سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 8

مونکي سکر ڇڏي چار پنج سال ٿي ويا. مان جتي ٻيا سير سفر لکي سگهان ٿو، اُتي سکر کي به پٺتي ڏسي سگهان ٿو. ساڳي طرح پنهنجي ڳوٺ شڪاپور ۽ اتر جي ٻئي هر انهيءَ شهر کي تصور ۾ موٽي ڏسي سگهان ٿو، جنهن سان منهنجو واسطو رهيو هو. اهو ته وقت ۾ سفر آهي جو انسان ڪهڙي وقت به ڪهڙيءَ جاءِ تي به ڪري سگهي ٿو. آخر اُهي تتا ڏينهن جڏهن ڪانوَ جي اک نڪرندي هئي، تڏهن جيڪب آباد، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلي، نوابشاهه، سانگهڙ، حيدرآباد وغيره کان موٽندي، منهنجي ڪار تپي باهه ٿي ويندي هئي، جڏهن سفر ۾ نم، سرنهن، پپل، يوڪلپٽس، ڪنڊيون ۽ ڪِرڙَ،  اونهاري جي ٽاڪ منجهند ۾ ائين ٻرندا ها، جيئن موم بتين جا جهار ٻرندا آهن ۽ ائين لڳندو هو ته اُنهن مان نڪرندڙ اُلا اُڀ ڏانهن اُڏامي رهيا آهن، تڏهن پکي پکڻ اس جي تَوَ کان آکيرن ۾ وڃي لڪندا ها. مون کان اهي ڏينهن ڪيئن وسري سگهندا! ڪيئن وسري سگهندا اُهي ڏينهڙا جڏهن رستي تي پاڻيءَ جي ٽيٽيهر، ٽٻڻيون نظر اينديون هيون، جڏهن لُري لڳندي هئي ۽ ڍانڍيئڙن جا آکيرا ڪنڊين ۾ خالي لڙڪندا ها ۽ هوا ۾ ايئن لڏندا ها ڄڻ انهن موسمي پکين کي الوداع ڪري رهيا ها جي سائبيريا ڏانهن وڃي رهيا ها، تڏهن شڪاپور مان موٽندي مان پنهنجي دوست عبدالستار جي لکيءَ واري باغ ۾ ڪجهه وقت زيتونن جي ڇانوَ ۾ ويهندو هوس ۽ ماڻهوءَ جي روپ ۾ هڪ ٽاري نظر ايندي هئي، جنهن تي ٻه زيتون لڏندا ها. مون پنهنجي دوست کان ڪڏهن به هن جو نالو نه پڇيو هو. اهو معلوم هو ته هوءَ ڪائي پاڙيسڙڻ هارياڻي هئي. هڪ ڀيري هن جي باغ جي ٻاهران اسان هڪ ڪاري جهنگ ڪُڪڙ ڏٺي، جا ملڪه سبا وانگر ٿي ٽهلي. عبدالستار پنهنجي بندوق ۾ ٻه ڪارتوس وڌا، مون هن کي جهليو. ايتري ۾ جهنگ ڪڪڙ ڪنهن ٻوٽي ۾ لڪي وئي. هن خار ۾ هڪ ئي فير سان باغ جي ڀرسان تلاءَ ۾ ٽيٽو ماري وڌو، جو هن جا هاري کڻي آيا. ”ڏس ته اهو نر آهي يا مادي آهي؟“ توکي پتو پوندو؟ ڪائنات بندوق جي آواز سان سوال وانگر گونجي اُٿي. ”ستار! تو اِهو ٽيٽو ڇو ماريو؟ انهيءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟“

اٽڪل ٻه ٽي سال اڳ ستار خان جي پٽ جي شادي هُئي. هُن ڪنهن فائيوِ اسٽار هوٽل ۾ دعوت ڪئي هئي، جتي اسان جو پورو خاندان هليو هو. زالون زرق برق لباس پائي آيون هيون. هاڻي پردي جو رسم و رواج ته رهيو نه آهي. ڀرسان منهنجي ستار جو مائٽ ۽ ڳوٺائي هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج مغل منور علي بيٺو هو، جو منهنجو ڪلاس فيلو به رهيو هو ۽ مون کان ٻه سال پوءِ سکر ۾ وڪالت ڪئي هيائين. ستار جي پُٽ جي شادي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳئين چيف جسٽس عبدالحي قريشيءَ جي ڏوهٽيءَ سان ٿي رهي هئي. جسٽس عبدالحي منهنجو ڪراچيءَ ۾ سال 1947ع ۾ جمال صديقيءَ سان گڏ وڪالت ۾ پارٽنر هو ۽ جڏهن مون وائيس چانسلرشپ تان رٽائر ڪيو هو، تڏهن مون کي هاءِ ڪورٽ جي جج ڪري کڻڻ جي سفارش ڪئي هيائين.

ستار مونکي ڏسي چيو: ”اياز صاحب، هي جيڪي هار سينگار ڏسين ٿو انهن تي بيوٽي پارلر جو ڪيترو خرچ ٿيو هوندو؟ تو اسان به ڏينهن گذاريا ها. هي ته سارو کيد آهي.“ ”ستار خان! هي ساري زندگي ئي کيد آهي.“ مون جواب ڏنو. اها ڳالهه ستار کي واهولي جي ڌڪ وانگر لڳي. ان کان اٽڪل ڏهاڪو مهينا پوءِ ستار مون وٽ آيو هو ۽ ٻڌايو هيائين ته هن جي زال کي جيري جو ڪينسر ٿي پيو آهي ۽ هوءَ ڳري ڪک ٿي وئي آهي. ”هي ساري زندگي ئي کيد آهي.“ مون دل ۾ ورجايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ستار خان جي پٽ ٻڌايو ته سندس والده گذاري وئي آهي. انا لله وانا اليه راجعون. ستار خان هن لاءِ سکر شهر جي ٻاهران ڪيڏو نه وڏو بنگلو ٺهرايو هيو ۽ ان ۾ طرح طرح جا ميويدار وڻ لڳايا هئا ۽ مون مائيءَ کي ڌيءَ جي مڱڻيءَ تي ڪيڏو نه خوش ڏٺو هو.

  ستار خان جيتوڻيڪ وڪيل نه هو، پر منهنجي ساري وڪيل لڏي جو دوست هو، جنهن ۾ غلام مصطفيٰ شاهه، علي بخش، رشيد ڀٽي ۽ حبيب الله شريڪ هوندا هئا. اهڙو هڪ ٻيو دوست شريف خان به هو جو هيو ته مهاجر پر هن جي دوستي اسان جي سنڌي لڏي سان هُئي، جنهن م فتاح ملڪ به شامل هو پر هن جي باري ۾ پوءِ ٿو لکان، پهريون ستار خان جي باري ۾ لکان. ستار خان سنڌو درياه، واهن ڍنڍن ۾ مڇيءَ جا ٺيڪا کڻندو هو ۽ پيرزادي عبدالستار صاحب جي ماڻهوءَ سيٺ سلامت راءِ خلاف درخواستون ۽ تارون ڪري، پوسٽر ڪڍي ۽ اشتهار ورهائي، هُن کان سنڌو درياءَ ۾ مڇي مارڻ جو ٺيڪو کسيائين ۽ ان معاملي ۾ مون سان قانوني مشورو ڪندو هو. دوستيءَ سبب نه رڳو مون کي هو انهن هنڌن تي وٺي هلندو هو، جتي هن جا مهاڻا ۽ مهاڻيون مڇي ماري ايندا هئا، پر مڇي توڙي ٺيڪيدار سان پنهنجي ڦانڊڻي به ڪندا هئا. مڇيون گهڻو ڪري ڏنڀرا، سينگاريون، پوئڪيون ۽ کڳا هونديون هيون ۽ جڏهن ميربحر ڄار ڪڍندا هئا ته مڇيون ڄار ۾ ائين ڦتڪنديون هيون، جيئن ڪتيون ڪائنات ۾ ڦتڪنديون آهن.

