سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز

صفحو : 13

هن اِهو به چيو ته: ”اوهان ٻي شادي به ڪندؤ، پر اُها گهڻو وقت نه هلندي.“

هن وڌيڪ چيو ته: ”اوهان سياست ۾  ملوث ٿيندا پر ان مان اوهان کي فائدو به ٿيندو ته نقصان به ٿيندو.“

مونکي سڀئي ڳالهيون دل سان نه لڳيون. مان خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ جو ڀائيوار هوس ۽ هنن سان نهايت خوش هوندو هوس. مونکي پهرين شادي ڪئي تمام ٿورو وقت ٿيو هو ۽ اڃان اُن جا خمار ئي نه لٿا ها، منهنجو سياست سان دور جو واسطو به نه رهيو هو پر ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ اسان جي خاندان ۾ ڪجهه اهڙا جهڳڙا ٿيا جو مونکي ڪراچي ڇڏڻي پئي.

تازو مون امرتا پريتم جي جيون ڪٿا جو ٻيو حصو پڙهيو ته ان ۾ هر صفحي تي ڪنهن جوتشي ۽ ڪنهن سپني جو احوال هو. هن اهو به لکيو هو ته:

”هي شخص ”مبارڪ“ ڪير آهي، جنهن کي جيل ۾ وڌو اٿائون ۽ جنهن جو نالو مون کي سپني ۾ اچي ٿو.“

امرتا پريتم اڳ ڪيمونسٽ هئي ۽ سوويت روس جا دورا ڪري، دنيا جي ڪمونسٽ اديبن جي ساٿ کي ساراهيو هيائين.هوءَ مونکي شيخ اياز جي نالي سان سڃاڻنيدي هئي، پر اصل نالو کيس معلوم نه هيو. بهرصورت هُن جي جيون ڪهاڻي پڙهي اِها ڳالهه ويساهه ۾ اچي سگهندي ته هُن جو جوتش ۾ ڪيڏو اعتبار آهي. هُن ته اِهو به لکيو آهي ته اڳئين ڪنهن جنم ۾ هوءَ اندرا گانڌيءَ جي ڀيڻ هئي ۽ هن جو مڙس ”امروز“ ۽غالباََ هن جو عاشق ”ساحر لڌيانوي“ ڪن اڳين جنمن ۾ هن جا مڙس رهيا ها. پاڻ کي جوتش جا رڳو نه تجربا ها، سي سچا نڪتا ها، ٿي سگهي ٿو اِنهن جو سچ اتفاقي هجي!

وري پٺتي سفر جو احوال. پارڪري عورتون نهايت خوبصورت هيون ۽ اهڙيون عورتون پوءِ فقط مون روس ۾، خاص ڪري لينن گراڊ ۾ ڏٺيون هيون. منهنجي گائيڊ اِرينا (يونانيءَ ۾ ارينا جي معنيٰ تقدير آهي) ته هوبهو اُن ريٻاريءَ جهڙي هئي، جيڪا اسان نگرپارڪر مان پَن چڪيءَ ڏانهن ويندي ڏٺي هُئي، پر ان جو ذڪر مان پوءِ ٿو ڪيان. رات جو ڀَٽُ اسان کي ٻڌائي رهيو ته:

”هتي هندو سهاڳڻيون نڪ ۾ سونو وينڊو ۽ مسلمان عورتون سوني نٿ پائينديون آهن، جن ۾ ڏانوڻ وجهي ڪُنڍيءَ سان وارن ۾ اَٽڪائي ڇڏينديون آهن. هو ڦلي ۽ ڇلائين يا رائدار بولي به پائينديون آهن. اڇوت ڇوڪريون ڦاڙيون پائينديون آهن، جي هرڻ جي سڱن مان ٺاهيندا آهن ۽ جن مان ڪِن تي چِٽ به نڪتل هوندا آهن. مسلمان عورتون نسبيون ڪُڙڪون ۽ چانديءَ جا والا ۽ هندو عورتون ڪنن ۾ ڏرگهل يا جهونٻڙا پائينديون آهن. عورتون ڳچيءَ ۾ دهريون ۽ ڪنٺلا به پائينديون آهن. سهاڳيڻيون ٻانهن ۾ ڪافور يا عاج جي ٻانهين به پائينديون آهن، اڇوت ڇوڪريون جي ريشمي ٽَونَر وجِهي، ڪانچ جي مڻين جا ڪنٺلا پائينديون آهن، سي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت لڳنديون آهن. هو ڳچي ۾ کارڪڙي به پائينديون جا کارڪ جي ککڙيءَ جيتري ٿيندي آهي.“

مون کي جئپور ۾ منهنجي دوست سندر اگناڻي Inside Guide to Rajisthan” ڪتاب تحفي طور ڏنو هو. ان ۾ فوٽن ۾ زالون مٿيان زيور پائي ويٺيون آهن، انهن کي ڪرائن ۾ عاج جا گورلا يا شيشي جا چمڪدار چوڙا پيا آهن، جي زرينا ۽ پارو چاولا جئپور جي بازار مان ڊزنن ۾ ورتا ها. فوٽن ۾ انهن کي چيچ يا ٻاچ ۾ مُنڊيون پيون آهن. ڪِن کي ڏسڻيءَ تائين چئني آڱرين ۾ ڇلا پيا آهن، پاپڙين ۾ گوکرو ۽ ڪيوٽيون پيون آهن. ڳچيءَ ۾ هڪ چورس ”ماٽيو“ پيو اٿن، جنهن کي زرينا ۽ پارو منگل سُوتر سمجهي خريد ڪيو هو. پيرن ۾ چانديءَ جون گول ڪڙيون، سلٽيون ۽ لنگر به ٿي مليا، جي به ٿر ۾ پائيندا آهن. مٿين ڪتاب جي ٻاهران هڪ نينگريءَ جي تصوير آهي، جنهن جي مٿي تي راجسٿاني شال آهي ۽ نڪ ۾ رائدار بولي آهي.

اسان ننگرپارڪر ۾ بنگلي جي لان ۾ ويٺا هياسين. اُڀ ڪارو گهنگهور ٿي ويو هو ۽ برسات پوڻ لڳي هئي ۽ مينهن جون لارون وهي رهيون هيون ۽ وار ڀڄي ويا ها. اسان بنگلي ۾ اندر وڃي ويٺاسين. ڀٽائي جي ٿر ۽ لاڙ جي سير جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هياسين. ڪنهن به ڪلاسيڪي شاعر هومر کان ورجل تائين، گوئٽي کان شيڪسپيئر تائين عوامي زندگيءَ کي روحاني پيغام لاءِ ائين علامت نه بڻايو هو. دولت ۽ دٻدٻي لاءِ بي انتها نفرت هن کي اهلِ تصوف مان ورثي ۾ ملي هئي، جا هن انهيءَ هڪ سِٽ ۾ ڪيڏي خوبصورتيءَ سان سَمائي هئي:

”ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءَ“

سوڀو مون کي چوندو آهي ته:

”تنهنجي طبيعت نهروءَ وانگر آهي، جو سڀ ڪجهه ڏسي پوءِ اُن لاءِ چوندو هو ته اُهو تڇ آهي.“

مان کيس جواب ڏيندو آهيان:

”هونءَ به ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته تڇ آهي. هيءَ دنيا مايا آهي، دوکو آهي، سراسر فريب آهي، اهو ئي چئي سگهندو، جنهن اُن تي ڀَرتري هَريءَ وانگر ڀرپور نظر وڌي آهي. ”ٿُوکٽا“ اهوئي چئي سگهي ٿو، جنهن انگور کي چٻ ڏئي ڏٺي آهي. ڌن دولت، حسن صورت، مان شان، سڀ چڻنگ جي چٽاءَ وانگر کڻ ڀنگر آهي.“

اسان ڪيترو وقت ڀٽائي جي عظمت تي ڳالهائيندا رهياسين. ڀٽائي جو دور افراتفري جو دور هو. هُن ”واڍوڙڪَن مَنهَن“ جي ڳالهه ڪئي هئي، ”سوريءَ مٿي سيڻ“ ڏٺا هيائين، هن کَڙڳ کلول ڪندا ڏٺا ها، هن جو مشاهدو هو ته ڪيئن ٿا ”ڪلهنئان ڪاٽين“ هُن ”ڪَرٽ ڪپار“ ۾ ڏٺا ها ۽ هن جي ڪنن ۾ ”ڪِنجهو ڪنجهه“ ٻرندي رهي هئي، ۽ اهو سارو مشاهدو هن جي روح ۾ سِمي، هن جي تحت الشعور ۾ هليو ويو، جيئن واري مينهن جو پاڻي چُهي ويندي آهي ۽ پوءِ هُن ان جو شاعريءَ ۾ علامتي اظهار ڪيو آهي. ڀٽائي دنيا ۽ عقبيٰ جو مڌر ميلاپ آهي. هونءَ به ته لوهار، ڪنڀار، ميهار، پنهوار، صراف، سونارا ۽ ٻيا ماڻهو ۽ انهن جون پيشه ور مصروفيتون هن جي شاعري ۾ علامتون ٿي آيون آهن. هر شيءِ خدا جو مظهر آهي. ڏٿ ۽ ڏوٿي به خدا ۽ هن جي تلاش جي علامت آهن. تصوف جيڪڏهن ڪنهنجي شاعريءَ مان سچ پچ ٽپڪي ٿو جيئن ڪرڻ ڦل مان گلاب جو عرق ٽپڪندو آهي ته اُهو ڀٽائي جي شاعريءَ مان ٽپڪي ٿو. مان چوان ٿو ته:

