سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2020ع

باب:

صفحو:5 

ياسمين چانڊيو

 

 

سچ سونهن سڀيتا...... گلبدن

جيڪڏهن ھن ڪائنات جي تاريخ ڏسنداسين ته ڪائنات جي وجود کان وٺي دنيا جي ٺاھ ٺوھ بيھڪ ۽ خوبصورت جوڙجڪ عورت ئي ڪئي آهي، عورت جي خوبصورت تخليق ۾ سڀ کان وڌيڪ عظيم تخليق انسان، جنهن جي تخليق به عورت ئي پنهنجي وجود مان ڪئي آهي ۽ مون ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو هو ته ڪائنات جي تمام خوبصورتي عورت سان آهي، عورت لکڻ تي مان فخر محسوس ڪريان ٿي. انڪري جو سماج ھن عظيم مخلوق کي عورت جي نالي سان سڃاڻي ٿو.

ايئن تاريخ کڻي ڏسو ته جنگين جو ميدان ھجي يا محبت جو، قرباني ڏيڻ ھجي يا پنهنجو پاڻ کي ٻين لاءِ مٽائڻ ھجي اتي عورت اڳڀري ۽ پنھنجو مثال پاڻ رھي آھي.

جيئن جيئن سماج اڳتي وڌندو ويو تيئن تيئن ان سماجي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪردار اڳڀرو ئي رهيو، ٻين شعبن سان گڏ عورت ادب ۽ ان ادب کي اڳيان ڪيئن آڻجي، تنهن ۾ به پاڻ ملهايو ۽ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذري پنهنجو پاڻ ملھائيندي ھن مرداڻي سماج ۾ پنهنجو عظيم رتبو قائم رکيو.

ان عظيم رتبي، عظيم ڪم ۽ عظيم ڪردار جي مالڪ ھڪ سھڻي راڻي ڀيڻ جنھن پنھنجو پاڻ ملھايو ۽ ملهائي رهي آهي ۽ پاڻ سان گڏ سڀني کي گڏ کڻي ھلي رھي آھي. ھي جديد قديم ۽ ھلندڙ خوبصورت رستي جي پانڌياڻي ادي  گلبدن جاويد مرزا آهي،

جنهن جو سرتيون ميگزين کي ڏنل ٽيھون جنم آهي،

ھي اھو جنم آهي جنهن سان ڪيترن جي شعور جو جنم ٿيو.

ڪجهه ماڻهو جسماني جنم وٺندا آهن ۽ ھن فاني جهان مان ھليا ويندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو خاص ۽ مثالي ڪردار جا ھوندا آھن،جيڪي پنهنجي جسماني جنم مان ڪيترن ئي شعوري دماغن کي جنم ڏيندا آهن،سو گلبدن به پنهنجي شعور ۽ ڏاھپ سان ڪيترن ئي شعوري ڪمن کي جنم ڏنو.

تنھن ۾ ان جيڪو خوبصورت جنم ڏنو سو آهي سرتيون ميگزين“. تنھن لاءِ کيس سلام پيش ڪجي ٿو.

 تون ڪمال آ لازوال آ

بي مثال آ حسن جمال آ

تنھنجي نيڻن ۾ نھار آ

جنهن ۾ سنڌ جي محبت

جو ڀريل خمارُ آ

تون ادب سان آشڪار آ

تنھنجو وجود شعور

جي چمڪندڙ لاٽ آ

 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مرد سڄي دنيا به فتح ڪري پوءِ به خوش ناهي ٿيندو. پر عورت صرف ٻن ٻارن کي جنم ڏئي به خوش ٿي ويندي آهي،

تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾ جيڪي به جنگيون فتح ٿيون تنھن ۾ عورت جو ڪردار رهيو.

پنهنجي سنڌ جي تاريخ کڻي ڏسجي ته به موھن جي دڙي کان وٺي اڄ سوڌو سنڌي عورت پنهنجو پاڻ ملهائي رھي آھي.