هڪ ڀيري منهنجي نئين جونيئر شاهه بخش شاهه، اسان جي پنهن جي ڳوٺ ٻُلهاريءَ ۾ دعوت ڪئي هئي جو ڪچي جي ڪناري تي سکر کان ڏهه ميل پري آهي. مون ڪنهن انجنيئر دوست کان لانچ ورتي هئي ۽ شاهه بخش شاهه کانسواءِ ستار خان، رشيد ڀٽي، علي بخش، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شريف خان ساڻ هئا. لانچ ۾ اسان وسڪي ۽ بيئر ڪافي پيتو هو باقي ستار خان ته پيئندو ئي نه هو. جيستائين اسان منزل تي پهتاسين، تيستائين سج پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويو هو ۽ ميٽاوان پاڇاوان چيريندي لانچ ڪنڌيءَ تي پهتي هئي. اتي ڪچي جو ڳوٺڙو هو، جو ٻه ڀيرا پائيندڙ پائي وئي هئي. شاهه بخش شاهه هڪ ڇيلي جي سَجي ڪرائي هئي ۽ ٻئ جو ٻوڙ رڌو هيائين. ان کان سواءِ نان، پلاءُ ۽ سوجيءَ جو حلوو ڪرايو هيائين. اسان ڪنڌيءَ تي نڙ جا بيت ٻڌا، جي اُتان جي شوقين ڳائڻن ڳاتا. سنڌي شاعري ڪجهه سالن کان شروع ٿي آهي نه ته لوڪ ادب ئي اسان جي شاعريءَ جو ورثو رهيو آهي. هنن اسان کي سانوڻ خاصخيليءَ  ۽ مولا بخش خاصخيليءَ جا نڙ بيت ٻڌايا. جڏهن مولابخش جي هيٺين سٽ ٻڌايائون:”اُتي ڏونگر ٻريون ڏياٽيون، لڳي لَڪن کي لالاڻ“ تڏهن مون علي بخش کي چيو ته ٿوري ڦيرگهير ۽ ڪَٽ سَٽ سان هن شاعريءَ کي خوبصورت بڻائي سگهبو آهي ۽ اها سٽ هيئن به چئي سگهجي ٿي:”ڏونگر ڏياٽيون ٻَريون، لڪَن ٿي لالاڻ“

جيڪڏهن ائين پڙهي، ڪنهن کي چئجي ته اِها سِٽ ڀٽائيءَ جي آهي ته اعتبار ڪري ويندو! اِن سٽ ۾ شام جي ڪيڏي نه دلڪش منظر ڪشي آهي! ڀرسان باهه جا ڍانڍ ٻري رهيا هئا، جن تي ديڳڙا چڙهيل هئا ۽ انهن جون چڻنگون اُڏامي ٻاٽ انڌاري ۾ ستارن کي چئي رهيون هيون: “جهٽ لاءِ ئي سهي، اسان اوهان کان وڌيڪ ڪارائتيون آهيون.“ آخر انسان جي حياتي چڻنگ جو چٽاءُ ئي ته آهي! بلڪل ويجهو شريف خان دارونءَ جا دُنگ پي رهيو هو، جيتوڻيڪ مان جام مان سِپ سِپ ٿي پيتي، ائين نشي ۾ اَلوٽ ٿيڻ ۾ ڪهڙو لُطف آهي! جڏهن هن جي ڪَل ٿڙندي هئي ته ”ڀٽيءَ“ کي ڏسي ڪوئي گاسليٽي شعر پڙهندو هو:

  ساقي! تجهي بنانا ٿي بهڻي شراب کي،

انسان بناکي کيون مري مڻي خراب کي.

۽ پوءِ ٽهڪ ائين ڏيندو هو ڄڻ هن کي چاٻي اچي وئي هئي. هن جا ٽهڪ ياد ڪري مون کي پريزيڊنٽ هائوس راولپنديءَ جي رات ياد ٿي اچي.

جڏهن ٻوليءَ وارا فساد ٿيا هئا تڏهن مون کي ڀٽي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگيءَ لاءِ اسلام آباد گهرايو هو ته جيئن صلاح مشورو ڪري سگهي. مان، پاڪستان جو ان دؤر ۾ لامنسٽر جناب حفيظ پيرزادو، اڳوڻو سنڌ جو وڏو وزير جناب قائم علي شاهه ۽ درمحمد اوستو، جو ان وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ وزير هو، اُن ٻوليءَ جي بل جي هر شق تي بحث ڪري رهيا هئاسون. مير رسول بخش ٽالپر، جو ان وقت سنڌ جو گورنر هو ۽ منهنجو يار هو، به اُتي هو. يحيٰ خان جي دؤر ۾ اسان ٻئي ڪراچيءَ جيل ۾ ساڳئي سيل ۾ رهنداهياسون ۽ ڪنهن نموني ٻاهران اسڪاچ وسڪيءَ جي بوتل هٿ ڪري پيئندا هياسون. پيئڻ کان پوءِ معلوم نه آهي مير صاحب کي حيدرآباد جي ڪهڙي عاملياڻي جمنا ياد ايندي هئي ۽ هو پاڪستان کان اڳ واري دؤر جو ذڪر ڪندو هو. جڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي فساد ٿيا هئا تڏهن هو رهيل ئي پنڊيءَ ۾ پاڪستان جي پريزيڊنٽ هائوس ۾ هيو ۽ هو انهيءَ ڪمري ۾ موجود هو جتي اسان بل بحث ڪري رهيا هياسين. دراصل اهو ڪمرو سندس بيڊ روم هو. مير صاحب جي اسان جي قانوني بحث ۾ ڪائي دلچسپي ڪانه هئي. اوچتو هن مون کي ٻانهن مان ڇڪي چيو: ”هن پلنگ تي ٻه منٽ ليٽي پَئهُ“ اسان اهو دخل درمعقولات ڏسي وائڙا ٿي وياسين. اوچتو مير صاحب مون کي ٻانهن کان ڇڪي اُٿاريو ۽ پلنگ تائين ڇڪي آڻي چيائين هتي ٻه منٽ ليٽي پَئهُ، مون مجبوراََ ائين ڪيو. ٻن منٽن کان پوءِ هن مون کي ٻانهن کان ڇڪي چيو: “اياز! ڪوئي مزو آيئه؟“ مون فقط هن کي حيران ٿي ڏٺو. ايتري ۾ هن ٽهڪ ڏيئي چيو:”اياز! انهيءَ پلنگ تي يحيٰ خان بلئڪ بيوٽي(Black Beauty) سان گڏ سمهندو هو. مون  چيو ته تون به ان جو مزو وٺي ڏس!“

اسان سڀني مرڪي ڏنو ۽ وري پنهنجي ڪم ۾ جنبي وياسين. گهڙي نه گذري ته ٽهه ٽهه ٿي وئي. اسان مير صاحب ڏانهن ڏٺو ته هو خاموش هو ۽ ٽهه ٽهه مسلسل اچي رهي هئي. اوچتو حفيظ پيرزادي کي ڪوئي خيال آيو ۽ دور رکيل ٽيپ رڪارڊر بند ڪيائين. مير صاحب هونءَ ته نهايت سنجيده انسان هو، پر ڪنهن ڪنهن وقت هن جي خوش مزاجي حيران ڪري ڇڏيندي هئي. اُن ۾ ٽهڪن سان ڀريل ٽيپ هلي رهي هئي. مون کي هاڻي ائين لڳي ٿو ته شريف به اُنهن ٽهڪن وانگر ٽهڪ ڏيندو هو. گهڻي وسڪي هن کي ٽيپ رڪارڊر بڻائي ڇڏيندي هئي. هن تي غلام مصطفيٰ شاهه اَلائي ڇو ”ٽيٽڪ خان“ نالو رکيو هو؟ شايد هو قد جو ننڍو هو، ان ڪري.