”ڀٽائيءَ جي ولي الله واري حيثيت کي الڳ رکو، هو رڳو شاعريءَ جي ڪري به عظيم آهي پر جي ولي الله به اُن ۾ شامل ڪيو ته ڀٽائي امير خسرو دهلوي ۽ نظام الدين اوليا ٻئي آهي.“

ماني کائي، اٽڪل ٽين بجي ريسٽ هائوس وڃي ستاسين. سمهڻ ويل مون کي پولڪو لفظ ياد آيو. اهو عورت جي ڇاتيءَ تي پيل ڀرت سان ڀريل انگيءَ وانگر هو. مونکي ياد آيو ته اهو لفظ ويجهو مون جرمن ناول نويس ايرڪ ميريا ريمارڪ جي ناولن ۾ ڪٿي پڙهيو هو. مون ڀٽائيءَ جون هيٺيون بيت به ننڊ کان اڳ ۾ ساريو:

مَٿن ٽُٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اَچن،

کُڙيون کهه ڀَڪُليون، پَگهر سِر پيرن

اي وڙ ويڙهيچَن مون لوڏائين لکئا.

ڇا ته بيت هو! انگريز شاعر ازرا پائونڊ اِهو بيت ٻُڌي ها ته سِسليءَ مان ٽپڙ ويڙهي اَچي گڊڙي ۾ رهي ها.

مون سکر ۾ اچي آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ ڌارين لفظن جي فهرست ۾ اهو لفظ ڏٺو هو ته اُن ۾ لکيل هو:

POLKA: Tight fitting dress of a woman,

Used in french and German.

Origin unknown.

مان ڀانيان ٿو جڏهن سنڌ ۾ آريائي عورتون آيون هيون. اُهي پولڪا پائينديون هُيون. اُچار ۾ رتي به ڦيرگهير نه هئي.

مون وٽ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ آسٽريليا جي شاعره ايسٽيلا ڊراءِ لئنڊ (Estella Dryland) ڪراچيءَ ۾ اُردوءَ جي باري ۾ معلومات لاءِ ايندي هئي. هوءَ منهنجو اردو شاعريءَ جو ڪتاب ”نيل کنڻهھ اور نيم کي پتي“ پڙهي ڏاڍو متاثر ٿي ۽ اُن مان ڪافي ترجما انگريزيءَ ۾ ڪيا اٿائين، جي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ ٿي چاهي. (تازو ان سموري مواد جي ڪاپي مونکي آسٽريليا مان اماڻي اٿائين) مون کي ياد آيو ته 1947ع ۾ پهريون آسٽريليا جو رهواسي جو مون سان مليو هو سو سنڌي هو. خالد اسحاق هن کي منهنجي سپرد ڪري، پاڻ ڪنهن رجسٽريشن جي ڪيس سان هليو ويو. جڏهن مون هن کان نالو پڇيو ته هن ٻُڌايو:

”حاجي بڊو ڊا (Haji Badoda).“

مون هن کي چيو اهو ڪهڙو نالو آهي؟

جنهن تي هُن چيو ته:

”پاڪستان ٺهڻ کان ڪيئي سال اڳي، هو آسٽريليا ويو هو. ان وقت هن جو نالو حاجي عبدالله هو پر اُتي هن کي ماڻهو حاجي بڊوڊا ڪوٺيندا ها. هو رڍن جا ڪيئي ڌڻ جي ڇڏي هو وطن موٽي آيو هو، انهيءَ شرط تي ته سنڌ سرڪار هن کي دادوءَ ۾ ڪيئي ميل زمين ڏيندي، جتي هو رڍون پالي سگهندو پر هو جنهن سرڪاري محڪمي ۾ ٿي ويو، مايوس ٿي پئي موٽيو.“

مون چيو:

”حاجي بڊوڊا! جن قومن کي غلامانه ذهنيت نه هوندي آهي، اُهي ڌاريا نالا اپنائڻ ۾ ڪيٻائينديون آهن ۽ پنهنجا نالا پاڻ چونڊينديون آهن. باقي رهيو توکي زمين ملڻ جو سوال، اُهو تنهنجو خواب خيال آهي جو تو ۾ وطن جي محبت پيدا ڪري آهي. توکي ايترا پئسا هجن ته زمين بازاري اگهه تي خريد ڪري سگهين ٿو، باقي سڀ ڏٽا اٿي!“

مونکي اهو به ياد آيو ته هتي مور جهڙو خوبصورت پکي ۽ هرڻ جهڙو پيارو جانور ڪئن نه بيدرديءَ سان ماريو وڃي ٿو. ڪنهن وقت ته شڪاري جيپ تي ايترا هرڻ ماريندا ويندا آهن، جو هو شڪار کڻي به نه سگهندا آهن ۽ واريءَ تي اُنهن جي ڄميل رت لهندي سج کي دانهن ڏيندي آهي ته مون کي ڇو وهايو ويو آهي. سنڌ کي جيڪڏهن ڪا پِٽَ لڳي آهي ته هرڻن ۽ مورن جي لڳي آهي. پوءِ منهنجي اک لڳي وئي، مون ننڊ ۾ ڏٺو ته هڪ مورڻي مونکي ڪارونجهر جي ڪور تي سڏي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي:

”مان بار بار تو وٽ انسان جي روپ ۾ ايندس؟ ڇا تون مون کي يڪدم سڃاڻي سگهندين؟ ڇا تون گهنگهور گهٽا جئن برسي، منهنجي رقص جو داد ڏيندين؟ پوءِ مون کي سڏيندي پٺتي هٽندي ٿي وَئي.....“

ايتري ۾ مون کي ڪوئي ننڊ مان اُٿاري ٿو. صبح جو اٺ وڄي چُڪا آهن ۽ مسڪين جهان خان کوسو اسان سان ملڻ آيو آهي. مون يڪدم مُنهن ڌوتو ۽ ڪمري کان ٻاهر آيس. هو ابراهيم سان حال احوال ڏئي رهيو هو. محمد بخش مجنون پنهنجي ڪتاب ”مسڪين جهان خان کوسو“ ۾ هُن جي تُرُ تصوير چٽي آهي:

”ڪَرڙ وڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سُهڻي چاپونئي سونهاري، اڇي جهڙي ٻُوههُ، مٿو اڪثر اگهاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ مُلن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي، اونهاري ۾ کجيءَ واري مولانا ڀاشانيءَ واري ٽوپي، مليشي جا ڪپڙا، سي به ميلَ ۾ ڪچِ، هڪ دفعي پائڻ کانپوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي. پاڻيهي ڳري سڙي پنهنجي پاڻ مان جندُ ڇڏائن ته واهه نه ته ٻيو ٿيو خير. ساڄي ڪُلهي تي پُٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪَڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ اُن سان گڏ ”ٻاوِريءَ جو گيڏيو“ هٿ ۾ مس ڪپڙي، کُڙي ڀڄي سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان، کِرٿ کِرٿ ڪندو، مٽيءَ جي اڻ مئي کِهه اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو، ڪنهن آفيسر ڏانهن واڪيِندو ڪو ماڻهو ويندو ڏسو ته پڪ سمجهو اِهو آهي مسڪين جهان خان کوسو.“

موسم ۽ موقعي جي لحاظ کان اِن حليي نامي ۾ مناسب ترميم ڪري سگهجي ٿي. مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو:

خاڪسارانِ جهان را به حقارت مَنگرَ،

توچھ داني کھ دراين خاک سُواري  باشد.

ترجمو: جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس،

تون ڇا ڄاڻين، ته متان اِن خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي.

لفظ ”جهان“ جي بدران جيڪڏهن حافظ ”جهان خان“ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪِري ها، پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها.

مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي. ”مجنون“ کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي! هن اسان کي ٻڌايو ته جاگيراڻي، شهرياڻي، ڇُٽاڻي، جُماڻي ۽ مَٺيوال وغيره کوسا هتي رهندا آهن. اهي اڳي به ڌاڙا هڻندا ها ۽ اڃا به هڻندا آهن، پر اُنهن مان ڪيترا سرڪاري نوڪر به آهن. هن اُهو ٻڌايو ته ڪيئي بلوچ ۽ بروهي قومون ٿر ۾ رهنديون آهن پر هن جي دل ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن سان آهي.

