سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2020ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

 

جتي آءٌ علم ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي قدآورن شخصيتن کان متاثر آهيان، اتي سائنس به منهنجو پسنديده مضمون رهيو آهي ۽ اها سائنس ئي آهي جيڪا انساني زندگيءَ ۾ پنهنجي ايجادن سان ڪيتريون ئي سهولتون ميسر ڪري رهي آهي. اهڙي نموني ڊارون منهنجو انڪري به دلچسپي جو موضوع رهيو آهي جو هن عظيم سائنسدان جنهن حياتيءَ جي سڀني پاسن کي نج قدرتي لقائن جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ قدرتي سببن ۽ ٺوس حقيقتن وسيلي انهن جي تشريح ڪئي. جيئن سبط حسن ڊارون جي ”قدرتي چونڊ“ جي طريقي کي ”هٿراڌو چونڊ“ جي وسيلي سمجهايو.

”هٿراڌو چونڊ“ جو مطلب سٺن يا نون قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌاري جون اهي تدبيرون آهن جيڪي انسان پنهنجي فائدي لاءِ اختيار ڪندو آهي. مثال طور اسان جو روزانو ٿيندڙ تجربو آهي ته هاري، مالهي ۽ باغائي اَن، ڀاڄين ۽ ميون جا سٺي کان سٺا ٻج چونڊيندا آهن ته جيئن نئون فصل وڌيڪ سٺو ٿئي. هيءُ عمل هزارين سالن کان هلندو اچي، ان جي ڪري پيداوار جي مقدار ۾ رڳو واڌارو نه ٿيو آهي، پر ڪيترن ئي قسمن جا اهڙا نوان اناج، ٻوٽا ۽ ٻج حاصل ٿيا آهن جيڪي قدرت ۾ موجود نه هئا. اسين اڄ جيڪا ڪڻڪ ۽ جَوَ کائون ٿا. اهي اڳ جهنگلي گلن جا ٻج هئا جن انسانن جي ڪوششن سان ترقيءَ جا ڏاڪا طئه ڪيا ۽ آخرڪار پنهنجي اصل جنس کان صفا ڌار قسم جا ٿي ويا.

انساني علم جي کوجنائن مان انهي خيالن کي وڌيڪ هٿي ملي. انساني علم جي تحقيق جو دائرو انهن قومن جو اڀياس هو جن کي عام طرح جهنگلي چون ٿا. ڊارون جيڪڏهن انسان جي ارتقا جو پايو هٿ ڪيو ته سماجي عالمن وري انسانذات جي ارتقا جون ڪڙيون هٿ ڪيون. تنهنڪري ڪرٽسن ٿامسن نالي هڪ فرانسي عالم 1836ع ۾ انسان جي سماجي ارتقا جا ٽي ڏاڪا مقرر ڪيا ۽ پيداواري اوزارن کي انهن ڏاڪن جي سڃاڻپ جو معيار مقرر ڪيو. هن جي خيال ۾ پهريون دور پٿر جو هو، جڏهن انسان پٿر، ڪاٺي ۽ هڏي جي اوزارن ۽ هٿيارن کي استعمال ڪندو هو. ٻيو دؤر ڌاتوءَ جو هو، جڏهن انسان ڌاتن کي پگهاري هٿيار ۽ اوزار ٺاهڻ لڳو ۽ ٽيون دور لوهه جو آهي، جيڪو اڃا تائين هلي ٿو.“

حاصل مطلب ته اهو علم ئي آهي جيڪو انساني سوچ ويچار ۽ وهنوار جي ارتقا ڪري ٿو ۽ ارتقائي عمل ذريعي انساني سوچ سگهاري ٿئي ٿي ۽ جيڏي سوچ وسيع هوندي اوترو عمل حسين هوندو.

اوهان سڀ ئي ڄاڻو ٿا ته 2020ع سڄو سال ”ڪورونا“ سبب هيبتناڪ سال رهيو، جنهن ۾ ماڻهن جي روزمره جي ڪم ڪارين ۽ سوچڻ سمجهڻ جا زاويا ۽ قدر بدلجي ويا، هڪ محدود ۽ مشڪل دنيا ۾ ماڻهو قيد ٿي ويو. پر پوءِ آهستي آهستي ڄڻ ته ان ماحول ۽ حالتن سان ٺاهه ڪري، نباهه ڪرڻو پيو. پر گهڻيون شيون ڪرڻ کان رهجي ويون. وري به ڪوشش آهي ته سڀ ڪم ڪاريون روان دوان هجن ته جيئن تاريخ ۾ پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏئي سگهجي.

 ”سرتيون“، ڊسمبر 2020ع وارو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن پرچي جي خاص ڳالهه اها آهي جو هن ۾ اداري پاران ڪرايل سرگرمين جي مڪمل رپورٽ ڏني وئي آهي. اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا. اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي سهڪار جو نتيجو آهي جو رسالو ٽيهن سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو رهي ٿو. اوهان جي تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.