هڪ ڀيري اسان ناري واهه جي پهاڙين ڏانهن، هرڻن جي شڪار لاءِ ويا هياسين. مونکي پنهنجي زيڪوسلواڪيا جي دونالي بندوق هئي. دعوت ڪنهن ڪئي هئي، ياد نه آهي. مان ڀانيان ٿو منهنجو ئي ڪو اصيل هو. شاهه بخش شاهه کانسواءِ ٻيا سڀئي هياسون پهرين ته ڪار ۾ ناري واهه جي ڪناري سان ويا هياسون. نهايت خوشگوار موسم هئي. ڪناري تي ٽالهيءَ، پپل ۽ سرينهن جا وڻ بيٺا ها. اسان ڪار هڪ ڳوٺ وٽ روڪي ۽ ميزبان جي جيپ کنئي هئي. ڪجهه پنڌ تي واهيون هيون ۽ اڳتي اوچيون پهاڙيون، جتي هرڻ جي شڪار لاءِ لِڪي ويهڻو هو. واهن ٽپڻ لاءِ ۽ پهاڙن تي چڙهڻ لاءِ اسانکي اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهڻو پيو. مان هڪ اُٺ تي ويٺو هوس، جو هڪ واهيءَ جي مٿان ٺاهيل نهايت تنگ پيچري تان وڃي رهيو هو. مونکي ان وقت ڀَوُ ٿيو ته جي اُٺ جو پير تِرڪيو ته منهنجي ڄنگهه ٻانهن جو خير نه آهي. مان ڪوئي عادي شڪاري نه هوس ۽ شوقيه ويو هوس. دراصل مونکي شڪار سان ايتري دلچسپي نه هئي جيتري فطري نظارن سان هئي. اهڙي طرح مان ڏهرن جي سردار عبدالرزاق ڏهر جي دعوت تي اُٻاوڙي کان پري کينجوءَ ويو هوس جو  هندستان جي سرحد کان ڪجهه اوري آهي. ماڇين جي سردار ماڇي خان جا ڪيئي ڪيس هلايا ويا، هن جي دعوت تي مچ ڏانهن ويو هوس، جو سنڌي ۽ پنجاب جي بارڊر تي آهي. مون سان گڏ الهورايو مرڻاس ۽ هن جو سوٽ حاجي جاويد، (جو وڪيل هو) به هيا. ائين مان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ته ڪيئي ڀيرا ڪيسن سان ويو هوس پر بخشاپور جي ڍنڍ تائين مون کي هڪ مائٽ جناب محمد قاسم گهمائي آيو هو جو، گڊو بئرج ۾ ايڪس. اي. اين. هو ۽ جو هاڻي غالباََ ڄامشوري ۾ ايس. اِي آهي.

بهرصورت مون کي اهو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد آهي جڏهن اسان ناري کان ٿورو پري هرڻ جي شڪار لاءِ اٺن ۽ گهوڙن تي ويا هياسين. شريف خان هڪ ٽٽونءَ گهوڙي تي سوار هو ۽ هنکي هٿ ۾  بندوق هئي ۽ مون کي ائين ٿي لڳو ته اسان اتر سنڌ ۾ نه پر تبت ۾ ٽينزنگ سان ڦري رهيا آهيون. آخر اسان پهاڙيءَ تي چِست پچائي ويٺاسين. مون دل ۾ دعا گهري ته ڪوئي هرڻ پاڻي پيئڻ نه اچي. مون کي ڪافي بک لڳي هئي پر ٻين کي هرڻ جي خون جي پياس ايتري هئي جو کين بک ۽ اڃ جو احساس ئي ڪونه هو. مون سوچيو، اهو هرڻ ته هيو جنهن دشينت کي شڪنتلا سان ملايو هو ۽ ڪاليداس جو ڊرامو هن کانسواءِ نامڪمل رهجي وڃي ها. هرڻ- اکي عورت مون کي ڪيڏو نه وڻندي آهي. اهو ناممڪن آهي ته مان هرڻ کي بندوق هڻان! سج پهاڙين تي هيٺ لهي آيو ۽ اتفاق سان هرڻ ان ڏينهن پاڻي پيئڻ نه آيا ۽ اسان کي بک به ڏاڍو ستايو هو، ان ڪري ڳوٺ موٽي وياسين ۽ ماني کاڌيسين، جا وڏيري اسان لئه ڪرائي هئي. ياد نه آهي ته چُڪي پيتي سين يا نه، ضرور پيتي هوندي.

سومر خان چوهاڻ ۽ هن جو ڀاءُ سچل خان چوهاڻ ٻئي منهنجا دوست ها. هن جو مائٽ عبدالستار چوهاڻ منهنجو جونيئر هو ۽ هيئنر کيس ائڊوڪيٽ جنرل جو عهدو ڏنو ويو آهي. سچل خان جو گهر ته بندر روڊ تي سنڌوءَ جي سامهون هو پر هو ٻيلن جا ٺيڪا باگڙجيءَ ۾ کڻندو هو. سڀئي چوهاڻ گهڻو ڪري منهنجا مُوڪل هيا. سچل خان مون کي باگڙجي جي ٻيلي ۾ وٺي هلندو هو. مون اُن باري ۾ هڪ ڪهاڻي به لکي هئي.

انهن جوان وڪيلن سان گڏ پوڙها وڪيل هولارام، ساڌو رام،. پيرزادو عبدالمجيد، شيخ غوث بخش، ڊي. پي. پي غلام قادر بلوچ، جي سڀ ڪافي وقت کان اڳ راهه رباني وٺي چُڪا ها، سي به ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندا آهن. ساڌو رام جي آفيس واليس روڊ تي هئي، جو ڪُئينس روڊ جي پٺيان هيو، جتي منهنجي آفيس هئي. هن لاءِ مشهور هو ته جي اونهاري ۾ ڪوئي ٻهراڙيءَ جو اصيل اچي هن کي منجهند جو سڏ ڪندو هو ته ساڌو رام پهرين ماڙ تان پڇندو هوس: ”في آندي اٿئي؟“ جي اصيل چوندو هو ته ”نه آندي اٿم“ ته ساڌو چوندو هوس: ”ساڌو هيئنر هيٺ نه لهندو. ساڌوءَ جي ننڊ جو وقت آهي.“ ۽ جي اصيل چوندو ته هن في پاڻ سان آندي آهي ته ساڌو رام ورندي ڏيندو هو: ”ٻُڌو، بابا، ٻُڌو! ساڌو ڪيئن نه لهندو، ساڌوءَ جو پيءُ به لهندو!“ ساڌو رام طنزومزاح وارو وڪيل هو. شمس الدين شاهه هن کي ڪيفِ ايران ۾ ڪيڪ پيسٽري کارائيندو هو ته کيس چوندو هيو: ”شاهه! جيستائين تون ڪيڪ پيسٽري کارائيندين، تيستائين مان گانڌي ۽ نهروءَ کي نه، توکي نمستي ڪندس. مونکي ڪهڙي پئي آهي ته مان هندستان وڃي گجراتي مونيون ۽ مدراسي ڊوسا کاوان.“ هو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي آفيس ۾ ايندو هو ۽ جي هولارام نه هوندو هو ته هولارام جي زال سُگهيءَ سان چرچا ڪندو ۽ چرچي چرچي ۾ هن جي سٿر تي زور سان ڌڪ هڻي چوندو هو: ”سُگهِي! وڄائي وِڌُءِ! ٻيهر ته اها ڳالهه ٻڌاءِ“ اِهو چئي هو سگهيءَ جي سٿر کي هٿ سان زور ڏيندو هو. شايد ساڌو رام جي پنهنجي زال مري وئي هئي يا هندستان موڪلي ڇڏي هيائين.

