڙيون رانديون کيڏندا هئاسين؟“

چِدن سان گُچي راند کيڏندا هئاسين. اِنڊا، ڪبوتري، رنگارنگي پٿراوان چِدا، رنگ رنگ جون گوليون، چدو چدي کي چُٽيو وڃي ٿو ۽ سڀ گل، جون صدائون اچن ٿيون. زرينا جون جيڏيون ڪوڏين سان ليڪڙ، وڏڪاڻي، چنر، اِڪي ٻور، رانديون ڪن ٿيون. مان 65 سال واري ٿو ڇڏيان.

ڏهن سالن جي ٻار وانگر، منهنجي نظر ۾ ٻارن جي پاندن ۾ بائليون، سُرميل، گبو، ڊينگ ۽ گانءِ  ڍينگ ۽ گانءِ ڪوڏيون آهن.بائلي ننڍڙي سونهري ڪوڏي کي ڍينگ ٿلهيءَ ڪوڏيءَ کي، گبو خاڪي رنگ واريءَ  گبو خاڪي رنگ واريءَ ڪوڏيءَ کي، سُرميل سرمائي رنگ واري ڪوڏيءَ کي ۽ گانءِ چٽڪمري ڪوڏيءَ کي چوندا هئا. ليڪڙ جي کيڏارين مان هر هڪ، هڪ بائلي ڏيندو هو، پوءِ هر کيڏاري سڀ بائليون ڦٽي ڪندو هو ۽ جنهن جي بائلي اونڌي پوندي هئي، اهو کٽي ويندو هو.

”زرينا، ’ذرا عمر نڪته ڪو آواز دينا‘ ٻيون ڪهڙيون رانديون ڪندا هئاسين؟ مون کان ته ڪوڙئين ڪتاب پڙهي پنهنجي زندگي ئي وسري وئي آهي. فرانس، جرمني، اٽلي، انگلنڊ، آمريڪا، جپان، چين، هندستان، پوري مغرب ۽ مشرق جي ادب کي مون ڏٺو آهي، پر مون کي پنهنجي جنم ڀومي شڪاپور ياد نه آهي. ڪاليج جي زماني ۾ مان انگريزي شاعر گولڊ سمٿ جو نظم ’ويران ڳوٺ‘ (Deserted Village)  پڙهندو هوس. پر شڪاپور اڄڪلهه ان کان به وڌيڪ ويران لڳي رهي آهي. اسان ان کي پنهنجي تصور ۾ ئي اُڀاري سگهون ٿا.

مون سئمون دي بوار جو سارتر تي لکيل ڪتاب ’الوداع‘ (Adieu)  پڙهيو. جنهن ۾ سارتر جي موت کان اول سئمون سان ڪيل گفتگو ڏنل آهي. خدا نه ڪري ته هي ڪتاب ان ڪتاب وانگر ثابت ٿئي. مون کي اڃان ڪيئي ڪتاب لکڻا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”جنرل ضياءَ الحق مون کي مدو (وائيس چانسلرشپ جو) پورو ڪرڻ ڏنو ته موت ايترو بي مروت ڪٿي آهي؟“ منهنجي ڏات جڏهن به علي بابا وانگر ’کل جا سم سم‘ چوندي آهي ته هڪ نئون ادبي خزانو لڀي پوندو آهي. ها، تون سلسلي کي جاري رک. ٻيون ڪهڙيون رانديون ڪندا هئاسين.“

زرينا جواب ڏنو ته : ”اسان ڇوڪريون ته هڪ راند ”ايسي موري لال ڪٽوري“ کيڏنديون هيونسين. جنهن ۾ ڇوڪريون پاڻ ۾ هٿ ملائي ڦيرا ڏينديون هيون ۽ ڪاريءَ رات ۾ ائين لڳنديون هيون، ڄڻ ڪتيون آسمان ۾ ڦري رهيون آهن. اسان جي وارن جون ربنيون ۽ هٿن ۾ شيشي جون رنگارنگ ڪنگڻيون ڦيري وقت دلفريب فضا پيدا ڪنديون هيون. ڪيئي رانديون کيڏنداهئاسين. ڪهڙيون ٻڌائي ڪهڙيون ٻڌايانءِ. نوڙيءَ ٽپي، لِڪي ڇپي، جهومڙي جهمي، اِٽي ڏڪر. جهومڙي جهٽي ۾ چار ڀيچي هوندا هئا. اهي سڀئي پنهنجي هٿ تي هٿ هڻندا هئا. هڪ سڄي هٿ جي تري ابتي رکندو هو ٽي ڄڻا سبتي رکندا هئا، ته اهو ڇٽي ويندو هو. جي ٻه ڄڻا تريون سُبتيون ۽ ٻه ابتيون رکندا هئا، ته راند ٻيهر هلندي هئي. عجيب غريب گيت به ڳائينديون هيونسين.

ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي

اسين تنهنجا ماڻهو

چٻينداسون ڏاڙهون.

هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي،

ستن ڀائن جهڙي

ستئي ويا ڪم تي

ديڳ چڙهي دم تي

بابل کي چئجانءِ

دادل کي چئجانءِ

منهنجي گڏي آڻجانءِ

روپي ۾ تورائجانءِ

سون ۾ مڙهائجانءِ.

يا

ارچڪ مرچڪ

ڌاڻا ڌرچڪ

آگ پٽيئڙو

ناگڻ جوڳڻ

ڪارا ڪُٽي

مٽي ڇٽي.

اهي ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا لفط آهن، جا اسان جي قديم ماضيءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جا هاڻي مدفون ٿي چڪي آهي. اسان جا ٻار ته انهن ڳالهين مان ڪجهه به نه ڄاڻن! هڪ اجنبي تهذيب جي چؤڏول ۾ گهوماٽيون ۽ ڀانواٽيون کائي رهيا آهن. هنن ته اهي رانديون ٻڌيون به نه آهن ۽ نه ئي هنن کي انهن شين جو ڪو پتو ئي آهي، جيڪي اسان شڪارپور ۾ ڏٺيون هيون. هو پنهنجي شهر ۾ جلاوطن آهن. اسان جي ٻوليءَ سان راڱا ڪيا ويا آهن ۽ اسان جي تهذيب تي هاڃا هنيا ويا آهن. اسان جو تشخص تباهه ڪرڻ ۾ پنهنجو هٿ آهي. اسان پنهنجي پاڻ جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهيون. پنهنجي شخصيت کي مسخ ڪرڻ ۾ اسان ماهر آهيون، تاريخ کي ڪهڙو ڏوهه  ڏيون؟

ٻي راند هئي، جهمٽ مُٽو، جنهن ۾ هڪ ڀيچي چيلهه جهڪائي اونڌو ٿي اکيون پوري بيهندو هو. پٺيان هن جي چيلهه تي هڪ ڄڻو مُڪ تي مُڪ رکي بيهندو هو. ڀرسان بيٺل ٻيو ڀيچي چوندو هو: ”ايڻ ميڻ، جهمٽ مٽو، دودو ڪيڻ.“ جي هُن ٻوٽيل اکين سان چيو ته پٺيءَ تي مُڪ رکندڙ دودو نه آهي ۽ واقعي اهو دودو نه هوندو ته ٻيو ڀيچي، هن جي پٺيءَ تي مُڪ رکندو هو. وري هن کان ساڳيو سوال پڇندو هو. پر جي اهو سچ پچ دودو هيو ته هن جاءِ تي دودو چيلهه جهڪائي، اکيون ٻوٽي بيهندو هو ۽ ٻيو ڀيچي هن جي پٺيءَ تي مُڪ رکي بيهندو هو ۽ هن کان پڇندو هو: ”ايڻ ميڻ، جهمٽ مُٽو، راڻو ڪيڻ،“ ۽ راڻيءَ جي سڃاڻپ شروع ٿي ويندي هئي. ڇوڪريون جڏهن اها راند کيڏنديون هيون ته هڪ ڇوڪري چيلهه جهڪائي، اکيون ٻوٽي بيهندي هئي ۽ ٻه ڇوڪريون هٿ مٿان هٿ رکي، هن جي چيلهه تي رکنديون هيون ۽ ٽين ڇوڪري چوندي هئي:

ڦوٽا ڦڪيندس، لؤنگ لٽيندس،

هيٺينئڙو ڪنِ مٿينئڙو.