اڄ سرتيون ميگزين جي سموري سٿ کي به مبارڪون ڏيان ٿي جن اڻٿڪ محنت ڪري ھن شعور جي لاٽ کي ٽيهين سالن تائين ٻاري رکيو ڪڏهن وسامڻ نه ڏنو ۽ اميد ٿي ڪريان ته اھا لاٽ نسل در نسل ھلي  شعور جون مشعلون ٻاريندي رهندي.

باک جو گيت آ گلبدن

 روشن ڪوديپ آ گلبدن.

ڏسڻ سان اکيون ٿيون ٺرن سدا

چاھت جو منُ ميتُ آ گلبدن

جوڙيو ڪو سنسار سکين جو تو

نئون رواج ڪا ريت آ گلبدن

شخصيت جون ڪيئي ڏسائون

ڪنهن لئه پيار پريت آ گلبدن

سرتيون تو ھٿان جنم ٿيون وٺن

سونهن تخليق ڪئي تو هٿن گلبدن

ساز ۽ سونهن جو ٿي توازن لڳين

۽ ھوا تي اٿئي خوشبوئن جو چمن

شال سدائين تون رھين ايئن خوش خرم،

ڏات تنهنجيءَ مان نڪرن ادب جا ڀرم.

گلبدن،ھي نالو منهنجي دماغ ۾ اچڻ سان ھي خيال ايندو آهي ته،

گل، خوشبوءِ ۽ بدن اُن جي زمين، سر زمين مطلب ڌرتي ۽ ڌرتي، مطلب ماءُ.

سو گلبدن جي معنى آهي ڌرتي ماءُ جنهن جي ڪکِ مان خوشبوءِ ئي خوشبوءِ ڦٽندي آهي.

سچ پڇو ته گلبدن به پنهنجي نالي جيان سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي سڳنڌ سان واسي ڇڏيو آهي،

۽ اھا سڳنڌ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورھائي اٿس ۽ ورھائيندي ٿي رھي.

گلبدن،

يقين ڪيو ته مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اھڙيون عورتون گھٽ ڏٺيون آهن،

جن جي اندر محبتن جو سنڌو درياءُ ھجي ۽ جنهن جي ڇولين سان پوري سنڌ جي عورتن جا دماغ سيرابُ ٿيندا ھجن، پر گلبدن حقيقت ۾ اھا عورت آهي ۽ ان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

گلبدن جي ڪھڙين خوبين جي واکاڻ ڪريان؟

ھو ھڪ ئي وقت بھترين شاعره بھترين ڪھاڻيڪار بھترين ايڊيٽر بھترين اديب،

بھترين سوشل ورڪر،

بهترين وومن ايڪيٽويٽ،

بھترين انسان،

تمام گهڻي سادي،

تمام گهڻي مھربان،

تمام گهڻو پيار ڪندڙ،

۽ گھڻو ڪجھه،

ايترين خوبين جون مالڪ  عورتون تمام گھٽ آهن، گلبدن جي اندر ھر عورت لاءِ ھڪ جيترو پيار ھڪ جيتري عزت ۽ احترام آهي.

ان جو ثبوت، سرتيون ميگزين آهي.

جنهن ذريعي ھن پوري سنڌ جي نياڻين ۾ ادب جي ھڪ خوبصورت ڏات ورھائي آهي. ۽ ورھائي رهي آهي.

اڄ جڏهن  پروگرام ۾ آيس ۽ مون کي ڏسڻ سان اچي جھڙي نموني پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريائين، يقين ڪيو ان جي ڀاڪر ۾ ماءُ جھڙا سچا جذبا ھئا مون کي ايئن لڳو ڄڻ ڪو منهنجي امڙ مون کي ڀاڪر ۾ ڀريو ھجي، اھڙا خوبصورت احساس ھر ڪنھن جي ڀاڪر ۾ ناھن ملندا، پر جنهن جي اندر ۾ واقعي ۾ سچائي ھوندي آھي. تنھن مان ئي محسوس ٿيندو آهي.