ٻيو عجيب ڪردار منهنجو منشي ڏيون هو. هو گهوٽڪيءَ جي مُکيءَ جو پٽ آهي، پيدائشي تيمورلنگ آهي، ۽ مان هن کي منشي بدران ”مُنو شينهن“ ۽ ڏيون بدران ”اي ون“ (A-one)  ڪوٺيندو هوس. هو اڃا تائين منهنجي آفس جي نظرداري ڪندو آهي.

انهن مان ڪيترا وڪيل ۽ جج جيم خانه ڪلب جا ميمبر ها. هو ڪرسمس تي ڪاغذ جون ٽوپيون پائيندا ها، ٻارنهين وڳي رات تائين وسڪي پيئندا ها ۽ ٻارنهين بجي ميري ڪرسمس (Merry X’mas) ڪندا ها. ڪلب جا ٻه ٽي ميمبر ائنگلو انڊين هئا، جي آزاديءَ کان پوءِ پاڻ کي ڇورا ڇنا سمجهندا ها، پر ڪجهه جج ۽ وڪيل انهن جي اڳيان احساسِ ڪمتريءَ ۾ مبتلا هوندا ها. هڪ ڀيري ڪارڊيرو، جو سپرنٽنڊنٽ سکر جيل هو ۽ پوءِ سنڌ جو آءِ. جي پرزنس ٿيو، منهنجي ڀرسان ڪائونٽر تي وسڪي پي رهيو هو. مان جنهن وقت ڪافي خمار ۾ هوس، تنهن وقت منهنجي اک هن جي نوجوان ڌيءَ تي پئي جا نهايت خوبصورت هئي. منهنجون اکيون هن تي ائين کُپي ويون ڄڻ مان هن تي مسميريزم ڪري رهيو هوس. جڏهن مان ڏٺو ته مان هن تان اکيون هٽايان ئي نه ٿو ته هوءَ رڙ ڪري اچي پيءُ کي چنبڙي.

ٻئي ڀيري مان هڪ سي. ايس. پي ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ، سکر جي جم خانه ڪلب ۾ پي رهيو هوس ته منهنجون اکيون هن جي نوجوان زال ۾ ٽڪ ٻڌي کُپي ويون. ڊپٽي ڪمشنر کي به طنز ومزاح جو حس هو. هن وسڪيءَ جو ٻيو گلاس ٺاهي مونکي ڏنو ۽ چيائين: ”ٻئي گلاس هڪ ڳِيت ۾ پي وڃ ته وڌيڪ چڱي طرح ڏسي سگهندين.“ مان هن کي ڪيئن سمجهايان ته حسن مونکي مُنڊي ڇڏيندو آهي. اها ڳالهه مون پنهنجي هڪ دوست کي ٻُڌائي هئي، جنهن مون تي خاڪو لکيو آهي.

ڳالهين مان هڪ ڳالهه ياد آئي. هڪ ڀيري بنگلاديش ۾ مان پاڻيءَ جي جهاز ۾ نارائڻ گنج کان کُلنا وڃي رهيو هوس. جهاز ۾ ٻه فرسٽ ڪلاس ڪئبن هيون. صبح جو مان ننڊ مان اٿي اچي جهاز جي ريلنگ سان بيٺو هوس، ته اوچتو منهنجي ٻي ڪئبن ۾ لٿل جهاز جي مالڪ ۽ هن جي فرينچ زال تي نظر پئي هئي، جنهن هُن سان انگريزيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. مون هن جي زال کي ڏٺو ته ڄڻ رِوِٽ لڳي وئي. ٿوريءَ دير کانپوءِ هن پنهنجي مڙس کي چيو: ”ڊيئر! مونکي هن شخص مان جان ڇڏائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻو پوندو.“ مان لڄي ٿي ڪئبن ۾ هليو ويو هوس.

لنڊن جي هائيڊ پارڪ ۾ مون هڪ جهونيءَ آشنا کي چيو هو ته وڻ سان ٽيڪ ڏئي بيهه ته منهجون اکيون توکي ڪئميرا وانگر ڏسن ۽ تنهنجا هزارين فوٽو گراف ڪڍن. اَلاءِجي ڇو حسن مونکي محسور ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ اهو انسان جو هجي يا فطرت جو! بمبئيءَ ۾ منهنجي دوست گُني سامتاڻيءَ مون کي چيو  هو:

”چنڊ لفظ جيترا ڀيرا تو شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي

اوترا ڀيرا دنيا جي ڪنهن به شاعر ڪم نه آندو آهي.“

مون تي تنقيد ڪندي ڪنهن نيم نقاد، نيم شاعر لکيو هو ته ”اياز هن دورِ جديد ۾ چنڊ سان گفتگو ٿو ڪري.“ مونکي جنهن اِها ڳالهه ٻڌائي هئي، ان کي مون چيو هو: ”انهيءَ کي چَؤ ته چنڊ حسن جي شاعرانه علامت آهي. جي هي غالب کي پڙهي نه ٿو سگهي ته لورڪا کي پڙهي ڏسي.“

انساني جسم ۾ ڪائي برقي رَوُ ٿئي ٿي، جا ٻئي انسان تي يڪدم اثرانداز ٿئي ٿي. مون سان به ائين ٿيندو آهي ۽ علمِ سابقه جيان پهرينءَ نظر ۾ محسوس ٿيندو آهي ته هي ماڻهو مون لاءِ آهي. هُن کي ڏسي مان اکيون جهڪائي ڇڏيندو آهيان، پر مون تي کُتل هن جون اکيون مون کي ڪڏهن مجبور ڪنديون آهن ته مان هُن ڏانهن ڏسان ۽ پوءِ ڪَڙو ڪَڙي ۾ جڙجي ويندو آهي ۽ ڪوئي صدين جو زنجير مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. منهنجي ڪيفيت سودا جي هيٺين شعر وانگر هوندي آهي:

کيفيتِ چشم اُس کي مجهي ياد هي سودا،

ساغر کو ميري هاتهه سي لينا کي چلا مين.

جيم خاني ۾ منهنجو مائٽ شيخ عباس مون کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هو اُن وقت ايڪس. اِي. اين هوندو هو ۽ انت پي. آءِ. ڊي. سيءَ ۾ چيف انجنيئر ٿي رٽائر ڪيائين. اڃا تائين ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ ڪنسلٽنٽ جو ڪم ڪندو آهي ۽ جيستائين مان بيمار ٿيس، تيستائين هن سان ۽ ڪجهه ٻين مائٽن سان رنگين شامون گذرنديون هيون. هو جڏهن آمريڪا ۾ طبيعيات ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪندو هو، تڏهن آئن اسٽائن سان ڪجهه وقت گفتگو ڪئي هيائين ۽ فلسفو اڃا تائين هن جو مرغوب مطالعو آهي. شيخ عباس ”چُلهه تي سو دل تي“ جو بهترين مثال آهي. هو دوستيءَ ۽ دوريءَ ۾ توازن رکي سگهندو آهي ۽ ڪنهن کي به گگ ٿي نه چنبڙندو آهي. جڏهن اسان پڙهندا هياسين تڏهن ڪراچيءَ ۾ روپ وِلاس هاسٽل ۾ لڳو لڳ ڪمري ۾ رهندا هياسين، هڪ رات ٻي بجي ننڊ مان منهنجي اک کلي. ڀرسان واري بالڪنيءَ ۾ عباس هڪ ماهر قوال وانگر پلٽا هڻي رهيو هو ۽ مون اکيون مهٽي هن کي غور سان ٻڌو ته هو ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳائي رهيو هو: ”منگهن جي گهر ۾ ٻه ڪارا ڪُتا هيا.“ مونکي ڪنن تي ويساهه نه آيو ۽ هِن کي چيم ته: ”عباس! هي ڪهڙو مَکو لڳو اَٿئي؟“ جواب ۾ چيائين: ”ڇو بابا! توکي جڏهن شاعري جنڊيءَ تي چاڙهيندي آهي ته تون چوندو آهين ”ڪارا ڪارا بادل آيا“ مونکي منگهن جي گهر ۾ ٻن ڪارن ڪتن جو تصور اهڙو مزو ڏئي رهيو آهي، جهڙو سانوڻ ۾ توکي ٻه ڪارا بادل ڏيندا آهن. ياد اٿئي ته ٻئي درجي سنڌيءَ ۾ سبق پڙهندا هياسين ”منگهن جي گهر ۾ ٻه ڪارا ڪُتا هيا“ مونکي اهو سبق ٿو ياد اچي.