                                                               گلبدن جاويد

 

محمد ادريس صديقي

 

سنڌو ماٿر جي سڀيتا

 

زيور:

هند ــ پاڪ جون زالون هميشه کان زيورن جون شوقين رهيون آهن. ساڳيو حال سنڌو ماٿريءَ جي عورتن جو به هو. هو به هار سينگار ۾ زيور گهڻا استعمال ڪنديون هيون.هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان سون چانديءَ جي گڏيل ڌاتوءَ، ٽامي، ڪٺ، سپ ، ڪوڏن ۽ عاج جا ۽ ڪيترا قيمتي ۽ غير قيمتي پٿرن جا ٺهيل زيور مليا آهن. اهي زيور گهڻو ڪري چانديءَ، ٽامي ۽ ڪٺ جي ٿانون ۾ رکيل مليا آهن. ڪي ائين ٻاهر پيل به لڌا آهن. زيور گهڻو ڪري گهرن جي فرشن ۽ ڀتين ۾ پوريل حالت ۾ لڌا ويا آهن. ائين ڏسجي ٿو ته ڄڻ سندن مالڪن ڪنهن خوف کان انهن کي لڪائي ڇڏيو هجي ته جيئن خطري ٽري وڃڻ تي انهن کي سلامت ڪڍي، پائي سگهن. پر شايد اهو وقت کين حاصل ٿي ڪين سگهيو، ۽ نيٺ هزارين سالن کان پوءِ آثار قديمه جي ماهرن اچي انهن کي اُتان ٻاهر ڪڍيو. زيورن جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ دريافت راءِ بهادر ديارام سوهنيءَ جا اُهي قيمتي هار ۽ مڻڪا آهن، جي چانديءَ جي ٿانو ۾ رکي، پوءِ پوريا هئائون. ان چانديءَ جي ٿانو جي ڀرسان پتل جا ٻيا به ڪي زيور مليا آهن. جنهن ڪپڙي ۾ اُهو ٿانءُ ٻڌل هو، اُن ڪپڙي جو ٿورو ٽڪرو به مليو آهي، جو ڳري سڙي وڃڻ کان بچي ويو آهي. ساڳيءَ طرح مسٽر ڊڪسٽ کي به چانديءَ جي ٿانو ۾ پيل نهايت سهڻا هار ۽ سون ۽ چانديءَ  جا ڪي ٻيا ڳهه ۽ وارن ۾ وجهڻ جا چوٽي ڦل مليا هئا. هڙاپا ۾ مسٽر وٽس کي  به هڪ قيمتي هار چانديءَ جي دٻي ۾ رکيل مليو هو. اُن هار ۾ ساوا ۽ نيرا ٿوري قيمت وارن پٿرن جا مڻڪا ۽ سون جا گول داڻا هڪ ئي لڙيءَ ۾ پوتل هئا، جن جي وچ ۾ وري عقيق ۽ پشب جا پتلا پوتل هئا. هن هار جي بناوت ڏاڍي سهڻي ۽ نازڪ آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته انهن ماڻهن ۾ جمالياتي ذوق به پورو پورو هو . اُنهيءَ هار سان گڏ ڪجهه ڪنگڻ ۽ ڪي منڊيون به مليون آهن.

هڪ اهڙي گهر جي فرش مان ، جنهن ۾ ڪچيون سرون جمع ڪيون ويون هيون، ٽامي جي ڍڪيل هڪ ديڳڙي لڌي ويئي، جنهن ۾ سونن ڦُلڪن سان گڏ چانديءَ جا ايرنگ ۽ ٻيا زيور ۽ عقيق جي مڻڪن جون ٻه ڇهه سَريون دهريون پيل هيون، جن جي هر هڪ سَري يا لَڙيءَ ۾ وڏي پوپي جي شڪل جي ڳاڙهن عقيقن جا پنج پنج داڻا پوتل آهن. انهن داڻن يا مڻڪن جي وچ ۾ ڪُٺ جون اهڙيون چوڪنڊيون پٽيون به پوتل آهن، جن ۾ ڇهه ڇهه ٽنگ آهن، جن مان دهريءَ جي لڙين جا ڏورا ورايل آهن. انهيءَ ٽي فوٽ چار انچ ڊگهيءَ دهريءَ جي ٻنهي پڇڙين تي ڪُٺ جا D شڪل جا ٽڪرا لڳل آهن، جن مان هر هڪ ۾ هڪ پاسي کان ڇهه ٽنگ آهن ۽ ٻئي پاسي ڇڙو هڪڙو. دهريءَ جون ڇهه لڙيون انهن ڇهن ٽنگن مان لنگهي، ٻئي پاسي جي اڪيلي سوراخ مان ٻاهر اچي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون (پليٽ نمبر 13 الف ــ 10). عقيق جي مڻڪن تي ۽ انهن جي ٽنگن ۾ نهايت صفائي سان پالش ٿيل آهي. گمان آهي ته انهن ۾ ٽنگ برمي جي مدد سان ٿيل آهن، ۽ انهن کي شايد سنباذج جي پائوڊر سان چمڪايو ويو آهي. اِنهن قيمتي دُهرين کان سواءِ انهن ئي جهڙيون مگر سستيون ۽ معمولي دهريون به مليون آهن، جن ۾ عقيق جي بدران پڪل مٽيءَ جا مڻڪا پوتل آهن.