حشو ڪيولراماڻي جو مسعود کدر پوش جو دوست هو جيڪو 1947ع ۾ ڪراچيءَ جو ائڊيشنل ڪمشنر هو،  جڏهن هاشم رضا ڪراچيءَ جو ڪمشنر هو، مون کي ٻڌائيندو هو ته مسعود جڏهن بمبمئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ته هن جي اتان جي آدي واسين سان ايتري محبت ٿي وئي هئي جو هو پنهنجي فلسفي کي چوندو ئي ”ڀيل از م جو فلسفو“  هو. مسڪين جهان خان کوسو جو ست درجا سنڌيءَ پڙهيل هو ۽ سپاهيءَ جي نوڪريءَ تان مستعفي ٿي، ٿري عوام جي خدمت ڪندو هو، اهو به ”ڪولهي ازم فلسفي“ ۾ اعتبار ڪندو هو. ان ڏينهن مسڪين ڏسي الائجي ڇو مونکي ويهين صديءَ جو عظيم ترين انسان جرمن ڊاڪٽر اَلبرٽ شواٽيرز ياد آيو هو، جنهن پهريون ته پيانو ۽ آرگن تي مهارت حاصل ڪئي هئي ۽ باخ (Boch) جي سنگيت (Concert)  ۾ بهرو وٺندو هو، پر پوءِ اهو ناڪام سمجهي، هن علاج معالجي ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ مهذب دنيا کي تياڳي آفريڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ ديرو ڄمايو هو، جو جڳ ۾ لمبامي (Lambame) جي نالي سان مشهور ٿيو هو. اُتي هن انگ اگهاڙن، پيٽ بکين ڪارن لوڪن جي مفت علاج لاءِ وڏيون اسپتالون ٺهرايون هيون. هو 4 سيپٽمبر 1965ع تي 91 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. هن جي وفات کان اڳ ”ٽائيم“ رسالي هن کي ”دنيا جو عظيم انسان“ لکيو هو.

هو واقعي هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ماڻهو هو. مغرب جي سفيد فام ڊاڪٽر لاءِ آفريڪا جي سياهه فام مخلوق کي پنهنجي زندگي سپرد ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. انقلاب وڏي ڳالهه نه آهي. تاريخ چٽيءَ طرح ڏيکاريو آهي ته انقلابي اقتدار ۾ اچي، اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ لُنءَ ڪانڊاريندڙ بربريت تي لهي اچن ٿا. اُهي انسانيت جا محسن سپهه سالار نه آهن، نه اُهي انسانيت جا خدمتگار آهن. ائين برابر آهي ته اَلبرٽ شوائيٽرز نه فقط اهلِ دل پر هن جو انساني مسائل تي غور ۽ فڪر به بي مثال هو ۽ هو ڪافي ڪتابن جو مصنف به آهي. هن جي پنج سئو صفحا سوانح عمري جيمس برابزون (James Brabzon) لکي آهي، جو آفريڪا ۾ ڄايو هو ۽ تعليم لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ورتي هيائين ۽ بي. بي. سيءَ تي ڊائريڪٽر ۽ ٽي. وي پروڊيوسر به آهي. جيمس برابزون پنهنجي ڪتاب جي صفحي 242 تي هُن جو لکيل هيٺيون ٽڪرو ڏنو آهي:

”غور ڪندي مونکي تعجب آيو ته مون کي انهيءَ فلسفي جي مرڪزيت گرفت ۾ آڻڻي هئي، جا انساني تهذيب وتمدن ۽ دنيا جي شعور تي ٻڌي وئي آهي. مان ان جي اندرئين تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر واري واري سان مونکي اها ڪوشش ڇڏڻي پئي. مون نظريو ته اکئين پئي ڏٺو پر اهو منهنجي پڪڙ ۾ نه پئي آيو ۽ مان ان کي ٻوليءَ ۾ اظهاري نه ٿي سگهيس.

انهيءَ ذهني ڪيفيت ۾ مون کي هڪ نديءَ ۾ ڊگهي سفر لاءِ وڃڻو پيو. مان پنهنجي زال سان گڏ پنهنجي صحت ۾ سڌاري لاءِ ڪيپ لوپيز (Cape Lopez) جي ساحل تي رهيل هوس. اهو 1915ع جو سيپٽمبر مهينو هو، مونکي نگومو (N Gomo)  ۾ هڪ تبليغي پادريءَ جي بيمار زال مادام پِيلو (Pelot)  کي نديءَ جي اوڀار هڪ سئو سٺ ميل پري چڪاس ۽ علاج لاءِ وڃڻو پيو. مون کي وڃڻ لاءِ هڪ ننڍڙو اسٽيمر مليو، جنهن تي پيهه هئي ۽ جو ڇُٽڻ وارو هو. مون کانسواءِ اسٽيمر ۾ مقامي ماڻهو ها، پر انهن ۾ منهنجو لئمبرين وارو دوست ”ايمل او گوما“ به هيو، ڇاڪاڻ جو مان تڪڙ جي ڪري، پنهنجي سفر لاءِ پورو کاڌو خوراڪ نه کڻي سگهيو هوس، انهيءَ مونکي پنهنجي هانڊيءَ مان ڪجهه کاڌي لاءِ آڇيو. آهستي آهستي اسان اوڀار  ويندا رهياسين ۽ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا هياسون ڇو ته اها خُشڪ موسم هئي ۽ واهڙ هُيو وارياسين ڪنارن وچان. مان اسٽيمر جي ڊيڪ (Deck) تي پنهنجن خيالن ۾ غرق ويٺو هوس ۽ اخلاقيات لاءِ اُهو ابتدائي ۽ آفاقي اصول تلاش ڪري رهيو هوس، جو اڃا تائين مان پنهنجي فلسفي ۾ ڳولي نه سگهيو هوس. مون ڪيئي پنا ڪارا ڪيا ها جيئن ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهان. ٽي ڏينهن سنجها سَمئه هڪ دريائي گهوڙن (Hippopotamuses) جي ميڙ مان اسان کي لنگهڻو پيو. اوچتو منهنجي من ۾ ڪي وڄ وانگر ٻول ٻُريا، جي هونءَ ته ڪن جن نه هيا ۽ اُهي هيا “Reverence for Life” (زندگيءَ لاءِ احترام)، لوهي دروازو ٽٽي پيو هو. ٻُوڙن مان واٽ پڌري ٿي پئي. هاڻي مون کي اهو نظريو ملي ويو هو، جنهن ۾ جهان ۽ زندگيءَ جي اثبات ۽ اخلاقيات لڳو لڳ هُيا. هاڻي مون ڄاتو آهي ته اخلاقي دنيا ۽ زندگي جي اثبات ۾ اُهي نصب العين جن تي تهذيب ٻڌي وئي آهي، ڇا آهن.“

مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو. هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش ”مجنون“ پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي، پر مسڪين جي نسبت به فقط ”خاڪ“ سان نه هئي، پر ”عالمِ پاڪ“ سان به هئي، جي انسانذات جي بي لوث خدمت، رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دُک درد بنا ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين الاقوامي سطح تي اَلبرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين جهان خان اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگيءَ جي لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دُک نه ڏنو آهي، فقط سَٺو آهي.

بين الاقوامي سطح تي مونکي ٻه ٻيا انسان به سُجهي اچن ٿا، جي ائين ڳياڙي نه هڻندا ها جيئن انقلابي هڻندا ها ۽ اُهي ها گانڌي ٻيو مارٽن ليودر ڪِنگ جونيئر. انهن ٻنهي لاءِ نوبل انعام ته تڇ آ، پر ٻيو ڪوئي به انعام انسان ذات هنن لاءِ ڏيڻ جي اهل نه آهي. پنهنجي زندگيءَ ۽ موت سان هنن عالم جي جريدي تي اَمٽ مُهر هنئي آهي. مارٽن ليودرڪنگ کي آڪٽوبر 1964ع ۾ ۽ اَلبرٽ شوائيٽرز کي نوبل پرائيز ته ملي پر اهڙن شخصن جا انعام ازل ۾ آهن. ڌن دولت سان انهن جو قدر نه ٿو ڪري سگهجي. ڪنهن چيو  آهي ته وڻ جي اوچائي جي پوري ماپ تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اُهو ڪيرايو وڃي ٿو. خود آمريڪا جي نيگرو ليڊر مارٽن ليودرڪنگ جونيئر چوندو هو ته:

”جيڪڏهن ڪوئي انسان ڪنهن ڳالهه لاءِ نه ٿو مري ته هو جيئڻ جي لائق نه آهي.“

14 اپريل 1968ع تي هن کي نسلي فساد ۾ميمفس ٽينيسي (Memphis Tennessee u.s) ۾ گولي هڻي ماريو ويو هو.