           سکر جم خانا ۾ هڪ ماءُ ۽ ڌيءُ اينديون هيون. ٻئي خوبصورت هيون. مان جڏهن انهن ڏانهن ڏسندو هوس تڏهن عباس مون کي ڌونڌاڙي چوندو هو: ”گيدوڙي ۾ اَٽڪيو آهين، ليسوڙي ۾؟“ منهنجا نشا ٽٽي ويندا ها. هو آمريڪا مان ڪنهن آمريڪن ڊرامانويس ڇوڪريءَ سان شادي ڪري آيو هو. هڪ ڏينهن هو کيس منهنجيءَ آفيس ۾ وٺي آيو ۽ مون سان تعارف ڪرائيندي چيائين: ”روز! هي منهنجو فلاسفر دوست به آهي ۽ مائٽ به آهي. هن ارسطو پڙهيو آهي، پر هن کي خبر نه آهي ليوڪريشيا ڪير هئي؟“ شايد هن جي زال روز کي خبر نه هئي ته ليوڪريشيا[1] ڪير هئي ۽ هوءَ عباس جي مزاحيه طبيعت جي عادي ٿي چُڪي هئي، ان ڪري هوءَ خاموش ٿي وئي.

            هڪ عجيب ڪردار جو جم خانه ۾ ايندو هو، سو هو بردَر خداداد خان هو.[2]  Free Mason’s Lodge جو ميمبر هو ۽ ڇاڪاڻ جو لاج جي هر ميمبر کي بِردَر ڪوٺيندا ها، تنهن ڪري هِن کي به بردر ڪوٺيو ويندو هو. هن جو چاچو عبدالحميد خان جيئي شاهه جي سامهون ۽ مرحوم پيرزادي عبدالستار (سابق وزيراعليَ سنڌ) کان ٽيهارو قدم پري ۽ مون کان اٽڪل 200 قدم پري رهندو هو. عبدالحميد خان جو سنڌ جي تاريخ جو پارسيءَ ۾ مصنف هو، اهو وائيسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو هو. هو سکر جو پهريون سنڌي آنرري مئجسٽريٽ هو ۽ هن جي جيئي شاهه جي سامهون تمام وڏي پر بوسيده جاءِ هئي. مان ڪڏهن گهر کان آفيس ويندو هوس تڏهن هو لڪڻ ٽيڪيندو پنڌ ويندو هيو. مان به ڪڏهن هن سان گڏجي پنڌ ويندو هوس ۽ رستي تان موڪلائيندا هياسين. هو لڳ ڀڳ اسي ورهين جو هو ۽ مون کي لنڊن جا احوال ٻڌائيندو هو جتي هو پڙهيو هو. علامه اقبال هُن سان ساڳي ڪمري ۾ رهندو هو ۽ علامه جي باري ۾ مونکي عجيب وغريب ڳالهيون ٻُڌائيندو هو.

           بِرَدر خداداد خان گهڻو ڪري هر آچر تي پنهنجيءَ زمين تان سڌو جم خانه ڪلب ۾ ايندو هو. هن کي پئنٽ ۽ قميص پئي هوندي هئي ۽ هو ٻانهون کُنجي بار جي ڪائونٽر تي ويهندو هو ۽ بيئر جو پنهنجي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ آرڊر ڏيندو هو ۽ مونکي چوندو هو ته، ”مان هن وقت پنهنجيءَ زمين تان موٽيو آهيان ۽ هڪ برٽش فارمر (ڪسان) وانگر پيئڻ ٿو چاهيان.“ هو انگريز تهذيب جو دلداده هو ۽ هڪ ڀيري ڪرسمس نائيٽ تي انگريزن وانگر ڪاري ٽاپ هئٽ جا فوٽ کن اوچي هئي، ڌارِيدار ڪاري پئنٽ، ڳچيءَ ۾ اسڪارف ۽ هٿن ۾ ٺونٺ تائين دستانا پائي آيو هو ۽ وائيس ريگل لاج ۽ بڪهنگم پئليس جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هو. آغا آصف جنهنجو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، تنهن لنڊن مان بارائٽ لا ڪيو هو ۽ هن سان ڏاڍا چرچا ڪندو هو. مون هنن کي هڪ ڀري فرينچ شاعر رچرڊ گئليني (Richard de Galliene) جو هيٺيون شعر ٻڌايو:

  Ah London! London! Our delight       

Great flower that opens but at night                        

ترجمو:         او لنڊن! لنڊن، اسان جي سرخوشي،

                وڏو گُل جو رڳو رات جو ٽڙندو آهي.

تڏهن خداداد خان چيو: ”واهه وا! ٻيهر ته ٻڌائجانءِ!“

 ان تي آغا آصف کيس چيو: ”بردَر خان ڪهڙي نائٽ ڪلب پسند ڪندو هئين؟“

”سڀئي نائٽ ڪلبون چڱيون هيون، نالو ته هاڻي ڪوئي ياد نه ٿو اچي!“

”ڀلا هائيڊ پارڪ ڪارنر ۾ هائيڊ پارڪ ڪئفي ۾ تو بيئر پيتو يا لاگر؟“

” بيئر آغا، بيئر منهنجو مرغوب مشروب آهي.“

”ڀلا تو ته پوش لنڊن (Posh London)  ڏٺي هوندي؟“

”ها“

”ڀلا ڪنهن جاءِ جو نالو ٻُڌاءِ؟“

”ٻيلي هاڻي ايتري وقت کانپوءِ ڪيئن ياد ايندو!“

”مان ٿو ٻڌايانءِ بيل گريو اسڪائر (Belgrave Square) سَلون اسڪائر (Sloane Square)، رايل ڪورٽ ٿيئٽر (Royal Court Theater) ايٽن اسڪائر (Eaton Square)، ڪنگس روڊ (Kings Road). ڪجهه ته ٻڌاءِ اهي ڪيئن ها؟“

”بابا، چوانءِ ته اٿو، ڪيئي سال ٿيا، وسري ويا آهن.“

ائين آغا آصف جي هن کان آڏي پڇا ڪافي وقت هلندي هئي ۽ پوءِ آغا ٽي ۽ مان به ٽي ٽي بوتلون گهرائيندا هئاسين، جڏهن مان بيئر پي گهر وڃڻ لاءِ نڪرندو هوس ته آغا ڪجهه مون کي ڪن ۾ چوندو هو ۽ مان اردوءَ جو هيٺيون شعر ياد ڪري مرڪندو هوس.

پي کي هم تم جو چلي جهومتي ميخاني سي

جهک کي اک بات کهي شيشي ني پيماني سي.