اکيون پوريل ڇوڪريءَ جي ڪنهن به ڇوڪريءَ جو صحيح نالو ٻڌايو ته انهيءَ کي اکيون پوري، چيلهه جهڪائي بيهڻو پوندو هو ۽ ٻه ڇوڪريون هن جي چيلهه تي هٿ رکي بيهنديون هيون ۽ ساڳيو سوال ڪنديون هيون.

زرينا، انگريزي شاعر آسڪر وائيلڊ هڪ نهايت غم انگيز نظم لکيو هو.ريڊنگ جيل جو گيت Ballad of Reading Jail جنهن جي پهرين سٽ هئي:

Every one kills the things he loves.                  

(هر ڪوئي ان شيءِ ئي کي قتل ڪري ٿو، جنهن سان هن جي محبت آهي.)

اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان قتل ڪري، پنهنجي خودڪشي ڪئي آهي. هاڻي تون ڪي ٻيون رانديون ٻڌاءِ؟“

”ٻيون رانديو ن اوهان ڇوڪرا کيڏندا هئا. گهوري، ڪوڏي ڪوڏي ۽ هڪ عجيب راند ’الله داد ڙي‘ به کيڏندا هئا. الله داد شايد شڪاپور جو نامي گرامي ڌاڙيل هو. ان جي اطلاع سان اوهان و‎ٺي پيرين، مٿي اگهاڙي ڀڄندا هئا ۽ شڪاپور جا اٺئي دروازا گهمي ايندا هئا. لکي در، هزاري در، هاٿي در، سُوي در، خانپوري در، ڪَرن در، واڳڻو در، نوشهرو در. انهن سڀني جي خاڪ اوهان جي پيرن کي چنبڙيل هوندي هئي ۽ اڄ به انهن کي سڏي رهي آهي. تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته شڪاپور، ڪراچيءَ کان هزار ڀيرا بهتر هئي؟ هتي ڇا آهي؟ ڪارخانا، انهن مان نڪرندڙ دونهين جا ڪڪر، هڪ طرف اوچا ماڙا، ٻي طرف غريبن جون جهوپڙيون، برصغير ۾ سرمائيداري نظام اسان کي غليظ ۾ غليظ زندگي ڏني آهي. بمبئيءَ ۾ به جنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ اسان رهندا هئاسون، ان جي سامهون گندي فوٽ پاٿ تي جهوپڙيون هونديون هيون، جتي ماڻهو سمهندا، رڌيندا ۽ پچائيندا هئا. چؤڌاري گندگي هوندي هئي.  ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل مان نڪري ڪار ۾ ويهندا هئاسون ته ڌپ ڪجهه وقت اسان جو پيڇو ڪندي هئي. ڪراچي به هڪ گندو تلاءُ آهي، جنهن ۾ ڄؤرون ئي ڄؤرون آهن. رت پياڪ ڄؤرون!“

 ان تي مون سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي به باذوق يادگار آهن، اهي انگريزن جي دؤر جا آهن. سٽي هال ڪلاڪ (City Hall Clock)  جارج پنجين جي جوبليءَ جي يادگار طور ٺهرايو ويو هو. ڊي. جي. سنڌ سائنس ڪاليج، 1887ع ۾ وجود ۾ آيو، فريئر هال جيڪو تڏهن جي گورنر سر بارٽل فريئر جي يادگار طور 1885ع ۾ ٺهرائي مڪمل ڪيو ويو هو، (جنهن جي ڇت تي پاڪستان جي مشهور مصور صادقين جون پينٽنگس ٿيل آهن.) جڏهن سنڌ جي سرزمين ڇڏي رهيو هو. نيوهام گليءَ جي ڪنڊ وٽ قائداعظم جو گهر هيو. ڪراچي پورٽ هيڊ ڪوارٽر جو بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ولنگٽن 1916ع ۾ ٺهرايو هو. ميري ويدر ٽاور جو 87ــ1886ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر وليم ميري ويدر ٺهرايو هو. سنڌ ڪلب، هولي ٽرئنٽي ڪئيٿڊرل (Holy Trinity Cathedral)  سينٽ ائنڊريو چرچ، وڪٽوريا ميوزم، امپريس مارڪيٽ، گورنر هائوس ۽ ميونسپل آفيس سڀ خوبصورت فنِ تعمير جا نمونا انگريزن ٺهرايا هئا، جن جي اسان پوري نظرداري به نه ڪري سگهيا آهيون.