اسان وٽ باچا خان جو مثال ڏسو. هن جي آپ بيتي اردوءَ ۾ جنوري 1991ع ۾ ڇپي ۽ مونکي منهنجو نوجوان مداح قاضي عمر تحفي طور ڏئي ويو هو. هو نه رڳو پنهنجي راءِ جو پڇاڙيءَ تائين بي باڪيءَ سان اظهار ڪندو رهيو پر هن خدمتِ خلق جي ڪري ڇا نه سَٺو. اُن جو اُهو ڪتاب هڪ عبرتناڪ داستان آهي. اهڙا ٻيا به ڪيئي انسان آهن، جن سڀ ڪجهه پنهنجي سِر تي سهي ديس جو نيتارو ڪيو آهي. مسڪين جهان خان به عوامي زندگي اَپنائي نه هئي، پر هو شروع کان ان زندگي جو حصو هو، هن پجيرو ۾ ويهي بيل گاڏيءَ سان همدردي نه ڪئي هئي.

اسان ريسٽ هائوس ۾ ناشتو ڪري جيپ تي پن چڪي ڏسڻ نڪتاسون، جا نگرپارڪر کان ميل پري ڪنهن مغربي ملڪ امداد ۾ ڏني هئي. شايد ٿر ۾ اهڙيون چار پَن چڪيون لڳي چڪيون هيون يا لڳڻيون هيون. چانگ مون کي نگرپارڪر جي ماکيءَ جون ٻه بوتلون ۽ هڪ بوتل رشيد ڀٽيءَ کي تحفي طور ڏئي اسان کان موڪلايو. مون جڏهن سکر ۾ ماکي ناشتي لاءِ پيٽي هُئي ته ان مان ڪجهه مُئل ڪِوليون نڪتيون هيون. مون جڏهن رشيد ڀٽيءَ کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هن چيو:

”جي تون اِها ماکي نه کائين ته مون کي ڏي. مان اُن کي ڪپڙ ڇاڻ ڪري ڪِوِليون ڪڍي وٺندس.“

مون هائو ڪئي ته هو منهنجي گهران اڇي ماکيءَ جون ٻئي بوتلون کڻي ويو ۽ پنڌرنهن ڏينهن ۾ هو ٽئي بوتلون کائي ويو. ڀٽي کائڻ جو ملهه مڙس هو، پر نيٺ کاڌو هن کي کائي ويو ۽ هو ذيابطيس ۾ گذاري ويو.

”اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا.....“

رشيد ڀٽيءَ جي وڇوڙي جي ڳالهه نڪتي ته اکيون ڀرجي آيون ۽ مون ڀٽائيءَ جو مٿيون شعر ڳوري آواز سان پڙهيو.

پن چڪي ڏانهن ويندي اسان سان هڪ تپيدار به رستي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ هو. هن رستي تي هڪ لوڙهي ڀرسان جيپ روڪرائي. پريان لوڙهي جي پڌر ۾ ڪونڀٽ جي وڻ لڳ هڪ گوري رنگ واري نهايت خوبصورت ڇوڪري نظر آئي. هن کي رنگين گهاگهرو، ڪنجرو ۽ چني پئي هئي. ڪنجريءَ تي ريشم جو ڀرت ڀريل هو ۽ ٽڪون مڙهيل هيون. هن هرڻن جي سڱن جون ڦلڙيون پاتيون هيون، جن تي چٽ نڪتل ها. ڳچيءَ ۾ هن کي تائٿ، پيرن ۾ چانديءَ جون ڪڙيون ۽ ڪڙهوليون پيون هيون. ڄڻ ته هوءَ تپيدار لاءِ اڳيئي تڪي رهي هئي. اسان کي تپيدار ٻڌايو ته:

”هي ريٻاري قوم جا ماڻهو آهن ۽ مونکي هن ڇوڪريءَ کي هن جي پيءُ لاءِ نياپو ڏيڻو آهي.“

ڇوڪري منهنجي دل ۾ پيهي وئي ۽ پوءِ بار بار منهنجي شاعريءَ ۾ جهرڻي وانگر ڦٽي نڪتي آهي. تپيدار هن سان ڏهه پنڌرنهن منٽ ڳالهائي جڏهن موڪلايو، تڏهن هن جي منهن تي مُرڪ ائين لڳي رهي هئي جيئن ڪونڀٽ جي تازن پنن تي مُرڪ هوندي آهي.

ڪيئي سال پوءِ مون هن کي ماسڪو جي پيڪنگ هوٽل ۾ ڏٺو هو. هوءَ روسي هئي، فرانس جي ”انسٽيٽيوٽ آف فارين لئنگويجز“جي گرئجويٽ ارينا، جنهن پيڪنگ هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جو دڙ کڙڪايو هو. مان هن کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هوس. ساڳيو رنگ روپ، ساڳيو قد ڪاٺ، ساڳي نرم ملائم مرڪ، جنهن ۾ هن جا چپ چميءَ لاءِ آتا ها. هن ٻڌايو ته روسي اديبن جي بيورو کيس موڪليو آهي ته هو اسان جي ماسڪو کان دوشنبي تائين ۽ واپسيءَ تي رهنمائي ڪري. هن چيو ته هن جو گهر ماسڪو کان سٺ ميل پري آهي ۽ هن کي جلدي اُتان سفر لاءِ سامان ٻڌي اچڻو آهي. هن کي سرڪاري ڪار آهي ۽ جي مان به هن سان هلان ته هوءَ مون کي ماسڪو جي مضافات جو چڪر هڻائي ايندي. مون هائو ڪئي ۽ هن سان گڏجي ويس. ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته ٻه انسان هوبهو هڪجهڙا هجن يا اهو منهنجو وهم هو!

ڪار ۾ اسان فرينچ ادب تي وڪٽر هيوگو کان وٺي سمون دي بوآر ۽ سارتر تائين ڳالهايو. هن مونکي ٻڌايو ته روسي اديب زواگو تان بندش هٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. جڏهن مون هن سان روسي ادب تي ڳالهايو ته هوءَ حيران ٿي وئي ۽ چيائين ته توکي روسي ادب جو مونکان به گهڻي ڄاڻ آهي. ايتري ۾ سندس گهر اچي ويو. ٻه ماڙ تي هڪ ڪمري جي فلئٽ هئي.گهڻو سرو سامان ڪونه هو ۽ ڀت ۾ کوڙيل رَڦَ تي ٽي چار ڪتاب رکيل ها. هن پنهنجي سفر لاءِ ڪجهه ڪپڙا ٿيلي ۾ کنيا ۽ هيٺ لٿي. واپسيءَ تي اسان روسي معاشري، ادب ۽ خاص ڪري ٽالسٽاءِ، دوستووسڪيءَ ۽ شولوخوف تي ڳالهائيندا آياسين. هوءَ تاشقند تائين سفر ۾ منهنجي نهايت گهري دوست ٿي وئي ۽ پوءِ مون هن تي هڪ نثري نظم به لکيو هو. هن جي باري ۾ وڌيڪ روس جي سفرنامي ۾ لکندس.

”هي ڪير آهي، جنهن منهنجي پاند ۾ ايترا گُل ڦٽي ڪيا آهن؟“

مون سوچيو هو ۽ سوال مون کي ڪافي بي چئن ڪيو هو!

ريٻاريءَ جي گهر وٽان اسان پن چڪيءَ وٽ آياسين. مون سوچيو ته آمر هڪ نانگ وانگر اُٻرڪا ڪري رهيو آهي ۽ کنوڻ ڪڏهن مٿس ڪڙڪندي؟ سياست ۾ پنج فيصد بعيد از فهم جُزا (Imponderable factors) هوندا آهن. رستي تي پيرن اگهاڙا ڪولهي، ڀيل ۽ مينگهواڙ نظر اچي رهيا ها. افسوس آهي ته انهن دراوڙي قومن تي سنڌيءَ ۾ ڪو مفصل ڪتاب نه لکيو ويو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ خورشيد قائم خاني ان موضوع ”بهڻکتي نسلين“ نالي ڪتاب اردوءَ ۾ لکيو آهي، پر پوءِ به پڙهندڙ اڃارو رهجي ٿو وڃي. مون ٽاڊ جو  “Annals and antiquities of Rajisthan” اٿلائي ڏٺو ته ان ۾ فقط ڀيلن تي ٻه ٽي سٽون هيون. ايترو مان چوندس ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي ثابتي آهي ته اتي دنيا جا نهايت مهذب انسان رهندا ها. اماري دي ري ڪور (Amaury de Rei Court) جي ڪتاب ”هندستان جو روح“ (Soul of India)  ۾ مون هڪ هنڌ پڙهيو  ته:

آريا وحشي ها ۽ سنڌ جا اصل باشندا جن کي اڻ ـــ آريا سڏيو وڃي ٿو مهذب ها. آرين حملا ڪري سنڌ جي واديءَ ۾ شهر مسمار ڪري ڇڏيا، اُتان جي پئنچائتي سرشتي جي پيچده سماجي تاڃي پيٽي کي تار تار ڪَري ڇڏيو، انهن جي انتظامي لياقت کي نهوڙي نيو ۽ زندگيءَ جي معيار کي چيٿاڙي، چيڀاٽي ڇڏيو، شهر ڦُريا ويا ۽ ساڙي رک ڪيا ويا. پهريائين زنا ۽ پوءِ فاتح ۽ مفتوح خاندانن ۾ شاديون ٿيون. آريا قوم هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي ائين لتاڙيو جيئن وحشي ٽيوٽاني قوم (جرمنيءَ جي قديم باشندن کي Teutonic چوندا آهن.) رومن قوم کي ڪچليو هو. زندگيءَ جا مهذب معيار اچي پَٽ پيا، ماڙا ڀڄي ڀُري ويا، نيون اَڏاوتون رَدي هيون، گهٽين جي مهاڳن کي واريو ويو، ڪوٺيون سوڙهيون ٿينديون ويون ۽ اُنهن جا رهواسي وڌندا ويا. کنڊرن جي وچ ۾ وحشي آرين پنهنجون جهوپڙيون اڏيون، سِرون بي ڌيانيءَ سان پچايون، رستن ۾ اجايا وروڪڙ ڪيا، فرش اُکڙي ويا ها ۽ رهائشي جايون گندا پاڙا ۽ ڍونڍ واڙا ٿي لڳيون. هر شيءِ مان تخريب جي بوءِ ٿي آئي. انهن بي جان شهرن جي کنڊرن ۾ ڪاٺين جا ڀونگا ٺاهيا ويا. هڙپا ۽ موهن جي دڙي جا ماڻهو انهن وحشين اڳيان بيوس نظر آيا، انهن جي شهري زندگي ڊهي پئي ۽ انهن لاءِ اونداهو دور شروع ٿي ويو. جڏهن آريائي حمله آور آيا تڏهن انهن ساري تاريخي ثابتي مٽائي ڇڏي، اتان جي لپي ميسارجي وئي ۽ آريا قوم کان اڳ جا ڪاٺاوان مانڊاڻا ڀڄي ڀري ويا، انهن جو نانءُ نشان نه آهي. حملي آور جيئن آيا تيئن انهن تاريخ ڏانهن بي پرواهي ڏيکاري، جا ڳالهه پوءِ سنڌ ۽ هند جي نفسيات ۾ شامل ٿي وئي. وحشي آريا قوم ڪا ياداشت نه ڇڏي هئي. انهن چينين وانگر تاريخي رسالا به نه ڇڏيا ها. رڳو ڏند ڪٿائون ڇڏيون هيون. وقت جي دائري اندر تاريخ کان پري ازلي ۽ ابدي ڪهاڻيون، جن جو تصور ۽ حقيقت خلط ملط آهن. انهيءَ طرح اسانکي آريا قوم جو ادبي شاهڪار ”رگِ ويد“ مليو، جنهن مان هند جي تاريخ جو اونداهون دور گهڙي يا جوڙي ٿا سگهون.

رگ ويد، هومر جي آڊيسي (Odyssey) ۽ اليڊ (Iliad) وانگر آهي. اهو سنڌ ڌرتيءَ جي رهواسين ۽ ٻاهران حملي ڪندڙ جي وچ ۾ جنگ جو آريا قوم جي نڪته نگاهه کان رنگا رنگ ۽ بي بها داستان آهي. آرڪيالاجي (وستو وديا) جي ذريعي جو ٿورو گهڻو مواد مليو آهي، اُن تي اهو ٻڌو ويو آهي ۽ ان کي غور سان پڙهبو ته اونداهي دور جي چڱي پروڙ پئجي سگهندي، پر ان لاءِ تاريخي مواد ڪونه آهي. اهو اسان کي رڳو وير ـــ چَرتر ڪٿائون، ڀڄن، گيت، منتر، پرٻوڌ ۽ پرارٿنائون ڏئي سگهي ٿو. ڪنهن مهل اُهي اتم ۽ اوچيون آهن ۽ ڪنهن وقت اَلهڙ ۽ ٻاراڻيون آهن. رگ ويد کي غور سان جاچڻ سان هي صورتحال اڀري اچي ٿي:

ڊگها، گوري رنگ وارا وحشي آريا، ڳويون زرهون پائي سنڌ ۾ پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي آيا ۽ انهن کي لوهه جا جنگي هٿيار جي هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي سڌريل ماڻهن وٽ ڪونه ها ۽ هنن پهريون ڀيرو ثابت ڪري ڏيکاريو ته بربريت ۽ جنگي سَري سامان ۾ فوقيت ۽ بالادستي ساٿ ساٿ رهي سگهن ٿا. انهن ماڻهن بينن ۽ ڪار وَنن داسن کي نفرت سان ڏٺو، جن هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي سڀيتا کي جنم ڏنو هو. فاتح ڀَرت، يادوَ، درهيا، پور وغيره هيا ۽ انهن هند جو ڪافي حصو والاريو هو، جيئن گوٿ (Goths)، وزي گوٿ (Visigoths)، لومبارڊ (Lombards)، فرئنڪ (Franks) ۽ وئنڊل (Vandal)  قومن ٻه هزار سال اڳ رومن سلطنت والاري هئي. انهن آرين جا هيرو کشتريا (کتري) هيا ۽ انهن جو ديوتا اندر هو، جو پنهنجي رٿ ۽ پنهنجي ڌنش سان وڙهندو هو ۽ هن جي پٺيان پيادا ويڙهاڪ هوندا ها. پروهت، ويد، ڀوپا، انهن جي ڪڍ سمجهيا ويندا ها.“

اها ڳالهه مٿي ذڪر ڪيل مصنف لکي آهي، جو فرنيچ آهي. ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر مبارڪ علي چئي آهي جو منهنجي وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو  ۽ پاڪستان جو گهري ۽ دور رس نگاهه وارو تاريخ دان آهي. هن تاريخِ سنڌ (عرب دورِ حڪومت) ۾ صفحي 7 تي لکيو آهي:

”جڏهن فاتح قوم پنهنجي تاريخ لکندي آهي، تڏهن مفتوح قوم جي نقطه نظر کي ان ۾ بلڪل دخل نه هوندو آهي ۽ حق انصاف کي (فاتح قوم) پنهنجي پُڙ ۾ رکندي آهي.“

”هند جي روح“ ۾ به هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تهذيبَ به انهيءَ نظرئي سان شروع ڪئي وئي آهي.

مٿي ذڪر ڪيل ٿر جي ڪولهين، ڀيلن ۽ مينگهواڙن جي پهاڪن مان مون کي هڪ سٽ ياد آئي:

”ڏکڻ مينهن نه وسڻا جي وسي ته ٻوڙي.“

۽ سوچيم ته ڇا ڏکڻ کان مينهن وسندو؟ منهنجو من ڪنهن چوڏول ۾ ڀانواٽي کائي رهيو هو؟ غالباََ اُتان ٿي اسان ڀالوا وياسين جتي مارئيءَ جو کوهه ۽ پٿر جي ڪونڊي اڃا تائين موجود آهي. مارئيءَ کي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ، خاص ڪري ڀٽائيءَ جي شاعري، ائين امر ڪيو آهي، جيئن هومر هيلن آف ٽُراءِ کي امر ڪيو آهي. مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ته مارئي هڪ سادي سودي پنهوار هجي ها ۽ هُن جو ويس پڙو، ڪنجري، چُني ۽ لوئي هجي ها جا کوهه تان گهڙو ڀريندي، ٻيءَ ڪنهن پاڻياريءَ وانگر لڳي ها، هومر هيلن کي هيلن ڪيو هو ۽ هوءَ يونان جي تاريخ جو اَمٽ حصو ٿي وئي هئي. ائين ضرور آهي ته ڀٽائيءَ لاءِ مارئي جسم ۾ روح جي علامت هئي، پر مون ته اُن ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ سان وحدت الوجود جي ڪيفيت سمائي هئي ۽ ڀٽائيءَ جا جديد شارح به هن کي سنڌ جي علامت ڪري ڪم آڻن ٿا، پر ڪي نادان سياست دان ڀٽائيءَ جي تصور کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي سياسي مقصد لاءِ ڪم آڻن ٿا ۽ اهو وساري ٿا ڇڏن ته ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌي حڪومت ڪندا ها ۽ ڀٽائيءَ جو قيد، قفسِ عنصري ۾ انساني روح جي قيد جي علامت هو. ائين نه هو ته کيت سين ڪي مارو ڪٺا ڪري عمر جي ڪوٽ تي يلغار ڪئي هئي ۽ مارئيءَ کي قيد مان آزاد ڪرايو هو. مارئيءَ جي قيد مان رِهائي به ڪنهن سياسي اهميت جي حامل نه ٿي ٿِي سگهي، ڇو ته عمر هن کي ڀيڻ سمجهي ازخود رِها ڪيو هو.