انهيءَ دور ۾ جم خانا ڪلب ۾ مرحوم حيدربخش عرف مٺو سومرو به ايندو هو، جو مرحوم خانبهادر الله بخش جو ٻيو پٽ، رحيم بخش سومري جو ننڍو ڀاءُ ۽ مرحوم صمد سومري جو وڏو ڀاءُ هو. صمد سومرو منهنجو هم ـــ زلف هو ۽ هُن جي منهنجيءَ ٻيءَ زال اقبال جي ڀيڻ سان شادي ٿيل هئي. اقبال کي پوءِ مون 1965ع ۾ طلاق ڏني هئي ۽ هن مان مونکي ٽي ٻار آهن، مونس، سرمد ۽ وينگس. مونس آمريڪا ۾ پڙهي رهيو آهي، جتان ڪجهه وقت اڳ مون کي شاعريءَ تي نوان ڪتاب جناب اشفاق قاضيءَ معرفت موڪليا هيائين. هن کي انگريزي ادب تي ڪافي دسترس آهي ۽ هن منهنجي شاعريءَ جا ڪجهه ترجما انگريزي ۾ ڪيا آهن، جن مان ڪجهه ته وِيو پائنٽ (View Point)  هفتيوار جي پهرين صفحي تي ڇپيا ها، جنهنجو ايڊيٽر مشهور اديب ٽراٽسڪائيٽ طارق عليءَ جو پيءُ مرحوم مظهر علي خان هو، جو فيض جو گهرو دوست هو. وينگس نوابشاهه ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ سرمد به نئشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪوئي ڇوٽو موٽو آفيسر آهي.

مٺو سومرو ڪڏهن صمد سان جم خاني ۾ ايندو هو ۽ ڪڏهن هُنن سان بئريسٽر افضل کوسو، هن جي انگريزي زال، جيڪب آباد جو ڪرستان اي. پي (نالو وسري ٿو وڃي) ۽ سڪندر ڀٽو (شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڀاءُ جو هن کان اڳ ۾ گذاري ويو هو) ايندو هو. انهن سڀني ۾ مرحوم سڪندر نهايت دلچسپ انسان هو. هن غالباََ انگلنڊ ۾ تعليم ورتي هئي ۽ نه رڳو هن کي انگريزي شاعريءَ جو شوق هو، پر هن کي ڪيئي انگريزي شعر به ياد هوندا ها. هو جڏهن جم خاني ايندا ها ۽ مونکي ڏسندا ها ته پنهنجيءَ صحبت ۾ سڏي وٺندا ها. مان گهڻو ڪري اڪيلو ڪائونٽر تي ورهاڱي کان اڳ جي يادگيرين ۾ غرق هوندو هوس. ان وقت مان سياست ۾ ملوث نه هوس ۽ فراريت جي ڪيفيت محسوس ڪندو هوس.

مون جڏهن هوريس[3] جي هيٺين چوڻي مرحوم سڪندر کي ٻڌائي هئي ته هو منهنجو دوست بڻجي ويو هو:

“No poems can please for long or live

that are writen by water drinkers.”

ترجمو: (ڪي به نظم دلپذير ٿي نه ٿا سگهن ۽ نه زنده

رهي ٿا سگهن، جيڪڏهن اُهي پاڻيءَ پيا ڪن لکيا آهن)

سڪندر اهو ٻڌي ڏاڏڍو خوش ٿيو هو ۽ موٽ ۾ مون کي فٽزجيرالڊ[4] جو هيٺيون شعر ٻڌايو هيائين:

The Grape that can with logic absolute,

The Two and Seventy warring Sects confut.

ترجمو: انگور جيڪو پنهنجي قطعي منطق سان

ٻاهتر سمع خراش فرقن جي ترديد ڪري سگهي ٿو.

سڪندر کي فٽزجيرالڊ جو رباعياتِ عمر خيام جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڏاڍو وڻندو هو. هڪ ڀيري هو رات جو ڏهين بجي لاڙڪاڻي مان ڪار ۾ جم خانه پهتو. مان ڪائونٽر تي اڪيلو ويٺو هوس ۽ جم خاني جو پنجاپي آبدار جو خود هڪ دلچسپ ڪردار هو، اُن سان گفتگو ڪري رهيو هوس ته، سڪندر اچي نڪتو. مون کي هُن فٽزجيرالڊ جي موضوع تي آندو ۽ مون هن کي ٻڌايو ته ”مونکي فارسيءَ جي تعليم ننڍيءَ عمر ۾ ئي ڏني وئي هئي ۽ جڏهن آنءُ پنجون يا ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هوس، ته مون کي عمر خيام جون سڀ فارسي رباعيون ياد هونديون هيون.“

 ”سڀ رباعيون؟“ هن حيرت سان چيو. ”ها سڀ رباعيون“ مون جواب ڏنو، ”ڪائي رباعي فارسيءَ ۾ پڙهه“

مون هن کي هيٺين رباعي ٻُڌائي:

آمد سحري نداز ميخانُھء ما

کھ اي رندِ خراباتيء  ديوانھ ما

برخيز کھ پُر کنيم پيمانھ زمي

زان پيش کھ پُر کنند پيمانھ ما

ترجمو: باک جو اسان جي ميخاني مان آواز آيو ته

”اي منهنجا رند، منهنجا خراباتي، منهنجا ديوانا!

  اُٿ ته شراب سان پئمانا ڀريون

ان کان اڳ جو اسان جي (زندگيءَ جو) پئمانو ڀرجي وڃي.

هن حافظي تي زور ڏئي فٽزجيرالڊ جو ترجمو ٻڌايو، پر اُهو ترجمو نه ڪي تُز هو نه ڪي صحيح هو. اهو پنهنجي ليکي هڪ خوبصورت انگريزي رباعي (Quatrain) هئي. مان هن کي فٽزجيرالڊ ۽ عمر خيام جي باري ۾ پنهنجا تاثرات ٻڌائيندو هيس. مون هن کي چيو ته:

”عمر خيام ٻين فارسي شاعرن جي ڀيٽ ۾ ايڏو وڏي شاعر نه هو ۽ هن جي شاعريءَ کي مغرب ۾ گهڻو اڇاليو ويو آهي. ائين آهي ته پيغمبر- شاعر پنهنجي ملڪ ۾ ورلي يا دير سان مڃيا ويندا آهن، پر فردوسي، رومي، سعدي، حافظ، جامي وغيره جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪافي مڃتا آهي. خيام انهن کان گهٽ ڪونه هو پر هُن جي شاعري تمام ٿوري آهي. مان ڀانيان ٿو ته فٽزجيرالڊ، خيام جو گهرو مطالعو نه ڪيو هو  ۽ جئين ڪراچيءَ ۾ پئراڊائيز پائنٽ وٽان پهاڙي سوراخ مان سمنڊ ڏانهن ڏسبو آهي، ايئن هن جون رباعيون ڏٺيون هيائين. صدي اڳي فٽزجيرالڊ جي شاعريءَ جي هڪ شاهڪار لاءِ بنياد پيدا ڪيو. توهان غور سان ڏسندا ته فٽزجيرالڊ جي رباعيءَ جي هيئت علحده آهي. نه وري هن هر رباعيءَ جو الڳ الڳ ترجمو ڪيو آهي، پر هن پنهنجي تلخيق کي پاڻ ترتيب ڏني، جو اُها ڄڻ خيام جي زندگيءَ جي هڪ ڏينهن جي حالات جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ جنهن مان خيام جي جذبات ۽ زندگيءَ ڏانهن ردِعمل جي تصوير اُڀري اچي ٿي. سج اڀري ٿو  ۽ مئخاني جو دروازو کُلي ٿو. خيام بيدار آهي ۽ ڪجهه سوچي رهيو آهي. درجي بَدرجي هو پنهنجي خيالات جي بحر ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ۽ سارو وقت شراب نوش ڪري ٿو. هن کي ان ڳالهه تي تشويش ٿئي ٿي ته هي زندگي مختصر آهي ۽ انسان جو عقل وجود جي معمي (ڳجهارت) کي حل نه ٿو ڪري سگهي ۽ هو لکي ٿو:

  اسرارِ ازل رانھ تو داني و نھ من

وين حرف معميٰ نھ تو خواني و نھ من

هست اَز پس ما پردهء من وتو

چون پرده بر اُفتد نھ تو ماني ونھ من

ترجمو: ازل جي اسرار کي نه تون ڄاڻي سگهين ٿو ته مان،

هيءَ ڳجهارت نه ٿو ڀڳي آهي نه مون،

اسان جي پٺيان مان ۽ تون جو پردو آهي،

جڏهن پردو کڄي ٿو، تڏهن نه تون رهين ٿو نه مان.