سچ پڇو ته گلبدن جھڙيون خوبصورت عورتون اسان جو قومي سرمايو آهن.

جيڪي ڏينهن رات ھڪ ڪري پنهنجي پوري صلاحيتن سچائين ۽ محبتن سان پنهنجي گلستان جي گلن جي خوشبوءِ ھر دماغ ۾ پکيڙين ٿيون.

جنهن سان پوري سنڌ جون سرتيون ادب ۽ محبت سان واسجنديون ٿيون رھن.

منھنجي دعا آهي ته، شال سدائين گلبدن ايئن ئي تازي تواني ۽ صحت مند رهي ۽ پنهنجي ڏات جي خوشبوءِ پکيڙيندي رهي.

آمين

ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو

 

 

سماج ۾ وڌندڙ خودڪشيءَ جو لاڙو

 

خودڪشي آپگهات ڇا آهي آپگهاتي رويو ڇا آهي؟

What is Suicide and what is Suicidal behavior?

آپگهات پنهنجي زندگي پاڻ ختم ڪرڻ جو عمل آهي.

آمريڪا جي AMSP مطابق، ملڪ ۾ خودڪشي سبب موت، نوجوانن ۾ موت جي ڏهن وڏن سببن مان هڪ آهي. هڪ اندازي مطابق 47000 امريڪي هر سال خودڪشيون ڪندا آهن.

پاڪستان ۾  9. 0 سيڪڙو موت آپگهات ڪرڻ جي ڪري ٿين ٿا.

75 سيڪڙو آپگهات غريب ۽ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ٿين ٿا.

دنيا ۾ 15 کان  29 سالن جي عمر ۾ موت جو وڏي ۾ وڏو سبب آپگهات آهي! آپگهاتي خيال يا رويي کي هڪ نفسياتي Psychiatric emergency / سمجهڻ گهرجي.

جيڪڏهن اوهان يا جنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اهڙي رويي جو اظهار ڪري ته هڪدم معالج سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي.

چتاءُ ڏيندڙ علامتون: اهڙيون شروعاتي علامتون جيڪي آپگهات ڏانهن لاڙو ڏيکارين:

اوهان ڪنهن ماڻهو جي اندر لهي نٿا ڏسي سگهو ته هو ڇا محسوس ڪري رهيو آهي تنهنڪري جيڪڏهن ڪير آپگهات بابت سوچي رهيو آهي ته اهو هر ڀيري سڃاڻڻ سولو ناهي هوندو.

تنهن هوندي به ڪجهه اهڙيون اشارو ڪندڙ نشانيون جيڪي آپگهاتي لاڙي کي ظاهر ڪن سي هن ريت آهن:

مايوسي اڪيلائي ۽ بيوسيءَ جون ڳالهيون ڪندڙ.

ڪير ائين چوي ته زنده رهڻ لاءِ اتساهه ناهي رهيو.

وصيت ڪرڻ ۽ پنهنجون ذاتي شيون ڏئي ڇڏڻ.

اهڙا طريقا ڳولڻ جن سان پاڻ کي نقصان ڏئي سگهجي مثال طور: پسٽل خريد ڪرڻ.

گهڻي ننڊ ڪرڻ يا تمام گهٽ ننڊ ڪرڻ.

تمام گهڻو کائڻ يا کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيڻ نتيجي ۾ وزن وڌي وڃڻ يا بنهه گهٽجي وڃڻ.

لاپرواهي/ بي فڪري وارو رويو ڏيکارڻ جنهن ۾ الڪو حل يا نشو ڪرڻ شامل آهن.

سماج ۾ ٻين سان گهٽ لهه وچڙ ۾ اچڻ.

ڪاوڙ يا انتقام جي جذبن جو اظهار ڪرڻ.

شديد پريشاني يا احتجاج جون علامتون ڏيکارڻ.

مزاج ۾ ڊرامائي تبديليون ڏيکارڻ.