پر شاعر ۽ اديب کي اهو حق آهي ته هو ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس پنهنجو طويل نظم يوليسز (Ulyssess)  جديد انسان جي ذهني ڪشمڪش کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم آندو آهي، پر ڪنهن وقت اهو استعمال غلط به ٿي سگهي ٿو جيئن احمد سليم، مشتاق صوفيءَ تي تنقيد ڪندي لکيو آهي ته:

”دُلا ڀٽي ته هڪ ڌاڙيل هو ۽ پنجاب جو هيرو نه ٿو ٿي سگهي ۽ پنجاپي شاونسٽ هن کي ان مطلب لاءِ ڪم آڻي رهيا آهن.“

مان ڪنهن همعصر انقلابيءَ لاءِ ڪجهه نٿو لکان. هجي ڪوئي هوچي منهه جهڙو ته هن جي موافقت يا مخالفت تي وقت ضائع ڪيان. جي ڪنگن ڪالوري اڇو پاڻي لڙڪيو آهي، (شايد ان لاءِ ته اهو گهرو نظر اچي) ته پاڻ اهو سَر ئي ڇڏي ٿا وڃون. فن جي صاف شفاف جهيل تي مون ڀرتري هريءَ کان وٺي ڀٽائيءَ تائين فقط هنج ڏٺا آهن. جن کي هڪ روسي انڊر سيڪريٽريءَ جيترو جدلياتي دماغ به ڪونه آهي، اُنهن تي وقت جو زيان اجايو آهي. ادب مان هيڏانهن هوڏانهن نالا هٿ ڪري ادبي تنقيد رڳو ڳڀرو ڀنڀلائي سگهندي آهي. پنهنجو سڀني جو پاڻي ڪڇيل آهي ۽ ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻڻ واري کي پريان پرکي ٿا وٺون. خير، مونکي نقاد ٿيڻ جو هروڀرو شوق نه آهي ۽ نه ڪنهن جي سياست جي سطحيت ۽ ڦڙتيءَ گهڙتيءَ کي وائکو ڪرڻو آهي. مدد خان جا سپاهي ڀٽائيءَ کي نه سمجهي سگهن ها يا هن کي گهٽ وڌ ڳالهائن ها ته هنن کي ڪير ميار ڏئي ها، آخر نمڪ حلال جو هيا! بهتر آهي ته پنهنجي ڪمري ۾ ڀٽَ وسائجي. آواز طوطي جو هجي يا بلبل جو، نقاره خاني کان دور هجي ته بهتر آهي. هونءَ مون ته لفظ ”نقاد“ قاف قلم سان نه ڪاف ڪتي سان لکيو آهي، پر چچڙن ڪڍڻ لاءِ ڪُتي جو ڪن ڪپڻ غلط آهي. ڇڏي ڏجين ته ويٺا پنهنجا ڦَٽَ لَڪيِن!

مون احمد سليم کي چيو هو ته اسان وٽ مارئي مزاحمت جي علامت نه آهي، پر هن کي آزادي عُمر خودبخود آڇي هئي. ائين آهي ته هن عمر کي ويجهو اچڻ نه ڏنو هو ۽ وطن کي واجهائي ساهه ڏيڻ بهتر سمجهو هو. اسان وٽ کيت سين به هڪ بي جان ڪردار هو، پر هير ته رانجهوءَ سان گڏ جان ڏني هئي. اهي ٻئي ڇاجي علامت آهن؟ فقط پنجاب جا روميو جوليٽ آهن يا انهن جي ڪردار مان ٻي به ڪائي علامت اُڀري ٿي؟ ۽ جي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روحاني پهلوءَ کي ڏسجي ٿو ته مارئي جي انسان جي روح سان تشبيهه سُجهي اچي ٿي ۽ زندگيءَ جي قيد و بند ڏانهن ڌيان وڃي ٿو. جيئن غالب چوي ٿو:

قيدِ حيات و بند غم اصل مين دونون ايک هين،

موت سي پهلي آدمي غم سي نجات پائي کيون؟

پر ان حالت ۾ عمر ڪير هو؟ ڇا هو زندگيءَ جي جبر سان مشابھ هو. جي ها، ته هن پنهنجو پاڻ مارئيءَ کي مارئيءَ جي جيئري رهائي ڇو ڏني؟ مان ڀانيان ٿو ته شاهه جي شاعريءَ مارئيءَ کي مارئي بڻايو آهي نه ته هوءَ هڪ ٻهراڙيءَ جي عورت هئي،جا وڏيرا روز ڀڄائي ٿا وڃن، هوءَ علامت ٿي وئي پر ڇاجي؟ ۽ عمر ڇاجي علامت هو، اها ڳالهه مونکي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي!

مارئيءَ جي ڪونڊيءَ ڀرسان ڪيئي اَڪ ها، جن مان اڪثر اَڪن جون ٽاريون سُڪل هيون ۽ ڪجهه مارو انهن جا اڇا تاندورا ڪٺا ڪري رهيا ها، جن مان هنن کي ”اڪوارو“ ٺاهڻو هو، جنهن مان ڪافي مضبوط رسا ۽ وريون وٽجي ٿي سگهيا. اڪ جا ٻوٽا اُتر ۾ به جام ٿيندا آهن ۽ انهن جون نيرڙيون ڦلڙيون مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن. مون پنهنجي هڪ نثري شاعريءَ  جي مجموعي جو نالو، ”اڪ جون ڦُلڙيون ڀيڄ ڀنيءَ“ رکيو هو پر اُهو ڪتاب مون ڇپائيءَ کان پوءِ خود وڪري لاءِ نه آندو ۽ ان مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا اُتم جي ”نئين دنيا“ ۾ آيا ها ۽ ڪجهه پوءِ ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ ڏنا ويا ها. وري 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪشنس پاران فيروز ميمڻ هڪ شاعريءَ جو مجموعو ڇپايو، جنهن جو نالو ”اَڪن نيرا ڦُليا“ رکيو هيو.

اُتم ۽ سندريءَ سان منهنجي ملاقات اُن ٿر جي سفر کان اڳي بمبئيءَ ۾ ٿي هئي. هو مون وٽ آيا به ها ۽ ڏهاڪو ڏينهن مون وٽ سکر ۾ مهمان هيا. مغل ستار خان سندن اَبل واهه تي دعوت ڪئي هئي، جتي واهه جي وڻن ۾ رسي ٻڌي اسان وِهتا هياسين. رسي ان لاءِ ٻڌي هئي سين جو اسان مان جي اڻ تارون هيا اُن ۾ هٿ وجهي سگهن. مان ته سنڌ واهه جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين تري  سگهندو هوس. سندري ويشنو آهي پر اُتم کي دعوت ۾ جيرانڊي ڏاڍو وڻي. هڪ ڏينهن ڀٽي اُتم کي ساميءَ جو گهر ڏيکارڻ شڪاپور وٺي ويو هو. ساميءَ جو پوٽو پورن ڀڳت مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن منهنجي عمر ڏهه ٻارنهن سال هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ دولت مهتاڻيءَ جي مالي مدد سان ابراهيم جوئي ناگراڻيءَ واري ”ساميءَ جي سلوڪن“ تي لکيل ٽئي جلد گڏي ڇپايا ها. ڇپائي ۾ گيٽ ـــ اَپ ٺاهوڪو هيو ۽ ٻئي پڪا جلد هڪ باڪس ۾ هُئا، جيئن گهڻو ڪري مغرب ۾ ڪتاب ڇپبا آهن. پوءِ هڪ تقريب ڪئي وئي، جتي مون کي ابراهيم ”وڏو“ ڪري مٿي ويهاريو، ڇوته هو پاڻ ڪتاب جو مصنف هيو. مون سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪلاڪ کن زباني تقرير ڪئي ۽ مون محسوس ڪيو ته اُن ۾ ايتري رواني هئي جيتري منهنجن انهن بهترين تقريرن ۾ هوندي هئي جي مون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيون هيون ۽ جن جي ڪري مون کي وڪالت ۾ ڪافي شهري حاصل هوندي هئي.