ڪيئي مونجهارا هُن جي من کي ويڙهي وڃن ٿا ۽ ڪيئي مسئلا هُن جي آڏو اچن ٿا، جي هُو حل ڪري نه ٿو سگهي. پوءِ غمزده ٿي وڃي ٿو ۽ بغاوت تي لهي اچي ٿو ۽ هو پنهنجي محسوسات کي اظهاري ٿو. دير سان هن تان خمار هٽي ٿو ۽ جڏهن رات لهي ٿي ۽ چند اُڀري ٿو ته هو  غم جي بحر بيڪران ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ۽ فٽزجيرالڊ جو ڪتاب پورو ٿئي ٿو جڏهن عمر خيام آخري وصيت ڪري ٿو.

خيام جي زندگيءَ جو اهو تصوراتي ڏينهن ڏيکارڻ لاءِ فٽزجيرالڊ کي نه رڳو خيام جو، پر ٻين جي رباعين جو مطالع به ڪرڻو پوي ٿو جن جي باري ۾ پڪ نه آهي ته اُهي خيام جون آهن به يا نه. اهي رباعيون چونڊي هن پنهنجي خيالات ۾ پنهنجي ڪتاب کي ترتيب ڏني. فارسيءَ ۾ رباعياتِ عمر خيام کي اها ترتيب نه آهي. ترجمو بنهه آزاد آهي ۽ فٽزجيرالڊ ته ڪنهن وقت پنهنجي هڪ رباعيءَ ۾ خيام جون ڪيئي رُباعيون سمايون آهن.

باقي مونکي فارسيءَ ۾ فٽزجيرالڊ جي رُباعيات ۾ اهي تصويرون نه وڻنديون آهن، جن ۾ ڪائي نوجوان عور ت ڪنهن معمر شخص جي ساغر کي ڀري رهي آهي. اُن ۾ اُهو تصور، اُهو ڪائنات جي اسرار تي غور ۽ فڪر ڪونه آهي. باقي فٽزجيرالڊ ترجمو نه ڪيو آهي، اُها هن جي پنهنجي تخليق آهي.“

اسان اڌ رات تائين ويٺا هياسين. سڪندر مون کي جيڪو آخري شعر ٻُڌايو اهو مون کي اڄ به ياد آهي:

Mait does more than Milton can

To Justify God’s ways to man

ترجمو: ڳڙ جو شراب ملٽن کان وڌيڪ اثرائتو آهي.

خدا جي رَوَش جو جواز پيدا ڪري ٿو.

ٻي بجي تائين اسان مسلسل ڳالهائيندا ۽ بحث ڪندا رهيا هئاسين. آبدار ڪرسيءَ تي گهونگهرا هڻي رهيو هو. اسان دوست ٿي وياسين، پر ان رات کان پوءِ هو مون کي وري نه مليو. ڪجهه مهينا پوءِ مون کي پتو پيو ته هو گذاري ويو هو. هن زندگي خيام جي رباعيءَ وانگر ڪاٽي ۽ ختم ڪئي. مون ڪيئي سال اڳ مرحوم ذوالفقار ڀٽي سان ملاقاتين ۾ ان ڳالهه جو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو هو ته هن جو وڏو ڀاءُ منهنجو دوست آهي.

ان کان پوءِ ون يونٽ لڳو هو. مان حيدرآباد ويندو هيس ۽ اتي ڇڪتاڻ ڪيئن وڌي هئي، ان جو ذڪر مان پوءِ ڪندس. تيستائين مان رڳو اهو چوڻ ٿو چاهيان ته 1949ع ۾ جڏهن مان ڪراچيءَ کان سکر آيس ته منهنجون اردوءَ ۾ ادبي سرگرميون وڌي ويون ڇوته منهنجا دوست جي شاعر ۽ اديب ها، سي سڀ هندو هئا ۽ سوڀي کان سواءِ اُهي سڀ هندستان هليا ويا. مان ۽ ٻيا سکر جا اردو اديب ڪيفِ ايران ۽ ڪيفِ نِشاط ۾ڪٺا ٿيندا هياسين، جي ليوڪس پارڪ جي ڀرسان هيا. آگسٽ 1962ع ۾ آفاق صديقيءَ پاڪستان رائٽرس گلڊ سب ريجن سکر پاران (ريگذار کي موتي) ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ سرفهرست نالو منهنجو هو ۽ باقي ٻيا خيرپور ريجن جا شاعر حميد عظيم آبادي، شهزادو اياز، اشتياق اظهر(هاڻي سينيٽر ۽ پيرجي الطاف جي جاءِ تي ايم. ڪيو. ايم جو سربراهه غالباََ خيرپور ۾ انفرميشن آفيسرهو)، حسن حميدي، منظر ايوبي، آفاق صديقي، شيخ راز ۽ صمد رضوي هئا، جن جو منتخب ڪلام مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو هو. منهنجي ڪلام اڳيان منهنجا هيٺيان مشغلا ڏيکاريا ويا هئا:

”صدرِ مجلس استقباليه اردو سنڌي ادبي ڪانفرنس 1953ع، صدرسنڌي ادبي سرڪل1952ع کان 1955ع تائين، مجلس استقباليه ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس1956ع، رڪن مرڪزي مجلسِ عامله پاڪستان رائٽرس گلڊ (1959ع کان 1962ع تائين)، صدرِ استقباليه اجتماع مصنفين، زير اهتمام پاڪستان رائٽرس گلڊ.“

صفحي 16 تي مصنف آفاق صديقيءَ لکيو آهي ته:  گذريل ٽن سالن ۾ سکر سب ريجن جي اهتمام هيٺ جي نشستون، مذاڪرا ۽ وڏا اجتماع ٿياآهن، انهن ۾ شريڪ ٿيڻ وارن ۾ باباءِ اردو مولوي عبد الحق، سيد وقار عظيم، قوي غلام مصطفيٰ (بنگلاديش جو بنگلا ٻوليءَ جو قوي)، احسان دانش، جميل الدين عالي، طفيل احمد جمالي، اديب سهارن پوري، نظر حيدرآبادي، حمايت علي شاعر، ڪرار نوري، عبد الڪريم گدائي، قمر جلالوي، خالد عليگ، بيربل جبلپوري، بشير مورياڻي، تاج صحرائي، حڪيم شمس الحق اختر، نظر جعفري، نڪهت بريلوي، مظهر جميل، مسعود بريلوي،خاور بلگرامي، عاشق ڪيرانوي، ظهير سهواني ۽ عبد الحميد صبر آهن. اهي انهن شاعرن جا نالا آهن جي ڪتاب”ريگزار کي موتي“ ۾ شامل آهن.“

انهيءَ ڪتاب جي شروعات ڪندي مصنف لکيو آهي ته :