آپگهات کي نجات جو ذريعو سمجهڻ.

اهو سڀ ڊيڄاريندڙ محسوس ٿيندو. پر ان تي ڪو عملي قدم کڻڻ سان ڪنهن آپگهاتي لاڙو رکندڙ کي موت جي منهن مان بچائڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.

آپگهات بابت سوچيندڙ سان ڪيئن ڳالهائجي؟

جيڪڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ته خاندان مان يا دوستن مان ڪير خودڪشيءَ بابت سوچي پيو ته انهن سان پنهنجي انديشن/ واسطن بابت ڳالهائجي.

اوهان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي سوالن جي صورت ۾ پر اڻ ڌُر ئي (non-Judgmental) نموني سان شروع ڪري سگهو  ٿا.

کُليو ڳالهايو ۽ سڌا سوال ڪرڻ کان نه ڊڄو ته ”ڇا آپگهات بابت سوچي رهيا آهيو؟“

ڳالهه ٻولهه دوران اهو يقيني بڻايو ته:

پرسڪون رهو ۽ اعتماد ڏياريندڙ لهجي ۾ ڳالهايو.

ائين ڏيکاريو ته سندن احساس جائز ۽ حقي آهن.

سهارو ۽ همٿ ڏيارڻ جي آڇ ڪريو.

انهن کي ٻڌايو ته مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ علاج سان اوهان بهتر محسوس ڪري سگهو ٿا.

سندن مسئلن کي ننڍو ڏيکارڻ يا کين شرمسار ڪري ذهن بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

کين ٻُڌو. اوهان جو ساٿ ۽ سندن مدد ڪرڻ جو هڪ بهترين رستو آهي. اوهان کين ڪنهن ماهر کان مدد وٺڻ لاءِ به همٿائي سگهو ٿا.

کين ڪنهن صحت جي اداري يا ماهر کان مدد ڳولڻ ۾ يا فون ڪرڻ يا پهريون ڀيرو گڏجي وڃڻ جي آڇ ڪريو.

اهو يقينن خوفنائتو آهي جو جڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهو کي جنهن کي اوهان ڀانئيو ۽ هو آپگهاتي سوچ ڏيکاري. پر هي تمام نازڪ، خطرناڪ صورتحال به آهي، جيڪڏهن اوهان مدد ڪرڻ جا اهل هجو ۽ ڪو قدم کڻڻ چاهيو. ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڪا حياتي بچائڻ لاءِ مدد ڪرڻ يقينن انهي خطري کڻڻ کان مٿي آهي. جيڪڏهن اوهان واسطو رکو ٿا، پر نٿا ڄاڻو ته ڪيئن مدد ڪجي ته اوهان آپگهات روڪڻ واري هاٽ لائن 15 کان به مدد وٺي سگهو ٿا.

ڪرڻ ڇا گهرجي؟ What to do?

جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو ته هو خودڪشي ڪرڻ چاهي ٿو ته:

اهڙي ماڻهو جي ڳالهه سنجيدگي سان وٺو.

انهن سان گڏ رهو.

نقصان ڏيندڙ شين کي گم ڪريو يا هٽائي ڇڏيو.

فون ڪيو:

National Suicide and Crises line: 042-35761999

Suicide Hot line: 15

جيڪڏهن اوهان سمجهو ته ڪو شخص اوچتو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارو آهي ته:

هاٽ لائن 15 تي فون ڪيو.

اوستائين ان ماڻهو سان گڏ رهو جيستائين مدد پهچي.

ڪو چاقو، پسٽل، دوا يا ڪا اهڙي شئي جنهن سان نقصان ٿي سگهي هڪدم هٽائي ڇڏيو.

ٻڌو، پر فيصلا نه ڪريو نه بحث نه دڙڪا ڏيو، نه ئي رڙيون ڪريو.

آپگهات جو خطرو ڪير ٿو وڌائي؟

 What increase the risk of suicide?

ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي ختم ٿو ڪري ته ڪو هڪ سبب ناهي هوندو، گهڻائي اهڙا سبب ٿي سگهن ٿا جيڪي آپگهات جي خطري کي وڌائين ٿا جيئن ته ڪنهن ذهني مرض جي موجودگي. پر اڌ کان مٿي ماڻهن ۾ جيڪي خودڪشيون ڪن ٿا تن ۾ مرڻ وقت ڪو ڄاتل سڃاتل ذهني مرض ناهي هوندو.

ڊپريشن سڀ کان وڏو سبب آهي ذهني بيماري جي خطري جو.

ٻين سين ۾ ماليخوليا Schizophrenia, ٻه طرفي مزاج جي بيماري:Bipolar disorder گهٻراهٽ جي بيماريAnxiety disorder  

شخصيت جي بيماري Personality disorder

 شامل آهن.

ذهني حالت جي صورتحال کان هٽي ڪري ٻيا جز جيڪي آپگهات جي خطري کي وڌائين ٿا سي هن ريت آهن:

1. قيد، بند، جيل خانو Incarceration

2.  نوڪري جي پڪي ضمانت نه هجڻ يا پنهنجي ڪم مان گهٽ مطمئن هجڻ.

3. بدسلوڪي واري زندگي گذارڻ.

4. ڪنهن خطرناڪ بيماري جي هجڻ جي سڃاڻپ ٿيڻ. مثال طور ڪينسر يا ايڇ. آئي. وي HIV

5. سماجي اڪيلائي جو شڪار يا ماڻهن جي غلط رويي کان تنگ ٿي يا هراسجي ويل.

6. نشي آور شين جو عادي.

7. ننڍپڻ ۾ ڪنهن غلط رويي يا حادثي جو شڪار ٿيڻ.

8. خاندان ۾ خودڪشي جو ڪو واقعو هجڻ.

9. پهرين به آپگهات جي ڪوشش ڪيل.

10. ڪو دائمي مرض هجڻ.

11. ڪنهن رشتي کان محروم ٿيڻ.

12. نوڪري جو وڃڻ.

13. دوائن يا هٿيارن تائين پهچ هجڻ.

14. آپگهات جي وارتا ڏسڻ.

15. مدد يا سهارو ڳولڻ ۾ ڏکيائي.

16. ذهني مرض يا نشي جي علت ڇڏرائڻ جي سهولت نه هجڻ.

17. اهڙن خيالن جو حامي هجڻ ڄڻ آپگهات ئي مسئلن جو حل آهي.

جيڪي ماڻهو آپگهات جي خطري هيٺ هجن تن جو ڪاٿو لڳائڻ.

ڪو به ڊاڪٽر يا ماهر، ڪنهن به ماڻهو ۾ آپگهات ڪرڻ جي خطري جي ڪاٿو ان جي نشانين، ذاتي معلومات ۽ خاندان جي معلومات مان لڳائي سگهي ٿو.

اهي معلوم ڪرڻ چاهيندا آهن ته نشانيون ڪڏهن شروع ٿيون ۽ متاثر ماڻهو کي ڪيترا ڀيرا ان جو تجربو ٿيو.

اهي ويجهڙ يا ڪنهن پراڻي بيماري بابت يا ڪا خاص حالت جيڪا خاندان ۾ هلندي اچي، تنهن بابت به پڇا ڪري سگهن ٿا.

انهن سان نشانين بابت ممڪن وضاحت طي ڪري سگهجي ٿي يا انهي ماڻهو جي ڪٿ لهڻ لاءِ ٻين ماهرن ۽ ٽيسٽن جي مدد سان سڃاڻپ ڪرڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

ذهني صحت:

گهڻن ماڻهن ۾ آپگهات جا خيال، ڪنهن ذهني بيماري جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن. جيئن ته ڊپريشن شيزوفرينيا يا بائي پولر جي خرابي وغيره آهن.