اتم انهيءَ زماني ۾ ”نئين دنيا“ منهنجي بِلي رکي هئي ۽ نه رڳو منهنجو غزل:

”بي موت مئا، تولاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو،

سنڌي حلقن ۾ آگ وانگر ڦهلجي ويو هو پر پوءِ هن منهنجا شاعريءَ جا ٽي ڳٽڪا جي مون ٿر جي سفر تان موٽي لکيا ها ”جل جل مشعل جل جل“ ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽  ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ جي ڇپائيءَ لاءِ نئين دنيا جا ٽي انڪ سيڙايا ها. انهن شاعريءَ جي مجموعن کي ڪجهه ٻين شعرن سان گڏ مون ”وڄون وسڻ آيون“ جي نالي سان ڇپايو ۽ ان ۾ آيل نظم وغيره مون ساريءَ سنڌ ۾ سفر ڪري، ڪيترن ئي هنڌن تي پڙهيا هئا ۽ جن مون کي نوشڪيءَ کان پشاور تائين هڪ شاعر جي حيثيت ۾ مشهور ڪيو هو. انهن ون يونٽ خلاف تحريڪ کي ايتري تقويت ڏني هئي جو انهن جا ترجما پڙهي نه رڳو مون تي مرحوم حبيب جالب ۽ مرحوم گل خان نصير ۽ اجمل خٽڪ جو پشتو جو وڏو شاعر هو نظم لکيا ها ۽ جڏهن مرڪزي حڪومت پنڊيءَ ۾ پٺاڻن تي فائرنگ ڪرائي هئي، تڏهن اجمل خٽڪ ڪابل ڀڄي ويو هو ۽ جڏهن اُتي ڪيمونسٽ حڪومت ڦهڪو ڏئي ڪري هئي، تڏهن پاڪستان موٽي آيو هو ۽ ولي خان جي جاءِ تي هُن جي پارٽيءَ ۾ اڳينءَ نئشنل اسيمبليءَ جو اهم رڪن هو. انهن به مون تي نظم لکي عوامي جلسن ۾ پڙهيا هيا ۽ ان ڳالهه مون کي ايوب خان جي نظرن ۾ ايتري اهميت ڏني هئي جو هن مون کي شهيد ڀُٽي سان گڏ ساڳي وارنٽ هيٺ نظربند رکيو هو. ابراهيم جوئي جا منهنجن ڪتابن تي لکيل مهاڳ اِنهيءَ ڳالهه جا گواهه آهن ته اُن دور ۾ منهنجي ڪيتري سياسي اهميت هئي. بيوروڪريسي ان کان ايترو ڊنل هئي جو شيخ مجيب جي گرفتاريءَ کان پوءِ مون کي اٺ مهينا سکر جيل ۾ رکيو هيائون، جتي مون ذري گهٽ شاهه جي رسالي جيترو ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ لکيو هو، جنهن ۾ مون شاهه جا سُر پنهنجي مرڪزي خيال کي منطقي نتيجي تي پهچائڻ لاءِ لکيا ها. 1985ع ۾ گوربچوف ”پيرسٽروئڪا“ لکيو جو مون يڪدم ٻاهران گهرائي پڙهيو. ان کانپوءِ سارو اشتراڪي مغرب روس جو باغي ٿي ويو. رومانيا ۾ چائو سيسڪو کي گولي هڻي ماريو ويو، پولنڊ ۾ جيروزلسڪي کي بي عزت ڪري ڪڍيو ويو ۽ ليڪ وليسا گورنمينٽ ٺاهي.

مان جڏهن ڪراچي ڪراميول اسپتال لنڊن جي ڀرسان ڪِرائي جي فلئٽ ۾ رهندو هوس تڏهن اسپتال کان ڪجهه پري هڪ پول عورت جو ڪتاب ــ گهر هو، جنهن ۾ فقط ڪميونزم جي خلاف هزارين نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب رکيا هوندا ها. مان لنگهندي پائيندي هن کان هڪ ڪتاب وٺندو هوس ۽ هن سان بين الاقوامي سياست ۽ خاص ڪري ڪميونزم ۽ اُن جي پولنڊ ۾ اثر تي بحث ڪندو هوس. هن کان مون ليڪ وليسا جي زندگيءَ تي ڪتاب به خريد ڪيو، جنهن ۾ واضح طور ڏيکاريل هو ته ورسين پولنڊ ۾ ڪيترو نه ظلم ڪيو هو. اها وچين وهيءَ جي پول عورت خود به شاعره هئي ۽ جڏهن هن اهو ڄاتو ته مان دور ديس جو شاعر آهيان، تڏهن هن مون کي پنهنجي شاعريءَ جو ڇپيل انگريزي ۾ ترجمو تحفي طور ڏنو ۽ چيائين ته:

”مغربي يورپ ۾ ڪميونزم مان آزاديءَ کانپوءِ هي ڪتاب بي معنيٰ بڻجي پوندو.“

پوءِ ته گوربچوف به ڪميونزم کي بچائي نه سگهيو ۽ اُها واريءَ جي گهر وانگر ڪِري ڪَڻ ڪَڻ ٿي وئي. تازو مون ديوار برلن تي هڪ مهانگو ڪتاب ورتو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف آرٽ پيپر تي ديوارِ برلن تي اُنهن تحريرن جا رنگين فوٽو آهن ۽ ٻئي پاسي اُهي تحريرون لکيل آهن، جي وقت به وقت ماڻهو مارڪر پينسل سان ديوار تي لکندا ها. ان ڪتاب ۾ اُهي تصوريرون به آهن جي مصورن ديوارِ برلن تي ڪڍيون آهن.

مون انگلنڊ مان موٽي سوچيو هو ته سياسي ڦيرگهير کان پوءِ منهنجي شاعري به ائين بي معنيٰ نه ٿي وڃي جيئن جوزف اَٽيلا جي ٿي وئي آهي يا جيئن روسي، پول، چيڪ، سلاف، رومانيا ۽ اوڀر جرمنيءَ جي ڪميونسٽ شاعري ٿي وئي آهي. قدرت مون کي فيض، نرودا ۽ ناظم حڪمت وانگر ڪيونزم جي خاتمي کان اڳ ختم نه ڪيو ۽ ان لاءِ وٿي ڏني ته جو وقت مون اڳي ذري گهٽ ضايع ڪيو آهي، اُن وِٿيءَ ۾ تيز ٻرانگهون پائي ٽپي وڃان ۽ انهن ازلي مسائل سان ناتو پيدا ڪيان جو مون کي اڳ ڪرڻ گُهربو هو. سنڌ جا مسئلا پيا حل ٿيندا. منهنجو ڪم صوبي يا ديس جو نقشو ٺاهڻ نه آهي. پنجاب ۾ به منهنجا ڪيئي دوست ۽ مداح آهن. رضا ۽ رفيق جي احمد سليم جا گهرا دوست هياسي منهنجا به اهڙائي پيارا دوست ها، جهڙو ڪوبه سنڌي دوست هجي. جڏهن مان وائيس چانسلر هوندو هو س ۽ اتفاق سان لاهور ويندو هوس ته ڊاڪٽر جمال، مسز جمال، انهن جي ڌيءَ ياسمين ۽ اُنهيءَ جي ننڍي خوبصورت ڀيڻ جن مان ڊاڪٽر جمال ۽ هن جو ٻه ڌيئر پنجاپيءَ ۾ شعر لکنديون هيون ۽ مسز جمال سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي مداح هئي، پنهنجي گهر منهنجون دعوتون ڪندا ها. اُنهن مان ايتري اُڪير ملندي هئي، جيتري محبوب، ماهتاب ۽ انهن جي ٻارن مان ملندي هئي. جن به ڪيئي ڀيرا پنهنجي گهر منهنجي دعوت ڪئي هئي. مان سياست ۾ ڪرامات جو قائل ٿي ويو آهيان، جنهن کي مان Imponderable factors of History (تاريخ جا بعيد ازم فهم عنصر) چوندو آهيان. گذريل ڪجهه سال ته واقعي سياسي ڪرامات جا سال ٿيا آهن ۽ انهن ۾ جو ڪجهه ٿي گذريو آهي، ان جي چاهنا ته ڪيتري وقت کان مون کي هئي پر ان جو اچانڪپڻو چَؤنڪائيندڙ آهي. ڄڻ ڪائنات ۾ ڪنهن سيٽي وڄائي ۽ سياسي ڪرامات جو سلسلو شروع ٿي ويو. ديوار برلن اچي پٽ ڪري پئي. سوويت سامراج ڇيهون ڇيهون ٿي ويو . نيلسن منڊيلا ستاويهن سالن جي قيد کان پوءِ آزاد ڪيو ويو ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ سياه فام عوام لاءِ جمهوريت آڻي چڪو آهي. وڏي ۾ وڏي ڪرامت ته اسرائيلين ۽ فلسطينين جي وچ ۾ معاهدو آهي، جو سيپٽمبر 1993ع ۽ ٿيو آهي، جڏهن ته ان جي پيشنگوئي مون ”سورج مکيءَ سانجهه“ جي مهاڳ ۾ 1 جون 1993ع تي ڪئي هئي تڏهن سنڌ جو للو پنجو، ٽنڊو ٽوپڻ انقلابي مون کي وطن دشمن ڪوٺڻ لڳا هئا، پر ڇا جي ڀٽائي مدد خان جي هجو لکي ها يا ان ڳالهه تي نوحو لکي ها جڏهن پورچوگيزن ٺٽي کي باهه لڳائي يا قاضي قاضن جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ها ته هو ان ڪري وطن دوست ٿي پوي ها ۽ هن جي رسالي جي اهميت وڌي وڃي ها...؟

پبلو نرودا جو پنهنجي ڪميونزم نوازيءَ جي باوجود عظيم شاعر هو تنهن ميڪسيڪو جي مَچو پِچو، اِنڪا ۽ مايالوڪن کي ديس ته ٺاهي ڪونه ڏنو هو! ڇا جيڪڏهن امير خسرو جنگ ناما لکي ها (هن پنجن جنگين ۾ حصو ورتو هو) ته هن جو قد و قامت وڌي وڃي ها؟! افسوس جو مون کي هن وانگر ڪنهن نظام الدين اولياءَ سان واسطو نه پيو. جي به ملياسي چاڻڪيه جا چيلا هئا يا ميڪاولي جا ڪانَ – مَليا[1]هئا!