هاڻي ته محمد علي جناح روڊ تي نڪتل دونهون (Exhaust Fume) قائداعظم جي مزار کي به خراب ڪري رهيو آهي. جنهن تي ڄڻ نيرو استر چڙهي ويو آهي. جنهن جي اندر وڏو ۽ خوبصورت شاندليئر چين جي سرڪار لڳارايو هو. باقي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي خوبصورت عمارت تي اسان جي حڪومت لاف زني نه ٿي ڪري سگهي. ها، پيراڊائيز پائنٽ (Paradise Point)  اها ته قدرت ٺاهي آهي. باقي وڏيون عمارتون ته سمينٽ جا دٻا آهن، پوءِ اها اسٽيل مل هجي يا پورٽ قاسم، فن تعمير ۾ بدذوقيءَ جي انتها آهن. ان کان ته حيدرآبادي عاملن جا گهر هزار ڀيرا چڱا آهن. شڪاپوري سيٺيون به باذوق انسان هئا. پيار علي الانا، جڏهن سنڌ جو وزير تعليم هو، تڏهن مون کي ڪاٺ جو هڪ در ڏيکاريو هئائين، جيڪو هن شڪاپور مان، ڪنهن سراءِ مان خريد ڪري، ان جي مرمت ڪرائي هئي ۽ جيڪو نهايت خوبصورت دروازو هو، جنهن ۾ ڪاٺ ۾ ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، ميران ٻائي ۽ ٻين اهم شخصيتن جي تصويرن جي اُڪر ٿيل هئي. اهڙي ڪاريگري ته مون پوري پاڪستان ۾ نه ڏٺي آهي. شڪاپور جا ڊکڻ واقعي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪراچيءَ جا رستا به شڪاپور جيان ڀُڄي ڀُري پيا آهن، پر شڪاپور جي رستن تي ايتري واهيات ٽرئفڪ نه آهي، جيتري ڪراچيءَ جي رستن تي آهي. فارين ايڪسچينج عيش آرام جي ڳالهين تي ضايع ڪيو وڃي ٿو. فقط ڪراچيءَ ۾ ايتريون موٽر ڪارون آهن، جيتريون پوري هندستان ۾ نه آهن. پوني ۾ مون فقط عطر سنگتياڻي وٽ وڏي فارين ڪار ڏٺي هئي، نه ته سڀ ائمبيسيڊر ۾ ماروتي هلائي رهيا هئا، جيڪي هندستان ۾ ٺهنديون آهن. اوڀر پنجاب ۾ ايتري ڪڻڪ اُپائي وئي آهي، جو پنجاب ۾ ايترا گودام نه ٿا ملن، جتي اها محفوظ رکي سگهجي ۽ ڀارت سرڪار ان کي ڪتب آڻڻ لاءِ فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت جي ڪروڙين اسڪولي ٻارن کي منجهند جو ويلو مفت کارايو وڃي. اسان وٽ ته ڪڻڪ جو اٽو وڃي اسي رپئي ڏهه سير تي پهتو آهي. چڻن جي دال وڃي چاليهه رپيا سير لڳي آهي. غريب ماڻهوءَ کي دال ماني به نصيب ناهي. غريب وڃي غريب تر ٿيندو ۽ امير وڃن امير تر ٿيندا. هوڏانهن اشتراڪي نظام جي چيلهه ڀڄي پئي آهي ۽ سرمائيداري هڪ راڪاس وانگر انسان ذات کي رڙڪي رهي آهي. ٻڏندي کي ٻوڙن جو سهارو به نه بچيو آهي. پر مان ته نظير اڪبر آبادي ٿيندو ٿو وڃان! اٽو، دال، ڇا ڇا جي باري ۾ لکي ويو آهيان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org