جيڪڏهن ڪنهن ذهني مرض جو شڪ آهي ته ان ماڻهوءَ کي ذهني صحت مرڪز Mental health institute ڏانهن موڪلجي.

2. نشو واپرائڻ. Substance Abuse الڪو حل يا نشي وارين دوائن جو غلط واهپو به آپگهاتي خيالن ۽ روين جو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن نشو واپرائڻ ئي بنيادي سبب آهي ته ان جو پهريون حل ڪنهن نشي جي عادت ڇڏرائيندڙ اداري مان علاج ڪرائڻ ئي آهي.

 (Alcohol or drug addiction rehabilitation program)

3. دوائون. Medication

ڪجهه دوائون جيئن ته اينٽي ڊپريسنٽ Antidepressants، ٿي سگهي ٿو ته آپگهات جي خطري کي وڌائين.

علاج فراهم ڪندڙ شخص کي اهي دوائون جيڪو هو ماڻهو واپرائي پيو تن کي به ڏسڻ گهرجي ته ڪٿي انهن دوائن جي ڪري ته مسئلا ڪونه پيا ٿين!

اهي ماڻهو جيڪي آپگهات ڪرڻ جي خطري هيٺ آهن تن جو علاج.

Treatment for people who are at risk for suicide.

ڳالهه ٻولهه سان علاج.Talk Therapy

ڳالهه ٻولهه وسيلي علاج کي نفسياتي علاج Psychotherapy به چئجي ٿو، سو هڪ ممڪن علاج  جو طريقو آهي جنهن سان ڪنهن ۾ آپگهات ڪرڻ جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو.

Cognitive behavioral therapy (CBT)

هي هڪ قسم جي ڳالهه ٻولهه وارو علاج آهي جيڪو انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي جن ۾ آپگهات جا خيال هجن.

ان جو مقصد اهو سيکارڻ به آهي ته زندگي جي پريشانين ۽ ڏکين حالتن ۽ جذباتي موقعي تي ڪيئن عمل ڪجي جيڪي اوهان کي آپگهات جي خيالن يا روين ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا.

اوهان جي ذهن ۾ CBT ذريعي وڌندڙ ناڪاري سوچن کي هاڪاري بنائڻ ۽ زندگي ۾ ويساهه ۽ اتساهه وري حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڪري سگهجي ٿي.

هڪ ساڳيو طريقو جنهن کي Dialectical Behavioral Therapyچئجي ٿو (DBT) سو به ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

2. دوائون. Medication

جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه وسيلي سان آپگهاتي لاڙي جي خطري کي ڪاميابي سان نٿو گهٽائي سگهجي ته دوائون به ڏئي سگهجن ٿيون جن سان نشانين جهڙوڪ اداسي ۽ پريشاني کي گهٽائي سگهجي.

1. Antidepressants

2. Antipsychotics

3. Antianxiety medication

زندگيءَ جي وهنوار ۾ تبديلي. Lifestyle changes

ڳالهه ٻولهه ۽ دوائن سان آپگهاتي خطري کي ڪڏهن ڪڏهن ڪي ساديون صحتمند عادتون اختيار ڪرڻ سان به گهٽائي سگهجي ٿو. جيئن ته:

الڪوحل ۽ نشي وارن شين کان پرهيز ڪجي.

باقاعدو ورزش: هڪ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ورزش ۽ خاص ڪري گهر کان ٻاهر سٺي هوا ۽ سج جي روشني مددگار ٿي سگهي ٿي.

جسماني ڪم ڪار سان دماغ ۾ اهڙا ڪيميائي مادا خارج ٿيندا آهن جيڪي سڪون ۽ سرهائي جا احساس اڀاريندا آهن.

3. سٺي ننڊ ڪرڻ.

پوري ۽ پرسڪون ننڊ ڪرڻ به تمام اهميت رکي ٿي. ننڊ جي کوٽ ذهني صحت جي خرابي جي نشانين کي وڌائي ٿي.

جيڪڏهن اوهان سان ننڊ ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو آهي ته پنهنجي معالج سان ڳالهايو .