پاڻ تي تنقيد جو مون ڪنهن کي جواب نه ڏنو آهي ۽ نه ڪڏهن علامه اقبال وانگر غصو آيو آهي، جنهن ته چيو هو:

گُفتند جهانِ ما آيا به تومي سازد

گفتم که مي سازد گُفتند که برهم زن

ترجمو: چيائون : ”ڇا اسان جو جهان توسان ٺهي هلي ٿو؟“

مون جواب ڏنو ته ”نه ٿو ٺهي. (ان تي ) چيائون” ان کي تهس نهس ڪر!“

مون کي يقين آهي ته منهنجي هر دشمن جي نفس نفس ۾ قيامت آهي ۽ هو پاڻ ئي کئه ٿي ويندا. اڳي به ته ائين ٿيو آهي ۽ منهنجي واهر ۾ وڄ ڪڙڪي پئي آهي! ڪٿي آهن اُهي آمر، بيورو ڪريٽ، صحافي، اديب، شاگرد، رهنما ۽ منهنجن ڪتابن تي بندش وجهندڙ؟ جي ڪوئي رهيو آهي ته ان جا ڪي چڱا اعمال ڀرجهلا هوندا، نه ته اڪثر تي وڄ ڪڙڪي انهن جو نانءُ نشان مٽائي ڇڏيو آهي. آءٌ ته ڀٽائي جي رشد وهدايت تي هلي رهيو آهيان:

”صبر ۾ سَو سُک جي سنواريا سمجهين“

مان جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر هوس ته مون وٽ 330 فلسطيني شاگرد پڙهندا هئا، جن مان اڪثر تاريخ ۽ سياست کان ائين بي بهرا هوندا هئا، جيئن سنڌ جا نوجوان آهن، جي ٺڳيءَ جي ٺاهه ۾ اڙجي ويا آهن ۽ سياسي نَؤسربازن جي هٿ چڙهي ويا آهن. ڇا شاعر جو ڪم اهو آهي ته مچ ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جون ڀريون ڍوئي! چون ٿا ته هوچي منهه ۽ مائو به شاعر هئا، مان چوان ٿو ته اسان جو سانوڻ فقير به انهن کان چڱو شاعر هو. هو ته شاعريءَ ۾ گهٽيا سگهڙ به نه هئا. شاعري خلا ۾ نه ٿي ٿئي. ان تي پنهنجي دؤر جو ڪجهه نه ڪجهه اثر ضرور آهي، پر شاعري نعري بازي نه آهي، بانگ دراآهي نه بانگِ رحيل آهي. پر مان هي ڪهڙي غصي جي ڪُن ۾ ڪريو آهيان، منهنجا همعصر ته سؤ سال پوءِ اچڻا آهن. مان ڪِن تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهيان؟ اهي ماڻهو ته ارڙهين اڻويهين صديءَ جاماڻهو آهن ۽ ويهين صدي اچي پوري ٿي آهي!

ايوب خان کان يحيٰ خان ۽ ضياءُ الحق تائين صحيح معنيٰ ۾  وڏو انقلابي فقط شهيد ڀٽو هو، ٻيا فقط لابي هئا. هن جي شهادت کان پوءِ هن جي ڌيءُ بغاوت جو علم بلند ڪيو.

باقي سورت البقره واري ڳالهه دل سان لڳي ٿي ته ماڻهو ٽن قسمن جا آهن، متقي، ڪافر ۽ منافق. منافق ڪافرن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. هو ”بظاهر مسلمانن سان ملن ٿا، پر در پرده ڪافرن سان به ساز باز ڪن ٿا.“

مان زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا منافق به ڏٺا آهن، جن کي پهاڙي وڇونءَ جيان ڏنگ آهي. هو ڪنهن وقت اها حماقت ضرور ڪندا آهن ته ڇپ کي ڏنگ هڻي، پاڻ کي ئي ضرب رسائيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو پاڻ کي وڇون نه ”سنگ چور“ نانگ سمجهندا آهن. هو منهنجا گهڻگهرا۽ واهرو هئا، جيستائين مان ڪفر ڏانهن مايل هوس پر جڏهن کان ايمان ڏانهن راغب ٿيو آهيان، تڏهن کان هو منهنجا مَٺ گهرو ۽ ويري ٿي ويا آهن.

بهتر آهي ته ڀالوا جا اڪ ۽ اُتان جا اڪوارا ڇڏي اڳتي وڌان. گهنگهور گهٽائون پاڻ ئي ڀربيون آهن، اَڪ ته اُنهن ۾ اويون نه اوتيندا آهن! جيتري قدر ياد ٿو پوي اسان سال 1964ع ۾ ويا هياسين. 1965ع ۾ ڪانجهي ڪوٽ وٽ جنگ لڳي هئي. اُردو اخبارون اُن کي ڪنجر ڪوٽ لکيو هو. شايد هنن کي مير تقي مير جي بارش تي مثنوي جي سٽ ياد اچي رهي هئي:

”جيسي کنجر کهين کو جاتي هين“

جمال مون کي ٻڌايو هو ته ان ڳوٺ جو نالو ڪينجهر ڪوٽ هو. سنڌيءَ ۾ محاورو آهي:

”فلاڻي وٽ ڪينجهر لڳا پيا آهن.“

يعني ته هن وٽ مال متاع جي ڪمي نه آهي.

پورو ياد نه ٿو اچي. سفر جي سلسلي ۾ مٿي شايد غلطي ڪئي اٿم. پهريون اسان ڀالوا ويا هياسين ۽ پوءِ نگر پارڪر ويا هياسين. جمال کي ته ائين ٿو ياد اچي. جمال اهو به چيو ته:

”ڀَٽُ ته رات جو آيو هو، باقي پنڊت ڏيو جي ٻئي ڏينهن تي آيو هو.“

هن وڌيڪ ياد ڏياريو ته:

”سيٺ نهال چند هڪ ساڌوءَ جي آشرم ۾ وٺي هليو هو، جنهن جي وڏي پڌر ۾ مور پئي ڦريا.ساڌوءَ کي شڪنتلا جي گروءَ ڪِنوريشيءَ جهڙي اَڇي ڏاڙهي هئي.“

مون پنهنجي شڪنتلا کي ياد ڪري، ٿڌو ساهه ڀريو هو. ڪي ڪي يادگيريون مَڇين وانگر ڄار جي ويجهو اچي تِرڪي وڃن ٿيون. پوءِ ٻي ڪنهن جي ڄار ۾ ڦاسن ٿيون. مون ۽ جمال ائين رڇ کوليو جيئن ستار خان رڇ کولايا ها. ستار خان کي سنڌوءَ ۾ مڇي مارڻ جو ٺيڪو هو ۽ هو مونکي اُتي وٺي هيلو هو، جتي ماڇي پنهنجا پنهنجا رڇ کڻي ٿي آيا ۽ مڇي تورائي، هُن کان اُن جي ملهه جا اَڌ پيسا ٿي وٺي ويا. مڇيون گهڻو ڪري پوئڪيون، سينڱاريون، کڳا، ڏنڀرا ۽ ٿيلهيون هيون. ڪيتريون ڪُرڙيون به هيون جي سڀني رڇن ۾ ڦٿڪي رهيون هيون. مونکي اهي ڏسي سياستدان چارلس ڊي ٽئلي ران (Charles de Tally rand-1754 to 1838) جو مادام دي استائيل (Madame de stael) جي باري ۾ قول ياد آيو هو:

”اهڙي چڱي دوست آهي، جا پنهنجا سارا واقفڪار پاڻيءَ ۾ ان لاءِ ڦٽي ڪندي آهي جيئن اُنهن کي وري مڇين وانگر ڦاسائڻ جو مزو ماڻي سگهي.“

سنڌيءَ ۾ ڪيڏا نه مڇين جا نالا آهن! پر اهي مان ڪينجهر ۽ منڇر جي سير مهل قلمبند ڪندس.


[1]  ڪان – مليا (اردو): ڪن مان مر ڪڍندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org