دهرين کان سواءِ هتان قسمين قسمين هار به مليا آهن، جن مان هڪ هار ته ڏاڍو سهڻو ۽ نرالي نموني جو ٺهيل آهي. هن هار ۾ رڳي لڙي آهي، جنهن ۾ معمولي قيمت جا ساوا پوپي جي شڪل جا مڻڪا پوتل آهن. انهن مڻڪن جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ گول داڻو پوتل آهي. انهن  داڻن کان پوءِ سون جون ٻه -ورقيون گول پٽيون پوتل آهن، جن کي اهڙيءَ طرح ڳنڍيو ويو آهي، لڙ جي ڌاڳي جي گذرڻ لاءِ انهن جي وچ ۾ هڪ نالي ٺهي پيئي آهي. ان هار ۾ يمني عقيق ۽ يشپ جا ست پتلا به پوتل آهن، جن جي ڪري به هي هار ڏاڍو سهڻو ٿو لڳي (پليٽ نمبر 13 ــ ب ــ 7).

ٻانهن رکيون، ڪنگڻ ۽ جهاجهارا به گهڻي تعداد ۾ مليا آهن. جن مان سهڻي اها ڇهه لڙي ٻانهن رکي آهي، جنهن ۾ سون جا گول مڻڪا پوتل آهن. ستن ستن مڻڪن کان پوءِهڪ هڪ سون جو پَٽ پوتل اٿس. هر هڪ پٽ ۾ ڇهه ٽنگ آهن، ۽ هر ٽنگ منجهان هڪ لڙ گذري ٿي. ان جي ٻنهي پڇڙين تي D شڪل جا اڌ گول پٽ لڳل آهن، جن مان  هر هڪ جي هڪڙي پاسي کان ڇهه ۽ ٻئي پاسي کان هڪ ٽنگ آهي. ٻانهن رکيءَ جون لڙيون انهن سوراخن مان گذري، ڇيڙن تي هڪٻئي سان ملي وڃن ٿيون (پليٽ نمبر 31 ب ــ 3). ههڙيون سهڻيون ۽ نازڪ ٻانهن رکيون موهن جي دڙي مان ڪيترن ئي هنڌن تان مليون آهن.

سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهاڪو وارن ٻڌڻ لاءِ چوٽي بند استعمال ڪندا هئا. هي چوٽي بند، يا ربينون اڌ انچ ويڪريون، سون چانديءَ يا ٻين ڌاتن جون ٺهيل سنهيون پٽيون ٿينديون هيون، جيڪي مخروطي يا محراب دار شڪل جون هونديون هيون (پليٽ نمبر 15 ــ 3). ڪي چوٽي بند ته 16 انچ ڊگها به آهن، جن جي ڪنڊن تي ٽُنگ آهن، جن ۾ ڌاڳو وجهي، سينگار پٽيءَ وانگر مٿن تي ٻڌندا هئا. ڪن سينگار پٽين تي ته چٽسالي به ڪيل آهي ساڳئي قسم جا چوٽي بند سمير ۾ به استعمال ٿيندا هئا. مهراڻ جي واديءَ جون زالون پيشانيءَ تي گول، ڪُنڊائتا جهومر به پائينديون هيون--- اهڙي قسم جا جهومر مارواڙي زالون هاڻ به پائين ٿيون. مجسمن تي ٿيل نقاشيءَ مان اِهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته اُن زماني ۾ زالون ڪنن ۾ واليون به پائينديون هيون. پر لڌل ڳهن ۾ واليون تمام ٿوريون مليون آهن. ڪي سونيون گول ڪنگري دارٽِڪيون به مليون آهن، جن کي نڪ جا ڦلڪا ته نه، پر ڪنن ۾ پائڻ جون ڦليون چئي سگهجي ٿو.

ڪنگڻن ۽ ٻانهن رکين کان سواءِ ڪنگڻين يا چوڙين پائڻ جو به رواج عام هو، جي گهڻو ڪري سون ۽ چانديءَ جون ۽ ان کان سواءِ ٽامي، پتل، عاج ۽ مٽيءَ جون به ٺهيل هونديون هيون. سون ۽ چانديءَ جون ڪي پوريون چوڙيون به لڌيون آهن. غريب طبقي جون زالون مٽيءَ جون چوڙيون استعمال ڪنديون هيون. ڪن ڪنگڻين تي وري ڪي نقش اُڪريل آهن. نچڻيءَ جي پُتلي ۾ اُن جي ٻانهن تي ڪرائيءَ کان وٺي ڪلهي سوڌي ٻانهين پيل نظر اچي ٿي، جنهن جو رواج اڄ به سنڌ ۽ گجرات ۾ آهي. ظاهر آهي ته نچڻيءَ کي ٻانهين عاج جي ئي پيل هوندي، هونءَ نه ته ٻانهن چورڻ ئي مشڪل ٿي پويس ها. شيشي جون چوڙيون موهن جي دڙي مان ڪو نه لڌيون آهن، نه ئي وري اُتي ڪا ٻي شيءِ شيشي مان ٺهيل لڌي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org