”شيخ اياز نه صرف سنڌيءَ جو صاحبِ طرز شاعر ۽ اديب آهي، پر گذريل پندرهن سالن کان اردوءَ ۾ به لکي رهيو آهي. تازو هن جي ڪلام جو مجموعو”ڀونري ڀري آڪاس“ گلڊ جي مرڪزي دارالاشاعت طرفان شايع ٿيو آهي. شيخ اياز جي تصنيفن سان گڏ هن جو پهريون اردو مجموعو (بوئي گل ناله دل) 1952ع ۾ شايع ٿيو هو. ٻيو مجموعو ”ڪفِ گلفروش“ جي نالي سان جلد ئي شايع ٿيڻ وارو آهي. طبع زاد شعري تخليق سان گڏ اياز جي منظوم ترجمن کي به خاص مقبوليت حاصل ٿي آهي(دراصل اهي ترجمان هئا ۽ مون اهي پنهنجي تخليقي نظم سچل، ساميءَ ۽ سانگيءَ جي تخلص سان انهن جي شاعريءَ مان اتساه وٺي، اردوءَ ۾ لکيا هئا، جيئن فٽزجيرالڊ، عمر خيام جي رباعين مان اتساه ورتو هو). 1947ع کان 1959تائين اياز  جا نظم اڪثر منظوم ثقافتي ورثي طور ممتاز ادبي جريدن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 1955ع ۾ اياز شاهه لطيف، سچل سرمست، چئن راءِ سامي، مير عبد الحسين سانگيءَ جهڙن وڏي پائي جي سنڌي شاعرن جي ڪلام کي اردو شاعريءَ ۾ منتقل ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان شاهه لطيف ڀٽائي رحه جي پوري مجموعي ڪلام يعني”شاهه جو رسالو“ جي منظوم اردوءَ جو ڪم به اياز کي سونپيو ويو. شاهه جي ڪلام جو هي منظوم اردو ترجمو عنقريب ظاهر ٿيڻ وارو آهي. منطوم ترجمي ۾ تخليقي”اُپج“ جو بانڪي پڻو، هڪ طرف اياز جي اعليٰ شاعراڻين صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف سنڌي شاعريءَ جي راه رسم اردوءَ شاعريءَ سان وڌائي ٿو.

شاعريءَ وانگر اياز جي نثرِ نگاريءَ ۾ به هڪ اهڙي نواڻ آهي جنهن ۾ وڏي معنيٰ خيز سادگيءَ ۽ پُرڪاري ملي ٿي. ابتدائي دؤر ۾ اياز جيڪي افسانا لکيا، انهن افسانن ۽ هن جي گذريل ٻن ٽن سالن جي تحريرن کي ڏٺو وڃي ته حيرت انگيزي تبديلي نظر اچي ٿي.“

اهو هو آفاق صديقي جو، پراڻي سکر ۾ رهندو هو ۽ جنهن لاءِ تشڪر جو اظهار مون شاهه لطيف جي منظوم ترجمي ۾ ڪيو آهي. ان مجموعي ۾ صفحي 27 کان صفحي 48 تائين فقط منهنجي اردو شاعري آهي:

نموني طور سچل سرمست جي نالي ۾ پنهنجو اصلوڪو نظم پيش ڪيان ٿو. پهريون نظم، جنهن جو عنوان تخليق آهي، اهو هيٺينءَ ريت آهي:

پهر کوئي سنگ بدست آتا هي [5]

خانه شيشه گران کي جانب

پهر کوئي نعره مستانه بڙها

لرزشِ کوئي امان کي جانب

پهرکوئي شبنم تخئيل لئي [6]

چهرهء گل پھ مهکني آيا


[1]    ليوڪريشيا:

ارسطوءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته هڪ ڀيري هن جي شاگردن ٻَڌي ڪري، هن کي ڏاڍو پياريو، جڏهن هو نشي ۾ هو ته هن کي چيائون:

”استاد! اڄ تنهنجي عيش لاءِ يونان جي خوبصورت ترين ڇوڪري ليوڪريشيا وٺي اچون؟“

”استاد! هائو ڪئي ته شاگرد ليوڪريشيا کي نقاب پارائي وٺي آيا ۽ جئين هوءَ آئي تيئن بتي وسائي ڇڏيائون. مُنهن انڌيري ۾ هنن ليوڪريشيا کي ڪڏي ڇڏيو. جڏهن صبح ٿيو ۽ ارسطوءَ کي هوش آيو تڏهن کائنس شاگردن پڇيو:

”استاد! توکي ليوڪريشيا وڻي؟“

ارسطوءَ ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. ان تي سڀني شاگردن ٽهڪ ڏئي چيو: ”استاد! اِها ليوڪريشيا ته نه هئي. اها ته نقاب ۾ يونان جي قبيح ترين عورت هئي، پر توکي اونده ۾ پتو نه پيو.“

ان تي ارسطوءَ جواب ڏنو: ”برخوردارو! هر عورت اونده ۾ ليوڪريشيا لڳندي آهي.“

[2]    فري مئسن لاج (Free Mason Lodge)  : ”لاج“ انگريزيءَ ۾ ڪوٺڙي، جهوپڙيءَ يا ڇني کي چوندا آهن. فري مئسن لاج ۾ ويهارو کان سوين ميمبر تائين هوندا ها. اهو هڪ بين الاقوامي ادارو آهي، پر ڪجهه سال اڳ ان تي پاڪستان ۾ بندش وڌي وئي هئي، ڇو ته ان کي صيهوني ايجنٽ سمجهيو ٿي ويو. ٻي جنگِ عظيم جي خاتمي کانپوءِ جڏهن يو. ايس. ايس آر نازي رڪارڊ هٿ ڪيا ها تڏهن ڪميونسٽن ۽ ٻين سان گڏ فري مئسن به اُن لسٽ ۾ لڌا ويا ها، جنهن ۾ ڄاڻايل ماڻهن کي هر نازيءَ کي ڳولي مارڻو هو. نازي رپورٽ موجب هو انگريزي سامراج جا اينجٽ ها. فري مئسنري جي اهڙي ڪا ڪا وضاحت نه آهي، جا سڀ کي قبول پئي. ان لاءِ چيو ويو آهي ته، ”اها انهيءَ اخلاقيات جو نظام آهي، جنهن تي قصن ۽ تمثيلن جو نقاب آهي ۽ جنهن کي علامتن سان چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.“

ان ۾  رازداريءَ جو سخت تاڪيد هوندو آهي. ظاهري طرح ته اُها تحريڪ فرقي ورايت کان دور هوندي آهي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ ڀائپيءَ سان واسطو رکندي آهي. ان جو تعداد پنج ملين کان زياده آهي، جنهن جي اڪثريت انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ آهي. رڳو يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ اها چار ملين آهي. ائين برابر آهي ته ٻي جنگِ عظيم جي خاتمي کانپوءِ سندس تعداد ڪجهه گهٽيو آهي.

[3]    هوريس (Horace)  65 ق. م يا 68 قبلِ مسيح ۾ ڄائو هو. هن جي موت جي تاريخ معلوم نه آهي. هو عظيم رومن شاعر هو.

[4]    فٽزجيرالڊ (Fits Gerald)  (1809ع کان 1883ع) تائين. انگريزي مترجم ۽ محقق، انگريزي ۾ رباعيات عمر خيام جو مصنف.

[5]  وري ڪوئي شيشي ٺاهيندڙن جي گهر ڏانهن

پـــــٿــر هــــــــــٿ ۾ کڻي اچي ٿو

وري ڪوئي مستانو نعرو وڌيو

ان ڪنبڻيءَ ڏانهن جا صلح سانت جي گهٽيءَ ۾ آهي

[6]         وري ڪوئي تخيل جي ماڪ کڻي،

گل جي مک تي مهڪڻ آيو،

وري ڪوئي فانوس جي فطرت کڻي،

جهـــــونـجهـــڪــــــــڙي ۾ جِهرمرائڻ آيو،

وري ڪوئي ميناجي گردن تي جهڪيو

وري ڪنهن جام جا چپ چميا

وري مورتين جو ٻهروپ کليو

وري مورتيون جيئريون ٿي پيون ۽ جهوميون

وري ڪائي مڌ ٺاهيندڙ اُساٽ

پيالي جي تري ۾ ڇم ڇم ڪندي پهتي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org