آپگهاتي خيالن کان ڪيئن بچجي؟

جيڪڏهن ڪنهن کي آپگهات بابت خيال يا احساس اچن ٿا ته ان تي شرمسار ٿيڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي پاڻ تائين محدود رکڻ جي.

جيتوڻيڪ ڪي ماڻهو اهڙي نيت رکندڙ به هجن ۽ انهن جو ڪڏهن ان تي عمل جو ارادو نه به هجي تڏهن به ان بابت ڪو قدم کڻڻ ضروري آهي.

اهڙن خيالن کي هر هر اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ کوڙ شيون آهن جيڪي اوهان ڪري سگهو ٿا.

ڪنهن سان ڳالهايو. Talk to Someone

اوهان ڪڏهن به پاڻمرادو آپگهاتي احساسن کي مُنهن ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

پنهنجي پيارن سان يا پروفيشنل مهارت رکندڙ جي مدد ۽ سهاري سان پنهنجي ڏکيائين تي قابو پائي سگهو ٿا.

کوڙ تنظيمون ۽ سهارو ڏيندڙ گروپ به آپگهاتي خيالن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، ۽ اها سمجهه به ڏئي سگهن ٿا پنهنجي پريشاني يا خراب حالتن کي منهن ڏيڻ جو اهو طريقو ڪنهن به طرح صحيح ناهي.

دوائون صحيح طريقي سان واپرائجن.Take medication as directed.

جيستائين اوهان جو معالج نه چوي تيستائين نه اوهان پنهنجي مرضيءَ سان دوائن جا وزن بدلايو نه ئي دوائون کائڻ بند ڪريو.

آپگهاتي خيال واپس اچي سگهن ٿا يا اوچتو دوائون بند ڪرڻ سان Withdrawal symptomsظاهر ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن دوائن جا اڻ گهربل اثر Side effects ظاهر ٿي پون ته پنهنجي معالج سان ڳالهايو ته جيئن هو دوائون بدلائي سگهي.

ڪا مقرر ملاقات نه گسايو. Never skip an appointment  

اهو تمام ضروري آهي ته اوهان پنهنجي معالج سان طئي ٿيل ملاقات ۽ ٻين مقرر ڳالهين موجب ملندا رهو.

پنهنجي علاج موجب سختيءَ سان عمل ڪرڻ ئي آپگهاتي خيالن ۽ ورتاءُ سان نبرڻ جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو رستو آهي.

شروعاتي علامتن ڏانهن توجه ڏيڻ.Pay attention to warning signs

پنهنجي معالج کان آپگهاتي احساسن کي اڀاريندڙ محرڪن بابت سکو. ان سان اوهان کي خطري جي نشانين جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي ۽ وقت کان اڳي فيصلو ڪري سگهبو ته ڇا ڪجي.

گهر ڀاتين ۽ دوستن کي چتاءُ ڏيندڙ علامتن بابت ٻڌائڻ سان انهن کي به مدد ملندي ته جيئن اهي به ڄاڻي سگهندا ته اوهان کي ڪڏهن مدد جي ضرورت آهي.

آپگهات ڪرڻ جي موتمار هٿيارن تائين پهچ ختم ڪجي. Eliminate access to lethal methods of suicide.

ڪنهن به گن، چاقو يا اهڙي دوا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي جيڪڏهن اوهان کي انديشو هجي ته آپگهاتي خيالن تي عمل نه ڪري وجهو.

خاموش نه رهو ٿي سگهي ٿو اوهان ڪا زندگي بچائي وجهو!

اڄڪلهه اهڙيون تنظيمون ۽ ماڻهو موجود آهن جيڪي آپگهات روڪڻ تي ڪم ڪن پيا، جيترا ذريعا اڄ موجود آهن اوترا اڳي ڪڏهن نه هئا.

ڪنهن کي به آپگهاتي خيالن سان اڪيلو ٿي جهيڙڻ نه گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org